ادل سومرو

 نامياري شاعر ۽ نثر نگار. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. 15 -آگسٽ- 1955ع تي سکر شهر ۾ -جنم- وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ به سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آهن. 1979ع ۾ هن ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، بعد ۾ ايم. اي (اقتصاديات) ۾ پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، -جتي- هن وقت پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرمئن جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ -اياز- چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آهي. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ”سنڌي ادبي سنگت جي -تاريخ- ۽ ڪردار“ جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ٻه دفعا 94-1992ع ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊيو ويو. -ان- کانسواءِ ٻين انتظامي ۽ اعزازي ذميوارين تي پڻ رهيو آهي، -جن- ۾: 
وائيس چيئرمئن ”بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل“ روهڙي، ميمبر- سينيٽ، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور (2003-1994-1988ع)، چيئرمئن ”تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، پروفيسر انچارج ”شيخ -اياز- چيئر“ خيرپور يونيورسٽي، سيڪريٽري ”سچل سرمست يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، ميمبر، نصاب ڪاميٽي، -آغا خان- بورڊ، ڪراچي، ۽ علامه اقبال يونيورسٽي -اسلام- -آباد-، ميمبر، نئشنل اوارڊ ڪاميٽي، اڪيڊمي آف ليٽرس -اسلام- -آباد-، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي شعبو) شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (شعبو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فئڪلٽي ميمبر، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. 
ادل سومرو، غزل، وائي، نظم ۽ -بيت- جو بهترين شاعر ليکيو وڃي ٿو، سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ٽي. وي، ريڊيو ۽ ڪئسيٽ تي ڳائي مشهوري ماڻي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”وليون وڻ ڦلاريا“ (شاعري) 1986، ”اسين مسافر پيار جا“ (نثري خاڪا ۽ مضمون) 1991، ”سمنڊ جاڳي ٿو“ (شاعري)، 1994 ]هن ڪتاب جو مهاڳ عظيم شاعر شيخ -اياز- لکيو ۽ ”وساري نه ڇڏجو“ (شاعري) 2004 شامل آهن، جڏهن ته ٻارن لاءِ سندس ڪتابن ۾ ”روز ٽڙن رابيل“ (شاعري) 1971ع، ”چنڊ پشم گولو“ (شاعري) 1979ع، ”-آچر- جا احوال“ (ڪهاڻيون)، ”-پتلين جو تماشو-“ (شاعري) 1987ع، نئين دور جا نوان سبق (نثر) 1990ع، ”مٽيءَ جا رانديڪا“ (شاعري) 2006ع اچي وڃن ٿا. سندس ترتيب ڏنل اهم ڪتابن ۾ ”تنوير عباسي فن ۽ شخصيت“ 2007ع، ”سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ“ 1981ع ”رنگبرنگي ڦوڪڻا“ (شاعري)، ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“، ”مهڪ چنبيليءَ ول جي“ ۽ ” -تون ئي منهنجي شاعري-“ شامل آهن. جڏهن ته هو ”ڀٽائي“ تحقيقي جرنل ۽ سنگت پبليڪيشن جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو آهي، سنگت پبلڪيشن پاران ”شاعري“ ۽ ”ڪهاڻي“ خاص نمبر به ڇپائي پڌرا ڪيائين. سندس ڪجهه ڪتابن تي سنڌالاجي (ٻه دفعا) سنڌي ادبي سنگت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سگا طرفان اوارڊ، -انعام- ۽ گولڊ ميڊل پڻ مليا.
مڃتا طور کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج طرفان گولڊ ميڊل ڏنا ويا. جڏهن ته کيس -ثقافت- ۽ سياحت کاتي سنڌ طرفان اوارڊ (1986ع) ’سنگت- هري دلگير‘ اوارڊ، سگا پاران ’عبدالله هارون‘ اوارڊ، سائوٿ -ايشيا-پبليڪيشن پاران ’اسٽار‘ اوارڊ ۽ گولڊ ميڊل، ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙو‘ اوارڊ، بهترين سيڪريٽري جنرل س. ا.س جو ”سنڌ رويو اوارڊ“، سچل سرمست اوارڊ ۽ بهترين -استاد- جو اوارڊ (2006ع) پڻ حاصل ٿيا. (-ان- اوارڊ سان گڏ هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان کيس ”بهترين -استاد-“ تسليم ڪندي هڪ لک رپيا نقد -انعام- پڻ پيش ڪيو ويو). 
ڊاڪٽر ادل سومري، سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ۽ متحد رکڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن وقت هو وارِي -تڙ-،سکر ۾ رهائش پذير آهي
سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي ويبسائيٽ تان ورتل

Good Wishes