"شاعري جي ڪئنواس جو سڪيلڌو شاعر - ارجن حاسد"
✍🏻ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي 
هندستان جي ساهت جي ٻنهي شاخائن تي جيڪڏهن ساهتڪ چمشو پائي نظم چاهي نثر جي ميدان تي پري پري تائين نظر وجهبي ت فقط هڪ ئي سڪيلڌو نج سنڌي شاعر ملندو. 
شاندار شخصيت جو مالڪ , صاف سٿرو , مشڪندڙ چهرو, ادب, عزت ۽ مان وارو هندستان جو هڪ ئي سڪيلڌو شاعر مان ڀانيان ٿي سموري هندستان ۾ اهڙو ڪو ب اديب ساهتڪار يا شاعر ڪون آهي جنهن فقط ساهت جي هڪ ئي صنف تي قلم هلايو هجي. جنهن ڪري مون هن ليک عنوان لکيو آهي شاعري جي ڪنواس جو سڪيلڌو نج شاعر  - ارجن حاسد جنهن جو جنم 7 جنوري 1930 ۾ سنڌ جي  
 ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو . ڪنڊياري شهر ۾ پرائمري تعليم پرايائين ۽ ورهاڱي واري سال 1947 ۾ پنچائتي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.جڏهن ت  ورهاڱي سبب 4 جنوري 1948۾ ٻين سنڌين جيان ڪٽنب سميت احمداباد شهر ۾ آيو ۽ تمام گهڻي ڪشمڪش بعد پنهنجو آشيانو ٺاهيو.
'حاسد' وڌيڪ ڪون پڙهي سگهيو. جنهن جو آرٿڪ مسئلو مکيه هو. وري ب مالڪ جي مهر سان کيس جلدي پوسٽ کاتي ۾ نوڪري ملي.
۽ شادي ڪري گهر ٻار وسايائين. کيس هڪ نياڻي جنهن جو نالو پرميشور آهي.۽ ٽي پٽ, وڏو پٽ لڇمڻ ,گنگارام ۽ موهن.سندس سڀ ٻار پنهنجي ڪٽنبن سميت  سکي ستابا آهن. 
ارجن حاسد 1988 تي نوڪري تان رٽائر ٿيو.
سندس ڌرمپتني ٽي سال اول هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. جڏهن ت هن وقت ارجن حاسد وڏي پٽ لڇمڻ سان رهندو آهي. 
ارجن حاسد جو سمورو نالو ڄيٺانند تنواڻي آهي پر ادب جي دنيا ۾ هو 'ارجن حاسد'جي نالي سان سڃاتو ويو .شاعري جو شونق ت کيس ننڍپڻ ۾ ئي هوس.
 پر سندس نوڪدار قلم 1956 کان تيز رفتار سان هليو. هو علم عروض ۾ ماهر  ۽ پڪو پختو شاعر آهي. سندس قلم مان پهريون ڪتاب 1966 ۾ "سواسن جي سرهاڻ" نڪتو. پهرين ئي ڪتاب کيس اديبن جي وچ ۾ اوچ مقام تي پهچائي ڇڏيو. ڏسندي ڏسندي هو سموري هندستان جي  سنڌي شاعريءَ جي کيتر جو وڏو غزل گو شاعر ارجن ’حاسد‘ تخلص طور مشهور ٿيو. حالانڪ هن شاعري جي هر صنف تي قلم آزمائي ڪئي. سندس گيت بيت دوها ۽ غزل جنهن جي شاهدي ڀرين ٿا. هن جي قلم مان نج شاعريءَ جا  ئي ڪتاب نڪتا جڏهن ت کيس 1985 ۾ ڪتاب ’ميرو سج‘ تي کيس ’مرڪزي ساهتيه اڪادمي اوارڊ‘ مليو. 
ارجن حاسد نئشنل ساهتيه اڪادميءَ‘ جي سنڌي ائڊوائيزري ڪاميٽيءَ جو ڏهه سال ميمبر رهيو. جڏهن ته مرڪزي اڪادمي انعام  لاءِ پڻ کيس وقت ب وقت جج مقرر ڪيو آهي.
ارجن حاسد جي گيتن گويا نون ڪلاڪارن کي زبان ڏني.
جڏهن ت سندس گيت وڏن مشهور ڪلاڪارن ڳاتا آهن ۽ ڳائي رهيا آهن سندس گيت ڪيترن ئي ريڊيو اسٽيشن تان  نشر ٿيندا رهن ٿا.
 مٿي اڳواٽ ذڪر ٿيل آهي هن شاعري کانسواءِ ساهت جي ٻئي ڪنهن ب صنف کي ڪون ڇهيو.
