سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1977/08/26)

سڪرنڊ ( ن هه) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دستوري گڏجاڻي تازو  راشد مورائي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾  سوني خان ملاح، محمد حسين ڪيرائي، عبدالرحمان منگي، مير محمد پيرزادي ۽ راشدي مورائي شعر پڙهي ٻڌايا ۽ ولڻ ملاح ڪهاڻي پيش ڪئي.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني مهراڻ 1979/08/14)

مورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت مورو جي دستوري گڏجاڻي محبوب مورائي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ادريس جتوئي ڪهاڻي، منظور ”مسافر“ آزاد نظم ۽ راشد مورائي غزل،  تنقيد لاءِ پيش ڪيا. تنقيد ۾ گلاب شاهه، معصوم علي شاهه نماڻي، فتح علي شاهه، حبيب شاهه ۽ ٻين حصو ورتو. آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪري سکر جي مشهور شاعر ولي دائود پوٽي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو. هڪ ٻئي ٺهراءَ ۾ حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته ڊاڪٽر انصاري تي حملي ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1980/12/31)

شهدادپور(پ ر) گذريل ڏينهن هتي سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي جناب پروفيسر محمد خان ٻرڙي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ فيصل مهيسري وائي، استاد محمد دائودپوٽي قطعه، امير بخش بروهي ڪهاڻي، استاد اياز آزاد نظم، محمد جمن ساند ڪهاڻي، اختر علي ميمڻ ڪهاڻي، الياس ابڙو ڪهاڻي ۽ استاد محمد خان ٻرڙي تاريخ جو اقتسابات پيش ڪيو. جنهن تي پريم سڪندر بڙدي، عبدالله فقير، عبدالقادر ۽ نٿو مل تنقيد ڪئي. آخر ۾ سنگت طرفان پڌرائي ڪئي وئي ته ايندڙ گڏجاڻي جمع ڏينهن ٻنپهرن جو 2  وڳي مدينه مسجد روڊ تي ٿيندي.

نوراجا ۾ گرلس اسڪول قائم ڪيو وڃي: ڳوٺاڻن جي گهر، نياڻيون اسڪول بنان سخت پريشان آهن، (روزاني ناظم 1981/01/22)

پنو عاقل (پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوراجا جي ميمرن ۽ عهديدارن بشير سميجو، جان محمد، غلام حيدر، عثمان سميجو، فضل الدين ۽ روشن سميجو حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته نوراجا ۾ گرلس اسڪل قائم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هتان جي ڳوٺ جون اڪثر نياڻيون اڻپڙهيل آهن ۽ هتي اسڪول نه هئڻ سبب تعليم جي زيور کان نياڻيون محروم رهجي وڃن ٿيون. ان لاءِ اسان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته هن سائنسي دور ۾ نياڻين کي تعليم جي زيور کان محروم نه ڪيو وڃي ۽ جلد ئي نوراجا ۾ نياڻين لاءِ اسڪول کولڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

سنڌي ادبي سنگت جهول جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/02/04)

سنجهورو (ن آ) جهول ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي 30 فيبروري تي جمع ڏينهن 11 بجي صبح جو سنگت جي آفيس ۾ غلام حسين ياد  لغاري جي صدارت ۾ ٿي.  ڪچهري ۾ استاد ڦل معصوم، قاضي الهورايو اداسي، عاصم بلوچ، غلام نبي لغاري، قلندر لغاري، عاشق اڀپوري، ساگر ناريجو، بخت ڀنڀرو، محمد اسحاق مڱريه، معصوم سانگهڙائي، علي نواز لغاري، ڪامريڊ لکاڏنو، اداسي ٿهيم، امداد نظاماڻي،  شفيع محمد شاهه، فقير الهرکيو شينهڙو شريڪ ٿيا. ڪچهري ۾ عاشق اڀپوري ڪافي، عاصم بلوچ غزل، اداسي ٿهيم غزل، الهورايو بهڻ گيت ۽ ساگر ناريجو ڪهاڻي تنقيد لاءِ پيش ڪيا، جنهن تي حاضرين تنقيد ڪئي.

مائي سهڻي جي مزار تي سنڌي ادبي سنگت شهدادپور جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/02/04)

شهدادپور (پ ر) گذريل جمع ڏينهن هتي مائي سهڻي جي مزار تي سنڌي ادبي سنگت شهدادپور جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت فقير محمد يوسف جي ٿي گذري ، جنهن ۾ ڪافي دوستن شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي محمد جمن ساند، نئون مل آزاد (ڪهاڻيون)، فقير عبدالله ابڙي ۽ قادر بخش جمالي شعر پڙهيا. نثار بالادي ۽ محمد الياس ابڙي پنهنجا رايا ۽ تجويزون پيش ڪيون. تنقيد ڪندڙن ۾ محمد عمر، هادي بخش ۽ جان محمد ابڙي حصو ورتو. آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جون اهي دستوري گڏجاڻيون هاڻي هر جمعي تي شام 3 بجي ساڳي جاءِ مزار مائي سهڻي تي ٿينديون رهنديون، جن ۾ اديب دوستن کي وڌ کان وڌ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.

ادبي گڏجاڻي (روزاني آفتاب 1981/02/12)

شهدادپور (پ ر) هتي مائي سهڻي جي مزار تي سنڌي ادبي سنگت شهدادپور جي دستوري ڪچهري ٿي، جنهن جي صدارت اڀرندڙ شاعر دودي خان بقائي ڪئي. انهي موقعي تي قادر بخش جمالي، محمد هاشم سائل، عبدالقادر مظهر، فقير عبدالله حسين ۽ حسين بخش حسيني نظم ۽ شعر پيش ڪيا. نثار بالادي ڪهاڻي “بک بڇڙو ٽول” ۽ محمد الياسي ڪهاڻي “اڻمندائته” پڙهي ٻڌائي، جنهن تي هر هڪ حسين علي لغاري، حاڪم چانگ، نصير احمد، عطا محمد پنهور، فقير محمد يوسف، نٿو مل آزاد  تنقيد ڪئي. آخر ۾ دوستن کي هن ڪچهري ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.

 جهول سنگت جي پلاٽ تان ناجائز قبضو خالي ڪرايو وڃي، (17 فيبروري 1981ع)

 جهول (پ ر)  سنڌي ادبي سنگت جهول  جي خريد ڪيل پلاٽ  تان ناجائز قبضي ڪندڙ ماڻهن کي بي دخل ڪري پلاٽ جو قبضو سنگت حوالي ڪيو وڃي. اهڙو مطالبو ضلع سانگهڙ جي اديبن، شاعرن، صحافين پنهنجي ڪچهري ۾ ڪيو. جيڪا بلڙي ۾ سنڌي ساهت جي سلسلي ۾ جناب پير نبي بخش جي صدارت ۾ ٿي. هن تقريب ۾ ضلع سانگهڙ جي مختلف شهرن مان اٽڪل پنجاهه کن اديبن شرڪت ڪئي. اديبن، شاعرن ۽ صحافين  ڊپٽي ڪمشنر صاحب سانگهڙ، ايس پي صاحب سانگهڙ کي گذارش ڪئي ته ٻئي صاحب هن سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جهول سان تعاون ڪري قبضي خالي ڪرائڻ لاءِ تحرڪ وٺن.

سانگهڙ ۾ سنڌي ساهت  سال جي شروعات، پير حسن بخش ڊٺڙي جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ابتدا ڪئي ويئي، (روزاني آفتاب 1981/02/17)

سانگهڙ (تعلقه رپورٽر) سنڌي ساهت سال جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جهول پاران ضلع سانگهڙ ۾ ان جي شروعات پير بخش ڊٺڙي واري جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ سان ڪئي، انهي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنت جهول، شهدادپور، شاهپور چاڪر، ٽنڊو آدم ۽ ساگهڙ جي دوستن کانسواءِ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن سانگهڙ جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ڪهچري مزار حسين بخش تي ٿي، جنهن جي صدارت درگاهه جي گادي نشين نبن شاهه ڪئي. ڪچهري ۾ ضلع جي مختلف علائقن کان آيل جن دوستن پنهنجا ڪلام ۽ ڪهاڻيون پهڙيون، اهي هي آهن. عاجز اڄڻ، الهورايو اداسي،  شاد لغاري، اشوڪ ڪمار، ساگر ناريجو، عليڏنو شاهي، عزيز گوپانگ ۽ ٻين شعر پڙهيا ۽ ڪهاڻين ۾ آفتاب نظاماڻي ۽ الياس ابڙو ڪهاڻيون پڙهيون ۽ محمد حسين لغاري ۽ پير حسن بخش شاهه جي شاعريءَ تي خوبصورت مقالو پڙهيو. آخر ۾ استاد منظور علي خان جي ڀاءُ وزير علي ۽ جڙيل شاهه پنهنجي آواز سان آيل دوستن کي خوب وندرايو.  هن پروگرام جي منتظم محترم معصوم ڪالاڻي واضح ڪيو ته اهو سال سڄو پوري سانگهڙ صلع ۾ پروگرام تحت ملهايو ويندو.

 تعزيتي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/02/25)

حيدرآباد ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ سنگت حيدرآباد جي پاران سنڌ جي نوجوان ليکڪ ۽ شاعر ماٺيڻي اوٺي جي ياد ۾ هڪ تعزيتي گڏجاڻي اڄ 25 فيبروري تي شام جو 4 وڳي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو جي  ماڊل اسڪول ۾ ٿيندي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/03/05)

شهدادپور (پ ر) گذريل جمع جي  ڏينهن هتي مائي سهڻي جي مزار تي سنڌي ادبي سنگت شهدادپور جي دستوري ڪچهري ٿي، جنهن جي صدارت فيض مهيسر ڪئي، انهي موقعي تي الياس ابڙي ڪهاڻي “سئو رپيا نوٽ” پڙهي ٻڌائي. قادر بخش جمالي ڪافي، دودو خان بقائي نثر،  غلام علي شر، ڪفايت الله سمون ڪافي ٻڌائي نثار بالادي، فقير  محمد يوسف پنهنجي راءِ ڏني. جان  محمد ابڙو، الهڏنو، پير علي غلام  ۽ حاڪم تنقيد ۾ حصو ورتو. آخر ۾ مشهور ليکڪ، صحافي ۽ ناول نويس محمد عثمان ڏيپلائي جي وفات تي گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪندي فاتح پڙهي وئي، ان کانسواءِ سنگت هيٺيان ٻه ٺهراءُ پڻ بحال ڪيا. 1- سهڻي جي نالي سان ايوارڊ يافتا فنڪار موهن ڀڳت جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي. 2- تازو شهدادپور سانگهڙ روڊ تي جمڙائو واهه کي لڳل گهاري جي قانوني تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ بي گهر ماڻهن کي فوري امداد ڏني وڃي.

ماٺيڻي اوٺي جي وفات تي ڏک جو اظهار، (روزاني آفتاب 1981/03/11)

سيتا روڊ ( ن آفتاب) سنڌي ادبي سنگت جوهي جي سيڪريٽري ۽ نوجوان شاعر مسٽر راهي چنا ۽ غلام سرور شيخ هڪ گڏيل بيان ۾ سنڌي زبان جي نوجوان ليکڪ ماٺيڻي اوٺي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي،  ۽ سندس موت جي جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/04/10)

سڪرنڊ (ن آ) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دستوري گڏجاڻي رشيد منگي جي صدارت هيٺ ٿي گذري،  جنهن ۾ خاڪي جويو وائي، ايوب ملڪ آزاد نظم، اصغر آزاد وائي، فيض پيرزادي ڪوتائون، انجم سومرو وائي، ادريس  جتوئي نظم ۽ رشيد منگي نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيا. تنقيد ۾ مير محمد پيزادو، وفا گل، سونو ملاح، سومار مڱريو، سنڌو جويو، حيدر، لطيف پيرزادو، علي خان چانڊيو ۽ لطيف جمالي حصو ورتو. ايندڙ گڏجاڻي آچر ڏينهن شام جو 5 وڳي رکي وئي آهي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/04/22)

ٽنڊو الهيار (پ ر) اڄ هتي ٽنڊو الهيار ۾ سنڌي ادبي سنگت جي هڪ گڏجاڻي زير صدارت جناب فضل احمد بچاڻي جي ٿي گذري، جنهن ۾ ڪافي اديبن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اڪبر سومري ڪهاڻي، عبدالواحد هڪڙي نظم ۽ ارباب مري بيت پڙهيا ۽ تنقيد ۾ اڪبر فيروز، اڪبر سومري ۽ محمد خان، محمد سومار ۽ ٻين حصو ورتو.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/04/24)

ڪنڊيارو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت پياسي پريل فقير جي ٿي گذري، جنهن ۾ اداسي حاجي خان، روشن عباسي، پياسي شمن، پروانو سيوهاڻي، محمد ملوڪ مستانو شعر، ظفر عباسي، علي نواز گهانگهرو ڪهاڻي، غلام محمد مسڪين قطعه، الهڏني بالادي آزاد نظم پڙهيو.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/04/27)

مقصودو رند (ن آ) تازو هتي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي استاد سونهارو رند جي زير صدارت ٿي گذري، جنهن ۾ علي گل رند غزل، محمد هاشم سائل ڪافي، عامر منگي بيت، محمد شاهه گيت ۽ عبدالعزيز اداسي ڪلام، حضور بخش حقيقر قطعه پيش ڪيا. تنقيد ۾ علي ڏنو رند، رسول بخش، محمد هاشم سائل، علي گل رند، محمد شاهه، عاجز منگي ۽ عبدالعزيز اداسي، حضور بخش حقير حصو ورتو.

سنگت جي گڏجاڻي، (رزاني آفتاب 1981/04/28)

مورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت مورو جي دستوري گڏجاڻي سيد شجاع محمد شاهه جي  صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ راشد مورائي، ادريس جتوئي، حاجي احمد بخش، علي گوهر  ملاح ۽ شجاع محمد پنهنجون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪيون. حيدر عالماڻي، راجا راهو ۽ هدايت الله ڪورائي ترنم سان ڪلام ٻڌايا. تنقيد ۾ مٿين کان علاوه عبدالحق ميمڻ، صاحب خان، انور وسطڙي ۽ فتح علي خان حصو ورتو.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/05/05)

ڪنڊيارو (پ ر) دستور مطابق سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت فيض الله پيرزادي جي ٿي، جنهن ۾ روشن عباسي، حاجي خان اداسي ۽ ٻين حصو ورتو.

ادبي رهاڻ، (روزاني آفتاب 1981/05/07)

سنجهورو (ن آ) جهول ادبي  سنگت جي دستوري  ڪچهري ٿي گذري، ڪچهري جي صدارت استاد محمد يوسف ڪوريجو ڪئي. ڪچهري ۾  اسحاق مڱريو ڪهاڻي “پهريون پيار”، عاشق اپڀوري “وائي”، معصوم سانگهڙائي “گيت”، استاد الهه بخش ڦل “غزل” آفتاب علي نظاماڻي افسانو پيش ڪيا.

استاد گلزار علي خان سان شام، (روزاني آفتاب 1981/05/22)

 خانواهڻ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت قاضي عبدالحئي وفا جي ٿي، جنهن ۾ غلام علي ناشاد، پارس حميد، انجم سومري، غلام حسين خشڪ ۽ آفتاب ڦرڙي پنهنجا شاهڪار پيش ڪيا. فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ پاران ريڊيو ۽ ٽي وي فنڪار استاد گلزار علي سان شام جون مهيني جي پهرئين هفتي ۾ ملهائي ويندي.

سنڌي ٻولي سنگت جو قيام، (روزاني آفتاب 1981/05/30)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي جي نوجوان اديبن جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ “سنڌي ٻولي سنگت” جو بنياد وڌو ويو. متفقه طور تي چيئرمين زوار نقوي، سيڪريٽري جنرل علي بخش، فنڪشن سيڪريٽري رفيق ڪيريو کي مقرر ڪيو ويو آهي.

ادبي رهاڻ، (روزاني آفتاب 1981/06/03)

خيرپور ميرس (پ ر) سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي ادبي ڪچهري سائين غلام حسين رنگريز جي زير صدارت ٿي گذري. جنهن ۾ عدنان بهڻ، عزيز چانگ، راز علي گل، اي ستار عاجز، تبسم غفار ڀٽو ۽ ممتاز علي هو.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/06/03)

مورو (ن آ) سنڌي ادبي سنگت جو هڪ ميڙ عبدالحق ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ راجا راهوءَ، راشد مورائي ۽ غلام رسول ٻررڙي پنهنجون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪيون. تنقيد ۾ عبدالله چنيسر، نذير لانگاهه، خالد نوراني، وزير راجپوت، غني سولنگي ۽ ٻين حصو ورتو. آخر ۾ راحب سولنگي ترنم سان ڪلام ٻڌايا.

ظفر حسين ۽ شوڪت شورو جي ڪهاڻين تي هڪ تنقيدي نشست سنڌي ادبي سنگت يونيورسٽي ڪالوني پاران ٿي گذري، (روزاني هلال پاڪستان 5 جون 1981)

 ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو پاران تازو شايع ٿيل ڪهاڻين جي مجموعي ظفر حسين جي “رهيل قرض” ۽ شوڪت شورو جي “گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس” تي هڪ تنقيدي نشست ٿي گذري. هن تنقيد نشست جي صدارت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪئي. انهي موقعي تي امداد حسيني، عبدالقادر جوڻيجو، خيرالنساءِ جعفري، خان محمد پنهور، ابراهيم خشڪ، ديدار شاهه، نظام عباسي ،عابد مظهر ۽ نياز پنهور ٻنهي ليکڪن جي ڪهاڻين تي تنقيدي مضمون پڙهيا ۽ کانئن سندن ڪهاڻين تي سوال جواب ڪيا.

س ا س ٽنڊو الهيار جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1981/06/09)

ٽنڊو الهيار (پ ر) هتي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت ولي محمد طاهرزادي جي ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ دستور مطابق فيروز سومري آزاد نظم، ولي محمد طاهر زادي شاعري ۽  اڪبر سومري، ارباب سومار، ديدار شاهه، گل محمد شاهه ۽ ٻين تنقيد ۾ حصو ورتو. سنگت طرفان هلندڙ ساهت سال جي سلسلي ۾ هڪ پبليڪيشن بورڊ هيٺين اديبن تي جوڙيو ويو. فضل احمد تڇاڻي، ارباب سومار، اڪبر سومرو، ولي محمد طاهرزادي، اختر بچاڻي ۽ محسن شاهه.

پريالوءِ ۾ سنڌي زبان ليڪچر (روزاني آفتاب 1981/06/12)

پريالوءِ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ پاران سنڌي ادبي ساهت جي سلسلي ۾ هڪ ادبي اجلاس پريالوءِ ۾ 15 جون تي سڏايو ويو آهي، جنهن ۾ خادم سنڌي ساهت سال جي سلسلي ۾ هڪ ليڪچر “سنڌي ادب ۾ جديد اثر” جي عنوان تي ڏيندو.

سنڌي ادبي سنگت ڪنڊيارو جي چونڊ (روزاني هلال پاڪستان 1981/07/28)

ڪنڊيارو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪنڊيارو جي گڏجاڻي تازو زير صدارت محمد ملوڪ مستاني جي ٿي گذري، جنهن ۾ نئين سال لاءِ اتفاق راءِ سان هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا: سيڪريٽري منظور مسافر، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالستار بلوچ، خزانچي شمن پياسي ۽ آڊيتر علي نواز گهانگهرو.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1982/9/26)

قمبر (پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر گڏجاڻي مجيد منگي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ در محمد آزاد نظم، محبوب راهوجو ڪهاڻي، نثار ٻرڙو گيت پڙهيو. تنقيد ۾ هيٺين دوستن حصو ورتو. نثار شيخ، امداد راهوجو، مجيد منگي، مظفر علي، اڪبر ۽ ٻين اديب دوستن حصو ورتو ۽ آخر ۾ هيٺيان ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. 1- سنڌي لوڪ گيتن جي فنڪاره مائي ڀاڳي جو سرڪاري خرچ سان علاج ڪرايو وڃي. 2- بيروزگار  اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي ماهوار وظيفو مقرر ڪري ڏنو وڃي.

ادبي سنگت جي شاخن کي فيون موڪلڻ جي هدايت، (روزاني آفتاب 1983/10/23)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي علي نواز ڦل هڪ پريس بيان ۾ سنڌ جي انهن شاخن کي هدايت ڪئي آهي، جن مرڪز کي داخلا في، الحاق في ۽ ماهوار فين جو 10-10 رپيا اڃا تائين نه موڪليا آهن، ته اهي جلد از جلد مرڪزي خزانچي سنڌ ڪتاب گهر سڪرنڊ جي ايڊريس تي رهيل في ترت ڏياري موڪلين، ته جيئن مرڪز طرفان رٿيل ڪمن کي جلد مڪمل ڪري سگهجي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/07/22)

ڪولاچي (ن آ) ڳوٺ ڪولاچي ۾ سرمست سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت سنگت جي صدارت شاد ڪولاچي جي ٿي گذري، جنهن ۾ گذريل پروگرامن ۽ آئينده پروگرامن بابت غور ويچار ڪيو ويو. گڏجاڻي اٽڪل 3 ڪلاڪ تائين هلي. جنهن ۾ بحث مباحثو زور شور سان ڪيو ويو ته ايندڙ عيد ذوالحج تي سنگت جون چونڊون ڪرايو وينديون.

ادبي سنگت جي مرڪز جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1983/07/23)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل تاج بلوچ طرفان سنڌي ادبي سنگت جي سڀني شاخن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته  سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن جي سلسلي ۾ سنڌ سنگت جي چونڊن واري ڪائونسل جي ٿيندڙ اجلاس 5 آگسٽ کان اڳ ۽ سنڌي سنگت 983 لاءِ پنهنجي شاخن جا ڪائونسل چونڊي ۽ انهن کان مرڪز کي شفيع محمد مفتي، مئنيجر ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج سکر جي ائڊريس تي آگاهه ڪن، ۽ هر شاخ مقرر ڪيل رقم 100 رپيا مرڪز ڏانهن موڪلي پنهنجي شموليت کي قانون بڻائين.

دستوري گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/07/26)

نوراجا (پ ر) سنڌي ادبت سنگت نوراجا جي دستوري گڏجاڻي محترم ڀورل مسڪين جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ عثمان آزاد، غلام حيدر سميجو، بشير بيدار، ابل، عبدالله، محمد يونس، الهجڙيو منگي، فضل الدين ۽ ٻيا ساٿي شريڪ ٿيا. گڏيل بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو ته نوراجا ۾ گرلس اسڪول، مڊل اسڪول، پوسٽ آفيس، اسپتال ۽ بائجي کان نوراجا تائين پڪو رستو ٺهرائي ڏنو وڃي.

سنڌي ادبي سنگت:  28 نين شاخن سميت 97 رجسٽرڊ ڪيون ويون، مرڪزي چونڊون 5 آگست تي خيرپور ۾ ٿينديون، (روزاني آفتاب 1983/07/28)

سکر (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سڀني نين توڙي پراڻين شاخن جا نالا ظاهر ڪيا ويا آهن. جن کي مرڪز پاران الحاق مليل آهي ۽ جن کي سنگت جي چونڊ ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق هوندو. هنن 97 شاخن ۾ انهن اٺاويهن نين شاخن جا نالا پڻ اچي وڃن ٿا، جن کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ۽ ڪاروباري ڪميٽي ٻاويهين جولاءِ تي خيرپور ميرس جي پريس ڪلب ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ نئون الحاق ڏنو آهي. سنگت جي هيٺين شاخن کي دعوت ڏني وئي آهي ته اهي پنهنجا چار چار ڪائونسلر 5 آگست 1983ع تي خيپرور جي پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ سنڌ ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪري سنگت جي چونڊ ۾ حصو وٺن. سنگت جي شاخن کي ياد ڏياريو ويو آهي ته اهي 5 آگسٽ 1983ع کان اڳ هڪ سئو رپيا ڊپليڪيٽ في طور مرڪز کي پهچائي ڏين. سنڌي سنگت جي الحاق شده نين ۽ پراڻين شاخن جا نالا هي آهن:

نيو شاخون

اسلام آباد، چڪ، ملير، ڪراچي، محرابپور، (اديباڻن جو يونٽ)، مينگهو فقير شر، ٻلهڙيجي، درٻيلو، راڻيپور درازا، نوشهروفيروز ڪنڊيارو، محبت ديرو جتوئي، ٻائجي، ڪرونڊا رستم، مديجي، پڊعيدن، بوزداروڏا، حسين آباد، دولتپور، عبدو، کپرو، يونيورسٽي ڪالوني، ٽنڊو ڄام، پريالوءِ، لاکا روڊ، ڳارهي موري، ڏوڪري ۽ مٺياڻي.

پراڻيون شاخون

 دادو، ٽندو محمد خان، ڪراچي، روهڙي، نواب شاهه، ميرپور خاص، دڙو، حيدرآباد، ٺٽو، جهول، هالا پراڻه، ٽندو ڄام، بهار خان ميرجت، ڪڙيو گهنور، گولاڙچي، تلهار، موري منگر، ڪنڌڪوٽ، ڇتو چنڊ، سڪرنڊ، گهوٽڪي، بدين، لاکا، ڪشمور، گڊو، کورواهه، انجنيئرنگ ڪاليج نواب شاهه، مٽياري، لاڙڪاڻه، شڪارپور، ٽنڊو آدم، عبد، ڪينجهر، مراد علي زنئور، ٻوٻي، ڪوٽڙي، بٺورو، سجاول، چانڊڪا ڪاليج لاڙڪاڻه،  نوراجا، ماٿيلو، خانواهڻ، مورو، شاهپور چاڪر، ٻنو، جوهي، آگاڻي، ڳوٺ محمد سومار هالو، پڪا چانگ، جهوڪ، ٽنڊو باگو، سانگهڙ، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، ڪڍڻ، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي، باڊهه، ڏهرڪي، ٺل، هالا، ٽنڊو الهيار، جنگشاهي، شهدادپور، لنواري، جيڪب آباد ۽ خيرپور. اهڙي طرح سنڌي سنگت جي ڪائونسل اجلاس ۾ 4 شاخن کي اجازت ڏني وئي آهي.

الحاق ورتل سنڌ جي پراڻن يونٽن بابت اهو طئي ڪيو ويو آهي ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ واري دعوت تي جيڪي يونٽ پنهنجا ڪائونسل موڪلڻ ۾ ناڪام رهندا، انهن جي الحق کي ٻيهر ويچار هيٺ آندو ويندو، جنهن جو آخري فيصلو سنڌي سنگت جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي ڪندي.

ادبي سنگت جو قيام، (روزاني آفتاب 1983/07/29)

کڏڙو (ن آ) گذريل ڏينهن هتي نوجوانن جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ ادبي سنگت جو قيام عمل ۾ آندو ويو.  جنهن ۾ سال 83/84 لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. جنرل سيڪريٽري مير قربان علي، جوائنٽ سيڪريتري مسٽر مهر علي، خزانچي مير خدا بخس، ايڊوائيزر سيڪريٽري مير تاج محمد.

ادبي سنگت جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1983/07/30)

نوشهروفيروز (ن آ) تازو سنڌي ادبي سنگت برانچ کوڙو شريف جون ساليانيون چونڊون ٿي گذريون، جنهن ۾ يڪراءِ 83/84 لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. جنرل سيڪريٽري ممتاز سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري سرور سولنگي، خزانچي سانوڻ عباسي، آڊيتر اڪبر سنڌي، ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت شهر ڀريا روڊ جون به ساليانه چونڊون ٿي گذريون. جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. جنرل سيڪريٽري علي گوهر، جوائنٽ سيڪريٽري هارون راڄپر، خزانچي هادي بخش ۽ آڊيٽر الهرکيو سنڌي.

سنڌي سنگت جي عهديدارن جي پهرين ۽ اهم گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/09/11)

سڪرنڊ (ن آ) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن جي پهرين اهم گڏجاڻي 1983/09/05) تي سڪرنڊ شهر ۾ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ متفقه طور هيٺيان فيصلا ڪيا ويا. 1- سنڌي ادبي سنگت جي شاخن کي سرگرم بڻائڻ ۽ سندن رڪارڊ جي چڪاس ڪرڻ لاءِ مرڪزي عهديدار پنهنجي سنڌ جي دوري جي شروعات نواب شاهه ۽ سانگهڙ  ضلعن کان  شروع ڪندا. نواب شاهه ضلعي جو 19 سيپٽمبر تي ڪيو ويندو. 2- مرڪزي خزانچي کان سنگت جي سڀني شاخن کي رهيل داخلا ۽ ساليانين فين جي وصوليءِ لاءِ ليٽر موڪليندو ۽ اهڙي پريس پڌرائي پڻ ڪندو. هن کي سنڌ سنگت جي اڳوڻي قائم مقام سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين واسطيدار فردن سان پڻ مرڪزي حساب ڪتاب جي باري ۾ لکپڙهه ڪرڻ لاءِ چيو ويو. 3- سنڌ سنگت جي سڀني شاخن کي پنهنجي ادبي ۽ تنقيدي هفتيوار پندرهن روزا نشستن کي ٻيهر باقاعدگي سان شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان کانسواءِ فيصلو ٿيو ته سنڌ سنگت پاران سنڌ جي ستن اهم شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، نواب شاهه، سکر، لاڙڪاڻو ۽ دادو ۾ “ادبي سينٽر” قائم ڪري اتان سنڌ جي برک ڄاڻن، اديبن ۽ شاعرن کان ادب جي نثري توڙي شاعراڻين صنفن ۽ ادبي لاڙن تي ليڪچر ڏياريا ويندا. ادبي ليڪچرن جي موضوعن جي چونڊ سنڌ سنگت پاڻ ڪندي. 4- سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ بابت ڪتاب جي تياري لاءِ سنڌ جي ناميارن اديبن ۽ شاعرن (جن جو سنڌي ادبي سنگت قائم ڪرڻ ۽ ان کي فعال بڻائڻ ۾ وڏو هٿ رهيو آهي) ۽ انهن کي هڪ خط موڪليو ويندو، جنهن ۾ کين سنڌي ادبي سنگت بابت مضمون لکڻ لاءِ چيو ويندو. اهڙو ڪتاب سنڌ سنگت جي سالياني ڪائونسل اجلاس تائين ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو. 5- سنگت جي سيڪريٽري جنرل کي چيو ويو ته 5 آگسٽ 1983ع واري سنڌ ڪائونسل اجلاس ۾ پاس ڪيل سنڌ سنگت جي آئيني ترميمن جو مسودو اسسٽنٽ رجسٽرار، جوائنٽ اسٽاڪ ڪميٽيز سکر ريجن ڏانهن اطلاع لاءِ ڏياري موڪلي ته جيئن ان لاءِ سنڌ سنگت جو نئون ترميم ٿيل آئين ڇپائي سگهجي. 6- سنڌ سنگت پاران پهرين آڪٽوبر 83 کان هڪ ٻه ماهي خبرنامو جاري ڪيو ويندو، جنهن کي بعد ۾ماهوار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اهو به طئه ٿيو ته مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ سنڌ سنگت پاران ٽماهي پبليڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ به ويچاريو ويندو. ان کان سواءِ سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ۾ پکڙيل سمورين شاخن ذريعي سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جي مناسب وڪري لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ لاءِ پڻ سوچيو ويندو. 7- سنڌ سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي جو اجلاس آڪٽوبر 1983ع جي آخري هفتي ۾ سانگهڙ ۾ ڪوٺايو ويندو. 8- سنڌ سنگت جا مرڪزي عهديدار جلد سنڌ جي ڪنهن مرڪزي شهر ۾ پريس ڪانفرنس ڪري سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي واڌاري ۽ ڀلائي بابت پنهنجن ويچارن ۽ پروگرامن جو اظهار ڪندا.

سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهري، (روزاني آفتاب 1983/09/17)

جيڪب آباد: گذريل جمعي ڏينهن گائي لائبريري 8  س ا س جيڪب آباد جي دستوري ڪچهري الطاف پيچوهي جي صدارت ۾ ٿي گذري، داد محمد خادم بروهي “مضمون”، حسين بخش نظاماڻي “پراڻيون يادگيريون”، جاويد عمر “نظم”، رميش لعل “آزاد نظم” الطاف گوهر “آزاد نظم”، فتاح عابد “گيت” پيش ڪيا، جڏهن ته  لعل بخش لغاري تنقيد ۾ حصو ورتو.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتا 1983/09/21)

ڪوٽڙي ڪبير (ن آ) گذريل ڏينهن لطيف ادبي سنگت جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ صحافين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر بشير احمد ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته اسان جي هيءَ تنظيم لطيفي ۽ سماجي تنظيم آهي. جنهن جو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان واسطو نه آهي. اسين صرف پنهنجي لطيف جي شاعريءَ عام ڪرڻ ۽ ڳوٺ جي فلاح بهبود لاءِ ڪم ڪنداسين. هن گڏجاڻي ۾ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو ۽ آخر ۾ سڀني حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته هتي هڪ هاءِ اسڪول قائم ڪيو وڃي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/09/23)

خيرپور (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڳاڙهي موري جي هنگامي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل محترم رشيد ڀٽي جي گرفتاري تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، ۽ گهر ڪئي ته رشيد ڀٽي کي ترت آزاد ڪيو وڃي. گڏجاڻي ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٿيل وحشي فوجي ڪارروائي کي سخت لفظن ۾ ننديندي گهر ڪئي ته بيگناهه سنڌي ماڻهن جو قتلام بند ڪريو، هن قسم جون ڪارروائيون غير اسلامي ۽ غير انساني آهن.

سنڌي ادبي سنگت صوڀو خان مگسي جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/09/26)

صوڀو خان مگسي ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت صوڀو خان مگسي جي هفتيوار گڏجاڻي سنڌ جي مايه ناز شاعر جناب شمس الدين شمسي جي صدارت ۾ ٿي گذري، هن گڏجاڻي ۾ امير الدين قاصر ٻه نظم “سڪ جو سندر” ۽ “ديس جون چڻنگون” جي عنوان سان، عبدالستار عبد مگسي غزل ۽ شمسي صاحب چوشتا پڙهيا. ٽيڪاٽپڻي ۾ مٿين کانسواءِ صادق علي لغاري، عبدالواحد تونيه، محمد مراد مغل، دلشاد پيرزادي، قربان پيرزادي محبوب ناريجي ۽ ٻين حصو ورتو.

مذمت، (روزاني آفتاب 1983/10/04)

شاهپور چاڪر (ن آ) سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ، شاهپور چاڪر، شهدادپور، کپري، جهول ۽ ٽنڊي آدم جي عهديدارن هڪ گڏيل بيان ۾ شهدادپور جي نوجوان شاعر قادر بخش جمالي کي اتان جي هڪ اي ايس آءِ قيوم ميمڻ طرفان غندن جي هٿان ڪرايل حملو، جنهن ۾ سندس واچ ۽ پئسا ڦرجي ويا، جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اها تمام ڪريل حرڪت آهي. هنن اعليٰ پوليس توڙي مارشل لا حڪام کي شاعر سان ٿيل زيادتي ختم ڪرائڻ ۾ مذڪوره اي ايس آءِ خلاف جوڳو قانوني قدم کڻڻ جي گهر ڪئي آهي.

ادبي سنگت جي شاخن کي فين موڪلڻ جي هدايت، (روزاني آفتاب 1983/10/23)

حيدرآباد( پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي علي نواز ڦل هڪ پريس بيان ۾ سنڌ جي انهن شاخن کي هدايت ڪئي آهي، جن مرڪز کي کي داخلا في، الحاق في ۽ ماهور فين جو 100 رپيا اڃا تائين نه موڪليا آهن، ته اهي جلد از جلد مرڪزي خزانچي سنڌ ڪتاب گهر سڪرنڊ جي ائڊريس تي رهيل في ترت ڏياري موڪلين ،ته جيئن مرڪز طرفان رٿيل ڪمن کي جلد مڪمل ڪري سگهجي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/10/24)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي هتي ٿي گذري، جنهن ۾ سيپٽمبر 1983ع ۾ ڪيل فيصلن جو جائزو ورتو ويو ۽ سنگت جي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ 4 نومبر 1983ع تي سانگهڙ ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن جي ايجنڊا تي ٽماهي پبليڪيشن جاري ڪرڻ، آئين ۽ رسيدن جي ڇپائي، سنڌي ڪتابن جي وڪري، ليڪچر پروگرام جي ترتيب، مالي مسئلا ۽ نين شاخن کي الحاق جا مسئلا رکيا ويا.

سنڌي ادبي سنگت جي خزانچي جي هدايت، (روزاني آفتاب 1983/10/24)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي خزانچي علي نواز ڦل پنهنجي هڪ پريس بيان ۾ سنڌ جي مڙني شاخن کي هدايت ڪئي آهي ته ماهوار في جو 10 ۽ ٻيون رهيل فيون جلد از جلد مرڪزي خزانچي سنڌ ڪتاب گهر سڪرنڊ ڏانهن ڏياري موڪلين ته جيئن مرڪز طرفان خبرنامون ليٽر پيڊ ۽ مرڪز طرفان ڪتاب جي ڇپائي لاءِ ترت ڪم شروع ڪرائي سگهجي.

سنڌي ادبي سنگت جي ٽين ماهوار گڏجاڻي ٿي گذري، (روزاني آفتاب 1983/11/22)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن جي ماهوار ٽين گڏجاڻي تازو ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺيان فيصلا ٿي گذريا. 10 ڊسمبر 1983ع تائي نواب شاهه ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي رهيل شاخن ۽ ضلعه خيرپور ميرس جي سمورين شاخن جو دورو مڪمل ڪيو ويندو. ٺٽي ۽ بدين ضلع ۾ موجود سنگت جي شاخن مان رابطي ۾ اچڻ ۽ کين سرگرم ڪرڻ لاءِ نمائندن جي چونڊ ڪئي ويندي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/12/02)

سنڌ يونيورسٽي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي جي پهرين گڏجاڻي حليم باغي جي صدارت هيٺ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ آتش سنڌي غزل، نواز سومرو وائي، زاهد جهانگير غزل، گوهر دائودپوٽو نظم، جهونجهار خاڪو ۽ نظام ڀاڳت وائي پيش ڪئي. محترم حليم باغي پنهنجا خوبصورت غزل ٻڌائي محفل کي گرمائي ڇڏيو، جنهن تي عبدالرزاق، ديدار حسين پنهيار ۽ ننگر سومري ٽيڪاٽپڻي ڪئي.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/12/08)

نوراجا (پ ر) سنڌي ادبي سنگت نوراجا جي گڏجاڻي فضل الدين سميجو جي صدارت هيٺ ٿي گذري. جنهن ۾ بشير بيدار سميجو، سرور سيف، روشن منگي، لال بخش، روشن سميجو، محمد صفر ۽ ٻيا ساٿي شامل ٿيا، آخر ۾ ٺهراءَ پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته نوراجا ۾ مڊل اسڪول، پوسٽ آفيس ۾ اسپتال قائم ڪري عوام کي سهوليت مهيا ڪئي وڃي.

نوراجا جا مسئلا حل ڪيا وڃن، (روزاني آفتاب 1983/12/08)

نوراجا ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت نوراجا جي عهديدارن شبير بيدار سميجو، روشن منگي، عثمان آزاد، پنهل پياسي ۽ عبدالخالق حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته يونين ڪائونسل نوراجا جا جائز مسئلا جھهڙوڪ آفيس، اسپتال، اسڪول ۽ پوسٽ آفيس وغيره جا مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن هتان جو عوام سک سان رهي سگهي.

سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1983/12/08)

حيدرآباد ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جون مالياتي چونڊون مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو ۽ چونڊ ڪميٽي جي ٻن ميمبرن محترم ولي رام ولڀ ۽ ناز سهتي جي نگراني ۾ ٿي گذريون. نتيجي مطابق سيڪريٽري نور گهلو، جوائنٽ سيڪريٽري عجيب پيرزادو، خزانچي رياض ميمڻ، آڊيتر لياقت رصوي ڪامياب قرار ڏنا ويا. جڏهن ته ڪاروباري ڪميٽي تي نثار حسيني، سروس سهتو، اسرار شام ۽ نذير ناز منتخب ٿيا.

س ا س جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/12/10)

نوراجا ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوراجا جي هفتيوار گڏجاڻي نور محمد جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ حاجن صوبدار، غلام حيدر سميجو، پنهل پياسي، محمد صفر، روشن سميجو، عبدالخالق، روشن منگي، فضل الدين، بشير بيدار سميجو ۽ ٻين ساٿين حصو ورتو. گڏجاڻي ۾ هڪ ٺهراءَ پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي مشهور اديب انور پيرزادو، گل محمد غازي، الطاف شاهه، مهيش مليرائي سميت سڀني شاگردن، استادن، وڪيلن ۽ دانشورن کي بنا دير جي آزاد ڪيو وڃي.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/12/11)

خيرپور ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت يونٽ شاهه عبداللطيف ڪئمپس خيرپور جي گڏجاڻي زير صدارت مسٽر عبدالصيف ميمڻ جي ٿي گذري، جنهن ۾ اعجاز ابڙي نظم، علي حسن عباسي ڪهاڻي، منظور صديقي نظم، اياز سولنگي غزل، مختيار ملڪ ۽ ڪاظم علي شاهه غزل پيش ڪيو ۽ عبداللطيف چنه، امير پنهور ۽ عاشق انصاري جن تنقيدي حصو ورتو.

سنڌي سنگت جي گڏجاڻي خانواهڻ ۾ ٿي گذري، (روزاني آفتاب 1983/12/12)

سڪرنڊ (ن آ) تازو سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن جي دستوري ماهوار گڏجاڻي خانواهڻ ۾ ٿي گذري،  جنهن ۾ جنرل سيڪريٽري گذريل مهيني جي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ان بعد هيٺيان فيصلا ڪيا ويا. ڊسمبر جي ٻئي هفتي ۾ سيڪريٽري جنرل سانگهڙ ضلعي جي شاخن جو دورو مڪمل ڪندو، ڊسمبر جي ٻئي هفتي ۾ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي آفيس ۾ سنڌ جو مشهور ليکڪ محترم ولي رام ولڀ ادب ۽ ترجمن جي اهميت ۽ سنڌي زبان جي عنوان تي ليڪچرڏيندو.  جنوري 1984ع ۾ محترم شمشير الحيدري ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي کان سنڌي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي حيدرآباد ۽ خيرپور ۾ ليڪچر ڏياريا ويندا. محترم داد محمد خادم بروهي ۽ شمس سومري کي جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موجود ادبي سنگتن جي شاخن سان رابطي رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو.

راز جي وفات تي تعزيت، (روزاني آفتاب 1983/12/14)

حيدرآباد ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي هڪ پريس بيان ۾ سنڌ جي بزرگ ۽ نامياري شاعر، شيخ عبدالرزاق راز جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مرحوم شيخ راز جون سنڌي  ادبي سنگت جي قيام ۽ سنڌي ادب جي واڌاري جي ڏس ۾ ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن.

