ساز ڪاظمي

ساز ڪاظميfacebook 1566781825590
ساز ڪاظمي جو اصل نالو سيد علي احمد شاهه ۽  سندس والد جو نالو شاهنواز شاهه آهي، ساز ڪاظمي جو جنم 15 سيپٽمبر 1947ع تي ملاڪاتيار ۾ ٿيو، شروعاتي تعليم اُتان ئي حاصل ڪيائين، 1962ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين، 1973ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي بوائز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، 1968ع ۾ صحافتي زندگي جو آغاز ڪندي  روزاني عبرت اخبار جو ملاڪاتيار ۾ رپورٽر مقرر ٿيو، ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکيائين، روزاني هنڱوراڻا سنڌ ۾ ” سچ ۾ مچ “ جي عنوان سان سلسليوار ڪالم لکيائين. بعد ۾ صحافت کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري شاعري طرف ڌيان ڏيڻ لڳو، مسڪين ملاڪاتياري سان گڏ علمي ، ادبي ، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مشعول رهيو، ” اداره حُب الوطن“ جو جنرل سيڪريٽري رهيو، ملاڪاتيار ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان گرلس اسڪول جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري اسڪول قائم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين، سندس زندگي جو وڏو علمي ۽ ادبي عرصو ٽکڙ ۾ گذريو، جتي اسدالله شاهه ” بيخود“ حسيني ، شبير هاتف، نظير ٽکڙائي، سوز ٽکڙائي ، تاج ٽکڙائي، داغ ٽکڙائي، سعيد ٽکڙائي ۽ ٻين شاعرن جي همعصري ۾ شاعري جا سبق حاصل ڪيائين، نعتيه شاعري سان گڏ اردو شاعري سميت  سنڌي شاعري جي مختلف صنفن عزل، نظم، وائي، ڪافي ، گيت تي طبع آزمائي ڪئيائين ، مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾  شروعات کان وٺي شاعري گنگنائي ڳائيندو رهيو ، ان منفرد انداز جي حوالي سان سُٺي شهرت ماڻيائين، سندس شاعري جو هڪ مجموعو ” دل دنبورو جن “ اڻڇپيل حالت ۾ موجود آهي. جيڪو اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض 2013ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ پاران کيس هڪ لک روپيا وظيفو پڻ ڏنو ويو هو. ڪجهه عرصو علالت ۾ رهڻ بعد 25 آگسٽ 2016ع بروز خميس تي لاڏاڻو ڪري ويو ، کيس سوين آلين اکين سان ملاڪاتيار ۾ سندس ابائي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، مرحوم کي هڪ پُٽ جو اولاد  سيد شاهنواز شاهه نالي آهي ، جيڪو پڻ ملاڪاتيار جو نوجوان صحافي رهيو آهي پر هن وقت صحافتي دنيا کان ڪناره ڪش آهي

Good Wishes