"سنڌي ساهتيه جي محقق- ڊاڪٽر ڪملا چندر گوڪلاڻي"

ليکڪا - ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي


هند سنڌ جي برک ليکڪائن گلي سدارنگاڻي , پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي, سندري اُتمچنداڻي, ڪلاپرڪاش, تارا ميرچنداڻي, مايا راهي, اندرا شبنم پوناوالا بحد جيڪا وڌيڪ لوڪپريه ۽ ساهت ساڌنا ۾ آڳري رهي آهي  جنهن ڊاڪٽوريت جي ڊگري سنڌي وشيه سان صاحل ڪري سنڌي ليکڪائن جو مانُ اوچو ڪندي سنڌي استري محققن ۾ ممتاز درجو ولاريندڙ, ڪهاڻيڪار , مضمون نگار , تنقيد نگار, محقق ۽ شاعرا ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي جو جنم اجمير ۾ نواب جي ٻيڙي ايراضيء ۾ مشهور تعليمدان ماستر نارائڻداس ڌنجاڻيء جي گهر ٿيو. ننڍپڻ کان ئي ڊاڪٽر صاحبا کي سنڌي تعليم ۽ ادب جو گهرو ماحول نصيب ٿيو. هوء پڙهائيء ۾ سدائين آڳري رهي ۽ ايم اي سنڌي ۽ هنديء ۾, ايم ايڊ , پي. جي.  ڊپلوما جرنلزم ۽ پي ايڇ ڊيء ڪئي ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي آجمير جي سرڪاري ڪاليج ۾ سنڌيء جي پروفيسر بڻي ۽ هن وشيه ماهر طور ايم. ڊي. ايس.  يونيورسٽي , اجمير ۾ پي. ايڇ. ڊي.  گائيڊ طور پڻ شيوائون ڏيندي پنهنجي رهبريء ۾ انيڪ شاگردن کي جدا جدا وشين تي پي. ايڇ. ڊي. ڪرائي هڪ آدرش گائيڊ طور ثابت ٿي  هوء لڳاتار سنڌي ۽ هنديء ۾ لکندي رهي ٿي. ڀارت جي سنڌي چاهي غير سنڌي ادارن ۾ اهڙو ڪوبه ادارو باقي نه هوندو جتي ڊاڪٽر صاحبا گوناگون وشين تي پنهنجا کوجناتمڪ مقالا لکي پيش نه ڪيا هجن.

سنڌي مقالا لکندڙ ليکڪائن جي صف ۾ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي کي اول شرف حاصل آهي. هن گهڻي ۾ گهڻا مقالا قلمبند ڪيا اهن راشٽريه انٽرراشٽريه ادبي سيمينارن ۾ مقالا پيش ڪيا اهن ته وري جدا جدا ادبي بئٺڪن جي صدارت پڻ ڪئي اهي.

ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي نه فقط اکل ڀارت سطح جي جدا جدا سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي اهي, مقالا پيش ڪيا اهن پر جدا جدا راشٽريه سيمينارن ۾ ورڪشاپن جو سڦل ايوجن پڻ ڪيو اهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون, تقريرون, ڪوتائون, آڪاشواڻي دوردرشن تان پرسارت ٿي چڪيون اهن هن انيڪ اکل ڀارت سطح جي سنڌي هندي مشاعرن جو سڦل سنچالن پن ڪيو اهي

12 مارچ 2005 ۾ آکل ڀارت سنڌي ٻولي پرچار سڀا طرفان وشو شانتي سنت آسودورام آشرم لکنوء ۾ سنت شرومڻي سائين چانڊورام صاحب جي صدارت ۾

" آمر شهيد سنت ڪنوررام جي جيون فن " تي آکل ڀارت سنڌي ساهت سيمينار ٿيوجنهن ۾ ڀارت ڀر مان حاضر جدا جدا برک اديبن پنهنجا پنهنجا مقالا پيش ڪيا هئا اُنهن مقالن کي سهيڙي , مرتب ڪري, ديوناگريء ۾ اُلٿو ڪري ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي"سنڌي ساهت ۾ سنت ڪنور" نالي ڪتاب جوڙيو جيڪو ڪتاب امر شهيد سنت ڪنوررام مشن پاران شايع ٿيو

مان سمجهان ٿي  ته پرنسيپال ڪنعيالال تلريجا جو سنت ڪنوررام جي سموري جيون تي 500 پيجن جو لکيل شاهي گرنٿ کانپوء ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيء جو مرتب ٿيل  هي ٻيو ڪتاب آهي  آمر شهيد سنت ڪنوررام جي جيون , ڀڳت تي پڙهيل کوجناتمڪ مقالن جو هيءُ هند سنڌ ۾ هن قسم جو آنوکو ڪتاب آهي

ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي جدا جدا  سمپادن ڪاريه بخوبي نڀايا اهن جدا جدا مخزن جن ۾ "رهاڻ" , "اُتم درشن "(سنڌي ۽ هنديء روحاني مخزن ), سنڌي ساهت "سرڀي" ۽ "رچنا"اهن

تعليمي کيتر جي ڏس ۾ راجسٿان جي تعليمي کاتي جي 5 کان 8 درجي تائين درسي ڪتابن جو سمپادن  جو ڪاريه پڻ سنڀاليو اهي.