سنڌي ادبي سنگت موري جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/12/18)

مورو( جماڻي وٽان) سنڌي ادبي سنگت مورو جي هفتيوار گڏجاڻي محترم ادل سولنگي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ راشد مورائي دوها، ولي محمد سولنگي غزل، رکيل مورائي غزل، عاجز علي شير ٿهيم وائي، نذير احمد لانگاهه ڪلام ۽ صدر محفل ادل سولنگي هائيڪا تنقيد لاءِ پيش ڪيا. تنقيد ۾ مٿين کان علاوه الطاف مگسي، عبدالحميد عباسي، سيد محبوب علي شاهه ۽ سيد فتح علي شاهه حصو ورتو. سيڪريٽري طرفان سڀني ميمبرن کي اطلاع ڏنو ويو آهي ته جمع ڏينهن 23 تاريخ ڏهين بجي سنگت جي چونڊن ۾ حصو وٺن.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1983/12/21)

نوراجا (پ ر) سنڌي ادبي سنگت نوراجا جي گڏجاڻي ڳوٺ پنهواري ۾ امير بخش سولنگي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ روشن منگي نظم، سرور سيف ڪهاڻي “بانسري کان رائيفل تائين”، غلام حيدر “عادر معلومات” عبدالستار دلربائي غزل، ارشاد علي بيت پڙهيا. جنهن ۾ پڙهندڙن کانسواءِ پنهل پياسي، سرور سميجو، عثمان آزاد، عبدالستار شيخ، عرض محمد سولنگي، محمد بچل، روشن سميجو، بشير بيدار سميجو ۽ ٻين ساٿين تنقيد ڪئي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/01/08)

ڄامشورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ايل ايم سي ڄامشورو جي گڏجاڻي زير صدارت عالم جمالي جي ٿي گذري، جنهن ۾ بيتاب سهراب هيسباڻي قطعو، شاداب شفيع محمد غزل، ظفر عباسي ترائيل ۽ عالم جمالي غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيو، جن مٿين سان گڏ اختر بلوچ ۽ عبدالرحيم سولنگي تنقيد ڪئي. آخر ۾ ايل ايم سي شاخ کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ لاءِ ويچاريو ويو ۽ هر سومر تي سڀا هال ۾ گڏجاڻي جو فيصلو ڪيو ويو.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/01/08)

پنو عاقل (پ ر) تازو هتي سنڌي ادبي سنگت شاخ نوراجا جي گڏجاڻي نور الدين سميجو جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ حميد الله، عثمان سميجو، الهورايو، غلام حيدر، روشن سميجو ۽ بشير بيدار سميجو پنهنجون لکڻيون پيش ڪيون. پڙهندڙن کان علاوه پنهل پياسي، جان محمد، محمد صفر، نظر احمد، علي گوهر، محمد يعقوب،  لعل بخش، اسد الله ۽ ٻين ساٿين تنقيد ۾ حصو ورتو.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/01/08)

خيرپور ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ شاهه عبداللطيف ڪئمپس خيرپور جي دستوري گڏجاڻي عبداللطيف چنا جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ علي حسن عباسي ڪهاڻي، اعجاز ابڙو غزل، مختيار ملڪ غزل، روشن ٻرڙو نظم پڙهيو، جنهن تي عبدالله شيخ، تاج شيخ، عاشق انصاري ۽ ٻين تنقيد ڪئي. آخر ۾ هڪ گڏيل ٺهراءَ ذريعي ريڊيو پاڪستان خيرپور کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌيءَ ۾ هفتيوار جلد ادبي پروگرام شروع ڪيو وڃي.

روڊ ٺهرايو وڃي، (روزاني آفتاب 1984/01/08)

پنو عاقل (پ ر) سنڌي ادبي سنگت نوراجا جي عهديدارن ۽ ميمبرن بشير بيدار سميجو، پنهل پياسي، جان محمد، فضل الدين، غلام حيدر ۽ عبدالخالق هڪ گڏيل بيان ۾ حڪومت سنڌ کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته بائجي کان نوراجا تائين روڊ ٺهرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته روڊ نه هجڻ سبب هتان جي عوام کي سخت تڪليف درپيش آهي.

ڏک جو اظهار، (روزاني آفتاب 1984/01/12)

ڪوٽري ( پريس رليز) سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي عهديدارن جو بيان ذريعي آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري قادر بخش طالباڻي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/01/12)

ڄامشورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ايل ايم سي ڄامشورو جي گڏجاڻي سنڌ جي سڄاڻ شاعر آڪاش انصاري جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ اقبال خشڪ ڪهاڻي، هريش ڪمار غزل، محمد جمن،  ظفر عباسي ڪهاڻي ۽ آڪاش انصاري پنهنجا نظم ٻڌايا. تنقيد ۾ مٿين کانسواءِ گل جکرو، اختر بلوچ، محمد حسين پنوهر ۽ ناز سهتي حصو ورتو.

لطيف کي ڳائڻ زندگيءَ جو مقصد اٿم: علڻ فقير، فنڪار قومن جو ورثو هوندا آهن،  فنڪارن جي خدمت ڪرڻ لاءِ سماجي جوڙجڪ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي: جکراڻي (روزاني آفتاب 1986/01/13)

ڄامشورو (پ ر) فنڪار قومن جو وڏو ورثو ٿيندا آهن. اسان کي وڏي پئماني تي پنهنجي فنڪارن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي پر ان لاءِ اسان کي موجوده سماجي جوڙجڪ تبديل ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار گذريل رات سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاخ طرفان مشهور فنڪار علڻ فقير سان ملهايل رهاڻ ۾ شاگرد اڳواڻ گل محمد جکراڻي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ڪيو. هن علڻ فقير کي جس ڏيندي چيو ته شاهه لطيف جي پيغام کي نرالي ڍنگ ۾ پيش ڪري علڻ فقير اسان سڀني وٽ ۽ ٻاهرين دنيا ۾  پنهنجي مڃتا ڪرائي آهي. ان موقعي تي مک مهمان جي حيثيت سان ڳالهائيندي خان محمد پنهور چيو ته اسان جا فنڪار باوجود هزارين ڏکن ۽ ڏاکڙن سهي پنهنجي شعوري فرض کي سٺي نموني ادا ڪري رهيا آهن. هو اسان جي شاعرن جي جاڳرتا وارو ڪلام عام ماڻهن تائين پهچائن ٿا. ان ڪري انهن جو احترام اسان جي وڏي ۾ وڏي اخلاقي ذميواري آهي. هن سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.اعزازي مهمان طور ڳالهائيندي هسٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر يوسف شيخ چيو ته، فنڪار سچ ۽ حق جا  پرچارڪ هوندا آهن ۽ هو سماج جا فرد هوندا آهن، انڪري هو سڀني کان انفرادي سوچ ۽ شعور رهندا آهن.راڳ جي راڻي علڻ فقير سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي جا ٿورا مڃيندي چيو ته، لطيف سان منهنجو عشق آهي، جيسين ساهه سرير ۾  آهي، تيسين لطيف کي ڳائيندو رهندس. ان کان اڳ سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي جي آرگنائيزر نظام الدين ڀاڳت آيل مهمانن جي آجيان ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي مول متي تي روشني وڌي.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/01/13)

ٽنڊو ڄام (پ ر) سنڌي ادبي سنگت زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي هفتيوار گڏجاڻي جميل ملڪ جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ برڪت ڪولاچي ڊائري جا ورق، حافظ بجاراڻي غزل، اڪبر تاثير جو ٻول “آزاد نظم”، ماڻڪ ٻرڙو آزاد نظم، اڪبر ساگر ڪهاڻي، انصار خاصخيلي غزل ۽ سانول سنڌي غزل پڙهيا، شريڪ دوستن ۾ عبدالرئوف مگسي ۽ طارق هڪڙو تنقيد ۾ حصو ورتو. گڏجاڻي هر سومر تي شام جو چئين وڳي ٿيندي آهي.

هوشو شيدي جي مزار جي بيحرمتي، (روزاني آفتاب 1984/01/13)

ڪوٽڙي ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي عهديدارن هڪ بيان ۾ انگريزن جي خلاف وڙهندڙ سنڌ جي جوڌي هوشو شيديءَ جي مزار تي ناجائز حددخلين ۽ اڏاوتن جي سختيءَ سان مذمت ڪئي آهي ۽ گهر ڪئي آهي ته شهيد هوشو شيدي جي قبر مٿان حددخليون هٽائي ان جو احترام ڪيو وڃي. هنن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته باوقار قومون پنهنجي آزادي جي سورمن جا يادگار باوقار نموني رکنديون آهن، ۽ هتي آزادي جي پروانن جي يادگارن سان ٿيندڙ مذاق نندڻ جوڳي آهي. هنن گهر ڪئي آهي ته شهيد جي قبر مٿان بيڪري اڏيندڙ کي سخت سزا ڏني وڃي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/01/13)

ڪوٽڙي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي دستوري گڏجاڻي شهيد سومري جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾  هيٺين دوستن پنهنجون لکڻيون پيش ڪيون.  غلام قادر گل ملاح غزل، منور روشن نظم، حامد همراز ڪهاڻي، منير روشن سومرو بيت، ستار بادل ناثر، نرسنگ سانت مضمون، هاشم شورو تاثر، غلام رسول غرق ڪاوش، امير ملاح شعر، نواز قمر نظم، دين محمد اڪرم رباعي ۽ نظم، ۽ شهيد سومرو نظم. تنقيد ۾ مٿين کانسواءِ منگل مل، اسلم بلوچ، لطيف راجا، امجد بروهي ۽ قمر چانڊئي حصو ورتو.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي: اطهر منگي صدارت ڪئي، ٺهراءَ بحال ڪيا ويا، (روزاني ناظم 1984/01/22)

دادو (ن- ن) نوجوان قلمڪار ۽ ڪلاڪار طبقي  جي سنڌي ادبي سنگت شاهه آباد شاخ جي هڪ ادبي دستوري گڏجاڻي ڄاتل سڃاتل اديب، شاعر اطهر منگي جي صدارت هيٺ ٿي. هن رس ڀري گڏجاڻي ۾  جن ساٿين پنهنجو مواد تنقيد لاءِ پيش ڪيو. انهن ۾ مقبول ناز گهلو نظم ۽ غزل، ادل سولنگي وائي، رکيل مورائي غزل. گڏجاڻي جي ڪارورائي هلائيندڙ جنرل سيڪريٽري سقراط سيتائي غزل ۽ آخر ۾ گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ نوجوان شاعر اطهر منگي پنهنجي شاعري مان هڪ غزل هڪ پراثر نظم پڙهي ٻڌايو، جن تي وزير منگي، زاهد گهلو، عبدالغني منگي، جاويد اختر گهلو تنقيدي راءِ پيش ڪئي. آخر ۾ ڪجهه ٺهراءَ يڪراءِ بحال ڪيا ويا. 1- دادو مورو پل تي هتان جي مشهور صوفي بزرگ شهيد مخدوم بلاول رحه جو نالو رکيو وڃي. 2- ڪراچي ايئرپورٽ جو نالو سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيو وڃي. 3- ڪراچي ٽي وي تان سڀني سنڌي پروگرامن جو وقت وڌايو وڃي ۽ سنڌ جي هر طبقي جي جائز گهر جو احترام ڪري عملي جامو پهرايو وڃي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي: سڀني ڪارڪنن کي شرڪت جو سڏ ڏنو ويو، (روزاني ناظم 1984/01/24)

ڪوٽڙي (ن –ن) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري هڪ پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميڙ 3 فيبروري 1984ع تي ڳوٺ عبدو ضلع شڪارپور ۾  ڪوٺايو ويو آهي. سڀني شاخن جي ڪاروباري ڪميٽي جي ميمبرن کي آگاهه ڪجي ٿو ته مقرر تاريخ ۽ هنڌ تي پهچي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. اجلاس جي ايجنڊا ۾ رپورٽن، فنڊ، نين شاخن جي الحاق، غير فعال شاخن بابت سوچ ويچار پبليڪيشن ۾ ٺهرائن جا اسم شامل آهن.

سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي گڏجاڻي: ان تقريب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، (روزاني ناظم 1984/01/24)

 ڪوٽڙي (نمائندو ناظم) سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي اهم ڪچهري سنڌ جي برک ليکڪ شاعر ۽ نقاد محترم شمشير الحيدري جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌ سنگت جي مرڪزي خزانچي علي نواز ڦل پڻ شرڪت ڪئي. هن ڪچهري جي شروعات سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه لطيف جي بيت سان ڪئي وئي. ادبي ڪچهري کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. هڪ حصو نثر ۽ ٻيو شاعري. نثر جي حصي ۾ هنن دوستن پنهنجون لکڻيون پيش ڪيون. اسير ملاح مضمون، منگل فاني (ڪهاڻي)، حامد همراز (ڪهاڻي)، شاعريءَ ۾ غلام قادر گل ملاح نظم، علي نواز ڦل غزل، ناز سهتو وائي، هاشم شورو آزاد نظم، منور چانڊيو نظم، قمر چانڊيو گيت، مجيد بلوچ نظم ۽ نواز قمر نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيا.

آزاد نظم جي اوسر بابت ليڪچر،  (روزاني آفتاب 1984/01/27)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان هڪ ليڪچر ”سنڌي زبان ۽ آزاد نظم جي اوسر“ جي عنوان سان برک ليکڪ شمشير الحيدري اڄ 28 جنوري تي شام جو 4 وڳي مهراڻ آرٽس ڪائونسل واقع لطيف آباد ۾ ڏيندو. انهي تقريب جي صدارت امداد حسيني ڪندو.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آڦتاب 1984/01/27)

ٽنڊو ڄام (پ ر) سنڌي ادبي سنگت زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي دستوري گڏجاڻي برڪت علي ڪولاچي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ اڪبر ساگر آزاد نظم ، بخشڻ مهراڻوي غزل، انصار خاصخيلي غزل، ايوب ملڪ شعر تنقيد لاءِ پيش ڪيو، جن تي ويٺلن تنقيد ڪئي.

س ا س جي گڏجاڻي ٿي گذري، (روزاني آفتاب 1984/01/30)

ڄامشورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورستي جي گڏجاڻي زير صدارت شفيع محمد جي ٿي گذري. جنهن ۾ غضنفر سومرو نظم، حليم باغي وائي، نظام ڀاڳت غزل ۽ شاداب شفيع محمد پڻ غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جنهن تي اعجاز سهتو، ارشاد عباسي، اصغر علي سومرو، ماجد بلو تنقيدي رايا پيش ڪيا.

جيڪب آباد ۾ گدائي مرحوم جي ملهايل ورسي جو احوال، (روزاني آفتاب 1984/01/30)

جيڪب آباد ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد طرفان سنڌ جي پورهيتن جي شاعرعبدالڪريم گدائي مرحوم جي پنجين ورسي وڏي احترام ۽ عقيدت سان ملهائي وئي.  پهرين نشست ۾ مقالا ۽ مشاعرو شامل هو، جنهن جي صدارت سردار خان لاشاري وڪيل ڪئي ۽ مهمان خاص جا فرائض قطب الدين تاب انجام ڏنا. عبدالخالق بروهي جي تلاوت ڪلام پاڪ بعد الطاف پيچوهي عوامي شاعر جا شعر پيش ڪيا، جنهن بعدسنگت جي سيڪريٽري داد محمد، خادم بروهي آجيان ڪئي. ان بعد اسحاق شيخ، فتاح عابد، جاويد عمر، غلام نبي، صابر سڌايو، يونس مهر، حاڪم علي شاهه، داد محمد خادم مقالا پيش ڪيا. جنهن کانپوءِ شاعري جي نشست ۾ غلام نبي صابر طالب حسين تيمور، داد محمد خادم، محمد بخش جوش، عنايت الله سهيل، محمد قاسم مخمور، عبدالحڪيم خشتر، محمد علي، رياض ملاح، صوفي فيض بابا، مير عبدالعزيز جروار، فتاح عابد، مراد علي نور، ارشاد شڪيب، رفيق خاڪي، قربان پيرزاده، قطب الدين تاب، جن سنڌي سرائيڪي ۽ اردو شعر پيش ڪيا، ۽ گدائي مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن پروگرام جي ڪمپيئرنگ غلام نبي سڌايي ڪئي. آخر ۾ راڳ رهاڻ جي نشست ٿي، جنهن ۾ ميلوڊي آرٽس اڪيڊمي جي فنڪارن مغربي سازن تي گدائي صاحب جو ڪلام پيش ڪيو. جن ۾ امير سرڪي، عبدالرزاق جمالي، خدا بخش ناشاد ۽ ڪيترا ٻيا شامل هئا.

سنگت ڪراچي جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/02)

ڪراچي ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي هفتيوار گڏجاڻي سڀاڻي خميس ڏينهن شام جو 5 وڳي ادارا امن ۽ انصاف 3 ماڙ رمپا پلازه وٽ ٿيندي.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/03)

ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي جي گڏجاڻي زير صدارت شاداب شفيع محمد جي ٿي، جنهن ۾  غضنفر سومرو نظم، حليم باغي وائي، نظام ڀاڳت غزل ۽ شاداب شفيع محمد پڻ غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيو، جنهن تي اعجاز سهتو، ارشاد عباسي، اصغر علي سومرو ۽ ماجد بلو تنقيدي رايا پيش ڪيا.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/02/03)

ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ايل ايم سي ڄامشورو شاخ جي هفتيوار گڏجاڻي زير صدارت اقبال خشڪ جي ٿي گذر،ي جنهن ۾ شاداب شفيع محمد گهانگهري غزل، غضنفر حسين پيرزادي قطعا، ظفر عباسي ترائيل ۽ اقبال خشڪ پنهنجي ڪهاڻي پيش ڪئي، جن تي مٿين کانسواءِ عبدالرحيم سولنگي، عطا حسين لاشاري ۽ دوست محمد قريشي تنقيد ڪئي.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/02/03)

مٺي ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي جي دستوري گڏجاڻي نند لعل مالهي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ امولک امڙ ڪلام،  نند لعل مالهي آزاد نظم ۽ هاورڊ غزل پيش ڪيو.

سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/04)

ڪراچي ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي هفتيوار گڏجاڻي خميس 2 فيبروري تي رمپاپلازه ۾اداره امن ۽ انصاف جي آفيس ۾ شفيع محمد مخفي جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻي ۾  ساغر سميجي ڪهاڻي (لڪ پن چهرا) ۽ غلام عباس جلباڻي غزل پيش ڪيو. جڏهن ته رئوف نظاماڻي، جاويد ڀٽو، ارباب عظيم، شفيع محمد مخفي، ف م لاشاري، غلام نبي کوسي، محمد بخش سومرو، مرتضيٰ لاشاري، محمد نواز خشڪ ۽ سڪندر خشڪ تنقيد ۾ حصو ورتو.

راولپنڊي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/05)

رپورٽ: قربان بلوچ

ڪن سڄاڻ دوستن سنڌ کان پري هئڻ جي احساس کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ميل ميلاپ تي زور ڏنو  ۽ هڪ هنڌ گڏ ٿي چوياري جو رواج قائم ڪيو،  جنهن اڳتي هلي ادبي گڏجاڻين جو روپ ورتو. اهڙي طرح سان دوستن ۾ بي جا گهمڻ ڦرڻ بدران لکڻ پڙهڻ جو لاڙو وڌيو. پهرين ته ائين ايڪڙ ٻيڪڙ دوستن گڏ ٿي رهاڻيون پيا ڪندا هئا، پر پوءِ اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت قائم ٿي، جنهن جو هتي بنياد وجهندڙ محترم حاجي خان ڪيريو آهي. هن دوست ڏينهن رات محنت ڪري ديس واسين کي هڪ سٺي هنڌ تي آڻي بيهاريو. سنڌي ادبي سنگت اسلام آباد تقريبا 2 سال کان پنهنجي قومي شهسوارن، رهبرن، اديب، مورخن، شاعرن ۽ مفڪرن سان دوست کي روشناس ڪرائيندي پئي اچي. اسلام آباد جي رنگين فضائن ۾  هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي ليکي گهڻائي وٿاڻ آهن، جت وڃيو پاسا کوڙين، پر سنڌ جو نوجوان انهي رنگينين کان پاسي رهي،  سنڌي ادبي سنگت جي گهاٽي بڙ پٺيان هر 15 ڏينهن اچي پاسا کوڙي ٿڪ لاهيندي اچي. اسلام آباد کانپوءِ راولپنڊي ۾ به دوستن جي ساٿ سان سنگت جي شاخ قائم ڪئي وئي، جيڪا راولپنڊي ۾ رهندڙ سنڌ واسين لاءِ ڇپر ڇانوَ آهي. تازو ان جي افتتاحي گڏجاڻي ٿي گذري. هن گڏجاڻي ۾ ادبي سنگت جي روايتن کي  نظر ۾ رکندي سنڌ جي معروف شاعر ۽ اديب محترم تاجل بيوس جن کي صدارت لاءِ دعوت ڏني ويئي، جيڪا تاجل صاحب نهايت خوشيءَ سان قبول ڪئي، جڏهن سندس اڳيان اهڙو عرض رکوسون ته چيائين ته ٻيا هلن پيرن سان، آئون اکين سان هلندس. تاجل سائين جن جي اهڙي شفقت ڀري موٽ تي اندر ٺري پيو. هن گڏجاڻي جو پروگرام 20 جنوري 1984ع جمع جي ڏينهن راولپندي ۾ محترم نور حسن پٺاڻ ڪنوينر س ا س راولپنڊي جي جڳهه تي رکيو ويو. جڏهن منزل تي پهتاسين ته هڪ عجيب منظر ڏسڻ ۾ آيو. هڪ وڏي هال ۾ ويهه پنجويهه رنگ به رنگي رليون پٿريل ۽ مٿن سنڌ واسين کي ويٺل ڏسي تاجل آهستي مون کي چيائين “يار پنهنجو ڪم ٿي ويو”، هال ۾ پير پائڻ سان سڀ دوست جيڪي تمام پري پري کان ڪهي آيا هئا، جن مان ڪي اسلام آباد، ڪي واه هڪينٽ ته ڪي سنجوال کان آيل هئا، اٿي بيٺا ۽ آيل مهمانن جو نهايت پرجوش استقبال ڪيو ويو. سڀ دوست پنهنجي محبوب شاعر کي پسڻ لاءِ آتا پئي نظر آيا. ويٺلن ۾ خوشي جي لهر اچي ويئي هئي. هر چهرو ٻهڪي رهيو هو. ميل ميلاپ کانپوءِ سنگت جي ڪارروائي شروع ٿي. ڪارروائي راقم الحروف هلائي. شروعات لطيف سهڻي جي بيت سان ڪئي وئي ته:

ڏکي توءِ ڏڪار، توڻي وسن مينهڙا

پورهئي هٿ سڪار، توس آهن هٿڙا

محفل جي صدر تاجل بيوس تاڙين جي گونج ۾ پنهنجي جاءِ سنڀالي ۽ مهمان خاص لاءِ ڏيساور ڏانهن اسهندڙ ۽ اسلام آباد ۾ سنت جي خالق محترم حاجي خان ڪيريي جن کي سڏيو ويو. ان کانپوءِ راولپنڊي ساخ جي ڪنوينر محترم نور حسين پٺاڻ پنهنجي ڪيل ڪارگذاري پيش ڪئي. هن پنهنجي تقرير ۾ چيو: آئون پڪ سان چوان ٿو ته سنڌ جو نوجوان نهايت اوچن خيالن جو مالڪ آهي ۽ اسين ادبي ميدان ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهيون. محترم نور جي تقرير جي هر لفظ ۾ جوش ۽ جذبو ڏسي ائين پئي ڀاسيو ته اسين سنڌ واسي پنهنجي جنم ڀوميءَ کان هزاري ميل ڏور رهي به پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ مالوندن مارن لاءِ گهڻو ڪجهه سوچي ۽ ڪري سگهون ٿا. ان کانپوءِ محترم حاجي خان ڪيرئي سنڌ جي ادب تي روشني وڌي. هن صاحب چيو ته اسان کي فخر آهي ته سنڌي ادب جو هن جديد دور ۾ وڏو قدر آهي، سنڌي ادب کان پوئتي نه پر اڃا ٻه وکون اڳتي آهي. اسان جو هر ڇپجندڙ ڪتاب هٿو هٿ وڪاميو ٿو وڃي. آخر ۾ هن نوجوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته کين گهرجي ته هو پنهنجي ادب کي گهڻو پڙهن ۽ سٺو ادب لکن. ان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت اسلام آباد جي سيڪريٽري قربان بلوچ سنڌي ادب تي روشني وجهندي چيو ته اڄ جڏهن اسين ادبي ميدان ۾ دنيا سان منهن مقابل ٿيا آهيون. تڏهن ڏٺو اٿئون ته اسين ڪنهن کان به گهٽ ڪونه آهيون. سنڌ هر دور ۾ اهڙا فرزند پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڌرتي جي سينڌ سنواري آهي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي لطيف، سچل، سامي، حمل ۽ تاجل جن پنهنجي شعر ۾ سنڌ جي مارن، پنهوارن، سانگهيئڙن، جهانگيئڙن کي کٿيرن کي ڳايو آهي. هنن سنڌ جي هر شئي کي پنهنجي لافاني شعر ۾ آندو آهي. مقصد ته سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا هنن پنهنجي گيتن ۾ اوتي آهي. اهو ئي اسان جو سڍو سچو ادبي سرمايو آهي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته امر، اياز، آغا سليم، تنوير، شمشير ۽ سراج تي جن سنڌي ادب جي اوسر لاءِ پنهنجو نور نچوڙيو ۽ سنڌي ادب جو مانُ وڌايو اهي. ان کانپوءِ هيٺين دوستن پنهنجا پنهنجا شعر، مضمون ۽ مقالا پيش ڪيا.

مسٽر محمد بخش بروهي وائي، نجم الدين ڏيپر شعر، منظور حسين چنا وائي، شيخ يعقوب بيوس گيت، اعجاز علي لاشاري ڀٽائي جو شعر، غازي خان خاڪي مضمون، حاجي خان جروار مضمون، عباس علي ماڪا سلام، حفيظ الله ابڙي آزاد نظم پيش ڪيو، جن سڀني کي دوست ڏاڍو ساراهيو. مٿين دوستن جي تخليقن ٻڌڻ کانپوءِ محفل جي صدر تاجل بيوس کي گذارش ڪئي وئي ته هو ادب ۽ اڄوڪي گڏجاڻي تي روشني وجهڻ سان گڏ پنهنجي تازي ڪلام کان به محفل ۾ رنگ ڀري. تاجل بيوس دوستن جا ٿورا مڃيندي س ا س راولپنڊي جي ڪنوينر مسٽر نور حسين پٺاڻ جي ڪيل انتظام ۽ ڀليڪار کي سهڻن لفظن سان ساراهيو. ادب ۽ شعر جي قدرن تي ڳالهائيندي هن چيو ته سٺو اديب ۽ شاعر ذهني اوسر جو اڳواڻ هوندو آهي ۽ زندگي ۾ ادب جا چنيءَ جي چٽن جهڙا رنگ ڀريندو آهي. هن چيو ته کيس اسلام آباد ۽ پنڊيءَ ۾ آئي هڪ مهينو ٿي چڪو آهي ۽ هنن 30 ڏينهن مان اڄوڪو ڏينهن ئي آهي، جنهن جي کيس تلاش هئي.  ان کانپوءِ مسٽر غازي خان خاڪي ۽ قربان بلوچ پنهنجي سريلي آوازن ۾ ڪلام پيش ڪيا. جن محفل ۾ وڌيڪ مزو آندو. محفل جي پڄاڻيءَ تي محفل جي صدر سميت سڀني دوستن هڪٻئي جو تعارف ڪرايو ۽ تاجل کي س ا س جي ڪنوينر مسٽر نور حسين پٺاڻ اجرڪ پارايو. محفل ختم ٿي ته سڀ دوست تاجل کي گهيري ويا ۽ کانئس آٽو گراف وٺڻ لڳا. اهڙي طرح سان هيءَ محفل تقريبن ڇهن ڪلاڪن بعد پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

وڇوڙي جا گيت 18فيبروري تي مهورت ٿيندو (روزاني آفتاب 1984/02/16)

ڄامشورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڪالوني برانچ طرفان سنڌ جي سڄاڻ شاعر ماٺيڻي اوني جي ٽين ورسي 18 فيبروري تي شام جو 4 وڳي پير حسام الدين راشدي هال انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مهلائي پئي وڃي. ان موقعي تي ڪتاب جي مهورت پڻ ٿيندي، جنهن جي صدارت مهتاب اڪبر راشدي ڪندي ۽ خاص مهمان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ هوندو.

 سنگت شڪارپور جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/08)

شڪارپور ( ن هه) سنڌي ادبي سنگت شڪارپور شاخ جي گڏجاڻي ذوالفقار جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ فيض محمد سيال نظم، اعجاز منگي ۽ زاهد ڀٽو آزاد نظم، نظير شهزاد غزل ۽ عبدالهادي ڪهاڻي تنقيد لاءِ پيش ڪئي. تنقيد ۾ روپ چند، مظهر اڄڻ، زاهد منگي ۽ ارشاد ڪاغذي حصو ورتو. آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪري گهر ڪئي وئي ته پبلڪ لئبريري جي چوري ٿيل ڪتابن جو جلد پتو لڳايو وڃي.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/02/08)

ڪوٽڙي ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي عهديدارن هڪ پريس بيان ذريعي سنڌي زبان جي چوٽيءَ جي شاعر استاد بخاريءَ جي والده ماجده ۽ مشهور شاعر نشتر ناٿن شاهي جي نياڻيءَ جي اوچتي وفاق تي ڏک ظاهر ڪندي ساڻن همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/09)

ڪراچي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي هفتيوار گڏجاڻي سڀاڻي خميس ڏينهن شام جو ساڍي چئين وڳي رمپا پلازه جي ٽئين ماڙ تي ادارو امن و انصاف جي روم نمبر 5 ۾ ٿيندي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/02/10)

ڄامشورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڪالوني برانچ جي دستوري گڏجاڻي گذريل ڏينهن محترم غلام حسين ڀلائي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ مراد بلوچ ڪلام، محمد موسيٰ پنهور ڪلام، حسن علي عطار چونڪو، غلام حسين ڀلائي شعر پڙهي ٻڌايو. جڏهن ته تنقيدي نشست ۾ الهڏنو وگهيو، نياز پنهور، روشن جسڪاڻي ۽ راشد ميمڻ حصو ورتو. آخر ۾ سنگت جي سيڪريٽري الهڏنو وگهيو اعلان ڪيو ته سنگت طرفان سند جي جوان جماڻ شاعر مرحوم ماٺيڻي اوٺي جي شاعريءَ جو مجموعو “وڇوڙي جا گيت” مرحوم جي ٽين ورسي 15 فيبروري 1984ع تي پڌرو ڪيو ويندو.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/11)

ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورستي جي گڏجاڻي مخمور ميرانپوري جي صدارت هيٺ ٿي.

سنگت سانگهڙ جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/12)

سانگهڙ (ن هه) سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ جي دستوري گڏجاڻي بخشڻ مهراڻوي جي صدارت ۾ ٿي. اسحاق  مڱرئي ڪهاڻي، عاشق سولنگي ڪلام،  عاجز منگي بيت، معصوم سانگهڙائي غزل ۽ بخشڻ مهراڻوي غزل پيش ڪيو، جن تي حاضر دوستن ٽيڪاٽپڻي ڪئي. آخر ۾ ٺهراءَ بحال ڪري ڏيپر گهانگهري کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪارروائي ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.

سنگت سکر جا نوان عهديدار، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/13)

سکر( پ ر) تازو سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جون چونڊون سال 1984ع لاءِ مرڪز جي نگراني ۾ ٿيون. جنهن ۾ مالڪ کوسو سيڪريٽري، رحميداد راهي سومرو جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي محمد نواز سومرو ۽ آڊيٽر هاديبخش سومرو کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي کان علاوه محسن علي شاهه موسوي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان انتخابي سب ڪميٽي ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو سنڌي ادبي سنگت چڪ جو هارون چنو، چانڊڪا ميڊيڪل جو حفيظ الله حفيظ موجود هئا. آخر ۾ ڪامياب ٿيڻ وارن اميدوارن کي سيڪريٽري جنرل مبارڪباد ڏني. ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪندا رهندا.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/13)

ڪوٽڙي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ جي گڏجاڻي قمر عباسي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ اسير ملاح مضمون، گل محمد ترجمو، دين محمد اڪرم نظم، منگل فاني غزل، غلام رسول غرق وائي ۽ قمر عباس غزل پيش ڪيو. تنقيد ۾ مٿين کانسواءِ ميوو، منور چانڊئي، جاويد جوکئي ۽ روشن علي حصو ورتو.

س ا س ڏهرڪي جو مطالبو، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/13)

ڏهرڪي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڏهرڪي جو تنظيمي ميڙ الهورايو راڄڙ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڊاڪٽر لياقت ڀٽو، علي حسن جمالي، شمس الدين ڀٽو، راجڪمار، ڊاڪٽر ظفر ڀٽو، پنهل ڏهر،علي انور سومرو، رشيد ۽ شبير بيدار ڀٽو شامل ٿيا. اجلاس ۾ هن ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ته شهيد هوش محمد شيدي جي قبر تي ڪجهه ماڻهن بئڪري تيار ڪري قبر جي بي حرمتي ڪئي آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي. تنهن ڪري مطالبو ڪيو ويو ته شهيد جي قبر مٿان اڏيل بئڪري ڊاهي نئين سر قبر ٺاهي وڃي. قمبر جي چوڌاري ديوار ڏياري وڃي ۽ اهڙي حرڪت ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/15)

سکر ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي چونڊيل نئين باڊي واري ورڪنگ ڪميٽي جي گڏجاڻي يونٽ جي سيڪريٽريمالڪ کوسو جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ ٻين فيصلن کان علاوه اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 21-02-1984 ڏينهن اڱاري تي ٿيندڙ گڏجاڻي شاهه لطيف جي نالي سان ٿيندي، جنهن ۾ لکنيون سنگت اڳيان شاهه لطيف جي مناسبت سان پيش ڪيون وينديون. ان بعد شبير بيدار ڀٽو ڪهاڻي، سرور سميجو نظم، عزيز بوزدار آزاد نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيون. تنقيد ڪندڙن ۾ مٿي ڄاڻايل دوستن کان علاوه آصف بروهي، محمد نواز، لياقت سومرو، سيڪريٽري مالڪ کوسو، شوڪت خواهاڻي، محسن علي شاهه ۽ گل محمد شام هئا.
سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/15)

راڄوخاناڻي (ٽ ر) تازو راڄوخاناڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ منگل داس پريمي نظم، ناشاد شرما غزل، مير عبدالغفور ٽيڙو، اشوڪ شرما ڪهاڻي، مهيش شرما افسانو پڙهي ٻڌايو، جنهن بعد ويٺلن  ڊي ايم راجا، اجيت ڪمار مدهوش، نيڻون مل لهاڻا، ۽ اشرف ڪنورل تنقيد ۾ حصو ورتو.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/02/11)

ٽنڊو ڄام (پ ر) سنڌي ادبي سنگت زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊو ڄام جي گڏجاڻي ماڻڪ ٻرڙي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ آصف مٺياڻوي غزل، اڪبر تاثر جويو نظم، ماڻڪ ٻرڙو آزاد نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو. تنقيد ۾ پڙهندڙن کانسواءِ ميوو خان ڪوريجي ۽ مصطفيٰ نانگراج حصو ورتو. آخر ۾ سنڌي مشهور شاعر استاد بخاري جي ماءَ جي مرتئي ۽ منور علي ميمڻ هتان جي جوائنٽ سيڪريٽري جي پٽ جي مرتئي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

سنڌي ادبي سنگت سکر جي گڏجاڻي، (روزاني ناظم 1984/02/17)

سکر (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سکر جي ڪارروائي ڪميٽي جو اجلاس شبير ڀٽو جي صدارت ۾ ٿيو. جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڱارو 21 فيبروري تي 4 بجي سنڌ جي قومي شاعر شاهه عبداللطيف جي خاص ادبي نشست ٿيندي ۽ ان کانپوءِ سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز سان ادبي نشست ملهائي ويندي.

ادبي سنگت ملير جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/18)

ڪراچي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ملير جي گڏجاڻي مصطفيٰ لاکي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ عبداللطيف دادلاڻي مضمون، فيض الله گوپانگ ۽ محمد رحيم خاصخيلي ڪهاڻي پڙهي. تنقيد ۾ جان محمد، غلام سرور عباسي، مشتاق خواجه، حبيب الله ابڙي، محبوب حسين، عبدالستار ۽ ٻين حصو ورتو.

سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/18)

ڪراچي ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي هفتيوار گڏجاڻي رمپا پلازه ڪراچي ۾ عابد خاناڻي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ شاهه محمد پيرزادي، الطاف احمد ۽ غلام عباس جلباڻي غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيا. جڏهن ته عابد خاناڻي، رئوف نظاماڻي، شڪور نظاماڻي، محمد بخش سومرو، شبير سومرو، روشن لاشاري، اسلم، جاويد ڀٽي ۽ صادق تنقيد ۾ حصو ورتو.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/02/18)

ڪوٽڙي ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي ڪاروباري ڪميٽي جي گڏجاڻي شهيد سومرو جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ غلام قادر گل ملاح، اسير ملاح، شهيد سومري ۽ هاشم شوري شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪري محمد نواز عباسي ۽ غلام رسول شوق جي ميمبرشپ منظور ڪري کين سنگت جو باقاعده ميمبر ڪيو ويو ۽ ڪوٽڙي جي نوجوان ۽ نئين ٽهيءَ جي ليکڪن جي رهنمائي لاءِ مهيني ۾ هڪ ڀيرو سنگت جي گڏجاڻي ۾ برک اديبن کي گهرايو ويندو. ان کان علاوه قادر بخش طالباڻي جي والد مولانا عبدالحق رباني، استاد بخاري جي والده ۽ نشرناٿن شاهي جي نياڻي جي وفات تي ڏک ظاهر ڪري همدردي جو اظهار ڪيو ويو.

تاج جويو سان شام(روزاني آفتاب 1984/02/19)

مٺي ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري محترم تاج جويي سان هڪ سادي ۽ پُروقار نموني سان شام ملهائي ويئي. شروع ۾ س ا س شاخ مٺي جي سيڪريٽري نند لال مالهي آيل مهمانن کي ڀليڪار چيو. شاخ مٺي جي مختصر رپورٽ ڪئي. مقالن پڙهندڙن ۾ پرشوتم داس، مدن ۽ پيتامبر حصو ورتو. ٻي نشست ۾ محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ حسين فقير ۽ موهن ڀڳت حصو ورتو.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/21)

 ٽنڊو ڄام (پ ر) سنڌي ادبي سنگت زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊي ڄام جي دستوري گڏجاڻي ماڻڪ ٻرڙي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ آصف مٺياڻوي غزل، تاثير اڪبر جويو نظم، ۽ ماڻڪ ٻرڙي آزاد نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو. تنقيد ۾ پڙهندڙن کان سواءِ ميوو خان ڪوريجي ۽ مصطفيٰ نانگراج حصو ورتو. آخر ۾ سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاري جي ماءُ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي هن يونٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري منور علي ميمڻ جي پٽ جي مرتئي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/21)

جيڪب آباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جي دستوري گڏجاڻي گدائي لائبريري ۾ يار محمد فدا جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ الطاف گوهر شاهه جا بيت داد محمد، خادم بروهي نظم، حسين بخش ملغاڻي مضمون، يار محمد فدا نظرم پڙهيو، جڏهن ته سڪندر کوسو، يونس  مهر، رميش لعل، عبدالغفور جاگيراڻي ۽ ڊاڪٽر ڌرمپال پرياڻي تنقيد ۾ حصو ورتو.

ڪوئيٽا ۾ سنڌي ادبي سنگت جي برانچ کولي وئي، ،عارضي طور عهديدار پڻ چونڊيا ويا، (روزاني آفتاب 1984/02/21)

ڪوئٽا ( پ ر) هتي سنڌي نوجوانن جي هڪ گڏجاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي برانچ کولي وئي. جنهن لاءِ عارضي طور تي سرپرست اختر ڪاڪيپوٽو، صدر محمد علي ٽڳڙ، نائب صدر اسد محمود پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري عبدالباري منگي، جوائنٽ سيڪريٽري آغا سعيد، پريس سيڪريٽري الطاف ڦلپوٽو، خزانچي مختيار ابڙو چونڊيا ويا. تنقيدي نشست ۾ آغا سعيد غزل ۽ نظر اسد محمود نظم الطاف ڦلپوٽي وائي پڙهي ۽ آخر ۾ تنقيد ۽ امتياز سومرو، پروفيسر برڪت علي، امداد ڪلهوڙو، ظفر سومرو ۽ ٻين حصو ورتو.

جيڪب آباد ۾ سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/23)

 جيڪب آباد(پ ر) تازو هتي گدائي لائبريري ۾ سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جي گڏجاڻي نبي بخش خاصخيلي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ داد محمد، خادم بروهي نظم، يار محمد فدا نظم، غلام نبي، صابر سڌايو غزل، يونس مهر آزاد نظم، حسين بخش ملغاڻي ڪهاڻي، ۽ سڪندر کوسو ترجمو پيش ڪيو.  جڏهن ته الطاف گوهر، شهباز بروهي، ۽ نبي بخش خاصخيلي تنقيد ۾ حصو ورتو.

سنگت سکر جو ٺهراءَ، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/23)

 سکر (پ ر) تازو سنڌي ادبي سنگت سکر جي گڏجاڻي هادي بخش سومرو جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سيڪريٽري مالڪ کوسو ڪهاڻي، شوڪت خواجائي تاريخي مضمون، شبير بيدار ڀٽو نظم، عزيز بوزدار نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو. سنگت ۾  پيش ڪيل تخليقن تي مٿين دوستن کان علاوه نثار ميراڻي، واحد بخش ڀٽو، ضياءَ ڀٽي،  لعل حسين، آصف بروهي، نواز سومرو تنقيد ڪئي ۽ صدر راءِ پيش ڪئي. گڏجاڻي جي آخر ۾ هڪ ٺهراءَ ذريعي حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته جنرل هوش محمد جي مزار مٿان قائم ڪيل بيڪري کي ڊاهيو وڃي ۽ بعد ۾ جنرل هوش محمد شيدي  جي مزار جي مرمت جو بندوبست ڪيو وڃي.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/02/25)

جيڪب آباد (پ ر) گذريل جمع ڏينهن دستي گدائي لائبريري ۾ سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جي دستوري گڏجاڻي نبي بخش خاصخيلي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ داد محمد، خادم بروهي نظم، يار محمد فدا، غلام نبي صابر سڌايو غزل، يونس مهر آزاد نظم، حسين بخش ملغاڻي ڪهاڻي ۽ سڪندر کوسو ترجمو پيش ڪيو، جنهن ۾ الطاف گوهر پيچوهو ۽ شهباز بروهي تنقيد ڪئي.

