روپلو ڪولهي

روپلو ڪولهي
ليکڪ: نظام الدين ڪاڪا
ننگر پارڪر کان 15 ڪلو ميٽر اوڀر طرف ڳوٺ ڪمڀاريء ۾ 1818ع ڌاري جنم ورتو. سندس پيء جو نالو شامنو ۽ ماء جو نالو ڪيثر ٻائي هو. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد ٿر ۽ پارڪر سميت سنڌ جي مختلف علائقن کي انتظامي حوالي سان حيدرآباد سان ملائي ڇڏيو پر پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين انگريزي راڄ کي هرگز نہ قبوليو. انگريزن کين آڻ  مڃرائڻ ۽ مٿين انتظامي حڪم نافذ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. روپلو ڪولهي ننگرپارڪر جي راڻي ڪرنجهي سان شامل ٿي انگريزن سان بهادريء سان وڙهيو ۽ پنهنجي ڌرتي ماتا تي ڌارين کي ڌڪي ڪڍڻ لاء پنهنجي جان جي بہ پرواه نہ ڪئي ۽ سر جو سودو ڪري حب الوطنيء جو ثبوت ڏنو انهيء ڪري ئي ٿر ۽ ننگر جا ڪولهي پنهنجي ٻارن تي روپلو نالو رکي سرهائي محسوس ڪندا آهن ۽ ان ٻار کي بهادريء جي علامت سمجهندا آهن. روپلي ڪولهيء جو ڪردار منهنجي نظر ۾ وڏيرن پيرن هندن جي برهمڻ پنڊتن ۽ ٻاون کان وڌيڪ بهتر رهيو آهي. ڳوٺ ڌناگام جي رهواسڻ سينيٽر ڪرشنا ڪولهي ۽ سندس ڀاء سنڌ حڪومت جو خاص معاون ويرجي ڪولهي روپلي ڪولهيء جي خاندان مان آهن

Good Wishes