هڪ ڳاله بلڪل چٽي آهي ته گهرو , ڪاليجي, سماجڪ جوابداريون نڀائيندي به هوء سنڌي ادبي , سڀيتڪ ۽ تعليمي کيتر ۾ ايتري چست ۽ ڦڙت رهي اهي سندس ساڳئي ڦڙٿائي اڃان به قائم دائم اهي خدا کيس اڃا شڪتي بخشي جو اڃا سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت شيوا ڪندي رهي آهي.

ممبئي يونيورسٽيء جي سنڌي شعبي جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ , لوڪ آدب جي ودوان , برک ڪهاڻيڪار , اخبار نويس, دانشور ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء جي رهبريء ۾ "سنڌي شعر ۾ قدرت جو چت" وشيه سان سال 1993 ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ٿيسز راشتريه سنڌي ٻولي وڪاس پريشد جي مالي امداد سان سال 2001 ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي.

ڊاڪٽر صاحبا وشيه جي رٿا مطابق هن وڏي مقالي کي ستن بابن ۾ ورهايو آهي جيڪي هن ريت آهن

*باب پهريون - پرڪرتي چترڻ جي اُصولي ڇنڊ ڇاڻ

*باب ٻيون - سنڌي شعر ۾ قدرت جو آلمبن روپ

*باب ٽيون - سنڌي شعر ۾ قدرت جو جذبات اُڀاريندڙ روپ

*باب ڇوٿون - قدرت ناصيح روپ ۾

*باب پنجون - قدرت هڪ قاصد

*باب ڇهون - رهسيواد

*باب ستون - قدرت ۽ ڪاويه - شلپ

"پرڪرتي چترڻ جي اُصولي ڇنڊ ڇاڻ"

محقق هرهڪ باب جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاء جدا جدا عنوانن کي ضرورت مطابق ترتيب ڏني آهي هن باب جي شروعات پرڪرتي چٽرڻ جي اُصولي ڇنڊ ڇاڻ سان ٿئي ٿي. جنهن کي وري جدا جدا عنوانن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي قدرت جي وصف , قدرت ۽ سماجيات , قدرت جي آهميت , قدرت ۽ جماليت , قدرت ۽ سائنس, پرڪرتي رس , قدرت ۽ آنڀوتي , مخالفت ٻولين ۾ قدرت جا چٽ ۽ قدرت جي چٽن جا مختلف روپ جنهن ۾ جدا جدا ودوانن پنهنجي کوجناتمڪ گرنٿن ۾ قدرت جي بيان کي جن جدا جدا قسمن ۾ به ورهايندي محقق  تفصيل سان ڇنڊ ڇاڻ سميت درج ڪيو آهي. سموري باب جي تحقيق ڪندي ڊاڪٽر گوڪلاڻيءَ هڪ ڌيان ڇڪائيندڙ  رايو پيش ڪيو آهي

سنڌيء ۾ مهاڪاويه نه لکيو ويو آهي. منظر جي جهلڪ ئي پسائي ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ رڳو مُڪتڪ ڪاويه ئي لکيو ويو آهي. سنڌيء ۾ هڪ به مهاڪاويه ڪونهي , ايڪڙ ٻيڪڙ - کنڊ - ڪاويه ئي لکيا ويا آهن.

 *"سنڌي شعر ۾ قدرت جو آلمبن روپ"

  سنڌي شعر ۾ قدرت جي آلمبن روپ جو تفصيلي بيان ڪيل آهي. جنهن ۾ محقق سهوليت جي خيال کان منظرڪشي جي بهترين ڍنگ سان ورهاست اٺن روپن ۾ ورهائي آهي.