سنڌي سيمينار جا ٺهراءَ (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/26)

سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي اداري ۽ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي سهڪار سان ”آزادي کانپوءِ سنڌي ادب جي ترقي“ جي موضوع تي جيڪا ٻن ڏينهن واري سيمينار ٿي، ان جي پڄاڻي تي سنڌي ادب جي ترقي لاءِ ڪي اهم ٺهراءَ پاس ڪيا ويا ۽ سفارشونڪيون ويون. انهن ۾ مکيه هي آهي ته سنڌي ڪتابن جو اردو ترجمو ڪرايو وڃي، صوبائي اديبن کي علائقائي اديب نه سڏيو وڃي، سڀني صوبائي زبانن کي قومي حيثيت ڏني وڃي؛ سنڌي ڊرامن کي ٽي وي جي نيشنل هوڪ اپ تان نشر ڪيو وڃي. ٽي وي تان سنڌي پروگرامن جو وقت وڌايو وڃي، پرڏيهه ويندڙ اديبن جي وفدن ۾ سنڌي اديبن کي شامل ڪيو وڃي. پاڪستان جي لائبريرين ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا رکيا وڃن، اردو لکڻين ۾ صوبائي ٻولين جا اصطلاح ۽ محاورا استعمال ڪيا وڃن، سنڌي رسالن جي ڊڪليئريشن بابت نرم پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ادارن کي ڪتابن جي اشاعت لاءِ وڌيڪ گرانٽ ڏني وڃي وغيره.اسان سيمينار جي انهن ٺهرائن ۽ مطابن جي حمايت ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ جي عوام جي جذبات جي ترجماني ڪرڻ سان گڏانهن جي پراڻن مطالبن جي عڪاسي به ڪن ٿا. حقيقت هي آهي ته سيمينار طرفان ڪيل مطالبا سنڌ جي عوام جا ڪافي پراڻا مطالبا آهن، جن کي وقت بوقت ورجايو پئي ويو آهي، پر انهن ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري عوام جي احساس محرومي ۾ اضافو ٿيندو پئي رهيو آهي. انتظاميا ۽ ملازمتن جي معاملن سان گڏ ادب ۽ ٻولي جي معاملي ۾ به سنڌ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ثابتي هن حقيقت مان ملي ٿي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙي اعليٰ پايي جي اديب، محقق، تاريخدان ۽ ٻولي جي ماهر کي به قومي اديب بجاءِ علائقائي ۽ صوبائي اديب سمجهيو پيو وڃي، اها شڪايت ڊاڪٽر صاحب پاڻ سيمينار ۾ پنهنجي دوران ڪئي آهي.جيستائين سڀني صوبائي ٻولين کي قومي حيثيت ڏيڻ جو لاڳاپو آهي ته اهو به سنڌ جي عوام جو پراڻو مطالبو آهي، جنهن کي جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي تقرير ۾ چيو، سدائين علي سمجهيو پئي ويو آهي بلڪه ان کي پاڪستان دشمني اصطلاحن ۽ محاورن کي شامل ڪرڻ واري مطالبي جو لاڳاپو آهي ته اسان چونداسين ته هن وقت فقط ڪي ٿورا فراخدل اردو اديب پنهنجي لکڻين ۾ صوبائي محاورا استعمال ڪن ٿا ۽ صوبائي شاعري جواردو ۾ ترجمو به ڪندا رهن ٿا، پر بنيادي طور تي اسان صوبائي اديبن ۽ خاص طور تي سنڌ جي اديبن کي صلاح ڏينداسين ته اهي پنهنجين اردو تحريرن ۾ سنڌي محاورا، اسطلاح  ۽ پهاڪا وغيره استعمال ڪندا رهن، جيئن اردو ادب به انهن جو نقل ڪندا رهن.سيمينار ۾ بحال ڪيل ٻيا ٺهراءَ به ساراهه جوڳا آهن، اسان انهن سڀني جي تائيد ڪريون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته واسطيدار اختياري وارا انهن تي ترت عمل شروع ڪري سنڌ جي عوام جون همدرديون حاصل ڪندا، جيڪي هيلتائين پاڻ کي محروم سمجهندا پئي رهيا آهن.

ڪوئيٽا ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/26)

ڪوئيٽا (پ ر) هتي سنڌي نوجوانن جي گڏجاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي برانچ کولي وئي، جنهن لاءِ عارضي طور تي سرپرست اخترڪاڪيپوٽو، صدر محمد علي لاکو، نائب صدر اسد  محمود پٺاڻ نظم، جنرل سيڪريٽري عبدالباري منگي، جوائنٽ سيڪريٽري آغا سعيد، پريس سيڪريٽري الطاف ڦلپوٽو، خزانچي مختيار ابڙو چونڊيا ويا. تنقيدي نشست ۾ آغا سعيد غزل ۽ نظم، اسد محمود نظم، الطاف ڦلپوٽي وائي پڙهي. تنقيد ۾ امتياز سومرو، قيس ابڙو، پروفيسر برڪت علي، امداد ڪلوڙ، ظفر سومر ۽ ٻين حصو ورتو.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/02/27)

چڪ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت چڪ جي ادبي گڏجاڻي زير صدارت بشير احمد ڀٽو جي ٿي گذري، جنهن جي ڪارروائي آزاد بخاري هلائي، ان موقعي تي رشيد سومري  ٽيڙو ۽ چئوسٽو، آزاد بخاري وائي ۽ نظم ۽ هدايت الله سيٺار بيت پڙهيو.

سنڌي ادبي سنگت موري جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/02/27)

مورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت مورو جي دستوري گڏجاڻي سنڌ جي مشهور شاعر سيد روشن علي شاهه روشن جي صدارت هيٺ ي گذري.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/01)

ڄامشورو(پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي جي دستوري گڏجاڻي امان راهيءَ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ غضنفر سومري غزل، اجمل سولنگي آزاد نظم، شفيع محمد گهانگهري غزل، آتش سنڌي غزل، نظام ڀاڳت گيت ۽ غزل ۽ امان راهي آزاد نظم پڙهيو.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/01)

مٺياڻي (پ ر) تازو سنڌي ادبي سنگت مٺياڻي جي گڏجاڻي زير صدارت محمد آچرلنڊ جي ٿي، جنهن ۾ آصف مٺياڻوي غزل، غلام مصطفيٰ سولنگي ڪافي، غني وسطڙي آزاد نظم ۽ محمد آچر لنڊ مقالو تنقيد لاءِ پيش ڪيا. آخر ۾ يڪراءِ هيٺيان ٺهراءَ بحال ڪيا ويا. 1- سنڌ جي عظيم جرنيل شهيد هوش محمد جي قبر جي بيحرمتي ڪرڻ ۽ ان تي بيڪري اڏڻ واري عمل ننديندي حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته ڏوهارين کي سخت سزا ڏني وڃي. 2- دادو – مورو پل جو نالو سنڌي جي عظيم جوڌي شهيد مخدوم بلاول جي نالي پٺيان مخدوم بلاول پل رکيو وڃي.

ماٺيڻي اوٺي جي ورسي ملهائي وئي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/02)

حيدرآباد (ن هه) اڄ ماٺيڻي اوٺي جي ٽين ورسي سنڌي ادبي سنگت ڄامشورو ڪالوني پاران سنڌالاجي ۾ ملهائي وئي، جنهن جي صدارت مهتاب اڪبر راشدي ڪئي ۽ خاص مهمان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ هو. ثريا مخدوم، نياز پنهور، رفيعه محمد علي، لياقت رضوي، قادر جوڻيجي، نثار حسيني ۽ مرحوم جي ڀاءُ منٺار اوٺي تقريرون ڪيون. مرحوم جي ڪتاب ”وڇوڙي جا گيت“ جي مهورت به ٿي، فنڪار سندس ڪلام به ڳايو.

اسلام آباد ۾ شاهه جي ورسي، سنڌي ادبي سنگت جي ڪوشش (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/04)

سهاڳڻ سنڌ جي ڪک هميشه سائي رهي آهي ۽ جڏهن به هن ڌرتي تي ٻوساٽ  ۽ گهٽ ظلم جي بازار گرم ٿي آهي ته ان وقت جيجل سنڌ ڪو نه ڪو لعل ضرور اوڳاڇيو آهي، جنهن اچي پنهنجي ديس واسين جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي آهي سنڌ جي تاريخ اهڙن سورمن جي سرفروشيءَ سان ڀري پئي آهي. لعل لطيف به اهڙن رهبرن مان هڪ هو. لطيف جنهن دور ۾ پيدا ٿيو، اهو دور ڏاڍ ۽ ڏمر جو دور هو. انسان چڪيءَ جي ٻن پڙن وچ ۾ پيسجي رهيو هو. حاڪمن جو رعيت مٿان بيحد رعب هو. مقصد ته اسنان بک لاءِ تڙپي رهيو هو، توڙي مال بکن ۾ بيحال هئا. اهڙين حالتن ۾ شاه جو پيدا ٿيڻ لازمي هو.تازو سنڌي ادبي سنگت اسلام آباد طرفان سنڌ جي هن قومي اڳواڻ جي ياد ۾ هڪ محفل ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت لطيف جي فڪر جي پوڄاري ۽ عاشق، سنڌ جي محقق، ٻولي جي ماهر ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽرغلام علي الاني ڪئي.راقم جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان کيس سان رابطو قائم ڪيو ۽ هن محفل جي صدارت لاءِ جڏهن کيس چيو ته ڊاڪٽر صاحب جن چيو ته آئون لطيف جو غلام آهيان، جڏهن به ڪوٺايو ته آئون حاضر ٿي ويندس. لطيف سائين جي اهميت ۽ قدر جو پتو ان مان پئي ٿو ته سنڌ جو عالم به پان کي لطيف جو غلام سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو. هن محفل ۾ تمام گهڻن دوستن شرڪت ڪئي. محفل جو انتظام ڊاڪر الهڏني گوپانگ جي جڳهه تي ڪيو ويو. محفل جو ٽائيم پنج بجي شام جو رکيو ويو هو، جڏهن ته دوست ساڍي چئين وڳي کان اچڻ شروع ٿي ويا. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي پهچي ويا. ڊاڪٽر صاحب جن جي پهچڻ سان ئي محفل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي، جيڪا راقم الحروف هلائي. محفل جي شروعات لطيف جي ڪلام سان ڪئي وئي. جيڪو ميران بخش بدويءَ پيش ڪيو. سڀ کان پهرين محترم رحيم ڏني مور شاهه سائين تي پنهنجو مقالو ”شاه عبداللطيف عظيم مفڪر جي حيثيت ۾“ پيش ڪيو. محترم رحيم ڏني لطيف سائين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شاهه جي ڪلام ۾ امن  ۽ آشتي، نهٺائي ۽ نماڻائي، تواضع ۽ توڪل، پيار ۽ محبت، ايڪو ۽ ٻڌي، محنت ۽ مشقت ۽ انسان ذات جي هدايت لاءِ ڪئين هدايتون نظر اچن ٿيون. هن چيو ته شاهه صاحب کي جيڪڏهن انسانيت جو عملبردار چئجي ته غلط نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سندس ڪلام ڪنهن خاص طبقي يا علائقي تائين محدود نه آهي، پر عالم انسانيت لاءِ آهي. انسان ذات سان همدردي ۽ ڪشاده دليءَ سان پيش اچڻ سندس عالمگير شاعري هجڻ جي ثابتي ڏئي ٿو. هن شاهه سائين جو هيٺيون بيت پڙهيو.

وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي

ويڄيندي ولايت ۾ ذرو ٿئي نه ضايع

سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي آهين

محترم رحيم ڏني مهر کانپوءِ ڊاڪٽر حيدر سنڌي لطيف تي پنهنجو مقالو ”الا ڏاهي م ٿيام، ڏاهيون ڏک ڏسن“ پيش ڪيو، ڊاڪٽر سنڌي هن موقعي  جي مناسبت سان جيڪو مقالو پيش ڪيو، تنهن ۾ چيائين ته شاهه صاحب جنهن زماني ۾ اک کولي، اهو سنڌ لاءِ انتشار ۽ افراتفري جو دور هو. اورنگزيب عالمگير جي موت کانپوءِ مغل شهنشاهت پوين پساهن ۾ هئي، لطيف ان وقت ڦوهه جوانيءَ ۾ هو. جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو ويل ۾ اچي ويو هو ته لطيف شائين 50 سالن جي ڄمار کي پهتل هو. مغل شهنشاهه جو سج لڙي رهيو هو ته سندن گورنرن سنڌ اندر ظلم ۽ بربريت جي بازار گرم  ڪري ڇڏي هئي. سنڌ واسين جي جان، مال ۽ عزت جي سلامتيءَ جي ڪابه ضمانت ڪانه هئي سنڌ جي منصور شاهه عنايت (جهرڪ واري) مخدوم (کهڙن واري) جا روح ڏڪائيندڙ واقعا به انهي وقت پيش آيا هئا. شاهه صاحب انهن انسانيت سوز واقعن کان نهايت گهڻو متاثر ٿيو ۽ نهايت ملال وچان چئي ڏنائين ته:

اڄ نه اوطاقن ۾  ٿال طالب تنوارين، آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين

جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا

ڊاڪٽر سنڌي وڌيڪ چيو ته مغل شهزادن جي نااهلي ۽ عياشيءَ جو فائدو وٺندي جاگيردار طبقو سياسي اثر رسوخ حاصل ڪرڻ خاطري هڪٻئي خلاف سازش سٽڻ ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۾ مصروف هو، ته ٻئي پاسي ميا نور محمد پنهنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوششون ڪندو رهيو، جنهن ۾ آخرڪار سوڀارو ٿيو. قتل ۽ غارتگري هن دور جي بنيادي خصوصيت هتي وسندڙ واهڻ ويران ۽ سرسبز  ۽ شاداب باغ بستان اجڙي رهيا هئا، جن ۾  نادر شاهه جي ڦرلٽ هيڪاري ڌارين کي سنڌ تي ڌارين جي ڪارهه ڪرڻ جي لاءِ راهه هموار ڪري ڏني. مطلب ته اهي سڀئي ڳالهيون ان دور ۾ ٿيون، جنهن دور ۾ لطيف پيدا ٿيو. ڊاڪٽر حيدر چيو ته لطيف نه رڳو محب وطن شاعر هو، پر هو سنڌي عوام جو فڪري ۽ ذهني رهبر هو، جنهن کي سنڌ جي مارن ۽ ڌنارن، جهانگن ۽ سانگين، ڏوڌين ۽ ڏوٿين، کاهوڙين ۽ گاروڙين ۽ کٿيرن سان بي پناهه محبت هئي.

لطيف کي سنڌ جي ٻهراڙين، راهن ۽ رستن، ٻنين ۽ ٻارن، ڀٽن ۽ ڀونگين، جهنگن ۽ جهرن، موسمن ۽ مندن، ڪرڙن ۽  ڪنڊين، ڏٿن ۽ ڏونئرن، ڳنڍيرن ۽ ڳانڱين سان بي انتها پيار هو. هن جي اکين ۾ وطن جي محبت جي جيڪا  اُڃ هئي، تنهن کري اجهائڻ لاءِ هن پوري سنڌ جو پيادل سفر ڪيو ۽ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي ننڍي کنڊ کان ننڍي نشانيءَ کي به پنهنجي لافاني شعر ۾ هميشه لاءِ نقش ڪري ڇڏيائين.ڊاڪٽر سنڌي کانپوءِ محترم حاجي خان ڪيرئي پنهنجو مقالو ”لطيف سنڌي ڪلچر جو محافظ“ پيش ڪيو، محترم حاجي خان پنهنجي مقالي ۾ چيو ته لطيف سنڌي ٻوليءَ کي به پنهنجي رسالي ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ جيسين هيءَ دنيا آهي، لطيف جي ٻوليءَ کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڊاڪٽر الانا صاحب لطيف جي ڪلام کي مختلف آوازن ۾ رڪارڊ ڪرائي سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪ وسنڌي قوم جو وڏو سرمايو آهي.محترم حاجي خان چيو ته لطيف جي رسالي ۾ سنڌي ڪلچر جي هر پهلوءَ جو ذڪر آهي، جيئن ته سنڌ جا لوڪ داستان مومل راڻو، سورٺ راءِ ڏياچ، ليلا چنيسر، ڄام تماچي، عمر مارئي، سهڻي ميهار، سسئي پنهون، موڙو سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهن. تن جي مشهوريءَ جو سبب لطيف آهي. لطيف سائين انهن داستانن کي پنهنجي ڪلام ۾ وڏي حيثيت ڏني. هن چيو ته قومي ڪردار به ڪلچر جو مکيه پهلو آهي سنڌ ۽ ايران جي تاريخ ۾ سلاسين واري جنگ مشهور آهي، جنهن ۾ سنڌي جوڌا وڙهيا هئا. سنڌي جڏهن به ڪنهن جنگ ۾ حصو وٺندا هئا ته پيرن ۾ سنگرون ٻڌي وڙهندا هئا. جيئن هو پوئتي نه ڀڄن، اڄ به سنڌ ۾ ڪيئن خون ٿين ٿا پوءِ اهي پلاند جا هجن، ڪاروڪاري جا هجن، پر ڌڪ هميشه سامون يا منهن جي پاس کان هوندا آهن. مرندا هميشه مقابلي ۾ آهن. مرندا هميشه مقابلي ۾ آهن. لطيف ان قومي ڪردار کي به پنهنجي ڪلام ۾ خاص حيثيت پختي آهي.

ڀڳو آئون نه چوان مايوسين وسهان

ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سڪيندي سونهان

ته پڻ لڄ مران جي هونئن بٺ ۾

محترم حاجي خان کانپوءِ محترم اقبال جتوئي لطيف تي پنهنجا تاثرا پيش ڪيا. هن سنڌي معاشري جي پوئتي پوڻ سبب جا بيان ڪيا، ۽ سچي جذبي سان انهن اوڻاين کي دور کي ڪرڻ جا جتن ٻڌائبا. جتوئي صاحب پنهنجي تقرير ۾ شاگردن سان گڏ، سڄاڻ ۽ روشن خيال ماڻهن تي زور ڀريو ته، هو شاهه کي پڙهن ۽ سمجهن. هن چيو ته سندن ڇوٽڪارو شاهه آهي. جيڪڏهن شاهه کي ڇڏيو ويو ته يقين ڄاڻو ته نه اسان جو سنڌي معاشرو رهندو، نه سنڌي ثقافت ۽ نه اسان جو وجود. باقي رهندو. جتوئي صاحب مشورو ڏنو ته شاهه جي عظمت کي پرڏيهه ۾ پکيڙڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته جيئن شاهه صاحب مذهبي گهراڻي جي فرد هوندي به سخت گيريءَ جو مخالف رهيو، کيس دنيا جي ممتاز شاعرن، انقلابي رهنمائن سان ڀيٽي سندس عظمت کي مٿانهون ڪري سگهو ٿا. محترم اقبال جتوئيءَ کان پوءِ محفل جي مور ڊاڪٽر جي اي الانا پنهنجي صدارتي تقرير ۾ شاهه جي بي مثال شاعريءَ جي واکاڻ ڪندي هي شعر پڙهيو.

جنين ڏاند نه ٻنج، تنين به تنهن جو آسرو

پوءِ اوڀارين سج، ڏيئن اڳ ۾ انهن کي

ڊاڪٽر صاحب چيو ته، کيس مٿيون شعر سڀ کان وڌيڪ وڻندو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي تقرير جا اههم نقطا هيٺ پيش ڪري رهيو آهيان.

  1. شاهه صاحب کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته سندس شاعريءَ کي گهڻي کان گهڻو برزبان ياد ڪيو وڃي.
  2. شاهه نه رڳو اسان کي دين پر دنيا ۾ به ڪامياب زندگي گذارڻ جو پيغام ڏئي ٿو.
  3. شاهه کي اسين لافاني ۽ لاثاني شاعرن سان گڏي بيهاريون اهو ڪم ان وقت ٿي سگهي ٿو، جڏهن شاهه صاحب کي ٻين ٻولين ۾ روشناس ڪرايو ويندو.
  4. شاهه جو ڪلام بي شڪ همه گير ۽ وسيع معنيٰ رکي ٿو پر ان کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي اهليت پيدا ڪرڻ کانسواءِ پيدا نٿي ٿي سگهي.
  5. سنڌي سماج کي سمجهڻ لاءِ شاهه کي سمجهڻ ضروري آهي.
  6. شاهه جي شاعريءَ جا ڪيترائي رخ آهن ۽ هن رخنن تي مڪمل تحقيق جي ضرورت آهي. جيڪڏهن علمي، ادبي ۽ منقطي دليلن سان شاهه کي آفاقي شاعر طور مڃرائڻو آهي ته پوءِ اختياري وارن ادارن کي شاهه تي اعليٰ درجي جي تحقيق رائڻي پوندي.
  7. شاهه انهي سرزمين کي ڳايو آهي، جنهن جي تهذيب ۽ تمدن سنڌ جي سرزمين کي واس ڏيڻ کانپوءِ ان جو سڳنڌ پنهنجي ڀرپاسي وارين؛ ڪڇ، ٻڇ، ڪاٺياواڙ، جيسلمير، جوڌپور ۽ ڏکڻ هندستان جي علائقن ۾ به پهچايو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تقرير ۾ تازو ڪيل هندستان جي دوري جو ذڪر پڻ ڪيو ۽ چيائين ته سنڌي تهذيب جي اها سرهاڻ مون کي اتي به محسوس ٿي، ڇاڪاڻ ته مان جيتوڻيڪ سنڌ کي سوين سال وڇڙيل مٿين علائقن ۾ گهمي رهيو هو. پر مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ مان سنڌ کان سوين ميل پير نه، پر سنڌ جي ئي لاڙ واري حصي ۾ سير ڪري رهيو هوس. ماڻهن جي لباس، ماڻهن جو مزاج، ماڻهن جا گهر ۽ سڀ ساڳيا هئا.

ڊاڪٽر صاحب چيو ته مون کي حيراني ان وقت ٿي،  جنهن وقت تامل ٻوليءَ تي کوجنا ڪرائيندڙ اداري جي  منتظم سان ڳالهيون ڪندي مون کي سنڌي ۽ تامل ٻوليءَ جي وچ ۾ مد، ساخت ۽ سٽا  ۾ هڪجهڙائي ڏسڻ م آئي. ڊاڪٽر صاحب چيو ته تعجيب ان وقت ٿيم، جڏهن سنڌي جي باري ۾ تحقيق ڪندي منهنجا اخذ ڪيل نتيجا بلڪل اهي هئا، جيڪي تامل ٻوليءَ جي لاءِ اخذ ڪيا پيا وڃن.ڊاڪٽر صاحب چيو ته، شاهه صاحب اسان جي لاءِ بقا ۽ سڌي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ تيسين ڍال بڻيو رهندو، جيسين اسين سندس پيغام قائم ۽ دائم رکنداسين. انهي سلسلي ۾ شاگرد طبقي تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اچن ٿا ۽ ٻهراڙي وارن جي ڀيٽ ۾ شاهه جي شاعري وڌيڪ سهڻي نموني پڙهي  پروڙي سگهن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جي بامقصد تقرير کانپوءِ راڳ رنگ جي  محفل ٿي، جنهن ۾ محمد پياري عباسي، محمد اعظم لغاري، ميران بخش بدوي ۽ مسرور جوڻيجي پنهنجن سريلن آوازن ۾ شاهه جو ڪلام  ٻڌايو، جنهن سان محفل ۾ وڌيڪ مزو اچي ويو. ان کانپوءِ سڀني دوستن پنهنجو پاڻ ۾ هڪٻئي کي تعارف ڪرايو، آخري ۾  سنڌي ادبي سنگت طرفان آيل مهمانن جي مانُ ۾ چانهه پارٽي ڏني وئي ۽ اهڙي طرح هي محفل پڄاڻيءَ کي پهتي.

سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/04)

ڪراچي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي هفتيوار گڏجاڻي رمپا پلازه ۾ اداره امن ۽ انصاف جي آفيس ۾، مرتضيٰ سولنگي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ روشن لاشاري نظم، شفيع محمد مخفي چار سٽو، برڪت آزاد شعر، شاهه محمد پيرزادي نظم ۽ عابد مظهر ڪهاڻي تنقيد لاءِ پيش ڪئي.

سانگهڙ ۾ سنگت جي شاخن جون چونڊون، (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/04)

سانگهڙ (ن هه) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي علي نواز ڦل ۽ ضلع سانگهڙ جي رابطا سيڪريٽري عاجز منگي ضلعي جي مختلف شاخن جي عهديدارن ۽ ميمبرن سان گڏجاڻي ڪري کين شاخن جون سرگرميون وڌائڻ ۽ فيون پيارڻ جي هدايت ڪئي. هنن ضلع جي شاخن جي چونڊن لاءِ اليڪشن سب ڪميٽيون پڻ مقرر ڪيون. پروگرام موجب 9 مارچ تي ٻوٻي شاخ، 21 مارچ تي کپرو شاخ، 23 مارچ تي شهدادپور شاخ، 21 اپريل تي ٽنڊو آدم شاخ ۽ 22 اپريل تي سانگهڙ شاخ جون چونڊون ٿينديون.

سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/05)

سڪرنڊ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دستوري گڏجاڻي ناز سنائي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ فيض الله پيرزادي ٻه نظم، سڄڻ سنڌي بيت ۽ ٽيڙو، ماڻڪ ملاح بيت ۽ نظم ۽ خاڪي جويي نوٽ بوڪ جا ورڪ پڙهي ٻڌايا. جن تي موجوده دوستن تنقيد ڪئي، جيئن ته سنڌي ادبي سنگت جي نئين چونڊ ٿيڻ کانپوءِ ان کي وڌيڪ سرگرم بڻايو ويو آهي. ان ڪري هاڻي هتي اڱاري ڏينهن شام جو 4 بجي گڏجاڻي ڪئي ويندي.

سنڌي ادبي سنگت جهمپير جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/07)

جهمپير (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جهمپير جي گڏجاڻي ڏيوامل جي صدارت ۾ ٿي. لکڻين ۾ عباس گوپانگ جي غيرموجودگيءَ ۾ سندس هڪ نظم ۽ گيت تنقيد لاءِ پڙهيا ويا. رسول بخش درس ڊائري جا پنا پڙهيا، جڏهن ته حسن آٿو، فياض درس، سلطان گوپانگ، غلام نبي، شاهنواز، اڪرم گوپانگ، حڪيم گوبند، اعظم گوپانگ ۽ ٻين تنقيد ۾ حصو ورتو.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/07)

هڱورجا (پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ هڱورجا جي گڏجاڻي زير صدارت غلام حسين دايو جي ٿي گذري، جنهن ۾ اسماعيل  سکيم ڪهاڻي، نصير درد نظم، رفيق راهي غزل، اسلم آصف تاثر ۽ ستار ميمڻ آزاد نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو، جن تي مٿين کان علاوه غفار ميمڻ، منظور چنه، ۽ مسعود احمد تنقيدي رايا ڏنا.

سنگت سکر جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/11)

سکر (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سکر شاخ جي گڏجاڻي غلام مصطفيٰ لاڙڪ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ رحيمداد راهي ”بيت ۽ ٻاراڻا ٻول“ اعجاز منگي نظم، نواز سومرو آزاد نظم، ۽ شبير بيدار ڪهاڻي ”ساهه سڏڪا سڏڪا“ تنقيد لاءِ پيش ڪئي. تنقيد ڪندڙن ۾ ماڻڪ کوسو، غلام مصطفيٰ لاڙڪ، ضياءَ ڀٽي، آصف بروهي، عبدالعزيز جوڻيجو، شوڪت خواجهائي ۽ ٻيا شامل هئا.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/03/07)

ڪوئيٽا(پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪوئٽا جي گڏجاڻي اختر ڪاڪيپوٽي جي صدارت ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ آغا سعيد نظم ۽ شارٽ اسٽوري، باري منگي ٽيڙو ۽ غزل ۽ قيس ابڙي نظم پڙهيو. تنقيد ۾ اسد پٺاڻ، امتياز سومري، ۽ غلام سرور حصوورتو.

عهديدار چونڊيا ويا، (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/11)

شڪارپور (پ ر) سنڌي ادبي سنگت رستم شاخ جون سال 1984ع لاءِ چونڊون ٿي گذريون، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا: سيڪريٽري محمد شريف شاد سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري لعل محمد لعل انصاري، خزانچي علي گوهر سنڌي سومرو ۽ آڊيٽر شاهنواز ايس مهر. ان کانسواءِ ڇهن ڄڻن کي ڪاروباري ڪميٽي تي ميمبر چونڊيو ويو.

سنڌي ادبي سنگت شاخ اسلام آباد جي پڌرائي (روزاني هلال پاڪستان 1984/03/14)

اسلام آباد( پ ر) سنڌي ادبي لائبريري جي انچارج محمد خان ڪاڇيلي پڌرو ڪيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت شاخ اسلام آباد جي سيڪريٽري جا فرائض قربان بلوچ جي حوالي ڪيا ويا  آهن. جيڪي اڳ حاجي خان ڪيريو سنڀاليندو هو. حاجي خان ڪيريو ڊاڪٽوريٽ (پي ايڇ ڊي) ڪرڻ واسطي نيوزيلينڊ روانو ٿي چڪو آهي. گڏوگڏ اهو به پڌرو ڪجي ٿو ته سنڌي ادبي لائبريري کي نئين هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن جي ائڊريس سنڌي ادبي لائبريري بلاڪ نمبر 14 سي، فليٽ نمبر 13 سي، جي 9/4 اسلام آباد آهي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/03/17)

ٽنڊو ڄام (پ ر) سنڌي ادبي سنگت زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊو ڄام جي دستوري گڏجاڻي ناز سهتي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ منور ميمڻ ٽيڙو، مٺل جسڪاڻي آزاد نظم، منظور مگسي آزاد نظم، ناز سهتي نثراڻو نظم ۽ مصطفيٰ نانگرام ڪهاڻي پڙهي، جن تي پڙهندڙن کان سواءِ گلزار احمد بدرالدين ڀٽي ۽ منٺار علي تنقيد ڪئي.

سنڌي ادبي سنگت جون نيون چونڊون، (روزاني آفتاب 1984/03/18)

حسين آباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت حسين آباد وليج جون نيون چونڊون تازو هتي ٿي گذريون، جنهن ۾ يڪراءِ فيصلي سان هيٺيان عهديدار منتخب ٿيا. سيڪريٽري بهادر لانگاهه، جوائنٽ سيڪريٽري اڪبر جسڪاڻي، آڊيٽر بخش علي لانگاهه ۽ خزانچي فدا حسين لانگاهه منتخب ٿيا.

ادبي ڪچهري، (روزاني آفتاب 1984/03/18)

جيڪب آباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي دستوري ڪچهري ڊاڪٽر غلام محمد چنه جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ڊاڪٽر واحد بخش لغاري، داد محمد، خادم بروهي ۽ يونس مهر ترتيبوار ڪهاڻي، غزل ۽ گيت پيش ڪيا. جڏهن ته پڙهندڙن کان علاوه ڊاڪٽر ڌرمپال، ڊاڪٽر غلام محمد چنه، اميد علي لغاري، محترم لاشاري، علي ميمڻ، سڪندر کوسو، پريل شيخ، محمد بخش سومرو، خدا بخش ناشاد ۽ اسحاق شيخ جن تنقيد ۾ حصو ورتو.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني ناظم 1984/03/22)

سڪرنڊ، (نمائنده ناظم) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي گڏجاڻي زير صدارت حيدر جويي جي ٿي گذري، جنهن ۾ خاڪي جويو بيت، وسيم سومري غزل، مير محمد پيرزادي ڪهاڻي، وفا گل مضمون، ماڻڪ ملاح نظم تنقيد لاءِ پيش ڪئي، جن تي سارنگ عبدالحڪيم، ارشد، ستار رند، مٺل ملاح، مولا بخش ٻرڙي، گلاب لاکي، فيض الله پير تنقيد ۾ حصو ورتو. آخر ۾ اطلاع ڏنو ويو ته هي گڏجاڻي هر هفتي اڱاري ڏينهن شام جو 4 بجي ڪئي ويندي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/03/26)

 ڄامشورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز يونٽ ڄامشورو جي هفتيوار گڏجاڻي زير صدارت اسحاق انصاري جي ٿي گذري.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/03/26)

شاهپور جهانيان (پ ر) سنڌي ادبي سنگت حسين آباد وليج جي دستوري ادبي گڏجاڻي اسلم لغاري جي زير صدارت ٿي گذري. جنهن ۾ بهادر لانگاهه، فدا حسين لانگاهه، اظهار جتوئي ۽ اسلم لغاري پنهنجون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪيون، جنهن تي قاسم لانگاهه، بخشل لانگاهه، وزير جسڪاڻي، اڪبر جسڪاڻي ۽ ٻين پنهنجا تنقيدي ۽ تعريفي رايا ڏنا. آخر ۾ صحافي ۽ اديب سومار علي سومري جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/03/30)

ڪوٽڙي(پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي ادبي گڏجاڻي مشهور اديب هدايت منگي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويي پڻ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي جي شروعات ادبي سنگت ڪوٽڙي جي سيڪريٽري غلام قادر گل ملاح شاهه لطيف جي بيت سان ڪئي. جنهن بعد هيٺين دوستن پنهنجون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪيون. غلام قادر گل ملاح ترجمو، عارب کوسو غزل، ستار بادل ڪهاڻي، سرور نواز ٻگهيو ٽيڙو، هاشم شورو ڪهاڻي، عبدانصاري نظم، ناز سهتو ڪالم ۽ دين محمد اڪرم غزل. تنقيد ۾ ٻين کانسواءِ تاج جويي، امير ملاح، نندلال مالهي، غلام رسول غرق،  عبدالرزاق حصو ورتو. آخر ۾ گڏجاڻي جي صدر هدايت منگي هائيڪا ۽ ترائيل ٻڌايا.

سنڌالاجي کي سنڌ يونيورسٽي جي حوالي رهڻ ڏنو وڃي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جو مطالبو، (روزاني آفتاب 1984/03/30)

قاضي احمد (ن آ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو جنرل سيڪريٽري تاج جويو ۽ ادي سنگت جي16 مختلف شاخن جي ميمبرن ۽ ٻين سمورن مرڪزي عهديدارن هڪ گڏيل بيان ۾ وفاقي وزير تعليم جي هن بيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، تنهن موجب سنڌالاجي کي خودمختيار ادارو بڻائي وفاقي حڪومت جي تحويل ۾ ورتو ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي جو پنهنجو ادارو آهي، ان کي سنڌ جي ماڻهن رت ست ڏئي ٺاهيو آهي ۽ ان جي مرڪز ۾ شامل ٿيڻ سان وڌيڪ شڪ شبها وڌندا ۽ سنڌ ۾ محرومي جو احساس به وڌي ويندو، جيڪو فيصلو هڪدم واپس ورتو وڃي.

سنڌالاجي کي وفاقي سرڪار جي تحويل ۾ نه ورتو وڃي، سنڌ جي 82 اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن جو مطالبو، (روزاني آفتاب 1984/03/30)

 حيدرآباد (سٽي رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن، سنڌي ادبي سنگت جي 102 شاخن جي ميمبرن ۽ سنڌ جي 82 سڄاڻ ليکڪن ۽ دانشورن هڪ گڏيل بيان ۾ ان فيصلي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن موجب سنڌ جي مشهور ادبي ۽ ثقافتي اداري سنڌالاجي کي خودمختيار حيثيت ڏئي مرڪز جي تحويل ۾ ورتو پيو وڃي. هنن پنهنجي بيان ۾مرڪزي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته انهي فيصلي ي رد ڪري ان کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماتحت رکيو وڃي. بيان تي صحيح ڪندڙن ۾ شمشير الحيدري، محمد ابراهيم جويو، تاج جويو، ادل سومرو، استاد بخاري، تاج صحرائي، فقير محمد لاشاري، سرڪش سنڌي، پروفيسر گل حسن ٻرڙو، اڪرم منصور، ناز سهتو، اطهر منگي، شمس سومرو، راشد مورائي، خاڪي جويو، علي نواز ڦل، ولي رام ولڀ، غلام قادر، گل ملاح، امير ٿيٻو ۽ ٻيا شامل آهن.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، سنڌالاجي جي آڙ ۾ جيڪي ذاتي حملا ڪيا پيا وڃن، سي قابل مذمت آهن (عارباڻي ۽ الانا)، (روزاني آفتاب 1984/03/30)

حيدرآباد (پ ر) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاهنواز عارباڻي هڪ گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هڪ قومي ادارو آهي. هن اداري کي موجوده منزل تائين پهچائڻ ۾ سنڌ جي عوام، سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي گهڻگهرن جو وڏو هٿ رهيو آهي. ان ڪري هي ادارو سندن ئي ملڪيت آهي ۽ هو ان اداري جي باري ۾ راءِ ڏيڻ جو حق رکن ٿام ۽ سندن راءِ اسان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. پر راءِ ڏيڻ کان اڳ  انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي بهترين ڪارڪردگي جو مرڪز قرار ڏيڻ جي سلسلي ۾ پوري مسئلي جي سڀني پهلوئن جي ڇنڊڇاڻ جي ۽ نيڪ نيتيجي ضرورت آهي ته ان سلسلي ۾ هيستائين ڇا ٿي چڪو آهي ۽ ڇا ٿيڻ گهرجي. تاريخ 26 فيبروري 1984ع تي جڏهن محترم ڊاڪٽر محمد افضل مرڪزي وزير تعليم انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي اعليٰ ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي ان کي بهترين ڪارڪردگي جو مرڪز قرار ڏنو. سندس انهيءَ اعلان ي خوش آئند اعلان سمجهي هال ۾ ويٺل سڀني اديبن، دانشورن ۽ سنڌ يونيورسٽي جي استادن اٿي بيهي تاڙيون وڄائي خيرمقدم ڪيو. اخبارن م ايڊيٽوريل لکي ان قدم کي ساراهيو. اسان ان وقت خاموش رهياسين ۽ پوءِ يڪايڪ انهن ساڳين ماڻهن ڪجهه ڏينهن اندر اعلان جي مخالفت شروع ڪري ڏني ته ان وقت به اسان خاموش رهياسين. هالانڪه اها ڳالهه اڇا تائين صرف اعلانن تائين محدود آهي ۽ ان سلسلي م ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي ۽ نه ئي وري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ کي اسلام آباد نيو ويو آهي، يا حوالي ڪرڻ جو ڪنهن جو ارادو آهي. اسان کي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪجهه دوستن يونيورسٽي انتظاميا ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي انتظاميا کان حقيقت حال معلوم ڪرڻ بناپنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي اداري سان متعلقه شخصيتن تي جيڪي ذاتي حملا پڻ ڪيا ويا آهن، سي مذمت جوڳا آهن ۽ ائين ڪري سنڌ جي عوام جي ذهنن ۾ اجايو مونجهارو پيدا ڪيو ويو آهي ۽ خوامخواه جذباتي صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪجهه ڌرين وري دل جي پوري خلوص سان انسٽيٽِيوٽ آف سنڌالاجي جي گهڻگهرائي جي جذبي تحت سوچڻ سمجهڻ کانپوءِ راءِ ڏني آهي. اهڙي قسم جي راءِ جي اسان وٽ عزت آهي. هي ادارو انهي جو ئي آهي، جن هڙئون ۽ وڙئون هن اداري جي مدد ڪئي آهي ۽ ان جي باري ۾ خلوص سان سوچيو آهي ۽ وقت بوقت اداري سان ساٿ ڏنو آهي. اها ڳالهه يقيني آهي ته جيڪي ڪجهه ٿيندو سو سندن ئي مرض مطابق ٿيندي. هن اداري کي ٺاهي هن منزل تي پهچائڻ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڪارڪنن جو هٿ رهيو آهي. اهي ڪارڪن جيڪي اڳ ۾ هن اداري ۾ هئا، ۽ اهي ڪارڪن جيڪي هن وقت هن اداري ۾ ڪم ڪن ٿا. انهن سڀني جي محنت تي پاڻي ڦيري مٿن اجايا ذاتي الزام مڙهڻ وڏي بي انصافي آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هڪ قومي ادارو آهي ۽ اسان جو ان سان گهرو تعلق آهي. هي ادارو اسان جي ئي هٿن ۾ پليو آهي ۽ هن وقت به اسان ئي هن اداري لاءِ ذميوار آهيون. اسان پنهنجي انهن حيثيتن سان اداري جي گهڻگهرن کي ۽ سنڌ جي عوام کي يقين ٿا ڏياريون ته هن اداري جي مفاد کان وڌيڪ اسان کي ڪوبه مفاد عزيز نه آهي. جڏهن اداري جي سالميت ۽ مفادات جي خلاف ڪوبه فيصلو ٿيو ته اسان ان جي مخالفت ڪنداسون. اميد اٿئون ته هن يقين دهاني کانپوءِ هن بحث مباحثي، لفظن جي غلط وضاحت  بيان بازي ۽ ذاتي حملن جو خاتمو اچي ويندو.

علامه قاضي جي ورسي پوري سنڌ ۾ ملهائي وڃي، (روزاني آفتاب 1984/03/31)

حيدرآباد ( سٽي رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويي پنهنجي هڪ پريس بيان ۾ سنگت جي 106 ئي شاخن کي هدايت ڪئي آهي ته 13 اپرلي تي سڌ جي برک عالم ۽ دانشور علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي ملهائين.

ادبي سنگت چڪ جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/04/04)

چڪ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي چڪ جي ادبي گڏجاڻي عبدالقدوس مهر جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ رحيمداد راهي ۽ سومري فرد آزاد نظم، آزاد بخاري ڪهاڻي ۽ وائي ۽ نظير رمزه رباعي تنقيد لاءِ پيش ڪئي. تنقيد ۾ عبدالجبار مهر، ٻالچند  اسيراڻي، شير محمد عاجز، عبدالقدوس مهر، امان الله منگي، رشيد احمد سومرو، هارون چنو ۽ شوڪت سيٺار تنقيد ۾ حصو ورتو.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/04/06)

سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شهر جي گڏجاڻي ايندڙ نائين اپريل تي سومر ڏينهن شام پنجين وڳي رکي وئي آهي، جنهن ۾ ميمبرن ۽ اديبن کي شرڪت عام جو سڏ ڏنو ويو آهي.

 سنگت سکر جي ادبي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/04/07)

سکر (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سکر پاران سچل سرمست جي ياد ۾ هڪ ادبي گڏجاڻي مشهور اديب رشيد ڀٽي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن  جو خاص مهمان پروفيسر شير محمد بلوچ هو. هن موقعي تي نوجوان اديب شبير بيدار ڀٽو “سچل سارو سچ” جي عنوان سان مقالو پڙهيو.

خاڪي جويو سان ادبي شام، (روزاني آفتاب 1984/04/07)

حيدرآباد ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر طرفان سنڌ جي مشهور ترقي پسند شاعر خاڪي جويي سان 20 اپريل تي شام جو پنجين وڳي ضلعي ڪائونسل هال لوڪلبورڊ سکر ۾ هڪ ادبي شام ملهائي پئي وڃي، جنهن جي صدارت مشهور شاعر فتاح ملڪ ڪندو. تقريب ۾ سنڌ جا سڄاڻ ليکڪ  خاڪي جويي جي شاعري ۽ شخصيت تي مقالا پڙهندا. بعد ۾ مشاعري جي محفل ٿيندي، جنهن ۾ استاد خادم سنڌي صدر ۽ رسول ميمڻ مک مهمان هوندا.

الحاق لاءِ رابطي ۾ اچو، (روزاني آفتاب 1984/04/07)

حيدرآباد ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري هڪ بيان ۾ س ا س حيدرآباد راڄوخاناڻي ۽ ان قسم جي  ڪجهه ٻين سنگت طرفان وقت به وقت اخبار ۾ ڇپجندڙ بيانن سان تعلقي ڏيکاريندي مذڪوره غيرقانوني شاخن کي نوٽيس ڏنو آهي ته اهي جيستائين مرڪز کان الحاق حاصل ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ نه ٿيون اچن، تيستائين اهي ادبي سنگت جو نالو استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن.

سنگت جيڪب آباد جي گڏجاڻي جا فيصلا، (روزاني هلال پاڪستان 1984/04/09)

جيڪب آباد (پ ر) تازو هتي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي سڪندر جمالي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن جي ڪارروائي سنگت جي سيڪريٽري داد محمد خادم شاهه لطيف جي بيتن سان شروع ڪئي ۽ فتاح عابد غزل، يوسف مهر آزاد نظم، داد محمد خادم غزل، ڊاڪٽر ڌرمپال مضمون، خدا بخش ناشاد ڪهاڻي ۽ حسين بخش ملغاڻي جن “پراڻيون يادگيريون” تنقيد لاءِ پيش ڪيون ۽ پڙهندڙن کان علاوه سڪندر جمالي، سڪندر کوسي، مختيار احمد ڇلگري ۽ محمد بخش سومري تنقيد ۾ حصو ورتو. آخر ۾ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا. 1- چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جيڪب آباد کي اپيل ڪئي وئي ته اديبن، شاعرن ۽ صحافين جو معاوضو بند ڪيو وڃي. 2- اپريل مهيني ۾ ڪنهن مشهور و معروف اديب سان شام ملهائي وڃي. 3- اپريل تي افسانن جي خاص نشست ڪئي وڃي.

سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/04/10)

رستم (ضلعو شڪارپور) تازو سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم جي گڏجاڻي شاهه عبداللطيف لائبريري جي زير صدارت عبدالمنان عاجز مهر جي ٿي گذري، جنهن ۾ علي گوهر سنڌي سومرو نظم، محمد شريف شاد سومرو تاريخي مضمون “رستم جي قديم درسگاهه” پڙهي ٻڌايو. انهن لکڻين تي منظور احمد سيٺار، مير احمد ايم مهر، مستري الهڏنو دايو، لياقت علي مهر، رانا غلام علي منگي، نظر محمد ڪاڪا مهر، حبيب الله سلطاني مهر، ۽ لعل محمد لعل انصاري تنقيد ڪئي. آخر ۾ مجلس جي صدر پنهنجو آزاد نظم ٻڌايو.

سنگت ڪراچي پاران انور سان رهاڻ، (روزاني هلال پاڪستان 1984/04/14)

 ڪراچي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪراچي گذريل شام تي سنگت ڪراچي جي  اڳوڻي سيڪريٽري ۽ اديب انور پيرزادي سان رهاڻ ڪئي ۽ کيس آجياڻو ڏنو. هن موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ۽ سماجي ڪردار ۽ سماج ڏانهن ان جي ذميوارين ۽ حيثيت تي سوالن جوابن جي صورت ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ۽ سنڌي ادب جي نون فڪري لاڙن تي بحث ٿيو. بعد ۾ سڀني اديبن رمپا پلازه جي ڇت واري ريسٽارنٽ تي چانهه پيتي ۽ غير رسمي ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. هن پروگرام ۾ جناب نور الدين سرڪي، رئوف نظاماڻي، جاويد ڀٽو، الطاف، ستار، شاهه محمد پيرزادي، تاجل بيوس، روشن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پروگرام جي ڪارروائي يونٽ سيڪريٽري فقير محمد لاشاري هلائي.

سراج الحق ادب تي ليڪچر ڏيندو، (روزاني هلال پاڪستان 1984/04/17)

 ڪراچي،(پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪراچي پاران هن مهيني جي 19 تاريخ ايندڙ خميس ڏينهن سنڌي ادب جي مختلف فڪري ۽ هيئتي پهلوئن تي ليڪچر ڪرائڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. سنگت جي پڌرائي موجب هي ليڪچر جناب سراج الحق ميمڻ ڏيندو. ليڪچر ۾ سوالن جوابن جو سلسلو رکيو ويو آهي. هي پروگرام شام پنجين وڳي رمپا پلازه جي ٽئين ماڙ تي 15 نمبر ڪمري ۾ ٿيندو. سنڌي ادبي سنگت، ادب دوستن کي شرڪت جي ڪانڍ ڏني آهي.

ڪلاسيڪي سنڌي ادب واٽ لاٽ جو ڪم ڏئي ٿو، احساس جو مٿانهون درجو اديب کي مٿڀرو ڪري ٿو: سراج، (روزاني هلال 1986/04/21)

ڪراچي ( پ ر) احساس جو مٿانهون درجو ادب کي مٿڀرو ڪري ٿو، جنهن ذريعي هو قوم جي احساس کي تيز ڪري ان ۾ جيئڻ جي سگهه ۽ حوصلو پيدا ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار جناب سراج الحق ميمڻ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي پاران ادب تي ڪرايل ليڪچر ۾ ڪيو. هن چيو ته جڏهن اديب پنهنجي ان منصبي فرض کي سمجهيو سگهيو آهي، تڏهن هو پنهنجي قوم کي اڳتي وٺي ويو آهي ۽ فرانس جي انقلاب جو گهڻو آڌار جاڳرتا جي دور وارن اديبن تي هو. سراج صاحب چيو ته جڏهن ڪنهن سماج ۾ قدرن ۽ علامتن جي ڀڃ ڊاهه شروع ٿيندي آهي، تڏهن اهو سماج ٽٽي پوندو آهي، ۽ نئين صورتحال لاءِ ادب اڳواٽ ئي هڪڙي راهه ٺاهيندو آهي. ادب مان ڦٽي نڪرندڙ لاڙا سياست، هنر، فن ۽ ٻين عملن ۾ گڏيل عمل سان قوم ٺهندي آهي. هن چيو ته ترقي پسند سنڌي ادب جي شروعات فخر ڪرڻ جهڙي آهي، پر ويجهن سالن ۾ حالتن جي تبديلي سبب سنڌي اديب حالتن ۽ ڳالهين کي پٽي طرح نه ڏسي سگهڻ ڪري پنهنجي منصبي فرض جون گهرجون پوريون نه ڪري سگهيو آهي. هن چيو ته سنڌي جو ڪلاسيڪي ادب ايڏو شاهوڪار آهي جو سنڌي اديب ان تي مڪمل ڌيان ڏئي ۽ ان کي سمجهي ته پنهنجي ادبي واٽ جو نبيرو ڪرڻ ۾ کيس اوکائي نه ٿيندي.هي ليڪچر سڄو سوالن جوابن ۾ هليو. سنگت ڪراچي جي سيڪريٽري فقير محمد لاشاري ڪارروائي هلائي.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1984/04/21)

جيڪب آباد (پ ر) تازو گدائي لائبريري ۾ سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جي ڪهاڻين جي خصوصي نشست غلام نبي صابر جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ يونس مهر، س ب کوسو، اسحاق شيخ، غلام نبي صابر، پنهنجون تازيون ڪهاڻيون پڙهيون. جن تي الطاف گوهر، عنايت الله سهيل، حسين بخش ملگاڻي، اميد علي لغاري، محرم لاشاري، هيرانند، ڪنيالال، رميش لعل، ڊاڪٽر واحد بخش، فتاح عابد ۽ داد محمد، خادم بروهي تنقيد ۾ حصو ورتو.

سنگت جون چونڊون، (روزاني هلال پاڪستان 1984/04/22)

سنڌي ادبي سنگت ٻوٻي شاخ جي چونڊ عاشق سولنگي جي نگراني ۾ ٿي، جنهن ۾ 1984ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريتري ٿانور داس، جوائنٽ سيڪريتري عباس شر، خزانچي رضا ڏاهري ۽ آڊيٽر محمد علي نهڙيو، جڏهن ته ڪاروباري ڪميٽ تي سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي کان سواءِ بچل سولنگي ۽ ارباب علي مهر کي کنيو ويو.

سنگت ڪراچي جون چونڊون، (روزاني هلال پاڪستان 1984/04/26)

ڪراچي (هلال رپورٽ)  سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جون ساليانيون چونڊون سڀاڻي خميس ڏينهن شام جو پنجين وڳي رمپا پلازه جي ٽئين ماڙ تي ڪمري نمبر 15 ۾ ٿينديون. سنگت جي ميمبرشپ ساڍي پنجين وڳي تائين حاصل ۽ نئين ڪرائي سگهجي ٿي. سنگت سان دلچسپي رکندڙ سمورن اديبن کي شرڪت جي ڪوٺ ڏني وئي آهي.

عالمي انساني دوستي وارن قدرن کي هٿي ڏني وڃي، اديب سوچ سماج ڏانهن سائنسي انداز واري هئڻ گهرجي: خاڪي جويي سان ملهايل شام ۾ اظهار، (روزاني آفتاب 1984/04/26)

سکر ( آفتاب نيوز) اديب جي سوچ سماج جي مختلف رجحان ڏانهن جيتري وڌيڪ سائنسي انداز واري هوندي اوترو ئي گڏيل انساني قدرن لاءِ وڌيڪ فائديمند هوندي. ان ڪري اديب کي پنهنجي سماج ڏانهن مڪمل طور ذميوار هئڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي مشهور ترقي پسند شاعر خاڪي جويي ساڻس ملهايل اديب شام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اها شام ساڻس سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر طرفان ملهائي وئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته اديب کي عالمي انسان دوستي وارن قدرن کي هٿي ڏيڻ گهرجي. ان موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي پروفيسر شير محمد بلوچ چيو ته جيڪڏهن ڪوبه اديب ساڃهه جو پيغام ماڻهن  تائين نٿو پهچائي ته اهو قوم، سماج ۽ ادب جو غدار آهي. ان موقعي تي خاڪي جي شاعري ۽ فڪر تي محمد شفيع، شاد سومري، اياز لطيف، شبير  بيدار ڀٽي، الطاف مگسي، آزاد بخاري، ناز سهتي ۽ تاج جويي مقالاپڙهيا. ان مشاعري جي محفل جي صدارت خادم سنڌي ڪئي ۽ مک مهمان ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ هيو.

سنڌ سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميڙ 4 مئي تي دادو ۾ ٿيندو، (روزاني آفتاب 1984/04/26)

حيدرآباد (پ ر) سنڌ سنگت جي سيڪريٽري جنرل هڪ پريس پڌرائي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سمورين شاخن لاءِ پڌرو ڪيو آهي ته سنڌ سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميڙ 4 مئي 1984ع تي صبح جو 11 وڳي دادو شهر ۾ ٿيندو، ڪاروباري ڪميٽي جي ميمبرن کي مقرر وقت اندر بس اسٽينڊ دادو تي پهچي وڃڻ گهرجي. گڏجاڻي جي ايجنڊا تي سيڪريٽري جنرل، خزانچي ۽ شاخن جون رپورٽون ۽ نين شاخن جو الحاق، غير سرگرم شاخن بابت سوچ ويچار، فنڊ، پبليڪيشن، ادبي ليڪچر گهرائڻ جا نقطا رکيا ويا آهن.

سنڌ سنگت جي مرڪزي پبليڪيشن فنڊ ۾ پئسا موڪليندڙ شاخن جا ٿورا، (روزاني آفتاب 1984/04/27)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي خزانچي علي نواز ڦل پنهنجي بيان ذريعي سنگت جي شهدادپور، شاهپور چاڪر، ٻوٻي،  سانگهڙ ۽ نواب شاهه شاخن جا ٿورا مڃيا آهن، جن مرڪزي پبليڪيشن لاءِ پنجاهه پنجاهه رپيا ڏياري موڪليا آهن. هن سنگت جي سڀني شاخن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي مٿين شاخن وانگر مرڪزي پبليڪيشن فنڊ واسطي في شاخ 50 رپين جي حساب سان رقم موڪلين. گڏوگڏ مرڪزي فنڊن جون بقايائون پڻ 4 مئي 1984ع تي ڪاروباري ڪميٽي جي دادو واري اجلاس ۾ روبرو کڻي اچن.

گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/04/27)

سڪرنڊ ( سومرو ن-آ) سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جي دستوري گڏجاڻي ڊاڪٽر مشتاق سومري جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ خاڪي جويي مقالو، مير محمد پيرزادي شعر، ماڻڪ ملاح شعر پڙهيو. تنقيد ۾ مير محمد پيرزادي مشتاق سومري، سيد منير شاهه ۽ ٻين حصو ورتو.

نوان عهديدار، (روزاني آفتاب 1984/04/27)

شهدادپور (ن آ) تازو هتي سنڌي ادبي سنگت جون نئين سال لاءِ چونڊون مرڪزي خزانچي علي نواز ڦل، آرگنائيزر محمد الياس ابڙو ۽ عاشق سولنگي جي نگراني ۾ ٿي گذريون، جنهن ۾ اتفاق راءِ سان هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري قادر بخش جمالي جوائنٽ سيڪريٽري عبدالله ابڙو خزانچي، نٿو مل آزاد آڊيٽر، محمد سليمان ابڙو. ان کانسواءِ ورڪنگ ڪميٽي تي محمد الياس ابڙو ۽ عنايت الله سمون کي کنيو ويو.

دادو مورو پل جو نالو شهيد مخدوم بلاول رکيو وڃي: ادبي سنگت شاخ رسول آباد جو مطالبو، (روزاني آفتاب 1984/04/27)

رسول آباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ رسول آباد جي گڏجاڻي زير صدارت حيات تبسم جي ٿي گذري، جنهن ۾ حيات تبسم قومي گيت، عثمان نعيم چئوسٽو شمس الدين ميمڻ تاريخ جا ورق، محمد موسيٰ فهيم ڪهاڻي پڙهي. تنقيد ۾ مٿين کان سواءِ محمد امين، محمد موسيٰ خاناڻي، محمد عيسيٰ، عبدالمجيد، نصر الله ۽ محمد اسلم حصو ورتو. آخر ۾ هڪ ٺهراءَ بحال ڪري حڪومت کان گهر ڪئي ويئي ته دادو مورو پل جو نالو شهيد مخدوم بلاول پل رکيو وڃي.

ڀٽائي سياسي ساڃهه جو وڏو اهڃاڻ آهي، هن وقت جي حاڪمن سان مقابلو ڪيو هو: شمشير(روزاني هلال 1984/04/29)

حيدرآباد: شاهه لطيف، ماضي، حال ۽ مستقبل ۾  سياسي ساڃهه جو وڏو روشن اهڃاڻ آهي، جنهن وقت جي حاڪمن سان هر محاذ تي مقابلو ڪيو. اها ڳالهه برک شاعر، اديب،  ۽ صحافي شمشير الحيدري سنڌي ادبي سنگت خيرپور پاران ”سماج ۾ اديب جو ڪردار“ واري موضوع تي ليڪچر ڏيندي چئي. هن چيو ته ڪلهوڙن جو دور سنڌ جي تاريخ  جو بدترين دور هو، جنهن ۾ ملاعيت عروج کي پهتي. قاضين جي فتويٰ تي ماڻهن کي ماريو ويو ۽ سنڌ جون سرحدون متاثر ٿيون. ان وقت جا اهڙين حالتن ۾ سياسي ذهن چپ ڪري ويهي رهيا، پر ڀٽائي ماٺ نه رهيو ۽ هن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ سفر ڪري، ماڻهن ۾  جاڳرتا پيدا ڪئي. هن چيو ته ڀٽائي کي اُمي ۽ غيرسياسي سڏڻ وارا ماڻهو جاهل آهن. هن چيو ته ڀٽائي سماج ۾ شاعر جي حيثيت سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو مڙني شاعرن کي ان ڪسوٽي تي هلڻ لاءِ سڏ آهي ۽ جيڪو اديب ۽ شاعر اهڙي دائري ۾ نٿو اچي، سو نه اديب آهي ۽ نه شاعر. هن چيو ته سماجي تبديلي ۾ اديب پاڻ کي آجو نٿو رکي سگهي ۽ ذهني انقلاب لاءِ شاعر ۽ اديب کانسواءِ ٻيو ڪوبه ماڻهو وڌيڪ ڪم نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ ۾ شاعرن توڙي اديبن ذهني سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کان اڳ، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ مختيار ملڪ شمشير الحيدري جو تفصيلي تعارف ڪرايو. جنهن بعد شاعري ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، پروفيسر خادم سنڌي، مختيار ملڪ، شوڪت بخاري، سوز بلوچ، منير سولنگي، عباس ڀنڀري ۽ شمشير پنهنجا شعر ٻڌايا. گڏجاڻي جي ڪارروائي غلام قادر ميراڻي هلائي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/04/29)

ٽنڊو الهيار (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊو ڄام جي گڏجاڻي آصف مٺياڻوي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ منور ميمڻ وائي، ناز سهتي مقالو ۽ آصف مٺياڻوي غزل پيش ڪيا. لکڻين تي پڙهندڙن کانسواءِ محمد عرس چنڙ ۽ مصطفيٰ نانگراج تنقيد ڪئي. آخري ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گڏجاڻي هر جمعي تي شام جو پنجين وڳي باقاعدگي سان ٿيندي رهندي.

نوان عهديدار، (روزاني آفتاب 1984/04/29)

بوزدار وڏا (ن آفتاب) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاهه عبداللطيف ڪئمپس خيرپور برانچ جون چونڊون مختيار ملڪ جي نگراني ۾ ٿي گذريون. جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري لطيف ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري محمد علي سهتو، اعجاز ابڙو ۽ سنڌ ڪائونسل لاءِ ڪاظم علي شاهه، شفقت رند ۽ علي حسن عباسي چونڊيا ويا.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/05/18)

ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي  گڏجاڻي حفيظ قريشي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، ڪارروائي سنگت جي سيڪريٽري نظام ڀاڳت هلائي. جنهن ۾ حليم باغي غزل، مشتاق ميمڻ افسانو، رشيد سومرو وائي، امان راهي مضمون، غضنفر سومرو غزل، نندلال ٽيڙو ۽ صدر محفل حفيظ قريشي غزل پيش ڪئي. جنهن تي مٿين کانسواءِ نظام ڀاڳت، اسحاق انصاري، حق نواز عباسي، ننگر سومرو، منظور عقيلي، رياض ميمڻ ۽ آتش سنڌي ٽيڪاٽپڻي ڪئي.

سنڌي ميڊيم ختم ڪرڻ تي سخت احتجاج: سنڌي ٻارن کي مادري زبان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ  کان محروم رکڻ جي سازش، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، (روزاني آفتاب 1984/05/20)

سنڌي ادبي سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي جو ٽماهي ميڙ 4 مئي 1984ع تي شاهه آباد دادو ۾ مشهور شاعر ارشاد ساگر جي صدارت ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ 23 شاخن جي نمائندن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري جنرل مرڪزي خزانچي۽  شاخن جي ٽماهي رپورٽن بعد متفقه طور هيٺيان فيصلا ڪيا ويا. 1- ٽماهي خرچ جو تفصيل ٻڌي منظور ڪيو ويو. 2- س ا س لطيف ڪئمپس خيرپور ميرس ۽ شاهپور جهانيان جي نين شاخن جو الحاق منظور ڪيو ويو. 3- ڪوڪئيٽا ۽ ابڙان شاخن کي عارضي سرگرمين جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي. 4- مختلف ميمبرن کي مختلف ضلعن ۾ شاخن ۽ سرندي وارن کان  مرڪزي پبليڪيشن فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. 5- نواب شاهه ۽ خيرپور ميرس ضلعن ۾ س ا سج جي شاخن جي سال 1984ع جي چونڊ ڪرائڻ لاءِ ترتيبوار سڄڻ سنڌي ۽ رکيل مورائي نواب شاهه ۽ غلام محمد غازي ۽ اعجاز ابڙي کي خيرپور لاءِ اختيار ڏنا ويا. 6- دادو شهر جي پراڻي شاخ لاءِ طئه ٿيو ته جڏهن اها ٽن مهينن اندر سرگرم نه ٿي ته ان کي شاهه آباد دادو شاخ ۾ ضم ڪيو ويندو. 7- حيدرآباد شاخ جي موجوده باڊي ٽوڙي نئين سر چونڊون ڪرائڻ ۽ ميمبرن سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ محترم علي نواز ڦل، شمشير الحيدري، وليرام ولڀ کي مڪمل اختيار ڏنا ويا. سندن فيصلو آخري ڪيو ويندو. 8- ضلع بدين ۽ ٺٽي جي شاخن کي سرگرم ڪرڻ لاءِ رسول بخش درس، ارشاد ساگر، محمد هاشم منظور، محمد خان ڏيپلائي،نٿو موراڻي ۽ امين ٿيٻي تي مشتمل ڇهه رڪني ڪميٽي مقرر ڪئي وئي. شاخن جي الحاق، رد يا بحال ڪرڻ بابت سندن رپورٽ ۽ فيصلو آخري هوندو. اهڙي طرح ٿرپارڪر ضلع ۾ نند لال مالهي کي مقرر ڪيو ويو. 9- آگسٽ مهيني ۾ سنڌي سنگت جي سالياني ڪنوينشن ۽ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي انتظامن، طريقيڪار ۽ سٽاءَ جي ترتيب لاءِ محترم محمد ابراهيم ٻگهيو، شمشير الحيدري، تاجويي ۽ هدايت منگي تي مشتملڪ ڪاميٽي جي آخر ۾ يڪراءَ هيٺيان ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. 1- سنڌ سنگت ڪاروباري ڪميٽي جو هي ميڙ به شيخ عبدالمجيد سنڌي جي اهليه، ا مان منگي، اسير ملاح جي ڀائرن ۽  راس چنا، سرڪش سنڌي جي والدن، دل سولنگي جي ڀيڻ ۽ ثاقب سومرو جي چاچي جي وفات تي ڏک ظاهر ڪندي پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو. 2- هي ميڙ وزارت تعليم سنڌ کان گهر ڪري ٿو ته تنڊي آدم جي ٽن بوائز اسڪولن سر سيد احمد خان هاءِ  اسڪول، جامع ملير هاءِ اسڪول ۽ مهر علي جوهر هاءِ اسڪول، ڪوٽري جي اشاعت الاسلام هاءِ اسڪول ۽ ريلوي ڪالوني ڪوٽڙي جي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول ۾ سنڌي سيڪشن کوليا وڃن. 3- هي ميڙ مرڪزي وزير  تعليم جي ڪيل فيصلي تي عجب ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهر ڪري ٿو ته سنڌالاجي کي وفاقي حڪومت جي تحويل ۾ نه ڏنو وڃي ۽ ان کي سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جي هٿ هيٺ رهڻ ڏنو وڃي. 4- هي ميڙ سنڌ جي نامور اديبن بدر ابڙي ۽ رسول بخش پليجي کي ترت علاج ڪرائڻ ۽ ساڻن گڏ قاسم پٿر، نعيم شيخ، سرور سميجي، شبير سميجي سميت سمورن اديبن جي آزادي جو مطالبو ڪري ٿو. 5- هي ميڙ سينٽ ميري ۽ سينٽ بوناوينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ سکر جي اسڪولن جي انتظاميا طرفان چوٿين درجي کان مٿي سنڌي ميڊيم ختم ڪرڻ واري فيصلي تي سخت احتجاج ڪندي حڪومت کان گهر ڪري ٿو ته سنڌي ٻارن کي مادري زبان ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رکڻ جي سازش کي روڪيو وڃي ۽ مٿين اسڪولن ۾ سنڌي تعليم کي جاري رکيو وڃي. 6- هي ميڙ حڪومت کان پرزور گهر ڪري ٿو ته دادو مورو پل جو نالو مشهور ديني عالم مخدوم بلاول شهيد رکيو وڃي. 7- هي ميڙ مشهور سنڌي جرنيل هوش محمد شيدي جي قبرستان تان ناجائز اڏاوت هٽائي مزار جي بيحرمتي ڪندڙن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿو. 8- هي ميڙ سنڌي ادبي بورڊ جي اختياري وارن کان گهر ڪري ٿو ته خليفي نبي بخش لغاري، مبين شاهه عنايت ۽ مير عبدالحسين سانگي جارسالا ٻيهر ڇپايا وڃن. 9- هي ميڙ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪري ٿو ته پبلڪ لائبريري سڪرنڊ علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري دادو،  پبلڪ لائبريري مٺي، شاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻو ۽ ميونسپل لائبريري ڪوٽڙي کي عوام جي مطالعي لاءِ کوليو وڃي. 10- هي ميڙ ريڊيو ٽي وي انتظاميا کان گهر ڪري ٿو ته اندروني سنڌ جي لائق ۽ اهل فنڪارن کي ريديي ۽ ٽي وي تي جائز نمائندگي ۽ حق ڏنا وڃن. 11- هي ميڙ سنڌ جي سڀني رڪارڊنگ ڪمپنين کي چتاءُ ٿو ڏئي ته سنڌي ساهت جي ساک ۽ سونهن کي ڇيهو رسائيندڙ ۽ بازاري قسم جي شاعري کي رڪارڊ ڪرڻ کان پرهيز ڪن ۽ ساڳيو ئي ميڙ سنڌ جي سمورن راڳيندڙن کي سنڌي ٻولي جي نالي ۾ اپيل ڪري ٿو ته بازاري ۽ هلڪي شاعري کي ڳائي پنهنجي ۽ ٻولي جي وقار کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش نه ڪن.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/05/25)

ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي هفتيوار گڏجاڻي زير صدارت رشيد سومري جي ٿي گذري، جنهن ۾ امان راهي ڪهاڻي، حليم باغي غزل، حفيظ قريشي غزل ۽ رشيد سومري چئوسٽو پيش ڪيو. جنهن تي مٿن کان سواءِ نظام ڀاڳت، آتش سنڌي ۽ نصير سومري تنقيدي رايا پيش ڪيا.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/05/26)

جيڪب آباد (ن آ) گذريل ڏينهن سنڌي ادبي سنگت جي هڪ گڏجاڻي ڊاڪٽر خدا بخش لغاري جي جاءِ تي ڊاڪٽر غلام سرور سولنگي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ڊاڪٽر واحد بخش لغاري ڪهاڻي، ڊاڪٽر ڌرمپال خط، ڊاڪٽر محمد بخش جوش نظم، محمد علي، رياض ملاح چئوسٽو: داد محمد، خادم بروهي غزل، استاد عنايت الله سهيل افسانه ۽ يونس مهر بيت پڙهيو، جنهن تي پڙهندڙن کان علاوه محمد رفيق، غلام نبي، محمد اسلم بگٽي، گل محمد سولنگي، دين محمد وڻجاره ۽ الطاف گوهر جن تنقيد ڪئي.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني عبرت 1984/05/26)

مٺياڻي (پ ر) تازو مٺياڻي ۾  سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت نثار احمد مستوئي جي ٿي گذري، جنهن ۾ عطاءُ الله ملڪ، حبيب شوري، صيف الله، لياقت مستوئي، الهڏنو چانڊيو پنهنجون لکڻيون پيش ڪيون.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (رزاني آفتاب 1984/05/26)

مٽياري (پ ر) هتي پير بهاءُالدين سرهندي جي اوطاقت تي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ٿي، جنهن جي صدارت ڄام محمد حسين سمون ڪئي. جنهن ۾ ڪافي اديبن ۽ شاعرن شعر ۽ مضمون پڙهيا، جن تي تعميري تنقيد ۽ تبصرو ٿيو.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/05/27)

 نوشهروفيروز ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ ابڙان جي گڏجاڻي زير سيد مشتاق علي شاه جي ٿي گذري، جنهن ۾ ڪافي ميمبرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ نئين سال لاءِ 84 هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. ثاقب سومرو سيڪريٽري، سيد لياقت علي شاهه جوائنٽ سيڪريٽري، غلام حسين ڀٽي، سيد مشتاق علي شاهه آڊيٽر. آخر ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ابڙان شهر ۾  ٽپال جو نظام ناقص آهي، پوسٽ ماسٽر خاص ٽپال لاءِ رکيو وڃي ۽ اي بي ڪلاس ابڙان کي مڊل اسڪول جو درجو ڏنو وڃي.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، ( روزاني آفتاب 1984/05/27)

خيرپور ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت يونٽ سنڌي يونيورسٽي شاهه عبدالطيف ڪئمپس جي دستوري گڏجاڻي اختيار خاصخيلي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ محمد علي سميجو آزاد نظم،  خاڪي ڦلپوٽي قطعو، علي حسن عباسي ڪهاڻي، اعجاز ابڙو گيت، مختيار ملڪ غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيو.

سنڌي ادبي سنگت جي پلاٽ کي سرسبز ۽ آباد ڪيو ويندو: وائيس چيئرمين (روزاني عبرت 1984/06/01)

جهول ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت رجسٽرڊ جهول شاخ جي ماهانه ادبي ڪچهري 25 مئي 1984ع تي ٽائون ڪميٽي جهول جي هال ۾ ٿي گذري. ڪچهري  ۾ غير طرحي مشاعرو پيش ٿيو. هن محفل جي صدارت بزرگ شاعر ميوو خان موج لغاري ڪئي ۽ مهمان خاص وائيس چيئرمين ٽائون ڪميٽي جهول حڪيم حاجي غلام نبي شر هو. مشاعري ۾ پارس بهڻ ۽ اداسي ٿهيم بيت، ڪرڙ خان ابڙو-ياد لغاري ۽ عاشق سولنگي غزل، عبدالله لغاري ڪافي، مخمور ٿهيم، مسرت سنڌي ۽ الله بخش اويسي نظم ۽ حسين بخش شر ڏور بيت پڙهيا. مهمان خاص پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جهول سنگت جو غيرآباد پلاٽ آباد ڪري سرسبز بڻايو ويندو ۽ جلد واٽر سلاءِ جو ڪنيڪشن ٽائون ڪميٽي طرفان ڏنو ويندو.

س ا س حيدرآباد جي نئين سر چونڊ لاءِ ڪاميٽي مقرر، (روزاني آفتاب 1984/06/01)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي اڳوڻي سيڪريتري نور گهلو جي استعيفيٰ سبب مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي حيدرآباد سنگت جي باڊي توڙي هڪ ٽه رڪني ڪميٽي مقرر ڪئي هئي، جيڪا علي نواز ڦل، شمشير الحيدري ۽ ولي رام ولڀ تي مشتمل آهي، تنهن پنهنجي سرگرمين جي شروعات ڪري ڏني آهي. پهرين مرحلي طور ڪميٽي محمد ابراهيم جويو، نجمم عباسي، نياز همايوني، مدد علي سنڌي، فتاح شرجيل، نور گهلو، عجيب پيرزادو ۽ لياقت رضوي سان ملي چڪي آهي. مٿين صاحبان ڪميٽي کي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو آهي. ٽه رڪني ڪميٽي وڌيڪ اعلان ڪيو آهي ته جلد حيدرآباد سنگت جي جنرل باڊي جو اجلاس ڪوٺائي نئين ميمبرشپ ڪري.

پبليڪيشن فنڊ جا پئسا جلد جمع ڪرايا وڃن، س ا س جي مرڪزي خزانچي جي شاخن کي اپيل، (روزاني آفتاب 1984/06/01)

حيدرآباد(پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي علي نواز ڦل پنهنجي پريس پڌرائي ۾ سنڌي سنگت جي سمورن اهڙين شاخن کي اپيل ڪئي آهي، جن اڃا تائين پبليڪيشن فنڊ جمع نه ڪرايا آهن، اهي جلد از جلد علي نواز ڦل واپڊا گرڊ اسٽيشن هالا جي ائڊريس تي پئسا ڏياري موڪلين. هن چيو آهي ته فنڊ جمع نه ڪرائيندڙ شاخن کي آگسٽ 1984ع واري سنڌ سنگت جي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني ويندي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/06/05)

شهدادپور( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ شهدادپور جي دستوري گڏجاڻي لکاڏنو صاحب جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺين دوستن شعر پڙهيا. لکاڏنو وائي، اصغر ڪنول شعر، فقير عبدالله  ابڙو غزل، قادر بخش جمالي غزل، غلام رسول لوهار وائي، ۽ پير بخش سومرو قطع ۽ هيٺين دوستن تنقيد ڪئي. مير محمد ملاح، محمد خان ڏاهري، نٿو مل آزاد ۽ رانجهن لوهار.

سنڌي ادبي سنگت مٺي جون چونڊون (روزاني آفتاب 1984/06/12)

مٺي (پ ر) س ا س شاخ مٺي جون سال 1984ع لاءِ نيون چونڊون سنڌي ادبي سنگت سنڌي جي سيڪريٽري جنرل جي نگراني ۾ ٿي گذريون. هيٺيان عهديدار ڪامياب قرار ڏنا ويا. سيڪريٽري هيمن چنداڻي، جوائنٽ سيڪريٽري مدن واسواڻي، خزانچي گوتم مالهي، آڊيٽر نند لال مالهي ۽ ڪاروباري ڪميٽي تي ٽن عهديدارن کان سواءِ واسواڻي پرشوتم ۽ پريمچند شواني کنيا ويا.

سچا اديب قومن جي ذهنن ۽ ضميرن جا محافظ هوندا آهن: تاج جويو، اجتماعي ڀلائي لاءِ شعور کي استعمال ڪيو وڃي: عاجز منگي (روزاني آفتاب 18- جون 1084ع)

نئون آباد 20- (آفتاب نيوز) سچا اديب قومن جي ذهنن ۾ ضميرن جا محافظ هوندا آهن، انڪري کين هميشه صحت مند اب جو سرجاٰءِ ڪرڻ گهرجي، اهو ادب جيڪو ڪنهن قوم ۾ تحريڪ پيدا ٿو ڪري اهو ادب نه پر آفيس جي دوري آهي، اهڙا ويچار سنڌ جي نامياري اديب تاج جوي نوجوان ليکڪ عاجز منگيءَ سان ملهايل عام جي موقعي تي صدارتي تقرير ڪندي ظاهر ڪيا. اها عام سنڌي ادبي سنگت نئون آباد شاخ (ضلعو سانگهڙ) طرفان عاجز سان ملهائي وئي. تاج جويي وڌيڪ چيو ته اڄ جي سنڌي ادب جي رابستگي پنهنجي ڌرتي ۾ ماڻهن سان انتهائي پڪي نموني ٿيل آهي.عاجز منگيءَ ان موقعي ڳالهائندي چيو ته اديب، ماهر ۽ صحافي سماج جا باشعور فرد آهن انڪري سندن اهو فرض آهي ته هو اجتماعي ڀلائي واسطي پنهنجن ذهنن ۽ ضميرن کي ڪم آڻين. ان موقعي تي حسرت سنڌي، بخشق، مهراڻو، عشق سولنگي، ساجن آريسر معصوم سانگهڙائي عاجز مشتاق مضمون ۾ مقالا پڙهيا. جڏهن ته مشڪري ۾ عزيز اداسي، اداسي ٿهيم، علي بخش عابد ۽ غلام قادر گل ملاح، ناز سهتي ۾ ٻين شعر پڙهيا آخر ۾ راڳ رهاڻ ٻيجل سندي ۾ ٻين گيت ٻڌايا.

سنڌي ادبي سنگت درٻيلو شاخ جي گڏجاڻي جي رپورٽ، (روزاني آفتاب 1984/06/19)

درٻيلو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي 15/06/1984 تي درٻيلو ۾ زير صدارت علي شير عاجز ڀٽو جي ٿي گذري، هيٺين اديبن پنهنجون لکڻيون پڙهيون. محمد ملوڪ مستانه غزل، اسرار ميمڻ غزل، علي شير عاجز ڪافي، عرفان ميمڻ بيت، عبدالهادي ميمڻ بيت، مختيار مسافر بيت، غلام قادر بڙدي ۽ زاهد حسين ميمڻ تنقيد ۾ حصو ورتو.

غير طرحي مشاعرو (روزاني آفتاب 84-6-20)

قمبر 19- (ن-آ) شاهه لطيف ادبي سنگت قمبر پاران 8 جون تي هڪ غير طرحي “مجاهد” جي ٿي گذريو. جنهن ۾ سرور فقير، فيض چانڊيو، محمد ملوڪ گوپانگ، بشير احمد، سڪندر ٻرڙو، مرتضيٰ قيدي ۽ مهر علي “مجاهد” حصو ورتو.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/06/20)

ڪوٽڙي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي ادبي گڏجاڻي محترم غلام رسول غرق جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ گل ملاح مضمون۽ نظم پڙهي. خالق گوپانگ بيت ۽ سرور نواز ٻگهئي آزاد نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيا. آخر ۾ غلام رسول غرق پنهنجو غزل ٻڌايو.

سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/06/20)

ابڙان (پ ر) تازو سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جي دستوري گڏجاڻي مشتاق لڪياري جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ ثاقب سومري ڪهاڻي-دوها، مجاهد لڪياري شعر، عادل قريشي افسانه ۽ اسد بلوچ نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيا، تنقيد اشفاق سومري، اياز قريشي، فياض قريشي، غلام حسين چانڊيو، پير بخش ڪلهوڙِ کانسواءِ ٻين ڪافي ادب دوستن حصو ورتو ۽ آخر ۾ حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته اي بي ڪلاس ابڙان کي مڊل اسڪول جو درجو ڏئي عوام جي پريشاني دور ڪئي وڃي ۽ برانچ پوسٽ آفيس کي سب پوسٽ قرار ڏئي پوسٽ ماستر رکيو وڃي. گڏجاڻي ڊاڪٽر ايڇ ايس انڙ جي گڏجاڻي ڊاڪٽر ايڇ ايس انڙ جي ڏاڏي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/06/20)

ابڙان (پ ر) تازو سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جي دستوري گڏجاڻي مشتاق لڪياري جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ ثاقب سومرو ڪهاڻي ۽ دوها، مجاهد لڪياري شعر، عادل قريشي افسانه ۽ اميد بلوچ نظم  تنقيد لاءِ پيش ڪيا. تنقيد ۾ اشفاق سومري، اياز قريشي، رياض قريشي، غلام حسين سومري، شبير سنڌي، غلام حسين چانڊيو، پير بخش ڪلهوڙي کان سواءِ ٻين ڪافي ادب دوستن حصو ورتو ۽ آخر ۾ حڪومت کان گهر ڪئي ويئي ته اي پي ڪلاس ابڙان کي مڊل اسڪول جو درجو ڏئي عوام جي پريشاني دور ڪئي وڃي ۽ برانچ پوسٽ آفيس کي سب پوسٽ قرار ڏئي پوسٽ ماسٽر رکيو وڃي. گڏجاڻي ڊاڪٽر ايڇ پي انڙ جي ڏاڏي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/08/22)

مٽياري (ن آ) تازو هتي پير بهاوالدين سرهندي جي اوطاقت تي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت حاجي محمد خان عباسيءَ جي ٿي گذري. جنهن ۾ پير علاءُ الدين، پير غلام جيلاني، حڪيم شهاب الدين سرهندي، سيد يار محمد شاهه، بشير احمد ڄام، محمد حسين سمان آف گهليون، يار محمد مڱريو سمان ميمبر آف ٽائون ڪميٽي، در محمد خان بلوچ مضمون ۽ شعر پڙهيا.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، روزاني آفتاب 1984/08/25)

ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت مختيار مڱڻهار جي ٿي گذري، جنهن ۾ حليم باغي، عبدالرشيد سومرو آزاد نظم، گوهر دائودپوٽو غزل، نصير نظم، نندلال غزل، نظام الدين ڀاڳت وائي، ۽ صدر محفل مختيار مڱڻهار گيت پيش ڪيو. جنهن تي مٿين کانسواءِ امان راهي، سيد مير محمد شاهه ۽ اسحاق انصاري تنقيدي رايا پيش ڪيا. آخر ۾ مهراڻ اخبار جي برک صحافي مرحوم سومار علي سومري جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

چندر جي وفات تي ڏک جو اظهار، (روزاني آفتاب 1984/11/22)

ڪوٽڙي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪوٽري جي عهديدارن هڪ بيان ذريعي هند سنڌ جي مشهور ڳائڻي ماسٽر چندر جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس موسيقيءَ لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1984/11/24)

خانواهڻ (ن آ) سنڌي ادبي سنگت خانواهڻ جي دستوري گڏجاڻي محمد پناهه ڦرڙي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ انجم سومري غزل، عاجز عبدالستار ڪهاڻي، نبن ناشاد نظم ۽ محمد پناهه پنهنجو غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيو، جنهن تي پڙهندڙن کانسواءِ سيد گوهر شاهه، مشتاق خشڪ، حفيظ قاضي ۽ غلام نبي ناشاد پنهنجا تنقيدي رايا ڏنا، گڏجاڻي جي پڄاڻيءَ کان اڳ معروف سنڌي فنڪار ۽ شاعر ماسٽر چندر جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/04/23)

ٽنڊو ڄام (پ ر) سنڌي ادبي سنگت زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊو ڄام جي دستوري گڏجاڻي منور ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذري. جنهن ۾ آصف مٺياڻوي غزل، آسي محمود زميني ءَ نثراڻو نظم، نظر حسين چانڊيو بيت، مشتاق سومرو ٻاراڻو نظم، شرف سومري شڪارپوريءَ ڪهاڻي ۽ مصطفيٰ ڪوتا تنقيد لاءِ پيش ڪئي. تنقيد ۾ پڙهندڙن کانسواءِ رامچند اوڏ، منور ميمڻ، غلام مصطفيٰ چنه، امداد وسطڙي ۽ تاثير جويي ڀرپور حصو ورتو. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي، جنهن ۾ اڀرندڙ فنڪار امداد وسطڙي ۽ تاثير جويي فن جو مظاهرو ڪيو.

 ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/04/28)

نواب شاهه (نمائنده) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت رياض شاهد رضوي جي ٿي گذري، جنهن ۾ روشن ڪلهوڙو نظم، عبدالسلام سومرو بيت ۽ گيت پيش ڪيو.

سنڌ سنگت جو ٽماهي ميڙ، (روزاني آفتاب 1985/05/03)

سڪرنڊ (چانڊيي وٽان) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويي پڌرو ڪيو آهي ته سنگت جو ٽماهي ڪاروباري ميڙ 10 مئي تي رسول آباد ضلع خيرپور ۾ ٿي رهيو آهي. سنگت جي مڙني شاخن جي سيڪريٽرين کي چيو ويو آهي ته صبح جو يارهن وڳي تائين رسول آباد پهچن. اجلاس ۾ سنگت سان واسطيدار معاملن تي غور ڪيو ويندو.

سچل سرمست جي مزار تي چٽساليءَ جو ڪم آرڪيالاجي جي حوالي ڪيو وڃي: س ا س خيرپور جو مطالبو، (روزاني آفتاب 1985/05/17)

خيرپور (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي 12 مئي تي هدايت منگي جي زير صدارت ٿي گذري. هن گڏجاڻي ۾ مير صوبدار سعيد غزل، مظلوم سنڌي غزل، لطيف ميمڻ آزاد نظم ۽ فريد ڀٽو غزل دوستن آڏو تنقيد لاءِ پيش ڪيو. آخر ۾ سنگت ٺهراءُ بحال ڪيو ته سچل سرمست جي مزار تي هلندڙ چٽساليءَ جو ڪم جلد از جلد روڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪم مقبري جي اصل رونق وڃائي پيو ۽ هنن حڪومت سنڌ کان پرزور مطالبو ڪيو ته سچل سرمست جي مزار جي چٽساليءَ جو ڪم آرڪيالوجي ڊپارٽمينٽ حوالي ڪيو وڃي.

سنڌي ادبي سنگت جون شاخون 10 جولاءِ تائين چونڊون ڪرائي وٺن، (روزاني آفتاب 1985/05/21)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي هڪ پريس پڌرائي ۾ سنگت جي شاخن کي هدايت ڪئي آهي ته جن شاخن اڃا سال 1985ع جون چونڊون نه ڪرايو آهن، سي 10 جولاءِ تائين چونڊون مڪمل ڪرائي ڇڏين ته جيئن انهن جا نمائنده مرڪزي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهن. هن شاخن جي سيڪريٽرين کي اهو به نوٽيس جاري ڪيو ته هر شاخ “سنڌ سنگت” ڪائونسل جي ميمبرن جا نالا ۽ سندن فوٽو 10 جولاءِ کان اڳ ڏياري موڪلي ته جيئن انهن کي “سنگت سڃاڻپ ڪارڊ” موڪلي سگهجن.

سنڌي ادبي سنگت جي شاخن کي هدايت، (روزاني آفتاب 1985/05/22)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي هڪ پڌرائي ۾ سمورن شاخن جي سيڪريٽرين کي گذارش ڪئي آهي ته اهي پنهنجي شاخن جي مختصر تاريخ ۽ آگسٽ 1983ع کان مختصر ڪارڪردگي جي رپورٽ مرڪز کي ڏياري موڪلين ته جيئن سالياني اجلاس ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاخن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏئي سگهجن.