 ارجن حاسد ,  هري دلگير جي ساهتڪ رچنا ۽ حياتيءَ سان واسطو رکندڙ ڪتاب ’هجن هوت حيات ' ترتيب ڏنو. جڏهن ت هندي جي وڏي شاعر ’جئه شنڪر پرساد‘ تي لکيل انگريزي  مونوگراف سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو 1995ع ۾ ’ساهت اڪادمي‘ طرفان شايع ٿيو.
پر هت هڪ ڳالهه چٽي ڪري ڇڏجي هن شاعرن ۽ انهن جي شاعري جي ڪتابن کي ئي ڇهيو آهي.
1996 ۾ شيام رام رکياڻيءَ  ارجن حاسد جي ادب ۾ خدمتن تي ”ادبي ڇنڊڇاڻ“ نالي ننڍڙو ڪتاب ڇپايو
1996 ۾ڊاڪٽر پريم پرڪاش ترتيب ڏئي  "ارجن حاسد: هڪاڀياس“ جي عنوان سان ڇپايو
ارجن حاسد جو 2008 ۾  ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌيء غزل جي ائنٿالاجي“ ڪتاب ڇپيو 
۽ آخر ۾ مان ارجن حاسد جي دوهن جا مثال ڏيڻ چاهيندس ان کان اول مان پنهنجو ڪجه شخصي راز ٻڌائڻ چاهيندس
مون 100 دوها لکيا آهن.
پر دوهن لکڻ لاءِ مون تمام محنت ڪئي ڇو جو هڪ ت مان  ننڍپڻ کان ئي حسابن ۾ ڪمزور مٿان وري شاعرا ٿيڻ جو شونق ۽ دوهن ۾ ماترائون منعا وري اهي ساڳيا ننڍپڻ وارو حسابن جو وشيه جنهن کان ڏڪي ڏڪي مان وڏي ٿيس.
سو مون ارجن حاسد جو ڪتاب کنيو "ماٺ جي مرڪ" جنهن ۾ سندس کوڙ دوها آهن. ۽ روز انجو مطالعو ڪندي رهيس من ڪو ڪجه سمجه ۾ اچي
مطالعو ڪندي ڪندي ماترائون ت  هاڻي سمجه ۾ اچي ويون آهي. ماترائن جي ڳڻپ ب هاڻ گهڻو ڪري ڪون منجهائيندي آهي.
۽  بس ائين مون ماٺ ۾ ڳجهي نموني ارجن حاسد کي گرو مڃي دوها سکي ورتا.
 جيڪا ڳالهه  ارجن حاسد کي ب خبر ڪون آهي. 
"ماٺ جي مرڪ" ۾ سندس دوها آهن
 ڪاغذ تي چٽ ٿو ڪڍان , منهنجا پنهنجا ڍنگ,
وڃ لنگهي, پاسو ڪري, هڻندا توکي ڏنگ.
 لُڏن لمن ٿا کيت ۾ , جيئن جوئر جا سنگ,
ٻرن وسامن ٿا ائين, محبوبن جا انگ
هوُ آيو ويٺو اچي, ديهه سڄي ڇڪتاڻ,
ڇيهون ڇيهون من هئو,ڪجه ب ن پڄندو هاڻ.
سوچيم هُن کي ڪجه چوان, لهي ڪو دل تان بارُ.
مرڪ اچي ڪن ۾ چيو, پاڙي ڏس اقرارُ
پل پل ۾ پاڇا ڦرن, آهن اُسُ جا رنگ,
تکيءَ ڦڪيءَ ٻچڪار جا, پوندا آهن ونگ.
۽ پڇاڙيءَ ۾ مان پنهنجي دوهن جي گرو کي سر جهڪائي پرنام ڪريان ٿي.
ارجن حاسد جي ساهتڪ پونجي
سواسن جي سرهاڻ - 1966
پٿر ڪنڊا ڪنڊا - 1974
ميرو سج غزل- 1984
ڳو‘ (غزل - 1992
اُڃ- 1999
ساهي پٽجي 2008
”آزاديءَ کان پوءِ سنڌيء غزل جي ائنٿالاجي“ 2008 
۽ ماٺ جي مرڪ .....
افسوس ۽ تمام ڏک ٿيو اڄ صبوح جڏهن خبر پئي ارجن حاسد......
من تمام  ڀرجي آيو هي ليک مون گهٽ ۾ گهٽ چار مهنا کن اول ڪاغذ تي لکي رکيو هو پر ٽائيپ اڄ ڪيو. ٽائيپ ڪندي ڪندي ور ور اکين سامهون ڌنڌ پيو نظر اچي.
 ڇو جو مونکي انتظار هو 7 جنوري جو 
مون سڄي زندگي ۾ هڪ دفعو مس فون تي حاسد سان ڳالهايو هو بس 
 مون سوچيو هو ستين جنوري جنم ڏينهن جون واڌايون ڏئي ارجن حاسد کي ٻڌائيندس ت توهين منهنجي دوهن جا گرو آهيون....
بس وڏو ارمان رهجي ويو 
*****************

Good Wishes