وحيد علي

سنڌ جو ناميارو راڳي
ابراهيم لاشاري
IMG 20190810 WA0057سونهاري سنڌ کي علم ادب جو گهر سڏيو ويندو آهي، هن خطي جي ڪنهن به حصي تي نظر ڪبي ته ڪٿي علم، ادب ته ڪٿي وري شاعر، سگهڙ ڪٿي وري عالم، فاضل ڪٿي وري هنرمند ۽ فنڪار نظر پيا ايندا هن سر سبز زمين فنڪارن کي وقت به وقت پنهنجي ڪُکِ ۾ جنم پئي ڏنو آهي، سنڌ ۾ ڪئي سر سنگيت جا ڄاڻو پيدا ٿيا ڪي انهن منجهان جئيرا ۽ ڪئي وري مرحيات پيا سڏجن، مگر سنڌي فنڪارن پنهنجي فن، ڏات ۽ آ واز سان سدائين پنهنجو پنهنجي سنڌڙي جو نالو ڏيهان ڏيهه نروار ڪرايو، اهڙن فنڪار جي موتين جي مالها ۾ هڪ سهڻو ۽ سريلو فنڪار وحيد علي جو نالو پڻ سر سنگيت جي فن ۾ هڪ وڏو نالو پڻ آهي.
سنڌ جي هن نامياري راڳي جو تعلق موسيقي جي اعلي گهراڻي سان هو جنهن ڪري کيس شروع شروع ۾ کيس سر ۽ سنگيت جي ستي پياري وئي وحيد علي 1950ع ڌاري سنڌ جي سهڻي شهر ٽنڊي آدم ۾ جنم ورتو پاڻ سنڌ جو ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل لاجواب فنڪار ٿي گذريو آهي، موسيقي جي تعليم سان هن جي روح کي راحت پئي لڳي.
هن موسيقيءَ تعليم حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو. پاڻ ڏهن سالن جو مس هو ته سازن ۽ راڳن سان راند ڪندي ڪندي وڃي وڌي پروان چڙهيو. مشهور راڳي گويا استاد جمالو خان سندس نانو ۽ سنڌ جو ڏاهو، راڳ جو راڻو راڳي گويو خانصاحب استاد منظور علي خان سندس رشتي ۾ مامو ۽ استاد پڻ هو، وحيد علي شاگرديءَ جو ڳانو پنهنجي مامي خانصاحب منظورعلي خان کان ٻڌرايو هو، تنهن بعد هو ذاتي دلچسپي محنت ۽ فن سان دل لڳاءَ ۽ سچائي سبب هن پنهنجو الڳ مقام حاصل ڪيو، ٿورڙي وقت ۾ ڏسندي ڏسندي، ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ فلم تائين ڪاميابي حاصل ڪري پوري ملڪ ۾ مشهوري ماڻي. سندس نالو سٺن فنڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، وحيد علي سنڌي موسيقي جي دنيا ۾ نواڻ آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، نيون، نيون ڌنون معتارف ڪرايائين، لطيف سائين جي وائي کي تمام نرالي ڍنگ ۾ ڳايائين، هن ڪيترن ئي جديد شاعرن کي ڳائي کين معتارف ڪرايو، نون شاعرن کان سواءِ شاهه سائين رح، سچل سرمست رح، استاد بخاري، شيخ اياز، اياز گل وغيرهه جي شاعري وڏي شوق سان ڳائي، سندس آواز ۾ الله سائين اهڙو ته ميٺاج ڏنوهيس جو جڏهن به خوبصورت شاعري جي سهڻن ۽ سندر لفظن کي سر سنگيت جي مالها ۾ پوئي سر الاپيندو هو ته سندس مڌر آواز تي ڀر ۾ ويـٺل ماڻهن کي جهومائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو.
موسيقي جا ڄاڻو چون ٿا ته؛ ”وحيد علي کي راڳ جي ڏات به هئي ته ڏانءُ به“. وحيد علي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پهريون ڀيرو پروگرام (ٻارڙن جي ٻاري) ۾ ڳائي، ريڊيو تان ڪلام رڪارڊ ، هن پنهنجي ملڪ ڪرايو، ان کان پوءِ هن سنڌ جي سمورين ريڊيو اسٽيشنن تي ڳائي پنهنجو نالو ڪڍرايو ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿيو، هن ريڊيو کان علاوه ٽي وي تي به خوب ڳايو، وحيدعلي فلمن لاءِ به ڳايو جنهن ۾ فلم (جانيئڙا) ۽ فلم (دريا خان) لاءِ پڻ گانا ڳاياپياري پاڪستان کان علاوه دوبئي، ممبئي (انڊيا) شارجا، مدراس ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو ۽ اتي ڳائي پاڪستان ۽ پياري سنڌ جو نالو روشن ڪيو وحيد علي  هارمونيم ۽ طنبورو ساز وڄائن جو زبردست ماهر هوندو هو، هميشه ديسي ڌنون ڳائيندو هو وحيدعلي سنڌي کان علاوه سرائڪي، اردو، پنجابي، بلوچي زبان ۾ پڻ ڳائي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندو هو، کيس پرستار به بيحد موٽ ڏيندا هئا هن سريلي سنڌ جي فنڪار ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ انعام پڻ حاصل ڪيا جن ۾ ٻه ٽي ڀيرا لطيف ايوارڊ،  چار ڀيرا شهباز ايوارڊ، بيدل ايوارڊ، سگا ايوارڊ سان پڻ کيس ايوارڊ سان نوازيو ويو، ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ايوارڊ مليس، هن نامياري راڳي کان گڙدن جي تڪليف زندگي جا ڏينهن کسي ورتا، گڙدن جي بيماري سبب پاڪستان جي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري، 22مارچ 1999ع سومر ڏينهن 49 سال جي عمر ۾ اسان سنڌ واسين کان هميشه لاءِ موڪلائي راهه رباني وٺي ويو، سندس اڄ 22 مارچ تي 18 هين ورسي ملهائي ويندي. سندس مشهور ڪلامن ۾
هن دل جون ڇا ٻڌيان، کولي مان يار ڳالهيون،
چوري چوري ڪو ئي ڪنهن سان نيڻ ملائي ويٺو آ،
جي هڪ  تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي ها.
چونڊ عمران علي

Good Wishes