سنڌ کي پاڻي نه ڏيڻ جون خفيه سازشون: سڙي ويل فصل جو معاوضو ڏنو وڃي، (روزاني آفتاب 1985/05/29)

پنو عاقل (نمائنده) سنڌي ادبي سنگت سکر جي رڪن، اديب  ۽ دانشور شبير “بيدار” ڀٽو هتي پريس بيان  ۾ چيو ته، سنڌو  درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ سوچيل سمجهيل سازش ٿي ڏسجي. سنڌ جي سرسبز صوبي کي سوڪهڙي جو شڪار بڻائي هتان جي غريب مارو ماڻهن جي حياتي سخت خطري ۾ وڌي وئي آهي. هزارين ايڪڙ بيٺل فصل سڪي ويو آهي. رڳو گڊو بئراج جي کاٻي ڪپ تي 35 هزار ايڪڙ ڪمند جو فصل سڪي تباهه ٿي ويو آهي ۽ غريب هاري بک مري رهيا آهن. اهو سڀ ڪجهه هتان جي باشعور ماڻهن جي قومي جمهوري جدوجهد کي بليڪ ميل ڪرڻ جي چال آهي. هن آخر ۾ مطالبو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ پيدا ڪندڙ خفيه سازشين کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ تحقيقاتي ٽربيونل ويهاريو وڃي ۽ سنڌ کي 1945ع جي سنڌ طاس معاهدي هيٺ پاڻي ڏنو وڃي ۽ سڙي ويل فصلن جو معاوضو حڪومت کاتيدارن کي ڀري ڏي ۽ تمام گهڻي تعداد ۾ هر هنڌ ٽيوب ويل لڳايا وڃن.

سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جينئين سر جوڙجڪ، (روزاني آفتاب 1985/06/01)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي اڳوڻي سيڪريٽري جي استعيفيٰ سبب مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي حيدرآباد شاخ جي باڊي ٽوڙي علي نواز ڦل، شمشير الحيدري ۽ ولي رام ولڀ تي مشتمل هڪ ٽه رڪني ڪاميٽي ترتيب ڏني هئي. مذڪوره ڪاميٽي پنهنجي سرگرمين جي شروعات ڪري ڏني آهي ۽ پهرئين مرحلي طور هنن محمد ابراهيم جويو، نياز همايوني، نجم عباسي، مدد علي سنڌي، فتاح (شرجيل) نور گهلو، عجيب پيرزادو ۽ لطيف رضويءَ سان ملاقات ڪئي آهي. مٿين صاحبن ڪاميٽيءَ کي پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو آهي. وڌيڪ پڌرو ڪيو ويو آهي ته جلد حيدرآباد سنگت جي جنرل باڊيءَ جو اجلاس گهرائي، نئين ميمبر شپ ڪري ۽ چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي ويندي.

سنگت جوهي جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/06/02)

جوهي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جوهي شاخ جون چونڊون سنگت جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر ستار ٻٻر جي نگرانيءَ ۾ ٿيون، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري عزيز ڪنگراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري عاجز جمالي، خزانچي سائين بخش رند ۽ آڊيٽر سانول ٿهيم. ٺهراءُ بحال ڪيو ويو ته سنڌ کي “سنڌو طاس” معاهدي موجب پاڻي جو حصو ڏنو وڃي ۽ سنڌ کي آفت زده علائقو قرار ڏنو وڃي.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/06/05)

پير جو ڳوٺ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت پير جو ڳوٺ جي گڏجاڻي جهوني ادب دوست ڪامريڊ شيخ رمضان جي صدارت هيٺ ٿي گذري. افسانو ۽ منصورميراڻي نظم تنقيد لاءِ پڙهيا. جن تي بشير جماڻي، خيرمحمد ميراڻي، خالق انصاري ۽ ٻين تنقيد ڪئي. آخر ۾ ٺهراءُ منظور ڪري حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته سنڌو نديءَ ۾ پاڻيءَ جي تاريخي کوٽ سبب سنڌ پرڳڻي کي ڏڪار وارو پرڳڻو قرار ڏنو وڃي، سنڌ ۾ مڙني آبادگارن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ٻيو سچل نيشنل سيمينار خيرپور ۾ ڪرائڻ واري قدم جي ساراهه ڪئي وئي.

 ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/06/05)

ٺارو شاهه (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت وسيم الحسن تيوڻو جي ٿي گذري، جنهن ۾ خادم حسين تيوڻو، محبوب علي تيوڻو، عبدالسلام سومرو لکڻيون پڙهيون. پڙهندڙن کانسواءِ ادريس سومرو، شيوارام، سڄڻ سنڌي تنقيد ۾ حصو ورتو.

 شهرين جو اظهار، (روزاني آفتاب 1985/06/07)

ابڙان (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جي گڏجاڻي نواز سومرو جي صدارت ۾ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ محمد وارث بلوچ جي دکدائڪ موت تي ميمبرن تقريرون ڪيون ۽ چيو ته هي ادب جي خدمت ڪندڙ ستارو اسان کان هميشه لاءِ غائب ٿي ويو. ليڪن اهو خال جڏهن پــُر ٿئي. گڏجاڻي ۾ ثاقب سومرو سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت ابڙان چيو ته، جنهن نموني بلوچ صاحب سنڌي ادب لاءِ خدمت ڪئي، اها ناقابل فراموش آهي.

سنڌي ادبي سنگت جي برانچن کي هدايت، (روزاني آفتاب 1985/06/08)

شاهپور چاڪر (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ضلع سانگهڙ جي رابطه سيڪريٽري عاجز منگي ضلع اندر قائم سنگت جي برانچن جهول، ٽنڊو آدم، شهدادپور، کپرو، سانگهڙ، سنجهورو، ڪنڊياري ۽ شاهپور چاڪر جي سيڪريٽرين لاءِ پڌرو ڪيو آهي ته جن به شاخن سنڌ ڪائونسل جي ٻن ميمبرن جا 2 عدد فوٽا شاخ جي مختصر تاريخ ۽ رپورٽ ۽ ماليات جو حساب مرڪز کي نه موڪليو آهي، ته اهي 18 جولاءِ تائين مرڪز يا ضلع رابطا سيڪريٽري کي موڪلي ڏين. هن کين اهو به چيو آهي ته شاخن جون نيون چونڊون پڻ جون اندر ڪرائڻ لاءِ ضلع رابطه سيڪريٽري يا ڊپٽي رابطه سيڪريٽري عاشق سولنگي سان رابطو ڪيو وڃي، جيئن آگسٽ ۾ ٿيندڙ مرڪزي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهجي.

ڏک جو اظهار، (روزاني آفتاب 1985/06/12)

گهوٽڪي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي جي سرگرم ڪارڪنن مهيش مليرائي، اياز لطيف دايو، ستيوان داس، سرمد حفيظ، منوج ڪمار منگلاڻي ۽ فياض احمدگڏيل بيان ۾ اسٽيج فنڪار ۽ ادبي ڪارڪنن ايس جي ڀاڳيا جي ڀائٽي ۽ ساٿي ٻرڙا سنگت شاخ پنو عاقل جي سيڪريٽري وڪرما جيت جي ننڍي ڀاءُ پرديپ ڪمار جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

شاهپور چاڪر ۾ ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/06/15)

شاهپور چاڪر (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي غلام قادر ڏاهريءَ جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ عابد چنا “غزل”، غلام قادر ڏاهري هڪ تحقيقي مقالو “شاهپور چاڪر جو تاريخي پس منظر” جي عنوان سان پڙهيو. تنقيد ۾ شريف ڏاهري، شمن سنڌي، محمد علي چنا، غلام رسول چنا، محمد هاشم ڏاهري، عطاءُ الله اُنڙ، عبدالحڪيم ۽ عبدالرحمان سيال حصو ورتو ۽ رايا ڏنا. بعد ۾ مصريءَ ڀٽ ۽ سندس سنگت روحل فقير جو راڳ ٻڌايو. گڏجاڻي مطالبو ڪيو ته برک اديب، رسول بخش پليجو کي علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. سنڌ کي سنڌو طاس جي عهدنامي مطابق پاڻي ڏنو وڃي ۽ جهلم جي چشمي کي بند رکيو وڃي.

سنڌي ادبي سنگت ٺٽه جي چونڊ ٿي، (روزاني آفتاب 1985/06/20)

ٺٽو (سٽي رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽي جي چونڊ هتي محترم عبدالغفور منگيءَ جي نگراني ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري مسڪين اشرف سٽي رپورٽر آفتاب، جوائنٽ سيڪريٽري جنگ سنڌي، خزانچي احسان ڀٽي، آڊيٽر عبدالحميد سڀائي، سنڌ ڪائونسل تي عبدالرحمان گهراڻو ۽ فتح محمد “واصف” ڪاروباري ڪميٽيءَ تي حافظ اقبال ڊسٽرڪٽ رپورٽر آفتاب، ڪريم آزاد ۽ قاسم ميمڻ چونڊيا ويا.

لطيف جو ڏينهن: سنڌي ادبي سنگت مٺياڻي طرفان ملهايو ويو، (روزاني آفتاب 1985/06/30)

مٺياڻي (پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺياڻيءَ طرفان لطيف جو ڏهاڙو ملهايو ويو. جنهن جي صدارت مشهور شاعر راشدي مورائي ڪئي، جڏهن ته مک مهمان ڊاڪٽر شمس سومرو ۽ اعزازي مهمان غلام محمد پنهور هيا. راڳ رهاڻ ۾ منظور سخيراڻي، بخشل سولنگي، گلاب گل، جعفر شاهه ۽ ٻين حصو ورتو. جڏهن ته رشيد چارڻ مزاحيا خاڪا ٻڌايا.

سنڌي ادبي سنگت نوراجا جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/07/05)

پنو عاقل (امير بخش جتوئي ن – آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوراجا جون ساليانا چونڊون نعيم شيخ ۽ عبدالجبار عاجز جي نگرانيءَ ۾ ٿي گذريون، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري سرور سيف، جوائنٽ سيڪريٽري روشن منگي، خزانچي پريل پياسي، آڊيٽر غلام حيدر گدائي، ڪاروباري ڪميٽي لاءَ روشن منگي، سرور سيف، پريل پياسي، عثمان آزاد، بشير سميجو، ڪائونسلر عثمان آزاد چونڊيو.

ٽوڙي ڪيس واري فوجي عدالت ختم ڪرڻ جو مطالبو، (روزاني آفتاب 1985/07/07)

سڪرنڊ (ن آ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن هڪ پريس پڌرائي ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽوڙهي ڦاٽڪ واري واقعي ۾ گرفتار ڪيل شاگردن لاءِ قائم ڪيل خاص فوجي عدالت ختم ڪئي وڃي. شاگردن جي بائيڪاٽ باوجود انهن کي زوري ٻڌي ڪورٽ آڏو پيش نه ڪيو وڃي. هنن گهر ڪئي آهي ته ٽوڙي واري واقعي لاءِ قائم ڪيل ٽربيونل جي ڪارروائي مڪمل ڪري، شاهدن کان شاهديون وٺي اها رپورٽ هڪدم پڌري ڪئي وڃي ۽ شاگردن کي بنا دير آزاد ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيل بيچيني جي فضا ختم ڪئي وڃي.

ساليانيون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/07/08)

سڪرنڊ (ن آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ جون ساليانيون چونڊون، سنڌ سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي جي نگراني ۾ ٿي گذريون. جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري ماڻڪ ملاح، جوائنٽ سيڪريٽري منور ملاح، خزانچي رسول بخش زنؤر، آڊيٽر راجن سنڌي ۽ سنڌ ڪائونسل جا نمائندا ماڻڪ ملاح ۽ خاڪي جويو چونڊيا ويا.

سنڌي ادبي سنگت بدين جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/07/09)

بدين (ن خ) سنڌي ادبي سنگت بدين جي گڏجاڻي زير صدارت سنڌ جي نامياري اديب محمد صديق ملاح مرهم جي ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت کي نئين سر هلائڻ لاءِ ميمبر مختلف تجويزون ڏنيون. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 19 جون تي مولانا حاجي احمد ملاح جي ورسي سنڌي ادبي سنگت پاران شاندار نموني ملهائي ويندي. گڏجاڻي ۾ ٻين کان علاوه رمضان خاصخيلي، طارق عاجز ڀٽي، عبدالمجيد ملاح، محمد عثمان انصاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنگت جي ايندڙ گڏجاڻي 12 جولاءِ تي بدين ۾ رکي ويئي آهي.

سنڌي ادبي سنگت دادو جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/07/09)

دادو (پ ر) سنڌي سنگت دادو شاخ جي گڏجاڻي هفتيوار دستوري محترم خالد ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ وفا جمالي آزاد نظم، شير محمد ڀرڳڙي غزل، پروانو سيوهاڻي ٻه قطعا پيش ڪيا. ان کانپوءِ اميد سنڌي مضمون “انسان سوچي ٿو” شان انقلابي افسانو، مقبول گهلو ڪهاڻي ۽ آخر ۾ محفل جي مور خالد ميمڻ ڪهاڻي پڙهي، جنهن جو عنوان هو “دولت جا پوڄاري”. شاعريءَ ۽ نثري پيش ٿيل مواد تي پڙهندڙن کانسواءِ علي گوهر سومرو، وزير منگي، سليم ٻگهيو ۽ نظير احمد پنهنجا تنقيدي رايا ۽ تاثرات پيش ڪيا.

س الف س نوراجا جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/07/11)

نوراجا (پ ر) سنڌي ادبي سنگت نوراجا جون چوندون نعيم شيخ ۽ عبدالجبار عاجز جي نگرانيءَ ۾ هتي ٿي گذريون، جنهن ۾ نوان هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري سرور سيف، جوائنٽ سيڪريٽري روشن منگي، خزانچي پريل دايو، آڊيٽر غلام حيدر گدائي، ان کانسواءِ ڪاروباري ڪميٽيءَ تي بشير احمد ۽ عثمان آزاد کي کنيو ويو.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/07/14)

چمبڙ (ن آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ محمد خان زنئور جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت نبي بخش همدرد جي ٿي گذري، جنهن ۾ کمون خادم خاصخيلي نظم، علي محمد خاصخيلي نظم، ستار انڙ عاصي غزل، امان الله لغاري ڪافي، نبي بخش همدرد نظم ۽ سنگت جي سيڪريٽري منظور زنئور نظم ۽ ڪهاڻي پيش ڪيا. تنقيد ۾ سڀني شريڪ دوستن حصو ورتو. گڏجاڻي جو خاص مهمان ٻانڌي خان زنئور هو. جنهن سنگت جي واڌاري لاءِ سنگت کي پنجاهه رپيا امداد طور ڏنا.

سنڌي ادبي سنگت درٻيلو جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/07/14)

ڪنڊيارو (ن آ) س ا س درٻيلو شاخ سال 1985ع لاءِ چونڊون زيرِ صدارت رکيل مورائي جي ٿي گذريون، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار اڪثريت سان چونڊيا ويا. جنرل سيڪريٽري اختر درٻيلائي، جوائنٽ سيڪريٽري محمد ملوڪ مستانو بلوچ، خزانچي محمد اسلم ميمڻ، آڊيٽر علي شاهه، مظهر ڪائونسلر.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/07/15)

ٺارو شاهه (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت عبدالسلام جي ٿي گذري، جنهن ۾ وسيم الحسن تيوڻو نظم، خادم حسين تيوڻو نظم، ادريس سومرو افسانو، عبدالسلام سومرو بيت تنقيد لاءِ پيش ڪيو. جنهن تي پڙهندڙن کان سواءِ عبدالڪريم ڏهراج، محمد نواز ڏهراج، موهن لال پريمي ۽ نواب خان تيوڻو تنقيد ڪئي.

سنڌي ادبي سنگت نوان جتوئي شاخ جا نوان عهديدار، (روزاني آفتاب 1985/07/16)

نوان جتوئي (ن آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوان جتوئي جون چونڊون گدا خاصخيلي جي صدارت هيٺ ٿي گذريون. جنهن ۾ اتفاق راءِ سان هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا؛سيڪريٽري ادريس جتوئي، جوائنٽ سيڪريٽري گدا خاصخيلي، خزانچي علي محمد بهراڻي، آڊيٽر محمد صالح کوسو، ۽ ڪاروباري ڪميٽي ۾ مٿين عهديدارن سان گڏ حافظ محمد بخش، پريل خاصخيلي، غلام نبي بهراڻي ۽ الله بخش راٺوڙ کي کنيو ويو. سنڌ ڪائونسل لاءِ ادريس جتوئي ۽ صالح کوسي کي چونڊيو ويو. آخر ۾ هڪ ٺهراءَ ذريعي حيدرآباد ڊويزن جي ڪيل گڏجاڻيءَ ۾ سنڌي ڪتابن ۽ پريسن خلاف تخريبي مواد جي بهاني ڪارروائي ڪرڻ جي فيصلي کي غير جمهوري سڏيندي ان کي رد ڪرڻ جي گُهر ڪئي وئي.

ادبي سنگت جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/07/17)

بدين (ن آ) گذريل ڏينهن سنڌي ادبي سنگت بدين جي هڪ خصوصي گڏجاڻي زير صدارت ظهير حسين حيدري جي ٿي گذري، جنهن ۾ نئين سال لاءِ سنگ جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. جنهن ۾ جنرل سيڪريٽري عبدالمجيد سنڌي، جوائنٽ سيڪريٽري محمد موسيٰ جوکيو، خزانچي محمد رمضان خاصخيلي، اطلاعات سيڪريٽري محمد عثمان طاهراڻي ۽ ڪاروباري ڪميٽي تي چار ڄڻا کنيا ويا. انهيءَ کانسواءِ محمد موسيءَ جوکيو ۽ مجيد سنڌي کي سنڌ ڪائونسل تي چونڊيو ويو آهي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/07/18)

پير جو ڳوٺ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت پير جو ڳوٺ جي گڏجاڻي زير صدارت فياض گهمرو جي ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺين دوستن پنهنجون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪيون. استاد منير سولنگي ڪهاڻي (ترجمو)، صادق ڪهاڻي ۽ نظم ۽ منظور ميراڻي نظم پيش ڪيو. جنهن تي امير لاشاري ۽ شڪور ميمڻ ٽيڪاٽپڻي ڪئي ۽ ان کانپوءِ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته ابل واهه جي واري بندي ختم ڪئي وڃي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/07/18)

پير جو ڳوٺ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت پير جو ڳوٺ جي گڏجاڻي زير صدارت فياض گهمرو جي ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺين دوستن پنهنجون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪيون. استاد منظور سولنگي ڪهاڻي “ترجمو”، صادق ڪهاڻي “نظم”،  منظور ميراڻي “نظم” پيش ڪيو، جن تي امير لاشاري ۽ شڪور ميمڻ ٽيڪاٽپڻي ڪئي. ان کانپوءِ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ويو ته ابل واهه جي واري بندي ختم ڪئي وڃي.

نوان عهديدار (روزاني آفتاب 1985/07/18)

خيرپور (ن آ) سنڌي ادبي سنگت شاهه لطيف ڪئمپس خيرپور شاخ جا نوان عهديدار چونڊيا ويا آهن: سيڪريٽري لطيف ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري محمد علي سهتو، خزانچي عبدالرحمان شاهه ۽ آڊيٽر عبدالعليم سهتو چونڊجي ويا.

 ادبي گڏجاڻي (روزاني آفتاب 1985/07/18)

جهول ( پ ر) ميوو خان موج جي شاعريءَ ۾ ٻولي جو اٿاهه ذخيرو موجود آهي. اهڙو اظهار مشهور شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جوئي هتي ٽائون هال ۾ شاعر ميوي خان موج جي صحتيابيءَ جي خوشيءَ ۾ ڪيل ادبي گڏجاڻي ۾ مهمان خاص جي حيثيت ۾ ڪيو. ان کان اڳ مشاعري جي محفل ٿي. جنهن ۾ الهورائي اداسي، قلندر بخاري، بخشڻ مهراڻوي، حاجي غلام نبي شر، عاشق سولنگي، عاصم بلوچ، لقمان مسافر، عابد مولائي، اداسي ٿهيم ۽ ٻين حصو ورتو. آخر ۾  راڳ رنگ جي محفل به ٿي.

دستوري گڏجاڻي (روزاني آفتاب 1985/07/24)

ٺارو شاهه ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت  (شيوارام سنڌي) جي ٿي گذري، جنهن ۾ محمد شعيب تيوڻو (نظم)، عبدالسلام سومرو (بيت)، محبوب علي تيوڻو (بيت)، خادم حسين تيوڻو (نظم)، شيوارام سنڌي (بيت) تنقيد لاءِ پيش ڪئي. جن تي پڙهندڙ کانسواءِ ٻين ڪافي دوستن تنقيد ڪئي.

سنڌ سنگت جي چونڊ: چونڊ ڪميٽي جي چيئرمين طرفان پروگرام ظاهر (روزاني آفتاب 1985/07/24)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنت سنڌ جي مرڪزي چونڊن لاءِ مقرر ڪيل پرزائيڊنگ آفيسر ۽ چونڊ سب ڪميٽي جي چيئرمين ولي رام ولڀ هڪ بيان ۾ پڌرو ڪيو آهي ته: 01- مرڪزي چونڊن ۾ اميدوار طور بيهڻ جا خواهشمند 28 جولاءِ 1985 تائين شمس چئمبرس، فلور نمبر 13 رسالا روڊ حيدرآباد جي پتي تي روبرو يا ٽپال رستي نامزدگي فارم حاصل ڪري سگهن ٿا. نامزدگي فارم في 5 رپيا آهي. 2- هر اميدوار کي پنهنجي شاخ جي ٻن ڪائونسلرن جي رٿ ۽ تائيد حاصل ڪرڻ ضروري آهي. 03- اميدوار تجويز ڪندڙ ۽ تائيد ڪندڙ کي شاخ جي سيڪريٽريءَ کان فين جي بيباقيءَ جو سرٽيفڪيٽ ضرور وٺي موڪلڻو پوندو. 04- هٿ کڻڻ جي تاريخ 3 آگسٽ 1985 مقرر ڪئي وئي آهي. 05- سڄي سنڌ جي ڪائونسلرن ووٽرن جون لسٽون هر شاخ ڏانهن موڪليون پيون وڃن.

شهدادپور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سالگرهه، موسيقيءَ ۽ مشاعري جي محفل جي اکين ڏٺو احوال، (روزاني آفتاب 1985/07/26)

شهدادپور (ن آ) تازو سهڻي ننگر شهدادپور ۾ مائي سهڻي جي مزار تي سنڌي ادبي سنگت شهدادپور جي پندرهين سالگرهه جي موقعي تي هڪ ادبي پروگرام 15 جولاءِ تي ٿي گذريو. مشاعري جي محفل ۾ عزيز اداسي، پيرل سنڌي، عنايت بلوچ، ڀائي خان ڪلوئي، قادر بخش جمالي، عاشق سولنگي، دادن ڀتو، الهه بخش اويسي، ڊاڪٽر عداللطيف قمر، نور سنڌي، مخمور ميرانپوري، ميوو خان موج ۽ ٻين پنهنجا شعر پڙهيا. هن محفل جي صدارت سنڌ جي مشهور شاعر محمد هاشم سائل لاکي جن ڪئي، ۽ هتان جا مشهور ڪارڪن حامد علي سولنگي جن خاص مهمان هئا. سگهڙن جي ڪچهري ۾ الهه بخش ميمڻ، محمد موسيٰ ٻگهيو، محمد صالح ٻگهيو، عطا محمد پنهور، خدا ڏنو چنو، الهڏنو عمراڻي، سومر ٻگهئي ۽ ٻين سينگار ۽ آجيان جا بهترين بيت پڙهي داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي سنگت جي سيڪريٽري قادر بخش جمالي مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ سپاسنامي ۾ ميونسپل ڪميٽي کان سنگت جي آفيس لاءِ پلاٽ جي گهر ڪئي. استاد روشن علي روشن صاحب جن شهدادپور سنگت جي پندرهن سالن جي ادبي خدمتن تي روشني وڌي ۽ عاشق سولنگي سنگت جو آئين ۽ ان جا مقصد پيش ڪيا. موسيقيءَ جي محفل ۾ ريڊيو ٽيليويزن جي مشهور فنڪار غلام رسول لوهار، غلام علي لوهار، عنايت علي عنايت، محمد هاشم سهتو ۽ ٻين فنڪارن پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، جنهن کي بيحد ساراهيو ويو. هن پروگرام جي پڄاڻيءَ پرهه باک ويل هوجمالو جي ڌن سان ڪئي وئي. سنگت طرفان اطلاعات  ۽ نشريات جي صوبائي وزير کان ۽ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جي حڪام کان مطالبو ڪيو ويو ته فنڪار غلام رسول لوهار جو بند ڪيل پروگرام ٻيهر بحال ڪري هتان جي عوام جي خواهش جو احترام ڪيو وڃي. آخر ۾ مائي سهڻي جي مزار جي متولي فقير محمد يوسف طرفان سنگت جي توان ڪرڻ تي خوشيءَ جو اطهار ڪندي سندس ٿورو مڃيو.

 سنڌي ادبي سنگت طرفان ترديد: ڪنهن به سياسي جماعت سان لاتعلقي جو اظهار، (روزاني آفتاب 1985/07/30)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي خزانچي علي نواز گل پنهنجي هڪ بيان ۾ جنگ اخبار ۾ مختيار عاقل جي لکيل مضمون (جيڪو 28 جولاءِ تي ڇپيو آهي) ۾ چيل ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي، جنهن ۾ صاحب مضمون جيئي سنڌ محاذ جي اندروني خلفشار جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي ته “سنڌي ادبي سنگت پڻ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر کي ڏسڻ چاهي ٿي”. مرڪزي خزانچي ڄاڻايو آهي ته سنڌي ادبي سنگت هڪ خالص علمي ۽  ادبي جماعت آهي، جنهن جو  ڪنهن به سياسي  پارٽيءَ سان ڪوبه تعلق نه آهي. سنڌي ادبي سنگت جو جدا آئين آهي. سندس تقريبن 100 کن شاخون آهن، جيڪي سنڌي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ ثقافت جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ 1952ع کان وٺي ڪوششون ڪري رهيون آهن. علي نواز ڦل وڌيڪ ڄاڻايو ته سگا وانگر هن خالص ادبي جماعت کي پڻ بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت جي لائق نه آهي.

سنڌي ادبي سنگت شهدادپور جون چونڊون،  (روزاني آفتاب 1985/07/31)

سنڌي ادبي سنگت برانچ شهدادپور جي سال 1985-1986 لاءِ چونڊ ٿي، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. جنرل سيڪريٽري قادر بخش جمالي، جوائنٽ سيڪريٽري ڀائي خان ڪلوئي، خزانچي نٿو مل آزاد ،آڊيٽر در محمد شيخ، ڪاروباري ڪميٽي تي الهڏنو عمراڻي ۽ گل محمد سولنگي کي چونڊيو ويو.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/07/31)

ڪنڌڪوٽ (پ ر) تاريخ 30 جولاءِ 1985ع تي “سنڌي ادبي سنگت” شاخ ڪنڌڪوٽ جون چونڊون مرڪزي سيڪريٽري محترم تاج جويو جي صدارت ۾ ٿي گذريون، جنهن لاءِ هيٺيان اميدوار چونڊجي آيا. سيڪريٽري وهاب ڀيو، جوائنٽ سيڪريٽري حميد سبزوئي، خزانچي اڪبر پٺاڻ، آديٽر برڪت گولو، پريس سيڪريٽري صديق سومرو، ڪائونسلر آرڏو اترادي آخر ۾ شاخ جي گذريل سال جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ۽ هلندڙ سال ڪيترن ادبي پروگرامن هلائڻ جي منظوري ڏني وئي.

مهراڻ يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن کي کوليو وڃي، (روزاني آفتاب 1985/08/02)

ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي سيڪريٽري نظام الدين ڀاڳت، جوائنٽ سيڪريٽري امان راهي، خزانچي شعبان وسطڙي ۽ يونٽ جي سڀني ميمبرن هڪ گڏيل بيان ۾ حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته مهراڻ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، ايل ايم سي ۽ سنڌ جي بند ٿيل تعليمي ادارن کي ترت کوليو وڃي ۽ هن تازو ايل ايم سي ۾ ٿيل  جهيڙي ۾ اين ايس ايس ايف جي اڳرائي کي ننديو آهي، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هن واقعي جي عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي. هڪ ٻئي ٺهراءَ ذريعي هنن مطالبو ڪيو آهي ته ٽوڙي واقعي ۾ گرفتار ٿيل شاگردن ۽ سنڌ جي سڀني سياسي قيدين کي جلد آزاد ڪيو وڃي.

سنڌي ادبي سنگت مورو طرفان ليڪچر، (روزاني آفتاب 1985/08/02)

 مورو (جماڻي وٽان) سنڌي ادبي سنگت مورو جي هفتيوار گڏجاڻي زير صدارت محمد هاشم کوسو جي ٿي گذري، جنهن ۾ سائين نواز رڪڻائي دريائي ٻولي متعلق ليڪچر “سڙهه ٿي پيائون” ڏنو. ليڪچر بابت عبدالحق ميمڻ، محمد قاسم ملاح، نذير قاضي، آچر لنڊ ۽ ٻين ڳالهايو ۽ نواز رڪڻائي کان ليڪچر متعلق سوال پڇيائون، جن جا جواب هن ڏنا. گڏجاڻي جي ڪارورائي سنگت جي سيڪريٽري شمشاد سومري هلائي.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ انجمن صحافيان جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/02)

خيرپور ناٿن شاهه (ن آ) گذريل ڏينهن پريس ڪلب خيرپور ناٿن شاهه جي صدر مسٽر تراب علي سانگي جي صدارت ۾ صحافين جي هڪ گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ يونين آف جرنلسٽس جو قيام عمل ۾ آندو ويو. هي تنظيم مقامي صحافين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ کولي وئي آهي. گڏجاڻي ۾ هيٺيان عهديدار سال 1985/86 لاءِ  چونڊيا ويا. صدر عبدالقيوم ٻگهيو (هلال)، نائب صدر گوپي چند، (سنڌ نيوز)، جنرل سيڪريٽري اڪبر علي قريشي، (نواءِ وقت)، جوائنٽ سيڪريٽري محمد اسماعيل (سنڌ نيوز) ۽ خزانچي قربان علي  ٻگهيو (مهراڻ). ورڪنگ ڪميٽي تي محمد يوسف ٻگهيو ۽ تراب علي سانگي چونڊيا ويا.

س ا س ڪنڊياري جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/04)

سانگهڙ ( ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت ڪنڊياري شاخ جون چونڊون ضلع رابطه سيڪريٽري عاجز منگيءَ جي نگراني ۾ ٿيون. جنهن ۾ ٿانورداس سيڪريٽري، عباس شر جوائنٽ سيڪريٽري، محمد علي نهڙي آڊيٽر ۽ رضا ڏاهري کي خزانچي چونڊيو ويو.

سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي جي هنگامي گڏجاڻي، سنڌي اديب طارق اشرف جي پريس تي پوليس ۽ سي آءِ اي جي ناجائز مداخلت جي مذمت، (روزاني آفتاب 1985/08/04)

ڄامشورو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ پاران هڪ هنگامي گڏجاڻي برانچ جي سيڪريٽري نظام الدين ڀاڳت جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ تازو سنڌ جي نامور اديب طارق اشرف جي سهڻي پريس تي پوليس ۽ سي آءِ اي جي ناجائز مداخلت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ کان مطالبو ڪيو آهي ته پوليس جي اهڙي بيجا رويه کي هڪ روڪيو وڃي. گڏجاڻي ۾ اهو ٺهراءُ پڻ پاسو ڪيو ويو ته پريس ۽ پبليڪيشن تان پابندوين هٽايون وڃن.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/06)

تلهار (ن آ) سنڌي ادبي سنگت برانچ تلهار جي دستوري گڏجاڻي زيرِ صدارت قربان جمالي جي برانچ جي آفيس ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ غلام رسول (غزل)،  حبيب جمالي (تاثر)، آصف جمالي (ترجمو)، حميد (شعر) پڙهيو. جنهن تي عظيم چانگ غلام علي، آفتاب جمالي، ڪاظم علي ڪاظمي، زاهد بلوچ تنقيد ڪئي.

س ا س ابڙان شاخ جون چونڊون، (روزاني آفتاب 1985/08/10)

ابڙان ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جون نئين سال 1985-86 جون چونڊون سنڌ ڪائونسلر حبيب مشوريءَ جي نگراني ۾ ٿيون، ڪيترن ميمبرن ۽ همدردن حصو ورتو، جنهن ۾ ثاقب سومرو، مجاهد لڪياري، مشتاق لڪياري، غلام علي سومرو، اعجاز علي سومرو، عبدالرحمان چانڊيه، صدق عبدالستار سيال، غلام شبير عالماڻي، غلام حسين سومرو، صديق سيال، اشفاق سومرو، بشير سنڌي، همدم ڀٽي، محمد بخش سومرو ۽ منصور مشوري حصو ورتو. آخر ۾ سليڪشن ڪري هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا. سيڪريٽري ثاقب سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري مجاهد لڪياري، خزانچي همدم ڀٽي، آڊيٽر غلام علي سومرو، پنج رڪني ميمبر مشتاق لڪياري، صديق سيال کي نامزد ڪيو ويو. سنڌ ڪائونسلر لاءِ مجاهد لڪياري کي منتخب ڪيو ويو.

ادبي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/13)

ٺارو شاهه (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت عبدالسلام سومرو جي ٿي گذري، جنهن ۾ شيوارام سنڌي (نظم)، خادم سنڌي (مضمون، نسيم کرل)، شعيب تيوڻو (ٽيڙو)، ۽ عبدالحق ڏاهري (بيت) پيش ڪيا، جنهن تي پڙهندڙن کانسواءِ محبوب علي تيوڻو، عبدالسلام سومرو، سونو خان اُڄڻ ۽ رستم علي تيوڻو تنقيد ڪئي.

ڄام ساقي کي آزاد ڪريو، (روزاني آفتاب 1985/08/13)

 نوان جتوئي (ن آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوان جتوئي جي خزانچي علي محمد بهراڻي سنڌ هاري ڪميٽي جي ڪارڪنن ادريس جتوئي، جاڳڻ بهراڻي، محمد بخش بهراڻي، محمد عطر، سماجي ورڪر عبدالحميد کوسو، امتياز احمد عمراڻي، ڊي سي ايف جي ورڪرن قربان پنهور ۽ جبار کوسو، پي اين پي تعلقو مورو جي اڳواڻ ڪنور، عامر جدا جدا بيانن ۾ سنڌي هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ڄام ساقي، جيڪو ستن سالن کان مسلسل پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ بند رهندو پيو اچي، ان کي جلد از جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

تاج ۽ ٻين کي مبارڪون، (روزاني آفتاب 1985/08/17)

ڪنڌڪوٽ (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ڪنڌڪوٽ شاخ جي سيڪريٽري وهاب ڀيو جي جوائنٽ سيڪريٽري حميد سبزوئي، خزانچي اڪبر پٺاڻ، آڊيٽر برڪت گولو ۽ ڪائونسلر ارڏو اترادي هڪ بيان ذريعي تاج جويي کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري (س ا س) چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني اهي. ان کانسواءِ هنن اياز گل، رسول بخش درس ۽ اسير ملاح کي پڻ مبارڪ ڏني آهي.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/21)

چمبڙ ( يونس ن آ) گذريل ڏينهن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ محمد زنئور جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت “عاصي” عبدالستار انڙ جي ٿي گذري، جنهن ۾ عاصي ۽ همدرد پنهنجا نطم ۽ سنگت جي سيڪريٽري منظور زنئور ڪهاڻي پيش ڪئي. تنقيد ۾ سڀني دوستن حصو ورتو. هن گڏجاڻي جو خاص مهمان ڦوٽو خان رستماڻي هو.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/22)

درٻيلو (پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي زير صدارت محترم  نظر حسين سومرو جي ٿي گذري، جنهن ۾ ممتاز علي مخدوم گيت، اختر ٻيلائي غزل، مستانه بلوچ غزل، مخدوم عبدالرحيم بيت، عبدالهادي ميمڻ بيت، محمد عباسي بيت،  محمد يوسف  سولنگي ڪهاڻي، عبدالرشيد، عبدالرسول ميمڻ، عبد ميمڻ، عرفان ميمڻ، محمد رمضان،  عزيز ڏاهري، قائم الدين پيرزادو، پير الطاف حسين، يار محمد سيال، مختيار مغل، علي شاهه، عبدالرزاق، محمد اسلم تنقيد ۾ حصو ورتو. آخر ۾  مشهور اديب سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر مخدوم عبدالرشيد جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪي وويو.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/23)

پيارو لنڊ (پ ر) لطيف ادبي سنگت پيارو لنڊ جي گڏجاڻي خادم حسين بلوچ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ انور گل بيت گلاب، غلام محمد نانگور “غزل”، رحمت الله جمالي، دودو خان بلوچ، ۽ مير گل محمد “مقالا” ۽ ڊاڪٽر گاجن ارباب مستوئي، حاجي ڏنل، عمر خان، خليل احمد بلوچ، الهڏنو، رحيم ڏنو، بابو محبوب سمون،  ناگو علي حسن، علي احمد ٿيٻو خان، قائم خان، خان محمد بروهي پنهنجون پنهجون لکڻيون پڙهيون. گڏجاڻي جي آخر ۾ مطالبو ڪيو ويو ته لطيف جي عرس تي عام موڪل ڪئي وڃي.

سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/25)

سيتا روڊ (پ ر) سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ جي دستوري هفتيوار گڏجاڻي 17 آگسٽ تي (دلشاد) بلوچ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ هيٺين اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون لکڻيون پڙهيون. درد جانوري غزل، ادنيٰ جانوري غزل، شهزاد سيتائي غزل، پيرل پرديسي چئوسٽو/غزل، دلشاد بلوچ چئوسٽو/غزل، فياض بلوچ چئوسٽو/غزل گڏجاڻي ۾ پيش ڪيل مذڪوره مواد تي شريڪ دوستن واري واري سان تنقيدي رايا ڏنا. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت سيتا روڊ کي الحاق ڏيڻ تي سنڌ سنگت ڪائونسل جو ٿورو مڃيو.

تعزيتي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/25)

ابڙان (پ ر) سنڌي ادبي سنگت ابڙان شاخ جي هڪ تعزيتي گڏجاڻي سڏائي وئي، جنهن جي صدارت جناب همدم ڀٽي ڪئي. جنهن ۾ سنڌ جي برک اديب ۽ ليکڪ مرحوم سومار علي سومري جي اوچتي دکدائڪ موت تي گهري رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ دعا گهري ويئي ته الله پاڪ شل کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ نصيب ڪري.

سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/28)

ٺارو شاهه (ن آ) سنڌي ادبي سنگت ٺارو شاهه جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت حاجي خان ڪولاچي جي ٿي گذري، جنهن ۾ هيٺين دوستن شرڪت ڪئي  ۽ پنهنجون تخليقون تنقيد لاءِ پيش ڪيون. ايم شعيب  (بيت)، گلاب خان اڄڻ (شاهه جو بيت)، ادريس سومرو (بيت)، خادم سنڌي (مضمون) ۽ حاجي خان ڪولاچي (نظم) جن تي پڙهندڙن کان سواءِ ايم عارف، محبوب علي، ارباب ابڙو ۽ رستم تيوڻو ٽيڪاٽپڻي ڪئي. آخر ۾ يڪراءِ ٺهراءَ  بحال ڪري تاج جويو کي سنڌ سنگ جو سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني وئي.

ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني آفتاب 1985/08/24)

ڄامشورو ( پ ر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ جي هفتيوار گڏجاڻي امان راهي جي صدارت هيٺ ٿي گذري. جنهن ۾ حفيظ قريشي غزل، مختيار مڱڻهار نظم، ڄام نظام الدين ڀاڳت گيت، لياقت رضوي آزاد نظم، رشيد سومرو نثري نظام، آتش سنڌي غزل ۽ صدر محفل امان راهي ڊائري جا ورق پڙهي ٻڌايا. جنهن تي مٿين کانسواءِ سرمد سيد، اسحاق سومرو،  پير حماد الله، قربان ڪيريو، پير بخش پٺاڻ، اسلم نوناري، نزاڪت علي عباسي، نياز عباسي، محمد علي سومرو تنقيدي رايا پيش ڪيا.

ثقافت کاتو اديبن جي علاج لاءِ مستقل پاليسي ٺاهيندو، بدر قريشي جو علاج سرڪاري خرچ تي ٿيندو: مهتاب راشدي (1990/01/24)

ڪراچي (هلال نيوز) سنڌ جو ثقافت کاتو بيمار اديبن خاص ڪري برک شاعر بدر قريشيءَ جي علاج جو بندوبست ڪندو. اهڙي خاطري ڏيندي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ميڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌي ادبي سنگت جي وفد کي چيو ته ان مقصد لاءِ موجود فنڊن کي استعمال ڪيو ويندو ۽ ڊگهي مدي واري ڪا پاليسي جلد تيار ڪري ان تي عمل ڪبو ته جيئن اديبن جي علاج جو معاملو مستقل طور حل ٿي سگهي. هن اهو به يقين ڏياريو ته ثقافت کاتو بيمار اديبن جي مناسب پرگهور لهندو ۽ ان ڏس ۾ هوءَ سڀاڻي بدر قريشيءَ کان طبيعت پڇڻ جناح اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ نمبر 6 ويندي. جتي 42 نمبر بستري تي بدر قريشي داخل آهي. سنگت جو وفد انور پيرزادي جي اڳواڻيءَ ۾ ميڊم سان مليو هو، جنهن ۾ عطيه دائود، خدا بخش ابڙو، شاهه محمد پيرزادو، زين دائود پوٽو ۽ رڪ سنڌي ۽ ستار شامل هئا. واضح هجي ته بدر قريشيءَ گذريل ويهارو سالن کان بستري داخل آهي ۽ تازو کيس مختلف بيماريون وڪوڙي ويون آهن، جن هاڻي پيچيده شڪل اختيار ڪئي آهي.

حمل فقير جي شاعريءَ جو ڪتاب ”ڪليات حمل“ شايع، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/06)

 حيدرآباد (هلال بيورو) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري پاران بورڊ جي چيئرمين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي هدايتن تي نامياري شاعر حمل فقير لغاري جي 122هين سالياني عرس جي موقعي تي حمل فقير جي شاعري تي مشتمل ”ڪليات حمل“  شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو سهيڙيندڙ ناميارو اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. هن کان اڳ اهو ڪتاب 1953، 1957، ۽ 1968 ۾ شايع ٿي چڪو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي لکيل ديباچي وارو اهو ڪتاب 364 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جو ملهه 70 رپيا آهي، جيڪو ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال واقع تلڪ چاڙهي حيدرآباد تان ملي سگهي ٿو.

”مون ۾ آهين تون“ جي مهورت، (روزاني هلال پاڪستان 1992/02/03)

ڪراچي (پ ر) ناري ادبي سنگت پاران نوجوان شاعر اڪبر ساگر جي شاعريءَ جي ڪتاب ”مون ۾ آهين تون“  جي مهورت 5 فيبروري 1992ع تي شام جو 4 وڳي پاڪسستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ ٿي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب قمر شهباز مهورت ڪندو. جڏهن ته مکيه مهمان امداد حسيني ۽ اعزازي مهمان سحر امدا هوندا. سنڌي ادب جي گهڻگهرن کي ان مهورت ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي.

سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ سنگت ڪائونسل جي اجلاس جي رپورٽ، (25 جولاءِ 1998)

سنگت ڪائونسل جو اجلاس 7 ڊسمبر 1997ع تي آچر ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي شهيد قائمخاني واپڊا هال سکر ۾ مختيار ملڪ ڪائونسل سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن جي ايجنڊا ۾ سنڌي ڪائونسل جي اجلاس جي ڪارروائي/رپورٽ جي منظوري، سيڪريٽري جنرل جي سالياني رپورٽ/سالياني مالياتي رپورٽ جي منظوري، مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري، آئيني مونجهارن/مسئلن لاءِ تجويزون ۽ انهن جي منظوري، غير سرگرم شاخن جو الحاق رد/معطل ڪرڻ بابت فيصلا، عام ۽ تعزيتي ٺهرائن جي منظوري شامل هئا. ان کانسواءِ وقتي صدر جي اجازت سان ٻيا اسم به ايجنڊا ۾ شامل ٿيا. اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل اياز گل، مرڪزي خزانچي غلام نبي ناشاد، مرڪزي آڊيٽر معشوق ڌاريجو، ڪائونسل جهرڪ نبي بخش پريمي، سيڪريٽري سانگهڙ استاد نظاماڻي، سيڪريٽري ڪنڊياري عبدالعزيز ساگر شر، سڪريٽري ڀائي خان ٽالپر رمضان شورو، سيڪريٽري خانواهڻ عبدالحفيظ ميمڻ، سيڪريٽري محرابپور نواز ڀٽي، سيڪريٽري پير جو ڳوٺ عبدالله شاد جلباڻي، ڪائونسلر جوهي احمد خان مدهوش، سيڪريٽري خيرپور ناٿن شاهه فياض بلوچ،  سيڪريٽري شهدادڪوٽ جمال دايو، سيڪريٽري نئون ديرو امتياز احمد ڪلهوڙو، سيڪريٽري ڏوڪري شهمير سومرو، سيڪريٽري نصير آباد ممتاز لوهار، سيڪريٽري رُڪ ساگر محمد حسين مهر، ڪائونسل مديجي مهدي شاهه، ڪائونسل رستم شري شاد سومرو، ڪائونسل مرزاپور شائق سومرو، سيڪريٽري ميرپور ٻرڙو گل عباسي، سيڪريٽري خيرپور اختر ٽانوري، ڪائونسل پير جو ڳوٺ ذوالفقار جوڳي، سيڪريٽري نور واهه ذوالفقار جوڳي، ڪائونسلر سکر ادل سومرو، ڪائونسلر پنو عاقل گل گهنڃو، ڪائونسلر جروار پريم پتافي،  سيڪريٽري جهرڪ شنڪر، سيڪريٽري پنگريو مهراج وجئه ڪمار، سيڪريٽري جهول غلام حيدر خاصخيلي، ڪائونسلر جهول نور چاڪراڻي، ڪائونسلر ڪنڊياري غلام رضا ڏاهري، ڪائونسلر جهڏو آرزو ڏيٿو، سيڪريٽري هالاڻي جبار ملاح، سيڪريٽري ڪنڊيارو فقير محراب علي ملاح، سيڪريٽري مورو سڪندر علي ڪورائي، ڪائونسلر مورو بهادر بهڻ، ڪائونسلر محرابپور جانب خاصخيلي، ڪائونسلر شاهپور جهانيان مٺل جسڪاڻي، سيڪريٽري مٺياڻي غلام حسين گل ڀٽي، سيڪريٽري جوهي خليل عارف سومرو، سيڪريٽري راڌڻ صادق سولنگي، سيڪريٽري دادو عبدالنبي آزاد جوڻيجو، سيڪريٽري پنجو ديرو انور آزاد لاڙڪ، ڪائونسلر پنجوديرو ابرار ساگر شاهه، سيڪريٽري رتوديرو مقصود گل، ڪائونسلر رتوديرو مختيار گهمرو، سيڪريٽري قمبر رياضت ٻرڙو، ڪائونسلر قمبر ڀائو دُر محمد ٻرڙو، سيڪريٽري وارهه سارنگ مرکنڊ، نئاندو چانڊڪا ڪاليج ساگر جيلاني، سيڪريٽري شڪارپور آفتاب سومرو، ڪائونسلر شڪارپور ممتاز منگي، ڪائونسلر رُڪ تبسم گل حسن مهر، سيڪريٽري مدئجي عاشق شيخ، سيڪريٽري عبدو غلام محمد غازي، سيڪريٽري رستم گوهر سنڌي، سيڪريٽري ڊکڻ خاموش ککراڻي، ڪائونسلر ڊکڻ عالم جکرو، سيڪريٽيي دودو ڳوٺ منصور مهر، سيڪريٽري جيڪب آباد الطاف پيچوهو، ڪائونسلر ميرپور ٻرڙو حماد ٻرڙو، سيڪريٽري ٺل نفيس سومرو، ڪائونسلر خيرپور مختيار ملڪ،  سيڪريٽري پير جو ڳوٺ عميق مهر، سڪريٽري پريالوءِ رفيق ڪنڌر، ڪائونسلر پريالوءِ سجاد ميراڻي، سيڪريٽري بوزدار وڏا شيراز جيلاني، سيڪريٽري سکر بشير منگي، سيڪريٽري روهڙي اختر درگاهي، سيڪريٽري پنو عاقل صفر ڪلهوڙو، سيڪريٽري گهوٽڪي عبدالحي ڀٽو ۽ ڪائونسل گهوٽڪي سڪندر مگسي شرڪت ڪئي. ضلعي رابطا سيڪريٽرين ۾ عابد مظهرڪراچي، صوبدار قاسمي اوٺو ٿرپارڪر، سارنگ شاهه حيدرآباد، اصغر سجاڳ سنڌي جيڪب آباد، ابراهيم کرل خيرپور، ڊاڪٽر قربان جهتيال دادو، اسد سولنگي نوشهروفيروز، ڪامل امداد جتوئي لاڙڪاڻو، امر لغاري سانگهڙ، مشتاق ڪلهوڙ گهوٽڪي  ۽ ناصر چاچڙ  سکر مان شريڪ ٿيا.

اجلاس دوران مبصرن ۾ ممتاز بخاري،  نعيم شيخ، بيخود بلوچ، مهر خادم، قدير انصاري، وفاق قمبراڻي، خالد فاروقي، مخدوم شمس، مشتاق بخاري، پنهل پياسي، عبدالفتاح فائق، نعمت سومرو، امر اقبال، آفتاب مهر، سائل ڀيو، مهر حفيظ راهي، زيد رشيد مهر، اعجاز قادر مهر، ملزم سومرو، چنو غلام مصطفيٰ، فياض احمد ميمڻ، آفتاب جويو، سلطان بخاري، حاڪم گل مهر، امتياز جتوئي، نياز لاشاري، امجد علي چنو، غلام حسين جويو، حاجي خورشيد ابڙو، نصير احمد نصير، فدا حسين گيلاني، شفيق سومرو، عبدالفتاح مهر، عدنان سميع ميمڻ، نواز ڪنڀر، خواجه ذوالفقار ۽ غلام علي ڀٽو، عمر سومرو شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران سنڌ سنگت جي سيڪريٽري جنرل 8 نومبر 1996  تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿيل سنگت جي سالياني سنڌ ڪائونسل جي اجلاس جي رپورٽ پيش ڪئي، لکت ۾ شاخن ۽ واسطيدار عهديدارن ڏانهن اڳواٽ موڪليل رپورٽ گڏيل طور منظور ڪئي ويئي. ان کانسواءِ سنگت جي سيڪريٽري جنرل 9 نومبر 1996 کان 6 ڊسمبر 1997ع تائين جي تفصيلي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن جون مکيه ڳالهيون هيٺين ريت آهن.

مرڪزي عهديدارن جون گذريل سال ۾ ڇهه گڏجاڻيون، 9 نومبر 1996 تي حيدرآباد، 12 ڊسمبر 1996ع تي سکر، 18 فيبروري 1997ع تي نواب شاهه، 18 جون 1997ع تي سکر، 9 آگسٽ 1997ع تي حيدرآباد ۽ 16 نومبر 1997ع تي سکر ۾ ٿي گذريون آهن.  مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جا  2 اجلاس 6 اپريل 1997 تي نواب شاهه ۽ 01 آگسٽ 1997ع تي ٺٽي ۾ ٿي گذريا آهن. ضلعي رابطا سيڪريٽرين جو هڪ اجلاس 28 فيبروري 1997ع تي سکر ۾ ڪوٺايو ويو آهي. مرڪزي قيادت جي ڪوششن سان شيخ سلطان ٽرسٽ ڪراچي پاران75 هزار رپيا مالي سهائتا طور حاصل ڪيا ويا آهن، جيڪي مرڪزي آفيس قائم ڪرڻ لاءِ رکيا ويا آهن. ان مالي سهائتا ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ سائين علي احمد بروهي، محترم انعام شيخ ۽ محترم عبدالغفار تبسم جا ٿورائتا آهيون. ناميار ي اديب محترم هدايت بلوچ پاران مرڪزي آفيس لاءِ فيڪس مشين جي سوکڙي ٿورن سان وصول ڪئي وئي آهي، ۽ ٻين سرندي وارن سان مالي سهائتا لاءِ ملاقاتون ڪيون ويون آهن، جنهن جا نتيجا هوريان هوريان ظاهر ٿي رهيا آهن. مرڪز پاران وڌايل ۽ سڌاريل آئين ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تنظيمي حوالي سان سموري اسٽيشنري، فائيل، ليٽر پيڊ، لفافا، ميمبر شپ فارم ۽ پاڪيٽ سائيز ڪلينڊر ڇپايا ويا آهن، مرڪزي اجلاسن ۾ شريڪ عهديدارن کي فائيل، بال پين ۽ اڇا ڪاغذ مهيا ڪرڻ جي روايت رکي ويئي آهي. سنگت پبليڪيشن جي سلسلي ۾  محترم وسيم سومرو جي ڪوششن سان پهريون پرچو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. مرڪز پاران ٻه ماهي نيوز ليٽر جا ٽي پرچا پڌرا ڪيا ويا آهن. سنڌ ڪائونسل ۽ ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاسن ۾ ڪارروائي رپورٽ ڇپائي، شاخن  ۽ واسطيدار عهديدارن کي موڪلي وئي آهي. سنڌي ۾ ڇپايل ڪتابن تي  ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو ٻيهرشروع ڪيو ويو آهي. پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي 28 ڊسمبر 1997ع تي مرڪز پاران “سنگت گولڊن جوبلي ڪانفرنس 1997ع” حيدرآباد ۾ ڪوٺائي پئي وڃي، جيڪو هڪ شاندار پروگرام هوندو. جڏهن ته شاخن پاران ان سلسلي ۾ سڄو سال پروگرام ٿيندا رهيا آهن. سيڪريٽري جنرل گذريل سال دوران سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو، نوشهروفيروز، نوابشاهه، خيرپور، حيدرآباد، ٺٽي، ٿرپارڪر ۽ ڪراچي ضلعن جو دورو ڪيو آهي ۽ انهن ضلعن ۾ شاخن پاران ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي آهي. مٿين ضلعن جي رابطا سيڪريٽرين ۽ سيڪريٽرين سان روبرو ملي، کين سنگت جي ڪم ڪار بابت هدايتون ڏنيون آهن، جنهن جو تفصيل نيوز ليٽرن ۾ موجود آهي. مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري محترم وسيم سومري، مرڪزي خزانچي محترم غلام نبي ناشاد ۽ مرڪزي آڊيٽر محترم معشوق ڌاريجي پڻ مختلف ضلعن ۾ شاخن جا دورا ڪيا آهن. سندن سرگرمين جو تفصيل پڻ نيوز ليٽرن ۾ ڏنو ويو آهي. سيڪريٽري جنرل پاران گذريل سال دوران شاخن، ادبي ۽ سماجي ادارن، اخبارن ۽ اديبن ڏانهن 1292 خط موڪليا ويا آهن. سنڌ جي نالي وارن اديبن، اخبارن، رسالن ۽ مختلف علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ادارن ڏانهن پڻ نيوز ليٽر پابندي سان موڪليا ويا آهن. سنڌ جي اديبن ڏانهن خير سگاليءَ جي جذبي طور مارچ 1997ع کان اڄ تائين سندن جنم ڏينهن تي، سنگت پاران لڳ ڀڳ ٽي سئو واڌاين جا ڪارڊ موڪليا ويا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي، جنهن کي اديبن پاران گهڻو ساراهيو ويو آهي. سنگت آفيس فنڊ لاءِ مالي سهائتا طور محترم انعام شيخ (خيرپور) کان 2 هزار رپيا ۽ محترم ايم بي سومري (خيرپور) ۽ سندن ساٿين پاران پنج سئو رپيا ٿورن سان وصول ڪيا ويا آهن. محترم تاجل بيوس پاران سندن ڇپيل ۽ ڇپجندڙ ڪتابن جي آمدني جو اڌ، سنگت کي ڏيڻ واري سلسلي ۾، ڪتابن جو وڪرو جاري آهي ۽ چئن هزارن کن جا ڪتاب وڪرو ڪيا ويا آهن. ڪ – ڪ – اجلاس جي فيصلي موجب، ٽنڊو محمد خان، تنڊو قيصر، جيڪب آباد، پير جو ڳوٺ، عمرڪوٽ، بوزدار وڏا، مرزاپور، نصيرآباد، شهدادڪوٽ، مٺي، محرابپور، ڀان سيد آباد، خدا آباد شاخن کي پاڻ مرادو الحاق رد ٿيڻ جا نوٽيس موڪليا ويا آهن. ٽندو قيصر، ڀان سيد آباد ۽ خدا آباد شاخن ڪنهن به قسم جو رابطو نه ڪيو آهي. باقي شاخن خط/فون رستي رابطو ڪيو آهي. مٺياڻي، عبدو، جهوڪ، ٺٽو، لاکا ۽ ڪراچي شاخن کي مرڪز سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ نوٽيس ڏنا ويا آهن، جن مان جهوڪ رابطو نه ڪيو آهي. ضلعي رابطا سيڪريٽرين مان شاهين سنڌي (شڪارپور) رابطو نه ڪيو آهي. جڏهن ته شبير سيال (نواب شاهه) ڪنهن به مرڪزي اجلاس ۾ نه آيو آهي. سارنگ شاهه _(حيدرآباد) نوٽيس تي جواب ۾ فون تي رابطو ڪيو آهي.

مرڪزي خزانچي محترم غلام نبي ناشاد 9 نومبر 1996ع کان 6 ڊسمبر 1997ع تائين جي مالياتي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته، سال ۾ الحاق في، نامزدگي فارم في، رجسٽريسن في، خصوصي امداد مان ڪل آمدني 26240 رپيا ٿي آهي، جڏهن ته اسٽيشنري، فوٽو اسٽيٽ، ڪمپوزنگ، ٽپال خرچ، اخبار، اجلاسن جي خرچ سميت ڪُل 20920 رپيا خرچ ٿيو آهي. سنگت جي گڏيل بينڪ اڪائونٽ ۾ 50/75529 رپيا بچت طور موجود آهن. 1996ع جي الحاق في، تلهار، کپرو ۽ ور ادا نه ڪئي آهي. جڏهن ته ٺُل، ميرپور ٻرڙو، چيلهار، نئون ڪوٽ، قمبر، سڪرنڊ، قائد عوام يونيورسٽي، جهڏو، لاڙڪاڻو، پيروسڻ، چڪ، رُڪ، ڇتو مادراڻي، خواتين ڪراچي، ميرپور بٺورو، مدئجي، پنجو ديرو، گهوٽڪي، وارهه، محرابپور، سکر، ٺري ميرواهه، ٽنڊو محمد خان، جيڪب آباد، پير جو ڳوٺ ۽ عبدو شاخ سال 1997ع جون فيون ادا نه ڪيون آهن. 1997ع جون نامزدگي فيون صرف 57 شاخن ڏنيون آهن. شاخن ڏانهن هڪ حساب ڪتاب بابت پروفارما موڪليو ويو آهي، جيڪو کين هڪدم ڀري موڪلڻ گهرجي ۽  مرڪزي بقايائون پڻ بنا دير ادا ڪرڻ گهرجن. ماليات جو هي تفصيل 1997ع تائين آهي، اڄوڪي اجلاس ۾ مليل بقايائون هن تفصيل ۾ شامل ناهن.

اجلاس هلندي سيڪريٽري جنرل جي درخواست تي سنگت گولڊن جوبلي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ايندڙ خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ عارضي طور تي سيڪريٽري جنرل کي بئنڪ مان پئسا ڪڍائي خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. اجلاس ۾ گولڊن جوبلي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ايندڙ خرچ کي پورو ڪرڻ لاءِ شاخن کي رضاڪاراڻي طور مالي سهائتا ڏيڻ لاءِ چيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪب آباد (ٻه هزار)، خيرپور (هڪ هزار) شڪارپور (هڪ هزار)، محرابپور (پنج سئو) چانڊڪا ڪاليج (ٻه سئو) پير جو ڳوٺ (پنج سئو) ٺل (ٻه سئو) شهدادڪوٽ (پنج سئو) پريالوءِ (ٻه سئو) لطيف يونيورسٽي (ٻه سئو) ڊکڻ (ٻه سئو) دادو (ٻه سئو) مٺياڻي (ٽي سئو) سکر (ٻه سئو) جهرڪ (ٻه سئو) جهڏو (پنج سئو) دودو ڳوٺ (ٻه سئو) ميرپور ٻرڙو (پنج سئو) نئون ڪوٽ (پنج سئو) بوزدار وڏا (ٻه سئو) ٺري ميرواهه (پنج سئو) ڪراچي شاخون (هڪ هزار) سارنگ شاهه (هڪ هزار) جلباڻي (ٻه سئو) عبدو (ٻه سئو) گهوٽڪي (ست سئو) مدئجي (هڪ سئو پنجويهه) رستم (هڪ سئو پنجاهه) رپيا ۽  محترم ادل سومرو (ٻه هزار) ۽ جهرڪ شاخ (ٻه سئو) سنگت آفيس فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.  سيڪريٽري جنرل پيش ڪيل ڪارڪردگي رپورٽ ۽ مرڪزي خزانچي جي مالياتي رپورٽ تي اجلاس ۾ شريڪ دوستن اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل راءِ سان ان جي منظوري ڏني.

مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري

سيڪريٽري جنرل مرڪزي عهديدارن جي مختلف گڏجاڻين ۾ ڪيل فيصلا پڙهي ٻڌايا، جن کي اجلاس ۾ شريڪ دوستن يڪراءِ منظور ڪيو. فيصلون جو وچور هيٺين ريت آهي.

پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي مرڪز پاران “سنگت گولڊن جوبلي ڪانفرنس 1997” حيدرآباد ۾ ملهائي ويندي. ان موقعي تي سنگت جي سمورن سيڪريٽري جنرلن کي ايوارڊ ۽ ٻين مرڪزي عهديدارن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. ڪانفرنس جي موقعي تي ناميارن سنڌي اديبن ۽ سنڌي ادب سان لاڳاپيل ٻين ٻولين جي اديبن کي “سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار” ۽ “سنڌي ادب جا پنجاهه سال”  جي عنوان سان مقالا لکڻ جي دعوت ڏني ويندي. ڪانفرنس ۾  شريڪ ٿيندڙ سمورن ڊيليگيٽس کي ڪانرنس جي موقعي تي خصوصي طور تي شايع ٿيندڙ سووينيئر، فائيل، ليٽر پيڊ، بال پين، لفافا، ۽ ڄاٻي – ڇلو پڻ سوکڙي طور ڏنو ويندو. ڪانفرنس جي خرچ جي پورائي لاءِ شاخن ۽ ٻين گهڻ گهُرن کان مالا سهائتا حاصل ڪئي ويندي. هلندڙ سال دوران ڪنهن به نئين شاخ کي ڪچو توڙي پڪو الحاق نه ڏنو ويندو ۽ غيرسرگرم شاخن جي الحاق رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويندي.

آئيني مونجهارن/مسئلن لاءِ تجويزون ۽ انهن جي منظوري

اجلاس ۾ آئين ۾ موجود مونجهارن بابت آيل سفارشن ۽ عملي طور پيش ايندڙ مشڪلن جي روشني ۾ بحث کانپوءِ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا، جيڪي اڄ کانپوءِ آئين جو حصو هوندا.

جيڪڏهن ڪو ميمبر ڇهن مهينن تائين في نه ڏيڻ سان گڏ ڇهن مهينن تائين بنان ڪنهن اطلاع جي  گڏجاڻين ۾ شريڪ نه ٿيندو، يا ٻنهي مان ڪا به  هڪ ڪوتاهي ڪندو ته سندس ميمبرشپ خارج ڪئي ويندي. بنان نوٽيس جي سندس ميمبرشپ خارج ڪرڻ جو اختيار شاخ جي ڪاروباري ڪميٽي کي هوندو. سنگت جو ميمبر يا عهديدار ڪنهن ٻي تنظيم جي ميمبر توڙي عهديدار سگهندو، پر ڪنهن سياسي تنظيم جو عهديدار نه ٿي سگهندو. شاخن جون ساليانيون چونڊون هر صورت ۾ ڊسمبر ۽ جنوري مهينن ۾  ڪرايون وينديون. شاخن جي سالياني چونڊ ڪرائڻ جو اختيار ان ضلعي جي رابطا  سيڪريٽري کي هوندو، سندس يا مرڪز جي اجازت کانسواءِ ڪرايل چونڊن کي تسليم نه ڪيو ويندو. رابطا سيڪريٽري نه هجڻ جي صورت ۾ مرڪز يا  سندس پاران مقرر ڪيل نمائندو ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ بااختيار هوندو. مرڪز توڙي شاخن ۾ نئين چونڊيل باڊيءَ کي اڳوڻي باڊي سمورو  ريڪارڊ هڪ مهيني اندر منتقل ڪرڻ لاءِ پابند هوندي.

غير سرگرم شاخن جو الحاق رد/معطل ڪرڻ بابت فيصلا

سيڪريٽري جنرل مرڪز وٽ موجود ريڪارڊ ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽرين جي موڪليل رپورٽ جي روشني ۾ غير سرگرم شاخن جي الحاق رد/معطل ڪرڻ بابت سفارشون اجلاس آڏو پيش ڪيون، جنهن تي گڏيل راءِ سان مسلسل غيرسرگرم رهندڙ/مرڪز سان رابطي ۾ نه ايندڙ شاخن، ٽنڊو قيصر، چوهڙ جمالي، جهوڪ، ٻنون، ٽنڊو غلام علي، ڀليڏنو ڪاڪا ۽ سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز جو الحاق رد ڪي وويو. جڏهن ته ڪراچي جي ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عابد مظهر جي درخواست تي الحاق رد ڪرڻ بجاءِ ڪراچي شاخ جي تحريري طور تي ٻن مهينن اندر مرڪز سان رابطي ۾ اچڻ جو نوٽيس ڏنو ويو، رابطي ۾ نه اچڻ جي صورت ۾ سندن الحاق رد ٿي ويندو. سنگت جي ٽن شاخن ڪنڊياري (سانگهڙ) ڳڙهي ياسين (شڪارپور) کي پڪو الحاق ڏنو ويو. ضلعي عمرڪوٽ جي شاخن ڍورو نارو ۽ عمرڪوٽ کي ٻن مهينن اندر رابطي ۾ نه اچڻ جي صورت ۾ پاڻمرادو الحاق رد ٿيڻ جو نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. لڳاتار مرڪز سان رابطي ۾ نه اچڻ ۽ غيرسرگرم رهڻ تي ضلعي شڪارپور جي رابطا سيڪريٽري شاهين سنڌي ۽ ڪنهن به مرڪزي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ سبب ضلعي نواب شاهه جي رابطا سيڪريٽري شبير سيال کي سندن عهدي تان هٽائي، سندن جاءِ تي ترتيبوار غلام محمد غازي ۽ بخش باغيءَ کي عارصي ضلعي رابطا سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ضلعي رابطا سيڪريٽري حيدرآباد، محترم سارنگ شاهه اجلاس آڏو گهربل وضاحت پيش ڪئي، جنهن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

عام ۽ تعزيتي ٺهرائن جي منظوري

اجلاس پاران مقرر ڪيل ٽه رڪني ڪميٽي، جيڪا محترم ادل سومرو، محترم مقصود گل ۽ محترم اختر ٽانوريءَ تي مشتمل هئي، دوستن کان پهتل گڏيل ۽ تعزيتي ٺهرائن کي ترتيب ڏئي پيش ڪيو، جنهن کي اجلاس ۾ شريڪ دوستن يڪراءَ سان منظور ڪيو.

تعزيتي ٺهراءَ

سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ويجهڙائي ۾ وڇڙي ويل ناليوارن ليکڪن، فنڪارن ۽ سندن عزيزن اديب ۽ صحافي عبدالرحمان نقاش، شاعر ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻو سيد منظور نقوي، عالمي شهرت يافتا سماج سُڌارڪ مدر ٽريسا، ليڊي ڊائينا، ناليواري موسيقار نصرت فتح علي خان، شاعر مرتضيٰ اعظم عباسي، نامياري راڳي عبدالحميد عباسي، تنوير عباسيءَ جي ڀاءُ، ڪوثر ٻرڙي جي پٽ، غلام حسين رنگريز جي پٽ، عنايت بلوچ جي نياڻي ۽ سنگت جي ساٿين حافظ واحد بخش دائودپوٽي جي ڀاءُ، صدر جمال دايو جي چاچي، مهر حفيظ راهيءَ جي چاچي، ابراهيم کرل جي ناني، عبداللطيف عباسي جي والده، نياز لاشاري جي چاچي، اقبال ساجد جي والد، انعام آزاد لاڙڪ جي چاچي، ابرار ساگر شاهه جي ناني ،ڪاظم بڙدي جي چاچي، غفور گل جي پٽ، گوهر سنڌي جي ڀاڻيجي، غني غمدل جي ڏاڏي، فدا سمي جي چاچي، شيراز جيلاني جي مامي، غلام حسين جي پُٽ، امتياز ڪلهوڙي جي پُڦيءَ ۽ عبدالجبار مريءَ جي دکدائڪ وڇوڙي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سندن پونيئرن سان تعزيت ڪئي.

گڏيل ٺهراءَ

سنڌي ادبي سنگت جو هي اجلاس، سنڌ جي صوبائي ۽ ملڪ جي وفاقي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جي گهُر ڪري ٿو، هو ملڪ جي ٻين ٻولين کي پڻ اهو درجو ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي اها تاريخي اهميت نه ڏني ويئي ته ٻوليءَ واري جدوجهد جي سلسلي ۾ قانوني جنگ وڙهڻ خاطر ڪورٽن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويندا. سنڌ ۾ ڌارين جي داخلا کي روڪڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. سنڌ جي زرعي معيشت ۾ سڌارن ۽ واڌارن لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪندي ۽ آبادگارن جي سمورن سُورن جو پُورائو ڪندي، ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند جا اگهه آبادگارن جي مطالبي پٽاندڙ مقرر ڪيا وڃن. سنڌي ادبي سنگت جون شاخون، اخبارون ۽ ٻيا ادارا لکپڙهه ۾ “ساس” لکڻ بدران سنگت لاءِ “س- ا-س ” لکن. ڪاروڪاري رسم کي قتل جو ڏوهه سمجهي سزا ڏني وڃي. نوجوان شاعر خليل عارف سومري جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. دنيا جي ڊگهي انسان عالم چنا جو ترت پرڏيهه ۾ علاج ڪرايو وڃي.

صدارتي تقرير

سنڌ ڪائونسل اجلاس جي صدر محترم مختيار ملڪ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو: “اڄڪلهه ادبي دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون اچي ويون آهن، جيڪي سهڻ جهڙيون ناهن، اسان جي مانائتن اديبن کي غيرضروري تنقيد جو نشانو بڻائي لوئيو وڃي ٿو. اهڙن روين تي اسان کي اديب هجڻ تي بلڪل به فخر محسوس نه ٿيندو. اسان اڻڄاڻائيءَ ۾ تڪڙ ڪري جيڪا راءِ ڏيون ٿا، سا تمام غلط آهي ۽ اها غلطفهمين کي جنم ڏئي ٿي، اسان کي هاڪاري رويا اختيار ڪري، سينيئر اديبن جو احترام ڪرڻ گهرجي، آءُ سنگت جي لڳاتار جاکوڙي ڪردار کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان.”

 اياز گل (سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سنڌ)

س ا س خدآباد شاخ پاران شڪيل پٺاڻ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار، (روزاني الک 8 آڪٽوبر 1998)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري اعجاز علي ڀٽي ۽ ٻين ميمبرن هڪ بيان ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ شڪيل پٺاڻ جي وفات تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني حقن جي حاصلات لاءِ سندس ڪيل خدمتون وسارڻ کان وڏيون آهن.

ساس شاخ رڪن ٻرڙو جي افتتاحي تقريب ٿي گذري، (روزاني پاڪ 1998/10/13)

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي افتتاحي تقريب گذريل رات 10 آڪٽوبر آچر رات هاءِ اسڪول رڪن ٻرڙو ۾ شاعر سائل لاکو جي صدارت ۾ٿي. جڏهن ته مهمان خاص ساس جهول جو اڳوڻو سيڪريٽري معصوم سانگھڙائي هيو. ساس جهول جي سيڪريٽري نوجوان شاعر نور چاڪراڻي ۽ شهر جي چڱي مڙس رڪن خان ٻرڙو کي اعزازي مهمان طور ويهاريو ويو. مهمانن کي ساس ٻرڙو جي سنڌ ڪائونسل جي نمائندي معشوق لغاري آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪئي. اسٽيج سيڪريٽري مسڻ لغاري هيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ساس رڪن ٻرڙو جي جنرل سيڪريٽري چيو ته اسان جي ننڍي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته هي شهر جيئن هنر ۽ واپار جو  مرڪز آهي ،اهڙي طرح علم ۽ ادب جو مثالي شهر سڏجي. ان کانپوءِ مقامي شاعر ولي محمد وساڻ مهمانن جا ٿورا مڃيا.ان موقعي تي جاني ابڙو، محمد رمضان خاصخيلي، عامر وساڻ، محمد رحيم ملوکاڻي، پريتم جهولائي، حسين بخش، نبي بخش نروار، محمد رفيق ٻگهيو ۽ ٻين شاعري پڙهي داد حاصل ڪئي. ان موقعي تي شاعر سائل لاکو پڻ فن جو مظاهرو ڪيو . ان کانپوءِ طنز ۽ مزاح ۾ شفيع محمد مڱريو ۽ رمضان خاصخيلي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي راڳ جي محفل ۾ استاد بچل خان، تاج محمد، صوفي راڳي ساماڻو، فقير خاصخيلي، ماهي فقير ۽ ٻين فن جو مظاهرو ڪيو.سنڌ ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙا جي سيڪريٽري جمشيد لغاري ۽ ٻين معشوق لغاري، مسڻ لغاري، نبي بخش نروار، جمشيد لغاري، محمد رفيق ٻگهيو، جاني ابڙو، صوڀوخان، ماهي فقير، حسين بخش ۽ ٻين سنڌ جي قومي شاعر حليم باغي جي ناني ۽ وٺي هرهر جنم وربوجي خالق سنڌ جي قومي ڪلاڪار ۽ شاعر جمن دربدر جي والد صاحب جي اوچتي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي جمن دربدر ۽ حليم باغي سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

انڌيرن ۾ ڏيئا کڻي ڏات جا،اچو رات غم جي کُٽايون اچو! (14 آڪٽوبر 1998)

جيئن ته سنڌي ادبي سنگت چانڊڪا ڪاليج هميشه خوشگوار ادبي ماحول پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اِنهيءَ سِلسلي جي ڪڙي طور هڪ ليڪچر جو بندوبست ڪيو ويو ، جنهن ۾ ناميارو اديب ۽ قومي شاعر مقصود گُل قاضي غزل تي ليڪچر ڏنو. ادب دوستن شرڪت  ڪئي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي گڏجاڻيءَ ۾ پڪي الحاق لاءِ درخواست ڏيڻ جي منظوري، (1998/10/19)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي ڪاروباري ڪميٽي جي گڏجاڻي 27 سيپٽمبر 98ع تي ٿي گذري، جنهن ۾  شاخ جي ٻين ڪاروباري معاملن وغيره جي حساب ڪتاب کان علاوه مرڪز کي شاخ جي پڪي الحاق لاءِ درخواست ڏيڻ جي پڻ يڪراءِ منظوري ڏني وئي. ڪ-ڪ جي فيصلي موجب ڪنهن به مناسب وقت تي مرڪزي سيڪريٽري جنرل کي پڪي الحاق جي منظوري لاءِ درخواست ڏئي سگهجي ٿي. درخواست ڏيڻ جو اختيار شاخ کي سيڪريٽري کي ڏنو ويو. اجلاس ۾  جمشيد لغاري، مسڻ لغاري، سوڀو ٻرڙائي، جاني ابڙو ۽ حسين بخش حرفي شريڪ ٿيا.

س ا س طرفان ديوالي جي موقعي تي رچنا رچائي ويندي، (21 آڪٽوبر 1998)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو طرفان ديوالي جي بخت ڀرئي ڏڻ جي خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ۽ ديوالي جون خوشيون گڏجي ونڊڻ لاءِ هڪ ننڍڙي رچنا رچائي وئي آهي. جنهن ۾ شرڪت لاءِ اوهان سڄڻن کي خوب جي ڪوٺ ڏجي ٿي. اسانکي اوهان جي اچڻ جو اوسيئڙو رهندو. اوسيئڙي ۾ سنڌدي ادبي سنگت شاخ ن ٻرڙا سنڌ جو سيڪريٽري.

ساس پاران هندو ڀائرن سان گڏ ديوالي، (21هين آڪٽوبر 1998)

اڄ 21هين آڪٽوبر 1998ع تي ساس رڪن ٻرڙو جي طرفان هڪ ننڍڙي مگر پر وقار تقريب ڏيوالي جي شڀ ڏڻ پنهنجي هندو ڀائرن سان گڏجي ملهايو هن ديوالي “ملن پارٽي” ۾ شهر جي معزز ماڻهن، ڀڳتن ۽ صوفي مت جي پوئلڪن ڀرپور نموني سان شرڪت ڪري سيڪيولر (مذهبي برابري” جو ثبوت ڏنو. آخر ۾ مٺائي تقسيم ڪئي وئي ۽ آيل مهمانن کي چانهه پياري ويئي.

ساس رڪن ٻرڙا جي رنگ برنگي تقريب، (روزاني مهراڻ 22 آڪٽوبر 1998ع حيدرآباد)

رپورٽ: بخش علي هنڱورو

سنڌي ادبي سنگت سان رڪن ٻرڙو هڪ رنگ برنگي افتتاحي تقريب آخر رات هاءِ اسڪول رڪن ٻرڙو ۾ سنڌي بزرگ انقلابي ۽ انوکي شاعر سائل لاکو جي زير صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ مهمان خاص ساس جهول جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ معصوم جذبن جو شاعر معصوم سانگهڙائي هيو. ان کان علاوه اعزازي مهمانن ۾ رڪن ٻرڙو جو قوميءَ حساس جذبن جو قومي شاعرشاد لغاري ۽ ساس جهول جو اڳوڻو سيڪريٽري نوجوان شاعر نور چاڪراڻي ۽ شهر جي چڱي مڙس رڪن خان ٻرڙو کي پڻ اعزازي مهمان طور ويهاريو ويو. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، تلاوت نوجوان ادبي دوست رب ڏنو خاصخيلي ڪئي. آيل مهمانن کي ڀليڪار ساس شاخ رڪن ٻرڙو جي سنڌ ڪائونسل جي نمائندي معشوق لغاري ڪئي، جڏهن ته ساس رڪن ٻرڙو جي سيڪريٽري جمشيد لغاري ساس رڪن ٻرڙو شاخ کولڻ جي مقصد ۽ پس منظر تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته رڪن ٻرڙو شهر پنهنجي پسگردائي ۾ جيترو واپار، هنر ۽ ڏيتي ليتي ۾ ٻه قدم اڳتي آهي ته اوترو ئي وري تعليم جي لحاظ سان پوئتي پيل آهي.هن هيڏي ساري شهر مان صرف چئن پنجن نوجوانن گريجوئيشن ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولڻ جو مقصد اهو آهي ته هتان جو نوجوان لڏو جيڪو رات ڏينهن هوٽلن تي ڊش ۽ وي سي آر تي پنهنجو قيمتي وقت ۽ پئسو زيان ڪري رهيو آهي. انهن کي علم، ادب، ثقافت، ڪلچر ۽ پنهنجي سنڌ جي تاريخ ڏانهن متوجهه ۽ راغب ڪرڻو آهي. اسان جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ۽ خواهش آهي ته هي شهر جيئن واپار ۽ هنر جو مرڪز آهي ائين ئي علم ۽ ادب جو پڻ هڪ مثالي شهر سڏجي. هن هتي جي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ته اوهان وٽ زندگي گذارڻ جو هڪ عظيم مقصد هجي ۽ ان مقصد کي ماڻڻ لاءِ اوهان وٽ پنهنجا اصول هجن. مولانا ابوالڪلام آزاد جو قول آهي ته “اصول مقصد لاءِ هوندا آهن نه ڪي مقصد اصولن لاءِ” اوهان جا مقرر ڪيل اصول جيڪڏهن مقصد ماڻڻ ۾ ناڪام ويا آهن ته انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇو ته هميشه عظيم ۽ اعليٰ شيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ شيءَ ڇڏڻي پوندي آهي. ان کان پوءِ رڪن ٻرڙو جي مقامي سگهڙ شاعر ولي محمد وساڻ پنهنجي شهر ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا، ماهي فقير سندس والد ٽوهه فقير “ٽيڙي” جا شعر پڙهيا. جاني ابڙو، محمد رمضان خاصخيلي، عامر وساڻ، رحيم ملوکاڻي، پريتم جهولائي، حسين بخش “حرفي”نبي بخش نروار، محمد رفيق ٻگهيو ۽ ٻين شاعرن پنهنجي شاعري پڙهي ڪري محفل کان داد حاصل ڪيو. ان کان علاوه اعزازي مهمان محترم رڪن ٻرڙو پنهنجي شاعري پڙهڻ سان گڏ سمورن آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ ساس رڪن ٻرڙا جي دوستن جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ ههڙي محفل رچائڻ تي کين مبارڪون ڏنيون، ٻئي اعزازي مهمان سائين شاد لغاري پنهنجا تازا شعر پڙهي محفل کان خوب داد حاصل ڪيو.خاص مهمان معصوم سانگهڙائي پنهنجي معصوم جذبن واري شاعري پڙهي محفل ۾ نئون رنگ رچايو. مشاعري جي نشست جي صدر سائل لاکو پنهنجا قومي شعر ٻڌايا. هن شعر جي هڪ بند ۾ پنهنجي جذبن جو اظهار هن طرح ڪيو ”ڏينهن ڏکن جا گذري ويندا، سح سکن جا اڀري ايندا، واءُ وصل جو وريو هاڻي، سانگيئڙا سڀ سڌري ويندا “ان کان پوءِ طنز مزاح ۾ محترم شفيع محمد مڱريو ۽ محمد رمضان خاصخيلي پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. ان کان راڳ رنگ جي محفل راڳ جي پارکو ڊاڪٽر اڪبر لغاري جي صدارت هيٺ ٿي. جنهن ۾ استاد بچل خان، تاج محمد “بجلي” صوفي راڳي ساماڻو فقير خاصخيلي، گڏڻ ٻگهيو، ماهي فقير ۽ ٻين پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، حسب دستور آخر ۾ استاد بچل خان سر راڻي سان محفل احتتام تي پهچايو. اهڙي نموني هن رنگ برنگي محفل جي پڄاڻي رات چار وڳي ٿي. (اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض محترم حسن لغاري سرانجام ڏنا)

سرنسريا پاند- اُتر لڳا آءُ پرين، مون تو ڪارڻ ڪانڌ- سهسين سُکائو ڪيون، (1998)

سنڌ جو آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن کي اسان، اوهان ۽ دنيا جا ڏاها وڏي ۾ وڏو شاعر مڃون ٿا،انهي امن جي پيغمبر ۽ آدرشي شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اسان پنهنجي شهر جهول ۾ 24 آڪٽوبر ڇنڇر ڏينهن شام 7 وڳي گورنمينٽ مين سنڌي پرائمري اسڪول جي چمڪندڙ فرش تي جشن لطيف ملهائي رهيا آهيون جنهن ۾ تقريرون، مشاعرو، سوالن جوابن جو سلسلو، ٽيبلو ۽ ٻالڪ فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، انهي سڄي مانڊاڻ جي صدارت، موتين امُلهه شخصيت محترم معصوم سانگهڙائي ڪندا، ۽ خاص مهمان محترم سُندر سنڌي، مرڪزي صدر ٻالڪ ادبي فورم هوندا ۽ اسانجي شهر جون رُوح روان ۽ سماج سڌارڪ شخصيتون محترم سائين الهورايو اُداسي بهڻ، محترم حاجي علي بخش چنڙ، محترم مير عرفان عالم ٽالپور ۽ محترم لال چند صاحب (ڪوهسار ڪاٽن فيڪٽري) اعزازي مهمان هوندا. اوهان ايندو نه؟  اوهان جو اوسيئڙو ڪنداسين. اها نينڍ ٻالڪ ادبي فورم جهول ضلع سانگهڙ طرفان اماڻي ويئي.

س.ا.س رڪن ٻرڙا طرفان حڪيم محمد سعيد جي قتل جي ننڍا، (روزاني عبرت 24 آڪٽوبر 1998ع)

رڪن ٻرڙا (ن-ع) سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي سيڪريٽري جمشيد ۽  ٻين ميمبرن محمد رفيق ٻگهيو جاني ابڙو، فقير محمد خاصخيلي. سلطان خاصخيلي، سوڀو ٻرڙائي، حسن لغاري ۽ ٻين حڪيم محمد سعيد ۽ سندس گارڊ جي وحشياڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قاتلن کي فوري طور تي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته پونئيرنسان تعزيت جو اظهار ڪندي موصوف جي بخشش جي دعا ڪئي آهي.سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ جمشيد يادن جي جهروڪن مان موت نه ماريائون ڏور ڏئي ويا ڏک جي“، سوڀو ٻرڙائي ڪهاڻي “انڌو عقيدو” حسن بخش “حرفي” جنرل مرتضيٰ خاصخيلي ڪافي ، گيگ گل محمد قلي خان ۽ حسن لغاري ترجمو ڪيل فن جي ضرورت مضمون ۽ معشوق لغاري شاعراڻي نثر ۾ جاني ابڙو، ماهي فقير ۽ ٻين حصو ورتو.

ساس رڪن ٻرڙا طرفان ڏياري ملن پارٽي ٿي گذري، ( روزاني مهراڻ 27 آڪٽوبر 1998ع)

رڪن ٻرڙا (ن-م) سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو طرفان ڏياري ملن پارٽي ٿي گذري، جنهن ۾  رڪن ٻرڙا جي غير مسلم رهواسين ۽ ساس ورڪرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ساس جي سيڪريٽري جمشيد لغاري خطاب ڪندي چيو ته اسان وٽ ڪو به مذهبي متڀيد نه آهي، اسان وٽ سڀ کان اُتم رتبو انسان جو آهي. اشوڪ مل، ڀاون مل، صوڀو ٻرڙاڻي، حسن لغاري، ماهي فقير، محمد رفيق جاني ابڙو، حسين بخش صوفي ۽ علي نواز هنڱورو شرڪت ڪئي.

حڪيم سعيد وحشيانه قتل جي مذمت، (98-10-29)

رڪن ٻرڙا (ن-م) سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙا جي سيڪريٽري جمشيد لغاري ۽ ٻين ميمبرن معشوق علي لغاري، مسڻ لغاري، محمد رفيق ٻگهيو، فقير محمد خاصخيلي، جان ابڙو، صوڀو ٻرڙائي، ناشاد مڱريو، غلام قادر خاصخيلي ۽ ٻين حڪيم محمد سعيد ۽ سندس گارڊ جي وحشيانه قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ قاتلن کي هڪدم ڦاهي چاڙهڻ جي گهر ڪندي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ دعا ڪئي ته شال رب پاڪ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي آمين.

سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران شيخ اياز جي ورسي، (1998/10/29)

منهنجي ميز مٿان سئو ڪاغذ پکڙيل هوندا آءُ نه هوندس

 گيت اڌورا. آءُ نه هوندس، ۽ ٻيو ڇا ڇا، آءُ نه هوندس. (اياز)

سنڌي ادبي سنگت شاخ سانگهڙ پاران  شيخ ايازجي پهرين ورسي جي موقعي تي هڪ ادبي پروگرام رٿيو ويو آهي،  جنهن ۾ ادب دوست، شاعري ۽ لکڻيون پڙهندا. ان پروگرام ۾ سمورن واڳيل سڄڻن ۽ اديب دوستن کي شرڪت جي ڪوٺ سيڪريٽري ساس سانگهڙ طرفان ڏني ويئي. پروگرام 98-12-28 سومر ڏينهن منجهند جو 2 وڳي ٿيندو،

ساس خدا آباد شاخ طرفان سنڌ جي مهان قوي شيخ اياز جي پهرين ورسي جي موقعي تي تقريب ، مقررن پاران شيخ اياز کي ڀيٽا ۽ کيس مناسب مڃتا نه ملڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو. (1998/10/29)

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ طرفان تاريخ 98-10-29 بروز سومر بوقت 00-10 بجه بمقام سگا آفيس خدا آباد ۾ سنڌ جي اعليٰ پائي جي شاعر شيخ اياز جي ياد ۾ ادبي ميڙاڪو ٿيو. وڏي عقيدت ۽ احترام سان هن مهان شاعر جي ورسي ملهائي ويئي، ميڙاڪي جي محترم محمد ملوڪ پنهور صدارت ڪئي، ان کانسواءِ محترم محمد ملوڪ پنهور، محترم نظير احمد ڀنڊ، اعجاز علي ڀٽي، مختيار احمد پنهور، محمد ابراهيم ڀنڊ، پيربخش جلباڻي، بشير احمد قريشي. غلام النبي قريشي شريڪ ٿيا. گڏجاڻي جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، ۽ بعد ۾ مرحوم شيخ اياز جي ايثال ثواب لاءِ قل بخشيا ويا. سائين نظير احمد ڀنڊ چيو ته شيخ اياز سنڌ ڌرتي جو مهان شاعر، دانشور ۽ ادبي دنيا ۾ هماليه جهڙو حوصلو رکندڙ انسان هو. شيخ اياز پنهنجي سموري زندگي سنڌي ادب، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي عوام جي شعور کي وڌائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. شيخ اياز بيماري جي بستري تي به ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلمن کان عوام کي آگاهي ڏيندو رهيو. محترم محمد ابراهيم چيو ته هڪ سال اڳ اڄوڪي تاريخ تي اسان کان سنڌي قوم جي آجپي جي جنگ لڙندڙ، پنهنجي قلم کي هميشه ظلم خلاف استعمال ڪندڙ، مهان شاعر شيخ اياز وڇڙي ويو هو. اڄ اسان کي جائزو وٺڻ کپي ته اسان شيخ اياز جي پيغام تي ڪيترو عمل ڪيو آهي، ڪنهن به مهان انسان جي نقش قدم هلڻ سان ئي منزل ماڻي سگهجي ٿي ۽ اڄ اسان کي شيخ اياز جي ادبي واٽ تي هلي قومي آجيي لاءِ جاکوڙڻ کپي. محترم پيربخش برهماڻي چيو ته شيخ اياز جون خدمتون امر آهن. شيخ اياز جي شاعري گهر گهرگونجي رهي آهي. شيخ اياز جسماني طرح اسان کان ڌار ٿيو آهي پر ڌرتي سان سندس روحاني رشتو اڄ به قائم ۽ دائم آهي. محترم بشير احمد قريشي چيو ته جيڪڏهن اسان کي سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻي آهي ته وڌ ۾ وڌ ادب جي سرجڻ جي ڪوشش ڪيون. جيئن شيخ اياز پنهنجي هماليه جهڙي ڏات وسيلي اسان کي خوشبودار لفظن جي مالها ڏيئي ڇڏي آهي. جيڪا وقت بوقت پنهنجي خوشبو منتقل ڪندي رهندي. شيخ اياز جي لکڻين ۾ حق جو پيغام سمايل آهي. اڳتي وڌڻ لاءِ واٽ ڏيکاريل آهي، هر مونجهاري جو حل ڏنل آهي، پڇاڙڪن ڏينهن ۾ شيخ اياز ڌرتي وارن کان ڪجهه رٺل پئي لڳو، جيئن پاڻ فرمايو اٿن.

ويندو سانءَ ته وائڙا، ڏاڍو ياد ڪندين

سير۾ سج ٻڏو ، هوندين جيئن به سڌين، ڏاڍو ياد ڪندين

اسان شيخ اياز کي جيئري اها مڃتا ڪونه ڏيئي سگهياسين جيڪا سندس حق هئي. محترم مختيار احمد پنهور چيوته شيخ اياز هڪ وڏو شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت ٺاهڻ وارو ڪارڪن هو، هن قادري صاحب، مرحوم رشيد ڀٽي صاحب، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سان گڏجي سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏنو ۽ ان ۾ نيون جدتون پيدا ڪيون. اهڙي مهان شاعر جو وڇوڙو واقعي ئي صدمي جو باعث آهي، پر تنهن هوندي به “جو واهوندن ۾ ورڻو آ- سو ماڻهو مُورنه مرڻو آ”. اعجاز علي ڀٽي چيو ته شيخ اياز سنڌي قوم سنڌ ڌرتي کان جسماني طور ڌار ٿي سگهي ٿو، پر روحاني طرح هو امر آهي. شيخ اياز جي شاعري ۾ پنهنجي حقن، ننگن، دنگن جي ڳالهه آهي. سندس شاعري ۾ اڃايل ۽ بکايل رستي جي سئن به آ، ته آمريت لاءِ للڪار آ، پرين لاءِ پڪار به آ، ته اڪيلن مارن جو احساس به آ، شيخ اياز پنهنجي شاعري ذريعي جيڪا جنگ لڙيو آ، سا شايد ڪو گوريلو به نه لڙي سگهي. پيار جو پکيئڙو شيخ اياز ولر کان وڇڙي ڏور اڏري ويو. پنهنجي ديس کي دعائون ڏيندڙ اياز کي ڪيتري مڃتا ملي سا سڀن جي سامهون آهي. تڏهن ته پاڻ فرمايو هئائون: ڀونءُ نه آئي ڀانءَ- الا مان اڏري ويندو سانءَ. آخر ۾ محترم محمد ملوڪ پنهور صاحب چيو ته اسان احسان فراموش ماڻهو آهيون. سندس جيئري اسان کيس گهٽ مڃتا ڏني، سندس وائيس چانسلري واري دور ۾ انهن ساڳين سنڌي شاگردن سندس پتلا ساڙيا ۽ سندن دل آزاري ڪيائون، اسان سندس وڇوڙي تي ڏکويل آهيون، اهڙا ماڻهو صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن. گڏجاڻي خير خوبي سان 00-1 بجه ختم ٿي.

عيد واڌايون، (پاران حميد چنا ضلعي رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو)، (1998/10/29)

عيد الفطر جي موقعي تي روح جي گهراين سان دل جون دريون کولي اوهان جي خدمت ۾ عيد واڌايون پيش ڪندي دعا گهران ٿو ته رب پاڪ اوها کي امن ۽ خوشيءَ سان گڏ ڊگهي ڄمار ۽ شعور جي بلندي عطا ڪري ته جيئن اوهان علم، ادب ۽ انسان ذات جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪري سگهو ۽ اها اوهان ۾ اميد پڻ اٿم.

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي گڏجاڻي ٿي گذري، (روزاني الک 29 آڪٽوبر 1998ع)

سنڌي ادبي سنگ شاخ رڪن ٻرڙا جي دستوري گڏجاڻي معشوق علي لغاري جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ خميسو يادن جي جهروڪن مان موت نه ماريائون ڏور ڏئي ويا ڏک جي، حسين بخش صوفي غزل، حسن لغاري مضمون فن جي ضرورت ترجمو ڪيل، مرتضيٰ خاصخيلي ڪافي ۽ گيت، سوڀو ٻرڙائي ڪهاڻي “انڌو عقيدو“ جڏهن ته  معشوق لغاري شاعراڻو نثر پيش ڪيو.  بعد ۾ خميسو لغاري، حسن لغاري، جاني ابڙو ۽ ٻين حصو ورتو.

سنڌي ادبي سنگت ۾ مرڪزي چونڊن لاءِ ووٽر لِسٽ، نامزدگي فارم ۽ چونڊ- شيڊول جي پڌرائي، (30 آڪٽو بر 1998)

اسان کي ان ڳالهه جي گهڻي خوشي آهي ته، سنڌ سنگت جي موجوده قيادت، آئيني ۽ جمهوري طريقي سان مليل تنظيمي ذميدارين کي، ٻن سالن واري عرصي ۾ بهتر نموني نڀائيندي، نئين قيادت جي چوند عمل تي اچي پهتي آهي. ننڍين وڏين ڪاميابين جو ذڪر “ڪارڪردگي رپورٽ” ۾ ڪنداسين، هتي رڳو اُن هڪ ڪاميابيءَ جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهجي، جيڪا اسان کان وڌيڪ، اوهان جي ڪاميابي آهي اُها آهي، پنجهاهه سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، سنڌ سنگت جي مرڪزي آفيس جي قيام لاءِ، پلاٽ حاصل ڪرڻ جي ڪاميابي، جنهن تي اسان کي سدائين دلي خوشيءَ ۽ فخر محسوس ٿيندو ۽  آس آهي ته، اسان کان پوءِ ايندڙ قيادت، اسان جهڙي نه هجي، اسان کان گهڻو بهتر هجي، جنهن جون ڪوششون اڃا به ڪاميابين جا دَر کولينديون وڃن، لازمي  آهي ته ان لاءِ اوهان کي انتهائي خبرداريءَ، سوچَ سمجهه ۽ صرف سنگت جي مفادن کي نظر ۾ رکي، ايندڙ مرڪزي چونڊن ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.سنڌ سنگت جي ايندڙ مرڪزي چونڊن لاءِ مقرر چونڊ- ڪاميٽيءَ جي فيصلي موجب، چونڊن لاءِ شيڊول جي پڌرائي ڪئي وئي آهي، جنهن جو تفصيل، ڪالهوڪي اجلاس خيرپور ۾ ٿيل فيصلن جو ۽ چونڊ- ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ٿيل فيصلن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي، اُميد ڪجي ٿي ته، اوهان پاران انهن فيصلن جي هر طرح سان پوئواري ڪئي ويندي.

  1. چونڊ- ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جناب وليرام ولڀ صاحب جي ذاتي درخواست تي، مرڪزي چونڊن جي اڳ مقرر ڪيل تاريخ 6 ڊسمبر کي تبديل ڪري 13 ڊسمبر 1998ع ڪيو ويو آهي، ان تاريخ تي چونڊون حيدرآباد ۾ ٿينديون، هنڌ جو اعلان اخبارن ذريعي ڪيو ويندو.
  2. چونڊ- ڪاميٽي، آئين موجب با اختيار هوندي.
  3. ڪنهن به اميدوار جي، ٻئي اميدوار خلاف خطن، اخباري بيانن، پمفليٽن يا پوسٽرن رستي ڪيل منفي پروپيگنڊه کيس چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏياريندي.
  4. ڪنهن به ميمبر/ اُميدوار ڏانهن شاخ يا مرڪز جي بقايا يا واسطيدار شاخ ڏانهن به ڪنهن قسم جي مرڪزي بقايا (نامزدگي فارم في، سالياني الحاق في، خصوصي فنڊ) کيس نا اهل قرار ڏياريندي، اهڙو اُميدوار نه چونڊن ۾ بيهي سگهندو، نه ئي اُن شاخ پاران ووٽ ڏئي سگهندو.
  5. آئين موجب شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر، مرڪزي چونڊن ۾ ووٽ ڏئي سگهندو، جنهن لاءِ کيس چونڊ-ڪاميٽيءَ آڏو، مرڪزي بي باقيءَ جي رسيد ۽ مرڪز پاران چونڊ وقت جاري ٿيندڙ سڃاڻپ ڪارڊ پيش ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ سمورين شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن کي پنهنجا ٻه ٻه فوٽو هڪدم سيڪريٽري جنرل ڏانهن ڏياري موڪلڻ گهرجن.

چونڊن جو  شيڊول

  1. فارمن جمع ڪرائڻ جي تاريخ 10 نومبر کان 2 نومبر 1998ع تائين
  2. فارمن جي جانچ پڙتال 20 نومبر کان 22 نومبر 1998ع تائين
  3. بحال ٿيل فارمن جي اخبارن ذريعي پڌرائي 23 نومبر 1998ع تائين
  4. اعتراض داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 24 نومبر کان 27 نومبر 1998ع تائين
  5. اعتراضن تي چونڊ- اڪاميٽيءَ جي تفصيلي جي پڌرائي 1 ڊسمبر 1998ع
  6. هٿ کڻڻ جي آخري تاريخ 6 ڊسمبر 1998ع
  7. اميدوارن جي آخري لسٽ جي اخباري پڌرائي 8 ڊسمبر 1998ع
  8. چونڊ 13 ڊسمبر 1998ع

هن خط سان گڏ، اوهان کي شاخن جي ووٽر، لسٽ ۽ نامزدگي فارم جو نمونو (۽ ڪ-ڪ- اجلاس خيرپور جي رپورٽ) پڻ موڪلجي ٿي. مقرر في ادا ڪري سنڌ سنگت جو ڪو به ميمبر هيٺ ڄاڻايل مرڪزي عهدن تي بيهي سگهي ٿو، جنهن لاءِ آئيني ۽ ڪ-ڪ- اجلاس خيرپور ۾ ٿيل فيصلن جي پوئواري لازمي ڪرڻي آهي.

  • مرڪزي عهدا
  1. سيڪريٽري جنرل 2. جوائنٽ سيڪريٽري 3. خزانچي 4. آڊيٽر
  • ضلعي رابطا سيڪريٽري
  1. ڪراچي ضلعو 2. ٺٽو ضلعو 3. حيدرآباد ضلعو 4. بدين ضلعو 5. ڀرپارڪر ضلعو 6. سانگهڙ ضلعو 7. نواب شاهه ضلعو 8. نوشهرو فيروز ضلعو 9. دادو ضلعو 10. لاڙڪاڻو ضلعو 11. شڪارپور ضلعو 12. جيڪب آباد 13.. خيرپور ضلعو 14.. سکر ضلعو 15. گهوٽڪي 16. رابطا سيڪريٽري (خواتين شاخون)
  • نوٽ: خواتين شاخن جي رابطا سيڪريٽري لاءِ رڳو، ڪراچيءَ ۽ سکر جي خواتين شاخن جون ميمبر اُميدوار بيهي سگهنديون ۽ کين ووٽ به ٻنهي شاخن جون سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر ئي ڏئي سگهنديون، جڏهن ته هوُ چئن مرڪزي عهدن لاءِ پڻ ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهنديون)

چونڊَ- ڪاميٽيءَ سان سڌي ۽ سهولت واري رابطي خاطر، ڪاميٽيءَ جي چيئرمين ۽ ميمبرن جون ائڊريسون ۽ رابطي جو وقت پڻ ڄاڻائجي ٿو.

جناب ولي رام لڀ صاحب (چيئرمين) B-44، شريف اسڪوائر، حسين آباد، حيدرآبا سنڌ.

فون: 861331/022 وقت: پنجين کان ستين وڳي شام تائين

جناب زيب سنڌي صاحب(ميمبر)100/8-Bعبدالله ٽائون هائوسز، قاسم آباد حيدرآباد سنڌ

فون: 650144/0221 وقت: شام جو ڇهين کان نائين وڳي تائين.

جناب عبدالرسول عباسي صاحب (ميمبر) زرعي يونيورسٽي ڪالوني، ٽپال گهر ٽنڊو ڄام، ضلعو حيدرآباد سنڌ

فون: وقت شام جو پنجين کان نائين وڳي تائين

سنڌ سنگت ڪائونسل اجلاس ايجنڊا اوهان کي، شيڊول مطابق رواني ڪئي ويندي.

ڪتاب ڪميٽي جي ميٽنگ ملتوي ۽ معذرت جو اظهار، (1998/10/30)

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري علي اعجاز ڀٽي ڊاڪٽرگل حيات انسٽيٽيوٽ جي اهم ڪردار ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سنگت طرفان باضابطا خط لکي آگاهه ڪيو تهڪتاب ڪميٽي جي1998/11/08 تي رٿيل گڏجاڻي ڪجهه مجبورين جي ڪري ملتوي ڪئي وئي، جيڪا هاڻ 1998/11/14 تي ٿيندي. خط ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته گڏجاڻي جي ملتوي ٿيڻ تي دل ۾ نه ڪيو ويندو.

سنڌي ادبي سنگت شاهه رڪن ٻرڙا جي گڏجاڻي، ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري پيش ڪئي وئي، (1998/10/30)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙا جي دستوري گڏجاڻي جناب معشوق لغاري جي صدارت هيٺ ٿي گذري جنهن ۾جناب معشوق لغاري، حسن لغاري، جمشيد، ماهي فقير، جاني ابڙو، سوڀو ٻرڙاڻي، ربڏنو  خاصخيلي، حسين بخش ”حرفي“ ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران حڪيم محمد سعيد جي وحشيانه قتل جي ڏک ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان کان علاوه محترمه جمشيد پنهنجو يادن جي جهروڪن مان کنيل مضمون “موت نه ماريائون، ڏور ڏئي ويا ڏک جي” عنوان هيٺ پيش ڪيو، انهيءَ کي دوستن ساراهيو. سوڀو ٻرڙائي پنهنجي “انڌو عقيدو” نالي ڪهاڻي پيش ڪئي. انهي جي دوستن ساراهه ڪئي. حسين بخش “صوفي” پنهنجو غزل پيش ڪيو انهن کي دوستن ساراهيو. هن هڪ استاد بخاري جو جو گيت پڻ پيش ڪيو.  حسن لغاري “فن جي ضرورت” جي عنوان سان ڊاڪٽر نقوي جو لکيل اردو مان سنڌي ۾ ترجمو پيش ڪيو. جنهن ۾ فن جي پهلوئن تي گهرائي سان جائزو ورتل هيو. جنهن کي سموري سنگت تمام گهڻو ساراهيو. معشوق لغاري پنهنجو نثر شاعراڻو پش ڪيو، جڏهن ته جاني ابڙو، صوفي، جمشيد ۽ ٻين تنقيد ۾ حصو ورتو. ايندڙ گڏجاڻي پهرين نومبر 98ع تي ٿيندي.

بهاول خان ڀنڊ جي وفات تي تعزيت جو اظهار، (روزاني الک 6 نومبر 1998ع)

خدا آباد (ت-ر) سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري اعجاز علي ڀٽي، محمد ملوڪ پنهور، محمد ابراهيم ڀنڊ، مختيار احمد پنهور، نعيم ملڪ ۽ ٻين ميمبرن پنهنجي گڏيل بيان ۾ خداآباد جي جهوني سماجي ڪارڪنن بهاول خان ڀنڊ جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ماهوار رپورٽ،( 1998/11/07)

سيڪريٽري- بشير منگي

ڇنڇر تي سنگت جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي محترمه ممتاز مهر جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم ممتاز مهر “سنڌي ادب جو مستقبل” جي عنوان تي ليڪچر ڏنو.98-11-12 ڇنڇر تي سنگت جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي محترم جمال ناصر شر جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم جاويد سنڌو- نثري نظم، ڊاڪٽر خادم منگي- آزاد نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو.98-11-14 ڇنڇر تي سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس محترم مهر خادم جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ محترمه خواجا ذوالفقار- محترم انور ميمڻ- محترم بشير منگي- محترم مهر خادم- محترم ممتاز بخاري ۽ محترم جاويد سنڌو شرڪت ڪئي ۽ بحث ۾ حصو ورتو- هن اجلاس ۾ هڪ اسم تي غور ڪيو ويو، جيڪو محترم فتاح ملڪ جي ميمبرشپ جي بحالي بابت هو- جنهن بابت اڪثريت راءِ سان محترم فتاح ملڪ جي ميمبرشپ کي بحال ڪيو ويو.98-11-7 ڇنڇر تي سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي جو اجلاس محترم انور ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ محترم مهرخادم- محترم ممتاز بخاري- محمد انور ميمڻ- محترم بشير منگي ۽ محترم خواجا ذوالفقار شرڪت ڪئي ۽ حصو بحث ۾ حصو ورتو- هن اجلاس ۾ ٻن اسمن تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ اروڙ تي رٿيل مشاعري جي منظوري ۽ محترم فتاح ملڪ اعزازي ميمبر- سيڪريٽري جنرل واري عهدي تي سندس فارم تي تجويز ۽ تائيد بابت هو- اجلاس ۾ متعقد طور ۽ اڪثريت  راءِ سان اروڙ تي مشاعري جي منظوري ڏني- ۽ فتاح ملڪ صاحب بابت فيصلو ڏنو ته سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي فارم ڀرائڻ لاءِ آئيني طور سنگت شاخ سکر ۾ ميمبرشپ حاصل ڪرڻي پوندي، ان حوالي سان جناب فتاح ملڪ صاحب شاخ سکر جي سيڪريٽري کي ميمبرشپ جي بحالي لاءِ درخواست ڏيندو، جنهن تي سندس ميمبرشپ جي بحالي جو فيصلو ايندڙ ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.98-11-21 ڇنڇر تي سنگت جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي محترم ضياءِ ڀٽي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم سميع پارس- بيت- محترم بشير منگي گيت پيش ڪيا. 98-11 محترم جاويد سنڌو- نثري نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو گڏجاڻي جي آخر ۾ هڪ گڏيل قرار داد ذريعي سنڌ ۾ فوج کي 245- آرٽيڪل تحت ڏنل اختيار ختم ڪري سنڌ اسيمبلي کي بحال ڪيو وڃي، سان سنڌ ۾ فوجي عدالتن جي قيام جي مخالفت ۽ مذمت ڪئي وئي.هڪ ٻي قرار داد ۾ روهڙي سيمينٽ فيڪٽري کي بند ڪري مقامي ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.1998-11-22 آچر ڏينهن سنگت پاران سنڌ جي اڳوڻي گادي واري هنڌ اروڙ جو سير ڪيو ويو، شاهه شڪر گنج جي مزار، حافظ عارف ڀٽي جي مزار- محمد بن قاسم جي مسجد، اروڙ ڳوٺ، ڪالڪا ديوي جو مندر سميت مختلف تاريخي جڳهن جو سير ڪيو، آخر ۾ نيهن جبل جي دامن به رشيد ڀٽي يادگار مشاعرو ڪرايو ويو.هن مشاعري جي صدارت شاعر ادل سومري ڪئي جڏهن ته خاص مهمان ممتاز مهر اعزازي مهمان- احمد خان بلوچ- اختر درگاهي، حضور بخش راهي جن هتان مشاعري ۾ جن شاعرن شعر پڙهيا تن ۾ بشير منگي، ساگر محمد حسين مهر،  سميع پارس، حماد ٻرڙو وهاب ٻرڙو، مصور مهر، جاويد سنڌو پنهل پياسي، سجاد ميراڻي، وفا بلو، بيخود بلوچ، ممتاز صحرائي، ابرار ساگر شاهه، قلب سومرو، نثار رڪ، مشتاق ڀٽي، سرفراز صدف، رشيد سومرو، شڪور شائق سومرو، امراقبال، سارنگ مرکنڊ، ڊاڪٽر خادم منگي، مهر خادم، خواجا ذوالفقار، گوهر سنڌي شامل آهن.

سنڌي ادبي سنگت شاخ جي دستوري گڏجاني، غزل ۽ گيتن جي ورکا،( 1998/11/07)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي دستوري گڏجاڻيجناب ناشاد مڱريو جي صدارت هيٺ گذري، جنهن ۾ جناب جمشيد، جناب جاني ابڙو، جناب سوڀو ٻرڙائي، جناب مسڻ لغاري، جناب مرتضيٰ خاصخيلي، جناب نبي بخش نروار، جناب معشوق لغاري، مرتضيٰ خاصخيلي شرڪت ڪئي ۽ شاهه سائين جا بيت پيش ڪيا، جاني ابڙو پڻ لطيف سائين جا بيت پيش ڪيا، جمشيديادن جي جهروڪي مان بي مقام بچپنو ۽ منهنجو ننڍپڻو پيش ڪيو،  جنهن کي دوستن خواب ساراهيو، سائين مسڻ لغارياسان عاشق مست ملنگ “دوست علي ٻٻر پنهنجو شاعر ۽ پنهنجي “تخليق”  آزاد نظم ٽيڙو ۽ بيتن جي صورت ۾ پيش ڪئي. سندس شاعر ۽ مزاحمت شاعري کي سموري سنگت سان ساراهيو ۽ پڻ مستفيدٿيا. ناشاد منڱريو صدارتي راءِ دوستي جي محنت داد لائق آهي دوستن جون لکڻيون ڏسي خوشي ٿي آهي.جڏهن ته تنقيد معشوق لغاري سوڀو ٻرڙائي جاني ابڙو ۽ ٻين حصو ورتو.

ڪتاب ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي رپورٽ، (1998/11/14)

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي ”ڪتاب ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي بروز ڇنڇر بمقام گورنمينٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو ۾ بوقت 4:30 بجه منعقد ٿي. جنهن جي صدارت جناب غلام النبي قريشي صاحب جن ڪئي. گڏجاڻي ۾ محترم غلام النبي قريشي، محترمه نظير احمد ڀنڊ، محترمه نظير احمد ڀنڊ، محترمه مختيار احمد پنهور، ڊاڪٽر لياقت علي مگسي، محترم محمد ابراهيم ڀنڊ، اعجاز علي ڀٽي شرڪت ڪئي. محترمه مختيار احمد پنهور تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي.محترمه نطير احمد ڀنڊ شاهه سائين جا بيت پڙهيا.

فالو اپ

گذريل گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن موجب:سيد حاڪم علي شاهه بخاري صاحب، ڊاڪٽر لياقت علي مگسي صاحب، محترمه نظير احمد ڀنڊ صاحب تاريخي مواد ۽ نوادرات جي سلسلي ۾ محترمه تاج محمد صحرائي صاحب جن سان مليا. بقول ڊاڪٽر لياقت مگسي محمد محتاج صحرائي صاحب جن کان سڪاگم ٿي ويا آهن ۽ تاريخي مواد لاءِ به ڪامثبت موٽ نه ملي آهي.سيڪريٽري س. ا. س خداآباد شاخ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، محترم شوڪت شورو، محترم عبدالقادر جوڻيجو، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، چيئرپرسن شعبه آثار قديمه، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ محترم محمد ابراهيم جويو طرفان برانچ ڏانهن موڪليل خط پڙهي ٻڌايا ويا. جن تي اطمينان ڪيو ويو.

فيصله

شعبه آثار قديمه، شاهه عبداليف يونيورسٽي ڏانهن بيهر خط موڪليو ۽ جيآثار قديمه جي ڊائريڪٽر جنرل ڏانهن به کوٽائي جي سلسلي ۾ خط لکيو وڃي.خدا آباد جي آسپاسي موجود دڙن جي کوٽائي لاءِ هڪ وفد جناب ڊپٽي ڪمشنر صاحب ضلع دادو، سان ملاقات ڪري، ڊاڪٽر احمد حسين داني ۽ محترمه مختياراحمد کي ڌار ڌار خط لکيا وڃن.

سنڌي ادبي سنگت سنڌ رجسٽرڊ

محترم محمد عثمان ميڻ صاحب جن کان خدا آباد بابت سنجراڻي صاحب جو لکيل مواد حاص ڪيو وڃي.ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صاحب ۽ محترم غلام محمد لالو صاحب جن جو مصروفيتن سبب رهيل ڪم ڊاڪٽر لياقت علي مگسي محترمه الهنواز رڪڻائي، محترم نظير احمد ڀنڊ جي حوالي ڪيو ويو.ڪلهوڙا دور سان وابسته سڪن لاءِ محترم عبدالله خان سابق ايم. اين. اي ٽنڊو آدم کي خط ذريعي گذارش ڪئي وڃي.ايندڙ گڏجاڻي عيدالفطر کان بعد ۾ منعقد ڪئي ويندي، گڏجاڻي خير خوبي سان 6 بجه شام جو اختتام پذير ٿي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي ويهڪ، (15 نومبر 1998)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي دستوري ويهڪ جناب جاني ابڙو صاحب جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم جاني ابڙو صاحب، محترم جمشيد صاحب، محترم معشوق لغاري، محترم سوڀو ٻرڙائي، محترم حسڻ لغاري، محترم فقير محمد خاصخيلي، محترم مرتضيٰ خاصخيلي، محترم ناشاد منڱريو، محترم عباس لغاري، محترم ماهي فقير شرڪت ڪئي.جمشيد پنهنجو آزاد نظم پيش ڪيو جنهن کي دوستن ساراهيو، ۽ معشوق لغاري پنهنجو شاعراڻو نثر ،تعليم ۽ ترقي پيش ڪيو. دوستن کي انهيءَ نظر تي وڌائڻ لاءِ هدايت ڪئي.فقير محمد شاهه صاحب جا بيت پيش ڪيا، سائين مسڻ ڪارل مارڪس جي پهرين لکڻي به عنوان پيشي جو انتخاب ترجمو پڙهيو، جيڪو سنگت تمام گهڻو پسند ڪيو. سوڀو ٻرڙائي لطيف سائين جي وائي ترنم ۾ پيش ڪئي، جاني ابڙو وشال جو غزل پيش ڪيو.صدارتي راءِ ڏيندي جاني ابڙو چيو ته دوستن کي گهرجي ته ڪجهه وقت نه ڪجهه هرڀيري کي اچن ۽ وقت جي پابندي جو خاص خيال رکن دوست هتي وارا گهٽ ناهن، انهن ۾ ڪافي خوبيون آهن. انهن کي اجاگر ڪن پنهنجي پاڻ سان نا انصافي ڪن ايندڙ گڏجاڻي 98-11-29 تي ٿيندي.

رشيد ڀٽي يادگار مشاعرو، (22 نومبر 1998)

ادب ۽ شاعري بي دماغي عياشيءَ ۽ ذهني اوسر نه سمجهڻ کپي شاعري رڳو هڪ سينه جي زلفن،چپن ۽ ڳاڙهن ڳٽن جو ذڪر نه پر ساري سنسار کي حَسين ۽ خوبصورت بنائڻو آهي.سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر پاران ”رشيد ڀٽي يادگار مشاعرو“ سنڌ جي اڳوڻي گادي واري هنڌ اروڙ ۾ قديمي نينهن جبل جي جهولي ۾ هيٺ ڏنل سٽاءُ موجب رٿيو ويو آهي. ان موقعي تي اروڙ جي تاريخي ماڳن جو سير پڻ ڪرايو ويندو ۽ آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي. اوهان کي هن پروگرام ۾ دل جي گهرائي سان ڪوٺ ڏجي ٿي.

سنڌي ادبي سنگت پاران شهنائي نواز آچر فقير جي لاڏاڻي تي ڏکجو اظهار، (روزاني آفتاب 29 نومبر 1998ع)

شهداد پور (ن- آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي سيڪريٽري جمشيد لغاري، معشوق لغاري، مسڻ لغاري، حسين بخش صوفي، جاني ابڙو، سوڀو خان ٻرڙائي، محمد رفيق ٻگهيو ۽ ماهي فقير شهنائي فواد استاد محمد آچر فقير مڱڻهار جي وفات تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته استاد محمد آچر فقير جهڙا فنڪار صدين کان پوءِ جنم وٺندا آهن، هن وڌيڪ چيو ته استاد آچر سنڌ جو سدا ملوڪ شهنائي نواز هيو، هن جي وڃڻ صرف سندس پٽ سوڳوار ٿيا آهن پر سڄي سنڌ ۾ سوڳوار آهي.

سنڌي اد بي سنگت خداآباد شاخ طرفان شاهه رحه جي فڪر بابت ليڪچر پروگرام جو بندو بست ڪيو ويو، (1998/11/29)

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ طرفان تاريخ 98-11-29 بروز آچر بوقت 10 بجه بمقام گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول خدا آباد ۾ عنوان تي شاهه رحه جو فڪر ليڪچر پروگرام جوبندوبست ڪيو ويو. محترم نظير احمد ڀنڊ صاحب ليڪچرڪار طور شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ هيٺ ڄاڻايل ساٿين شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ڪ-ڪ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ محترم محمد ابراهيم پنهور، محترم نظير احمد ڀند، محترم اعجاز علي ڀٽي، محترم الهه بچايو پنهور، محترم محمد ابراهيم ڀنڊ، محترم ابراهيم پنهور، محترم محمد علي جتوئي، محترم محمد خان برماڻي، محترم حنيف برماڻي، محترم بشير احمد قريشي شرڪت ڪئي. ايجنڊا ۾ گذريل ڪارروائي بحال ڪرڻ، سنڌي ادبي سنگت پاران مرڪزي چونڊن تي ويچارڻ، س.ا. س خدا آباد شاخ جي لاءِ سال 1999ع لاءِ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت، ڪوبه اسم وقتي صدر صاحب جي اجازت سان پيش ڪرڻ شامل هو. گڏجاڻي جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي ۽ ان کانپوءِ شاهه سائين جا شعر پڙهيا ويا، س.ا. س خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري گذريل ڪارروائي پڙهي ٻڌائي جيڪا متفقه طور تي منظور ڪئي ويئي.

سنڌي ادبي سنگت شاهه رڪن ٻرڙو جي گڏجاڻي، لطيفي شعر تي شرڪت ڪندڙن جو ڀرپور داد (29 نومبر 1998)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي دستوري گڏجاڻي محترم رياض حسين لغاري جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم جناب ابڙو، محترم مرتضيٰ خاصخيلي، محترم غلام عباس لغاري، محترم جمشيد لغاري شرڪت ڪئي. محترم جاني ابڙو شاعر سُر سارنگ جو شعر پڙهيو، جيڪو سنگت تمام گهڻو ساراهيو ۽ محترم عباس لغاري لطيف سائين جو شعر پڙهي سنگت کان خوب داد حاصل ڪيو. محترم مرتضيٰ خاصخيلي مولانا رحيم بخش قمر جي ياد ۾ امير خيرپوري جو شعر پڙهي سنگت کان خوب داد حاصل ڪيو.جمشيد لغاري پنهنجو آزاد نظم پڙهيو.آخر ۾ وقتي صدر محترم رياض حسين لغاري ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت تي هڪ ليڪچر ڏنو ۽ رڪن ٻرڙا شاخ جي هن ننڍڙي ڪوشش کي ساراهيو، ايندڙ گڏجاڻي 98-12-16 تي رکي وئي.

  • زنگيءَ جو سازُ ساڳيو ٿو وڄي

سالَ گُذري ٿا وڃن

۽ اکين جي ديسَ مان

خوابَ اُڏري ٿا وڃن.

سالُ جو هاڻي اچي ٿو

شالَ سو آڻي اوهان لاٰءِ

محبتون، روشنيون ۽ خوشيون

سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ماهوار رپورٽ: سيڪريٽري  بشير منگي  (پهرين ڊسمبر 1998)

ڇنڇر تي سنگت جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي ڊاڪٽر خادم منگي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم شفيع محمد سومري نظم ۽ محترم شبير منگي عزل تنقيد لاءِ پيش ڪيو. 01/12/98 تي سنگت جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي محترم نعيم شيخ جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم شبير منگي، رائي ۽ محترم شاهنواز سومري نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو.

سنڌ سنگت ڪائونسل جو اجلاس (1998/12/06)

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل اياز گل طرفان هڪ ادارتي خط ذريعي سنگت جي سيڪريٽري، ڪائونسل ۽ ضلعي رابطا سيڪيٽري کي اطلاع ڏنو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس 13 ڊسمبر 1998 (آچر ڏينهن) تي صبح جو يارهين وڳي ٿيندو، اجلاس کانپوءِ سنڌ سنگت جون مرڪزي چونڊون پڻ ٿينديون، جنهن ۾ شاخن جا سيڪريٽري، ۽ ڪائونسلر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اجلاس جي ايجنڊا ۾ گذريل  اجلاس جي ڪارورائي/رپورٽ جي منظوري، سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ ۽ ان جي منظوري، مرڪزي خزانچي پاران مالي رپورٽ ۽ انجي منظوري، عام ۽ تعزيتي ٺهرائن جي منظوري، شامل ڪيا ويا، ان کانسواءِ وقتي صدر جي اجازت سان ٻيا اسم به ايجنڊا ۾ شامل ڪري سگهبا.

خاص ڌيان لاءِ؛

ڪنهن مجبوريءَ سبب ٿيندڙ جڳهه جي تبديليءَ جو اعلان اخبارن ذريعي ڪيو ويندو.  چونڊن وقت، مرڪزي خزانچي/سيڪريٽري جنرل کان بي باقيءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ لازمي آهي، جنهن لاءِ شاخن کي نامزدگي فارم في سالياني الحق في ۽ خصوصي فنڊ جون بقايائون هر صورت ۾ ادا ڪرڻيون پونديون. شاخن جي سيڪريٽري/ڪائونسلرن کي هدايت ڪجي ٿي اڳ ۾ ادا ڪيل رقم جي (سيڪريٽري جنرل، مرڪزي خزانچي يا ضلعي رابطا سيڪريٽري پاران جاري ڪيل) رسيد/رسيدون پاڻ سان ضرور کڻي اچن. شاخن کي وفد فيءَ طور 100 رپيا ادا ڪرڻا آهن.

سنڌي ادبي سنگت ڳوٺ سڌار سنگت گوزو پاران مجلس مذاڪرو منعقد ڪيو ويو (روزاني آفتاب 1986/12/09)

ميهڙ ( علي شير مڱڻهار ت – ر) ڳوٺ سڌار سنگت گوزو ۽ شاهه لطيف ادبي سنگت گوزو ضلعو دادو پاران گذريل ڏينهن ڳوٺ گوزو ۾ ڳوٺ سڌار ڪچهري ۽ پرائمري تعليم تي مجلس مذاڪرو زير صدارت غفار صديقي چيف ڪوآرڊينيٽر مسجد اسڪولس پروگرام سنڌ جي ٿي گذريو. تقريب جو خاص مهمان ايس ڊي او ميهڙ نذر محمد ڪلهوڙو صاحب هو. تقريب کي غفار صديقي، ايس ڊي او ميهڙ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري چيئرمين انگلش ڊپارٽمينٽ پروفيسر غلام حيدر بلوچ سوشل ورڪس سنڌ يونيورسٽي خان محمد پنهور، عبدالجبار لاکير هيڊ ماستر هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه هيڊ ماستر هاءِ اسڪول گوزو، ڳوٺ سڌار سنگتن جو نمائندي ماهر تعليم پ ٽ الف جي نمائنده استادن ۽ شاگردن خطاب ڪيو. تعليم جي سڌاري واڌري لاءِ رٿون، تجويزون ۽ رايا مشورا ڏنا ويا. جڏهن ته ڳوٺ سڌار سنگت گوزو جي سرپرست ۽ ممتاز سوشل ورڪر حاجي جان محمد ڪوريجو سپاسنامو پيش ڪيو. آجيان واري تقريب غلام مصطفيٰ عباسي، وائيس چيئرمين سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت ڪئي. شڪرئي جي تقرير غلام رسول خان ڪوريجو صدر ڳوٺ سڌار سنگت گوزو ڪئي.  آخر ۾ ايس ڊي او صاحب ڳوٺ سڌار پارڪ جو ٻوٽو پوکي افتتاح ڪيو. غفار صديقي، قلندر شاهه لڪياري، غلام حيدر بلوچ پڻ هئا.

ليڪچر پروگرام، (1998/12/11)

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ طرفان سگا آفيس خدا آباد ۾ شاهه سائين جي سُر سامونڊي تي ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو. سائين الهنواز رڪڻائي صاحب ليڪچرڪار طور شريڪ ٿيا. پروگرام جي صدارت محترم محمد ابراهيم پنهور صاحب جن ڪئي. سائين نظير احمد ڀنڊ اعزازي مهمان طور شريڪ ٿيا، ان کانسواءِ پروگرام ۾ الهنواز “نواز” رڪڻائي دادو، ابراهيم پنهور، اعجاز علي ڀٽي، نياز حسين سيال، غلام مصطفيٰ چانڊيو، ممتاز علي ميراڻي، پيربخش جلباڻي، مظهرڪلهوڙو، محمد يوسف ميمڻ، فضل ربي 5.5 بيورو آف ڪريڪيو) ڄامشورو 98-12-11 محمد ظفر اقبال، حاجي محمد صديق پنهور، محمد ابراهيم ڀنڊ، الهه بچايو پنهور، عبدالغفار ميمڻ، مختيار احمد پنهور ۽ محمد علي جتوئي شريڪ ٿيا. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام سان ٿي ۽ محترم الهه بچايو پنهور تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي. محترم محمد ابراهيم ڀنڊ شاهه سائين جا بيت پڙهيا ۽ معزز مهمانن کي بيج لڳايا ويا. س-ا-س جي سيڪريٽري اعجاز علي ڀٽي آجياڻي تقرير ڪئي ۽ معزز مهمان ۽ ليڪچرڪار محترم الهنواز رڪڻائي صاحب جو تعارف پيش ڪيو. ليڪچرڪار محترم الهنواز رڪڻائي صاحب چيو ته هن وقت اسانجي نسل مان شاهه سائين جي شاعري جي دلچسپي گهٽجي رهي آهي. اسان جا نوجوان شاهه سائين جي بيتن جي معنيٰ ۽ تشريح ته ڪونه ٿا سمجهن، بلڪه کين شعر به صحيح نموني پڙهڻ ڪونه ٿو اچي. ان لاءِ اسان سوچيو آهي ته شاهه سائين جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ شاهه سائين جي مختلف شعرن تي ليڪچر پروگرام منعقد ڪيون. شاهه سائين جي شعرن کي اعراب شاهه سائين پاڻ نه پر مشهري ماڻهن ڏنيون آهن. شاهه سائين جي ٻولي ٻهراڙي جي ماڻهن وٽ آهي، لطيف سنڌ جي ۽ سنڌ لطيف جي سڃاڻپ آهي. اسان شاهه سائين کي سيد جي حيثيت سان نه پر شاعر جي حيثيت سان پوڄيو آهي. شاهه سائين جي 37 سُرن مان ڪن رسالن ۾  30 ته ڪن رسالن ۾ 25 سُر بچايا ويا آهن. اها سرناانصافي آهي، سُر سامونڊي شاهه سائين جي سُرن مان هڪ آهي. موسيقي ۾ سري راڳ سان هن سُر جو واسطو آهي، سُر سامونڊي ۾ انهن وڻجارن جو ذڪر آهي جيڪي واپار سانگي پنهنجي ديس کان سالن جا سال ٻاهر رهندا هئا.  “سامونڊي” سري لنڪا ۾ موجود بندر جو نالو  آهي، جنهن جو ذڪر به ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي مقالي ۾ ڪيو آهي پر ڊاڪٽر هن وقت ان ڳالهه تان ڦري ويو آهي. ان جا تاريخي شان جاگرافيائي لحاظ کان موجود آهن. شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ غوراب، دنگي، ڪوئنتل، بتيلي قسم جي ٻيڙين جي وضاحت ڪئي آهي. وڻجارن جو وينون سالن جا سال پنهنجي قرن جو انتظار ڪنديون هيون ۽ انهن لاءِ واجهائينديون هيون. جيئن شاهه سائين فرمايو آهي ته:

وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پليهءَ

اچي ٻارهين ماهه، وايون وڃڻ جون ڪري

شاهه سائين سُر ۾ وڻجارن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو مندون به بيان ڪيون آهن. شاهه صاحب پنهنجي سڄي شاعري مشاهدي ذريعي ڪئي آهي. هن سُر مان خبر پوي ٿي ته دريائي ٻيڙي 3000 مڻ وزن کڻندي ۽ سامونڊي ٻيڙي ته ان کان به وڌيڪ وزن کڻندي هوندي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 60 ماڻهو خلاصي طور جهاز تي ڪم ڪندا هئا.

سائين نذير احمد ڀنڊ سوال ڪيو ته شاهه سائين 3 سال سفر ڪيو، هن ٿوري عرصي ۾ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جو ڪهڙو سبب هو؟ جواب ڏنو ويو ته شاهه سائين 12 سالن جي عمر کان شاعري ڪئي اهي. اهڙي ريت شاهه سائين 51 سال شاعري سان گڏ مشاهدو پڻ ڪيو آهي.

نياز حسين سيال سوال ڪيو ته شاهه سائين مجازي عشق ڪيو آهي؟ جواب ۾ چيو ويو ته شاهه سائين مجازي عشق به ڪيو آهي.

سائين محمد ابراهيم پنهور صاحب صدارتي خطاب ۾ چيو ته سائين رڪڻائي صاحب شاهه سائين جي سُر تي ليڪچر ڏيئي وقت جي ضرورت کي پورو ڪيو آهي. شاهه سائين صرف شاعر نه پر انقلابي اڳواڻ به هو. هن  سُر ذريعي شاهه سائين سنڌ جي جاگرافي، سماجياتي، اقتصادياتي، نيوي، تاريخ جي بيس لائين ڊيٽا ڏني آهي.  شاهه سائين هن سُر ذريعي ازدواجي حيثيت ۾ مضبوط رشتن جي ڳالهه ڪئي آهي. جيڪي ڳالهيون شاهه سائين پنهنجي هن سُر ذريعي ڏيئي ويو آهي. اڄ انهن ڳالهين تي نيوي فوج عمل ڪري پئي. شاهه سائين هن سُر ذريعي سروي ڪئي آهي. ان سروي ذريعي اسان کي ڌرتي جي مالڪي ڪرڻ کپي. پروگرام 6:00 بجه شام جو خير خوبي سان ختم ٿيو.

اسم نمبر 2: س ا س خدا آباد شاخ پاران مرڪزي چونڊن جو اعلان، (1998/12/11)

س.ا.س خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌي ادبي سنگت مرڪز جون چونڊون 13/12/1998 تي حيدرآباد ۾ منعقد ٿينديون. جنهن لاءِ ڪافي دوستن فارم ڀريا آهن، اسان کي هتي گڏيل صلاح سان فيصلو ڪرڻ کپي ته مرڪز جي چونڊ لاءِ ووٽ ڪهڙي ڌر کي ڏيڻ کپي ۽ اهڙا دوست مرڪز سطح تي چونڊڻ کپن، جيڪي سنڌي ادبي سنگت کي ترقي وٺرائي سگهندا. متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ضلع دادو رابطه سيڪريٽري ڊاڪٽر قربان جهتيال جي صلاح سان مرڪز کي ووٽ ڪيو ويندو. سيڪريٽري س.ا.س خدا آباد شاخ ٻڌايو ته سال 1998ع جي آخر ۾ برانچ جون چونڊون منعقد ڪرائڻيون آهن. ان لاءِ هڪ چونڊ ڪاميٽي مقرر ڪرڻ کپي،  جيڪا ڊسمبر جي آخر ۾ چونڊ ڪرائي ۽ هن سال نون دوستن کي موقعو ڏيڻ کپي، جيڪي پنهنجي قلم ۽ سوچ ذريعي برانچ جي سرگرمين ۾ تيزي آڻين ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوششون وٺن. متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته برانچ جي سال 1999ع جي چونڊ لاءِ برانچ جي ڪاروباري ڪاميٽي تاريخ 22/12/1998 تي گڏجاڻي ڪري س.ا. س خدا آباد شاخ لاءِ سليڪشن ذريعي عهديدار چونڊيندي. صدر صاحب جي اجازت سان سيڪريٽري س.ا.س سنگت خدا آباد شاخ دوستن کي گذارش ڪئي ته جيڪي دوست وفد جي صورت ۾  13/12/1998 تي حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندا، مرڪزي چونڊن ۾ شرڪت ڪرڻ چاهين ته اهي نالا لکرائين. متفقه طور تي فيصلو ٿيو ته برانچ جو سيڪريٽري۽ ميمبر سنڌ ڪائونسل حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۽ چونڊ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويندا.

ادبي سنگت ڏانهن پڪي الحاق لاءِ درخواست، (1998/12/12)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو ضلع سانگهڙ تقريبن سال کان سرگرم عمل آهي، جنهن جو ڪچو الحاق تاريخ 16 آگسٽ 1998ع خيرپور ميرس واري ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ منظور ڪيل آهي، شاخ جون ادبي سرگرميون حسب دستور جاري آهن، شاخ جي ادبي سرگرمين کي مدِ نظر رکندي پڪو الحاق ڏيڻ فرمائيندا. سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي ڪ.ڪ جي فيصلي جي ڪاپي ۽ ٻين ادبي سرگرمين جون رپورٽون درخواست گڏ شامل آهن.

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي 16 آگسٽ ڪ ڪ خيرپور واري مرڪزي اجلاس ۾ شاخ رڪن ٻرڙو کي ڪچو الحاق ملڻ کانپوءِ مختصر رپورٽ، (1998/12/12)

آگسٽ 1998ع ماهه آگسٽ 98ع ۾ ٽوٽل ٻه دستوري گڏجاڻيون ٿي گذريون، پهرين گڏجاڻي تاريخ 98-8-9 تي شام 5 وڳي ٿي گذري، جنهن ۾ ٽوٽل 8 ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ ٻي گڏجاڻي 98-8-23 تي ٿي، جنهن ۾ ڪُل 11 ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون لکڻيون پيش ڪيون. 1998ع جي سيپٽمبر ۾ سنگت جون ڪل ٽي گڏجاڻيون ٿيون، پهرين گڏجاڻي 98-9-4  تي ٿي گذري، جنهن ۾ 8 ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ ٻي گڏجاڻي 98-9-20 تي ٿي، جنهن ۾ 8 ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون لکڻيون پيش ڪيون. 98-9-27 تي شاخ جي ڪ - ڪ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڪ - ڪ جي سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ شاخ جي ڪاروباري معاملن تي غور ويچار ڪندي رايا ۽ تجويزون پيش ڪيون. شاخ جي پڪي الحاق لاءِ مرڪز کي درخواست ڏيڻ تي ويچار ڪري گڏيل طور تي درخواست مرڪز کي ڏيڻ جو اختيار شاخ جي سيڪريٽري کي ڏنو ويو، ۽ ساڳي تاريخ سنڌ جي جهوني شاعر سائل لاکو کان هڪ ادبي ليڪچر پڻ ڪرايو ويو ۽ شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري محترم مسڻ لغاري جي اڳواڻي ۾ س ا س رڪن ٻرڙو جي هڪ وفد سنڌ جي سدا حيات شاعر ۽ قومي اڳواڻ شاهه عبدالطيف رحه ۽ شيخ اياز جي مزارن تي حاضري ڏني. 98-10-4 تي س ا س شاخ رڪن ٻرڙو جي افتتاحي تقريب هاءِ اسڪول رڪن ٻرڙو ۾ ٿي گذري، جنهن جي صدارت سنڌ جي بزرگ شاعر جناب محمد هاشم سائل لاکو ڪئي جڏهن ته خاص مهمان س ا س جهول جو سابقه سيڪريٽري جناب معصوم سانگهڙائي ۽ اعزازي مهمانن ۾ محترم نور چاڪراڻي، شاد لغاري ۽  ڳوٺ جو چڱو مڙس محترم رڪن ٻرڙو صاحب جن هئا. راڳ جي نشست جي صدارت راڳ پارکو محترم ڊاڪٽر اڪبر علي لغاري جن کان ڪرائي ويئي. هن تقريب جي تفصيلي رپورٽ ضلعي رابطه سيڪريٽري ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل کي پڻ موڪليل آهي. 98-10-8 تي س ا س جي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري ۽ 98-10-21 تي شهر جي هندو برادري کي ڏياري جي شڀ ڏڻ جي خوشي ۾ “ڏياري ملن پارٽي” ٿي گذري، جنهن ۾ شهر جي مسلم معززن،  ڀڳتن، شاخ جي ميمبرن ۽ ادب دوست ماڻهن شرڪت ڪئي. آخر ۾ مٺائي پڻ تقسيم ڪئي ويئي.

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ مختيار ملڪ 2 سالن لاءِ سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو، حيدرآباد شهر ۾ ٿيل چونڊن ۾ ضراب حيدر جوائنٽ سيڪريٽري، اختر درگاهي خزانچي ۽ اصغر سجاڳ چونڊجي ويا، نبي بخش پريمي ٺٽي، ساگر نوشهروفيروز ۽ ڊاڪٽر قربان جهتيال دادو لاءِ ضلعي رابطا سيڪريٽري ٿي ويا، (روزاني ڪاوش 1998/12/14)

حيدرآباد( اسٽاف رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ نوجوان شاعر مختيار ملڪ ايندڙ 2 سالن لاءِ سنگت جو نئون مرڪزي سيڪريٽري جنرل چوندجي ويو آهي. هن ڪالهه قاسم آباد حيدرآباد ۾  ٿيل چوندن دوران 94 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل اميدوار عزيز ساگر صرف 22 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي لاءِ ضراب حيدر ڪاميابي حاصل ڪئي. کيس 58 ووٽ مليا. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ زخمي چانڊيو 15 ۽ عادل عباسي کي 17 ووٽ مليا. آيڊيٽر جي عهدي لاءِ اصغر سجاڳ سنڌي 53 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. جڏهن ته ٻين اميدوارن ۾ منظور  منگي 15، ماڻڪ ملاح 34، سجاد ميراڻي 17 ۽ سرفراز لاکو ڪوبه ووٽ هاصل ڪري نه سگهيو. خزانچي لاءِ اختر درگاهي 100 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. جڏهن ته سندس مخالف عبدالحئي ڀٽو 5 7 ۽ آزاد انور ڪانڌڙو 7 ووٽ حاصل ڪيا. ضلعي رابطا  سيڪريٽري جي عهدن لاءِ سکر جي اميدوارن بشير منگي ۽ وفا بلو 3-3 ووٽ حاصل ڪيا. جنهن بعد  ڪڻڻ وسيلي وفا بلو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. شڪارپور لاءِ غلام محمد غازي 9 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. جڏهن ته حاڪم گل مهر 8 ووٽ حاصل ڪيا. لارڪاڻي لاءِ ڪريم بلوچ 8 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي.  جڏهن ته ابرار ساگر 6 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. مٺي لاءِ نبي بخش پريمي 7 ووٽ کڻي رابطا سيڪريٽري چونڊجي ويو. جڏهن ته سندس مخالف غلام نبي زنئور کي 3 ووٽ مليا. نوشهروفيروز لاءِ انور ساگر 6 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. جڏهن ته مٺل جسڪاڻي کي 4 ووٽ مليا. جڏهن ته دادو لاءِ ڊاڪٽر قربا جهتيال ۽ گهوٽڪي لاءِ مشتاق ڪلوڙ کي بنا مقابلي رابطا سيڪريٽري چونڊيو ويو. باقي ضلعن ۾ فارم نه ڀرجڻ  ۽ رد ٿيڻ ڪري اليڪشن نه ٿي سگهي، جن جي اليڪشن چونڊيل باڊي پنهنجي نگراني ۾ ڪرائيندي.

اهو سنڌي اديبن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي جو ساس اڄ به زنده آهي: رنگريز، اميد ته نوان چونڊيل دوست ساس کي فعال بڻائڻ لاءِ  ڪوششون ڪندا: ساس جي مرڪزي چونڊن جي اجلاس کي خطاب، اسان ٻن سالن ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو سڀني جي اڳيان آهي، پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪريو ٿا: اياز گل، (روزاني ڪاوش 1998/12/14)

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نامياري شاعر غلام حسين رنگريز چيو آهي ته اهو سنڌي اديبن جي ڏينهن رات ڪوششن جو نتيجو ئي آهي جو اڄ سنڌي ادبي سنگت پنهنجي اصلي صورت ۾ زنده آهي. هو ڪالهه حيدرآباد جي قاسم آباد ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ڪائونسل جي مرڪزي چونڊن جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. هن چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊجي ايندڙ دوست به ساس کي فعال بڻائڻ لاءِ پنهنجون سموريو ن توانايون خرچ ڪندا، ته جيئن سنگت پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري سگهي. ان کان اڳ سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري اياز گل اجلاس ۾ پنهنجي ٻن سالن جي ڪارڪردگي پيش ڪندي چيو ته اسان سنگت جي مرڪزي آفيس لاءِ ڏيڍ لک ۾ پلاٽ ورتو،  جڏهن ته سلطان ٽرسٽ ۽ ٻين کان امداد طور 41 هزار مليا آهن. هن چيو ته اسان ٻن سالن ۾ جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو سڀني جي اڳيان آهي ۽ اسين پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪريون ٿا. هن ان موقعي تي عبدالغفار تبسم، علي احمد بروهي، انعام شيخ، سلطان ٽرسٽ جا پلاٽ امداد طور ڏيڻ ۽  هدايت بلوچ پاران مرڪزي آفيس لاءِ فيڪس مشين ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ سنگت جي مرڪزي خزانچي غلام نبي ناشاد تنظيم جي مالياتي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته سنگت وٽ هن وقت هڪ لک 86 هزار جمع آه. جڏهن ته خرچ 2 لک 41 هزار ٿيو آهي. جن ۾ مختلف ماڻهن جون سنگت ڏانهن رهتون آهن. اجلاس دوران گذرلي ٻن سالن فوت ٿي ويل اديبن، صحافين ۽ سندن مائٽن جي وفات تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.

ساس پاران رد ڪيل لونگاڻي، ڏهرڪي، رڪن ٻرڙا ۽ ملاڪاتيار شاخن جو الحاق يڪراءِ بحال، (روزاني ڪاوش 1998/12/14)

حيدرآباد ( اسٽاف رپورٽر) ساس جي سنڌ ڪائونسل جي اجلاس دوران ميمبرن وچ ۾ ان وقت گرماگرمي پيدا ٿي، جڏهن منٺار سولنگي سنڌي ادبي سنگت پاران شڪارپور جي رد ڪيل لونگاڻي شاخ جو الحاق بحال ڪرڻ لاءِ رٿ پيش ڪئي. رٿ جي مخالفت ڪندي زخمي چانڊئي چيو ته مذڪوره شاخ سرگرم نه هئڻ ڪري ان جو الحاق رد ڪيو ويو آهي. ان ڪري ان کي بحال ڪرڻ وارو مسئلو ساس جي ڪاروباري ڪائونسل جي آئنده اجلاس ۾ کنيو ويندو. ان دوران منٺار سولنگي پنهنجي حمايتي ميمبرن سميت اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري هليو ويو، جنهن کي تاج جويو ۽ ٻين ڪافي دير بعد اجلاس ۾ واپس آندو. اجلاس جي  صدر غلام حسين رنگريز مذڪوره شاخ جو الحاق بحال ڪرائڻ لاءِ ايوان مان ووٽنگ ڪرائي، جنهن لاءِ ڪائونسلرن کانسواءِ ٻين سڀني ميمبرن کي ايوان مان ٻاهر ڪڍيو ويو، پر ووٽنگ کان اڳ زخمي چانڊئي پنهنجي اعتراض واپس وٺندي شاخ کي بحال ڪرڻ لاءِ ووٽ جي تائيد ڪئي ۽ ائين بنا ووٽنگ جي لونگاڻي شاخ جو الحاق بحال ڪيو ويو. مذڪوره شاخ کان لاوه ساس پاران رد ڪيل ڏهرڪي شاخ رڪن ٻرڙا ۽ ملاڪاتيار جو الحاق به يڪراءِ بحال ڪيو ويو.

جهلڪيون: اجلاس سڄو وقت بدنظمي جو شڪار رهيو، هال ۾ موجود ميمبر هڪٻئي کي دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيندا رهيا، اياز گل، تاج جوئي ۽ رنگريز جون ميمبرن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ منٿون، ماني نه ملڻ تي هڪ اديب پليٽ ڀت ۾ وهائي ڪڍي، (روزاني ڪاوش 1998/12/14)

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ساس جي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس جنهن ۾ پوري سنڌ جا مشهور اديب ۽ شاعر موجود هئا، بدنظمي جو شڪار رهيو. سڀئي ميمبر سڄي ڪارروائي دوران گوڙ ڪندا رهيا. هڪ طرف اڳوڻي باڊي جا ميمبر پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندا رهيا ته ٻئي طرف هال ۾ موجود ميمبر هڪٻئي کي ڌمڪيون ۽ دڙڪا ڏيندا رهيا. جنهن ڪري ڪنهن کي به ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. اجلاس دوران اياز گل، تاج جويو ۽ غلام حسين رنگريز ميمبرن کي خاموش رهڻ لاءِ منٿون ڪندا رهيا. غلام حسين رنگريز جي صدارتي تقرير کان وٺي ولي رام ولڀ جي تقرير تائين ميمبرن پاران مختلف موضوعن تي چئوٻول هلندو رهيو. ڪائونسل جي اجلاس بعد ڪيترن ئي اديبن ک يماني نه ملي، جنهن تي سڪارپور، عبدو رستم، چڪ ۽ ٻين علائقن کان آيل اديبن انتظاميا خلاف شيم شيم جا نعرا هنيا ۽ پليتون وڄائيندا رهيا. ماني نه ملڻ تي هڪ اديب پليٽ ڀت ۾ وهائي ڪڍي، جنهن تي چئوطرف خاموشي ڇانئجي وئي. ان موقعي تي هن ٻڌايو ته اسان کان پئسا وٺي به اسان کي ڪجهه نه کارايو ويو آهي. اجلاس دوران به اميدوار هڪٻئي کان هٿ کڻائڻ ۾ رڌل هئا.

اتهاسي ۽ ساهتي ميڙاڪو (1998/12/18)

سنڌي ادبي شاخ جوهي 18 ڊسمبر 1998ع تي شام جو 4 وڳي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر ڪناري اتهاسي ۽ ساهتي ميڙاڪو ڪوٺائي رهي آهي، جنهن ۾ سنڌو تهذيب، تمدن ۽ ثقافت کي صدين کان سانڍيندڙ هن ڍنڍ جي تاريخي، ثقافتي، تمدن، معاشي ۽ سماجي حيثيت موجوده پست حالتن تي سنڌ جا ناميارا اديب ڏاها، محقق ۽ تاريخدان ويچار ونڊيندا. هن تاريخي ڏڻ جي اهم ميڙ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي. مقالن واري سيشن جي صدارت سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ ڪندو. خاص مهمانن ۾ محترم علم الدين بلو (ڊي سي او دادو)، اعزازي مهمان محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ،  تاج صحرائي، ۾هترم حاڪم علي شاهه بخاري، محترم غلام شاهه جيلاني (ايم پي اي جوهي) محترم ذوالفقار شيخ (انفارميشن آفيسر دادو) ۽  محترم عزيز ڪنگراڻي هوندا. مشاعري جي صدارت سرڪش سنڌي ڪندو، جڏهن ته راشد مورائي خاص مهمان هوندو. اعزاز مهمانن ۾ محترم ادل سومرو، اياز گل، محترم ڪوثر ٻررو، نصير مرزا، محترم آثم ناٿن شاهي ۽ محترم احمد خان مدهوش هوندا.  ان موقعي تي راڳ رنگ جي محفل مچائبي، جنهن ۾ سنڌ جا باصلاحيت راڳي صادق فقير، خادم سخيراڻي ۽ مقامي گلوڪار حصو وٺندا. ميڙاڪي لاءِ سهڪاري سڄڻن ۾ نذير محمد شاهاڻي مختيارڪار جوهي، شريف ٿهيم پاپوليشن آفيسر دادو، جيوڻ خان بلوچ پرنسپال استاد بخاري ڊگري ڪاليج، نبي بخش جمالي، فاروق رند، غلام نبي ٿهيم ۽ منڇر، ساحل سڌارڪ تحريڪ شاهه حسڻ شامل آهن. ٻاهران ايندڙ هر مهمان کي بس اسٽاپ جوهي تي سنگت جوهي جا ڪارڪن منتظر ملندا. جوهي کان منڇر تائين سواريءَ جو بندوبست ٿيل آهي. مهمانن کي گذارس آهي ته ٻه وڳي تائين جوهي ۾ “ساحل” آفيس پهچن ته جيئن کين ميڙاڪي ۾ ملهائتو پهچائي سگهجي.

ساس باڊهه طرفان غلام نبي ڪولاچي سان رهاڻ، (20 ڊسمبر 1998)

سنڌي ادبي سنگت باڊهه جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ شاعر جي رنگ رتي پيچري جي راهي، مزاحمتي شاعر ۽ مخلص استاد سائين غلام نبي ڪولاچي سان سندس ڪيل خدمتن جي ڀيٽا طور سنڌي ادبي سنگت باڊهه هڪ خوبصورت رهاڻ رچائي رهي  آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا شاعر ۽ سندس همصر سندس شاعري ۽ شخصيت تي مقالي ۽ مضمون پڙهندا. رهاڻجي صدارت سرڪش سنڌي ڪندو، خاص مهمان سرمد چانڊيو هوندو ۽ اعزاز مهمانن ۾ جواد جعفري، منٺار سولنگي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ واحد ڪانڌڙو هوندو. رهاڻ گرلز ووڪيشنل اسڪول لڳ امام بارگاهه نئين باڊهه ۾ 20 ڊسمبر 1998ع آچر ڏينهن رچائي ويندي.

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاهه جي ڪاروباري ڪميٽي جي گڏجاڻي، نوان ميمبرز چونڊيا ويا، (1998/12/22)

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي تاريخ بمقام سگا آفيس خدا آباد ۾ ٿي گذري. گڏجاڻي جي صدارت محترم نظير احمد ڀنڊ جن ڪئي. محترم نظير احمد ڀنڊ،  محترم اعجاز علي ڀٽي،  محترم محمد ابراهيم ڀنڊ،  محترم ملوڪ پنهور،  محترم بشير احمد قريشي ۽  محترم پيربخش جلباڻي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيا. گڏجاڻي جي ايجنڊا ۾ گذريل ڪارورائي بحال ڪرڻ، ۽ سال 1999ع جي برانچ جي چونڊن تي ويچارڻ شامل هئا. گڏجاڻي ۾ تلاوت ڪلام پاڪ محترم محمد ابراهيم ڀنڊ جن ڪئي. س.ا.س خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري شاهه سائين جا بيت پڙهيا. سيڪريٽري س.ا.س سنگت خدا آباد شاخ ساٿين کي ٻڌايو ته هن وقت تائين شاخ جا ڪُل 17 ميمبر آهن، جيڪي سال 1998ع لاءِ سنگت جون رهتون ادا ڪري بيباق ٿي چڪا آهن. ۽ اوهان سڀ ڄاڻو ٿا ته هر سال ڊسمبر جي مهيني قانون موجب برانچ جو ڪاروباري سال پورو ٿيندو آهي، اهڙي طرح سنگت جي مرڪزي سطح جي باڊي جو مدو ٻن سالن بعد مدو پورو ٿيندو آهي، هن سال مرڪز جي ڪاروباري ڪاميٽي جي 98-12-13 تي قاسم آباد حيدرآباد ۾ مرڪزي چونڊون ٿيون ته اسان جو ڪائونسلر، جيڪو هن واري پروگرام تحت حيدرآباد نه پهتو، مون پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن تحت ٻن سالن لاءِ سنڌي ادبي سنگت جا مرڪزي عهديدار چونڊيا ويا آهن. محترم مختيار ملڪ سيڪريٽري جنرل، ضراب حيدر جوائنٽ سيڪريٽري، اختر درگاهي ۽ اصغر سجاڳ چونڊيا ويا. چونڊ بهتر نموني ٿي، جنهن ڪاميٽي پاڻ ملهايو جنهن لاءِ کين جس هجي. سيڪريٽري ادبي سنگت خدا آباد شاخ سڀني چونڊيل مرڪزي عهديدارن جي علمي ۽ ادبي صلاحيتن بابت آگاهي ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل باڊي س.ا.س کي وڌيڪ سگهارو بنائندي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي وڌيڪ شاهوڪار ڪندي ۽ پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جاکوڙيندي. س.ا.س  جي سيڪريٽري ٻڌايو ته پهرئين ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي جيڪا حيدرآباد ۾ ٿي نون چونڊ جي آيل ساٿين اهم فيصلا ڪيا آهن. اهي فيصلا تاريخي ثابت ٿيا. هن محترم مختيار ملڪ جي چونڊجڻ کي حوصله افزا قرار ڏنو. ضلعي رابظه سيڪريٽري طور ڊاڪٽر قربان علي جهتيال اڳ ۾ سال 1999ع ۽  2000ع لاءِ دادو ضلع جو رابطه سيڪريٽري چونڊ جي آيو آهي، جناب جهتيال صاحب جو بنا مقابلي چوندجڻ سندس سٺي ڪم جي مڃتا آهي. هن اميد ظاهر ڪئي تهه اسان کي ڊاڪٽر جهتيال جو مستقبل ۾ ڀرپور ساٿ رهندو. سيڪريٽري خدا آباد شاخ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته س.ا.س خدا آباد شاخ جو سمورو رڪارڊ مڪمل آهي. جنهن وڌيڪ چيو ته مان ڪ.ڪ جي سڀني ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، جن سال 1998ع لاءِ موسان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ منهنجي حوصله افزائي ڪندي ادبي سرگرمين کي سگهارو بنايو. هن ٻڌايو ته سال 1998ع دوران مون ڪل پروگرام ترتيب ڏنا. جنهن ۾ خدا آباد تي تاريخي ڪتاب شايع ڪرڻ وارو ڪم پڻ هٿ ۾ کنيو ويو، هن ڪم کي انشاالله جلد مڪمل ڪري ڪتاب شايع ڪرڻ جو بندو بست ڪيو ويندو. هن موقعي مالي سيڪريٽري پنهنجي سالياني آمدني ۽ خرچ جا وچور پيش ڪيا جنهن تي اطمينان ڪيو ويو. آمدني 3920 ۽ خرچ 3920 رپيا هو.  الي سيڪريٽري جا پيش ڪيل وچور منظور ڪيا ويا، ان کان پوءِ ادبي سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبرن محترم محمد ابراهيم ڀنڊ، محترم محمد ملوڪ پنهور، محترم بشير احمد قريشي، خيالن جو اظهار ڪيو ۽ محترم اعجاز علي ڀٽي جي ڪيل ڪم جي تعريف ڪئي ۽ سال 1998ع جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي هن اسم تي ڳالهائيندي محترم نظير احمد ڀنڊ چيو ته محترم اعجاز علي ڀٽي هن سال موسان شاخ کي متحرڪ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. مرڪز سان رابطه بهتر ڪيا آهن ۽ ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿي، س.ا.س جي ڪم جي آئيني گهرجن کي سٺو نڀايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ميمبرن کي بي باق ڪرڻ ۽ رڪارڊ جوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، هن سڀني ساٿين سان بهتر رابطه پيدا ڪيا آهن. انڪري هن اعجاز علي ڀٽي جي ڪم جي ڀرپور تعريف ڪندي آئينده تعاون جو هٿين ڏياريون. هن وڌيڪ چيو ته سال 1999ع جي لاءِ شاخ جون چونڊون ٿيون آهن. انهي ڪري جيڪڏهن سڀ ساٿي متفق ٿين ته هن مهيني جي تاريخ س.ا.س خدا آباد شاخ جون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ جيڪڏهن هي هائوس جيڪو فيصلو ڪري ته ان لاءِ فيصلو ڏئي. هن رٿ ڏني ته متفقه طور س.ا.س خدا آباد عهديدار چونڊيا وڃن ته شاخ جو ڪم ڀرپور نموني سرانجام ڏئي سگهجي.ان کانپوءِ هيٺ ڏنل يڪراءِ فيصله ڪيا ويا. يڪراءِ فيصلو ڪري سال 1999ع لاءِ س.ا.س خدا آباد جي لاءِ عهديدار چونڊيا ويا. جيڪي هيٺ ڄاڻايل آهن. اعجاز علي ڀٽي سيڪريٽري، محترم مختيار احمد پنهور  جوائنٽ سيڪريٽري، محترم محمد ابراهيم پنهور  خزانچي، محترم الهه بچايو پنهور  آڊيٽر ۽ شبير احمد قريشي ميمبر سنڌ ڪائونسل چونڊيا ويا. ڪاروباري ڪميٽي ۾  محترم نظير احمد ڀنڊ، محترم محمد ملوڪ پنهور، محترم غلام نبي قريشي، محترم الطاف حسين ڀند ميمبر منتخب ڪيا ويا. ان کانسواءِ  سال 1998ع جي سٽي بيان ڪيل آمدني خرچ کي ليڪراءِ بحال ڪيو ويو. فيصلو ڪيو ويو ته 98-12-30 تي ضلع رابطه سيڪريٽري کي خدا آباد دعوت ڏني ويندي ۽ نئين باڊي کان حلف ورتوويندو. سيڪريٽري س.ا.س خدا آباد شاخ کي اختيار ڏنو وتو ته نئين چونڊيل مرڪزي باڊي ۽ ضلع رابطه سيڪريٽري کي مبارڪ باد ڏيئي شاخ طرفان تعاون جو يقين ڏيارڻ لاءِ خط لکي. خدا آباد تي تجويز ڪيل ڪتاب جي ڪم جو جائزو وٺي سيڪريٽري ايندڙ گڏجاڻي ۾ رپورٽ پيش ڪري. صدر صاحب جي اجازت سان ماهه رمضان کانپوءِ خدا آباد ۾ ڪوبه ادبي ميڙاڪو منعقد ڪرڻ لاءِ محترم محمد ملوڪ پنهور رٿ ڏني. ٻين ساٿين ان جي تائيد ڪئي ۽ ايندڙ خرچ جو گڏجي پورائو ڪرڻ جي رٿ ڏني. جيئن ته جناب الهه نواز رڪڻائي صاحب خدا آباد ۾ س.ا.س جي گذارش تي ليڪچر ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ هن سلسلي کي جاري رکڻ جي پڪ ڏياري آهي آهي، سائين رُڪڻائي صاحب جي محنت طلب ڪم جي تعريف ڪئي ويئي ۽ شڪريو بجا آڻڻ لاءِ خط لکڻ بابت سيڪريٽري کي اختيار ڏنو ويو ۽ وڌيڪ فيصلو ٿيو ته س.ا.س خدا آباد جا عهديدار گڏجي خدا آباد ۾ ميڙاڪا منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪن ته کين اختيار هوندو، پر اهڙو اطلاع اڳواٽ دوستن کي ملڻ گهرجي. خرچ جو پورائو سڀ دوست گڏجي ڪندا. ان بعد گڏجاڻي 00-6 بجه خير خوبي سان پوري ٿي.

سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ کي جنم ڏينهن جون واڌايون، (1998)

سائين سدا جيئو  ۽خوشيون ماڻيون، شال اوهان جي تخليقي سگهه اڳي کان اڳري رهي ۽ جنم ڏينهن جون واڌايون هجن.

سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو پاران خليل جبران لٽرري سوسائٽي جي سهڪار سان عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جي ڪتاب “نيڻن جي آڳر ۾” جي مهورت واري تقريب، (1999/02/13)

نامياري شاعر عبدالغفار تبسم جي نئين نڪور شاعريءَ جي ڪتاب “نيڻن جي آڳر ۾” جي مهورت واري تقريب سپنا هوٽل لاڙڪاڻي ۾ شام جو ڇهين وڳي رکي ويئي. جنهن لاءِ ادب ۽ شاعري سان لڳاءَ رکندڙ دوستن شرڪت ڪئي. مقالن جي ويهڪ لاءِ صدارت جا فرض جناب عبدالقادر منگي انجام ڏنا. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو خاص مهمان هئا. ان کانسواءِ محترم ادل سومرو، قاضي قمر الدين، انعام شيخ ۽ حسام الدين لانگاهه اعزاز مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ڪئي. محترم منظور بلوچ، پروفيسر احمد بخش ڪٽپر، رزاق سهتو، وسيم سومرو، بشير منگي، چندر ڪيسواڻي، محمد علي پٺاڻ ۽ همسفر گاڏهي ڪتاب تي ڳالهايو. پروگرام جي ميزباني واريون ذميواريون منٺار سولنگي نڀايون. شاعريءَ جي ويهڪ جي صدارت ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪئي. اعزاز مهمانن ۾ محترم سميع بلوچ، محترم قاضي مقصود گل، علي گل سانگي صاحب، محترم حميد سبزوئي هئا. محترم ذوالفقار سيال، رکيل مورائي، محمد علي مانجهي، آس زميني، خليل عارف سومرو، ممتاز بخاري، سجاد ميراڻي، ذاڪر حسين کٽي، جميل شهزاد، صفر ڪلهوڙو منظور منگي، زخمي چانڊيو، سرمد چانڊيو، اسد سولنگي، رمضان نول، ايوب گاد، پير بخش پياسي ڪنڀر، آدرش، اطهر منگي، جواد جعفري، عظيم سولنگي، امر اقبال، مختيار سمون، منير سولنگي ۽ احمد سولنگي شاعري پڙهي. راڳ رهاڻ جي محفل ۾ ڪلاڪار منظور سخيراڻي، غلام شبير سمون، عاشق حسين نظاماڻي، نذير حسين سمون، الغوزه نواز، الهه ڏنو ٻانهاڻي ۽ اسلم تنيو گيت پيش ڪيا.

رشيد ڀٽي جي ياد ۾ ادبي ميڙاڪو (1999/03/15)

سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اديب ۽ دانشور مرحوم رشيد ڀٽيءَ جي چاليهي جي موقعي تي سندس ياد ۾، سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر پاران هڪ ادبي ميڙ 25 مارچ جمعي ڏينهن صبح جو نائين وڳي جاگيراڻي محلي سکر ۾ ٿيندو، جنهن ۾ رشيد ڀٽي جي فن ۽ شخصيت بابت ناميارا ليکڪ مقالا ۽ تاثر پڙهندا. انهي ميڙ جي صدارت برک شاعر ۽ دانسور مانوارو شيخ اياز ڪندو. دوستن کي ميڙ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويئي. ميڙ دوران فتاح ملڪ آجيان ڪندڙ جون  ذميواريون ادا ڪندو.

شاعر مختيار سمون جي شاعريءَ جي مجموعي جي مهورت واري تقريب (1999/04/20)

سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو طرفان نوجوان شاعر مختيار سمون جي شاعريءَ جي مجموعي ”وفائون منتظر آهن“ جي مهورت منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ ادب دوستن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي. تقريب جي صدارت اياز گل ڪئي. مختيار سمون خاص مهمان ۽ ڊاڪٽر محمدپٺاڻ، رضوان اعزاز مهمان طور شريڪ ٿيا. سرڪش سنڌي، هدايت منگي، ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو،  ڊاڪٽر بشير احمد شاهه، سعيد ميمڻ، جواد عفري، ايوب گاد، عادل عباسي، يامين بلوچ، ادا فضل قاضي، رئوف عباسي، ڪامل امداد جتوئي مقالا پڙهندا. سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو جي سيڪريٽري ۽ ميمبرن طرفان جاري ڪيل دعوتنامي پٽاندڙ تقريب واپڊا ليبر هال نزد جنرل پوسٽ آفيس لاڙڪاڻو منعقد ڪئي وئي

مصور  حفيظ قاسماڻيءَ جي تصويرن جي نمائش (1999/04/20)

سنڌي ادبي سنگت بگيءَ طرفان نوجوان ۽ ذهين مصور  محترم حفيظ قاسماڻيءَ جي، سنڌ جي عظيم ۽ قديم تهذيبي آثارن موهن جي دري جي پس منظر ۾ چتيل تصويرن جي نمائش عيدالفطر جي ٻئي ڏهاڙي تي دانشور ۽ اديب ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي اباڻي ڳوٺ ٻنڊيءَ (لڳ موهن جو دڙو) ۾ صبح جو 10 وڳي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي مشهور مصور محترم رضوان صاحب خاص مهمان هوندو. ساس بگيءَ شاخ جي سيڪريتري حاڪم منگيءَ طرفان اماڻيل دعوتنامي ۾ ادب دوستن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي.

ساس لاڙڪاڻو پاران عيد ملن پارٽي ۽ مشاعرو منعقد ڪيو پيو وڃي، (1999)

سنڌي ادبي سنگت ضلعو لاڙڪاڻو پاران عيد ملن پارٽي مشاعرو عيد جي ٻئي ڏينهن تي منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ دوستن کي دل جي گهراين سان شرڪت جي دعوت ڏني وئي. ان موقعي تي شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن جي 2 ماهي تعارفي گڏجاڻي به ٿيندي. پروگرام پي وي پرائمري اسڪول نزديڪ ڪينيڊي مارڪيٽ لاڙڪاڻو ۾ منعقد ڪئي ويندي. پروگرام لاءِ سهڪار ڪندڙن ۾ ساس شاخ لاڙڪاڻو جو سيڪريٽري مختيار سمون ۽ ساس سنگت لاڙڪاڻو جو رابطا سيڪريتري ڪريم بلوچ شامل آهن.

سنڌي ادبي سنگت طرفان “سنڌي ادب ۾ نوجوان اديبن جو ڪردار ” جي عنوان هيٺ ليڪچر ڪرايو پيو وڃي (1999/09/08)

سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز برانچ پاران تاريخ 18 سيپٽمبر اربع ڏينهن صبح جو 9 وڳي آرٽس فيڪلٽي جي آڊيٽوريم ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سڄاڻ اديب محترم تاج جويو کان “سنڌي ادب ۾ نوجوان اديبن جو ڪردار ” جي عنوان هيٺ هڪ ادبي ليڪچر ڪرايو پيو وڃي، جنهن جي صدارت محترم ظفر حسن شاهه ڪندو. ليڪچر کانپوءِ نوجوان شاعر پنهنجا شعر پڻ پڙهندا. سمورن ادب دوست ساٿين کي دل جي گهراين سان ليڪچر پروگرام شرڪت جي دعوت ڏني وئي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ماهوار رپورٽ 13- ڊسمبر 1999ع تائين: سيڪريٽري بشير منگي، (1999/12/13)

ڇنڇر تي سنگت جي هفتيوار دستوري/ الودائي گڏجاڻي محترم عبدالغني مهر جي صدارت هيٺ ٿي گذري، هن گڏجاڻي ۾ اسم جي تنقيد کانسواءِ سال 98ع جي سنگت جي ڪارڪردگي جي جائزو ورتو ويو، جنهن تي محترم مهر خادم، محترم شيخ ارشاد، محترم قدير انصاري، محترم خواجا ذوالفقار، محترم شوڪت خواجائي ۽ محترم خواجا ذوالفقار خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته سنگت جي سيڪريٽري بشير منگي سال 98ع جي سنگت شاخ سکرجي ڪارڪردگي تي خيالن جو اظهار ڪيو، ۽ دوستن جا ٿورا مڃيا. هن گڏجاڻي ۾ شيخ ارشاد هائيڪا تنقيد لاءِ پيش ڪيا. 03/01/1999 آچر تي سنگت پاران سنڌ جي سدا حيات ۽ سرموڙ شاعر شيخ اياز جي پهرين ورسي ملهائي وئي، هن ورسي واري پروگرام جي صدارت محترم  تاج جويو ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان اياز گل ۽ اعزازي مهمان اختر درگاهي هئا. ميزبان جي حيثيت ۾ بشير منگي ۽ ڪمپيئر محترم ڊاڪٽر خادم منگي مٿي اسٽيج تي ويٺا. هن پروگرام ۾ محترم خواجا ذوالفقار محترم زاهد منگي عباسي، محترم شيخ ارشاد، محترم بشير بيدار ڀٽو، محترم زاهد منگي، محترم گيانچند وڪيل، محترم غلام رسول سهتو، محترم ادل سومرو ۽ محترم خالد بروهي خيالن جو اظهار ڪيو. 09/01/1999 ڇنڇر تي سنگت جي سالياني چونڊ محترم وفا بُلي رابطا سيڪريٽري ضلعو سکر ۽ محترم انور ميمڻ ميمبر چونڊ ڪاميٽي جي نگراني ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ سيڪريٽري محترم جاويد سنڌو، خرانچي ڊاڪٽر خادم منگي، آڊيٽر بچل شيخ، ڪائونسلر محترم عبدالغني مهر، ميمبر ڪاروباري ڪميٽي لاءِ محترم بشير منگي، محترم مهر خادم منگي، محترم اسد عباسي ۽ محترم شوڪت خواجائي، چونڊ جي آيا، چونڊ گڏجاڻي ۾ 28 ميمبرن مان 20 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، چونڊ گڏجاڻي کي نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري محترم خواجا ذوالفقار، سابق سيڪريٽري بشير منگي ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم وفا بُلي خطاب ڪيو.

ساس خدا آباد شاخ جون 1999/12/30 تي سگا آفيس حيدرآباد ۾ چونڊون

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي سال 1999ع جي لاءِ نون چونڊيل عهديدارن جي حلف وفاداري جي تقريب ٿي گذري. جنهن جي صدارت جناب ڊاڪٽر قربان جهتيال صاحب جن ڪئي. تقريب ۾  ڊاڪٽر قربان علي جهتيال، محترم اعجاز علي ڀٽي، محترم مختيار احمد پنهور، محترم محمد ابراهيم ڀنڊ، محترم پيربخش جلباڻي، محترم نظير احمد  ڀنڊ، محترم محمد ملوڪ پنهور، محترم غلام النبي قريشي، محترم غلام رسول ڏاوچ شرڪت ڪئي. ڪاروائي رجسٽر ڏنو ويو.  تمام سهڻي نموني ڪاروائي لکي وئي آهي، خوشي جي ڳالهه آهي ته هيءَ شاخ تمام سرگرم آهي، شاخ جي سيڪريٽري ۽ ٻين عهديدارن کي واڌايون ڏجن ٿيون.

عاشق انور ڏنگڙائيءَ جي تازو شايع ٿيل ڪتاب “ڏوٿي انهيءَ ڏيهه جا” (ٿر جو سير) جي مهورت واري تقريب (1999)

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري طرفان عيدالفطر جي ٻئي ڏينهن نئين ٽهيءَ جي سڄاڻ ليکڪ ۽ ڀتائي جي عاشق انور ڏنگڙائيءَ جي تازو شايع ٿيل ڪتاب “ڏوٿي انهيءَ ڏيهه جا” (ٿر جو سير) جي مهورت واري تقريب منعقد ڪئي پئي وڃي.  تقريب جي صدارت سوڀو گيانچنداڻي ڪندو. جاري ڪيل دعوتنامي موجب تقريب حيدر بخش جتوئي ميموريل سائنس ڪاليج ڏوڪري، لاڙڪاڻو ۾ منعقد ڪئي ويندي.

Good Wishes