آڪاشي عناصر - اونداهي رات,چانڊوڪي رات,سج اُلهڻ اُڀرڻ

مُندن جو بيان - چوماسو, بهار , گرمي, سيءُ , سرءُ

وڻ ٽڻ ٻوٽا - گل,مُکريون , وڻ , کيت,فصل,ڦل

پسون پکي - ڪبوتر, طوطو, تاڙو,مور , مرگ

نديون سمنڊ - سنڌو درياهه ۽  جبل ڏونگر ,جاگرافيائي واسطيداري ,هيبت ناڪ روپ

جنهن جا محقق هرهڪ روپ تي روشني وجهندي , هنن اٺن ئي عنوانن سان واسطيدار شاعر سنڌ جي شاعرن شاهه لطيف , شيخ اياز , ليکراج عزيز کان وٺي هند جي شاعرن نارائڻ شيام کان وٺي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري جا مثال ڏيندي وشيه کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهي. ائين ته سندس ڏنل هرهڪ مثال لاجواب آهي پر 110 صفحي تي شيخ اياز جي هيء پورنما شاعري خاص ڌيان ڇڪائيندڙ آهي

شيخ اياز

چپ اچي ويا چنگ چڙا.......    پورنما

خاموشي درياهه جيان آ........  پورنما

چنڊ به آهي ڪيڏا چهرا.........  پورنما

سر جيان هيءُ سارون سپنا.... پورنما

آڌيء رات ٻڏيء جا ٻيڻا........... پرنما

هنن اٺن روپن جي ورهاست ڪندي جيڪا تحقيق ٿيل آهي سان لاجواب آهي خاص هيءُ سمورو باب پڙهڻ سان اهو محسوس ٿيو ڄڻ هيءُ باب سموري مقالي جي آتما مثل آهي.  

* "سنڌي شعر ۾ قدرت جو جذبات اُڀاريندڙ روپ"

سنڌي شعر ۾ قدرت جي جذبات اُڀاريندڙ روپ سنجوڳ وقت , ونجوڳ اوسٿا ۽ قدرت سک جو اضافو, وڇوڙي وقت دک ۾ اضافو, قدرت ۽ انساني جذبن جي برابري , قدرت جي مقابل همٿ جو آروپڻ قدرت ۽ سماجيات , انساني جذبن جو قدرت تي آروپڻ , ماديت ۽ قدرت سمجهاڻي سان شامل ڪيو آهي جڏهن ته جدا جدا مندن ۾ قدرت ڪهڙا ڪهڙا رنگ رچي ٿي , روپ پسائي ٿي , ويس وڳا اوڍي ٿي تنهن کي ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اهي.ته برسات , بسنت, سيارو, اونهارو , سرءُ ۽ ونسپتي جا چٽ چٽيا اهن

محقق اهو به ڄاڻايو آهي "ته عاشق کي پل پل معشوق جي ياد ايندي آهي, تهائين قدرتي نظارا اُن جذبات ۾ اضافو اڻيندا اهن ۽ شاعر اُهي پل جهٽي ڪلپنا جا پر لڳائي گگن ۾ پرواز ڪندا آهن گل ٽڙڻ ۽ سرهاڻ جي مرڪ ڪويء جي روح کي راحت ڏيندي اهي قدرت جي ذري ذري مان سڄڻ جي ساروڻي ستائيندي اهي ۽ جوڀن سرسراٽ ڪندو ڪر موڙيندو اهي"

* "قدرت ناصيح روپ ۾

انساني گڻ , سنسار جي بقائي درج ڪيل اهي انساني گڻن ۾ پريم , ميلاپ, آشاواد, نمرتا, حقيقت شناسي, محنتڪشي , سمجهائڻ بسنت جيان روع کي ريجهائڻ جي پريرڻا سان ڀرپور جدا جدا شاعرن جون ڪوتائن مثال طور پيش ڪندي سمجهايو ويو اهي. ڊاڪٽر صاحبا قدرت سان وابسط ڪوتائن  جو مطالعو بلڪل گهرائيء سان ڪندي تمام جفاڪشي ڪندي قدرت سان ڀرپور هر هڪ پهلو کي سهني ۽ دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو اهي

*قدرت - "هڪ قاصد"

اڳاٽي زماني ۾ قدرت جي عناصرن کي قاصد بڻايو ويندو 

جنهن جا عڪس اچ به سنڌي گيتن ۾ چٽا ملن ٿا.

هت مونکي هڪ سنڌي فلم جو گيت ٿو ياد اچي جيڪا 2016 ۾ ٺهي جيڪو گيت  ڊاڪٽر روما پرڪاش جئسنگهاڻي جو لکيل آهي .

"پکيڙا وڃ اُڏامي سهڻي سرڳڌام ڌام ڏي

********

مُحقق هن باب ۾ قاصدن جو بيان ڪيو آهي , جئن ته قاصدن جي ڏس ۾  ٻين ٻولين جا قاصد هئا چنڊ بادل هوا ۽ ڪانو جڏهن ته سنڌي ٻوليء ۾ به اهي ئي قاصد هئا پر انکاسواء  اُٺ ۽ ڪونج جي خاص اهميت آهي محقق جاچنائون ڏيندي لکيو آهي شاهه لطيف قاصد جي روپ ۾ اُٺ ڪانو چنڊ جو استمعال وڌيڪ ڪيو جڏهن ته هن ڏس ۾ سچل سرمست , شيخ اياز , پرڀو وفا , قليچ بيگ , ليکراج عزيز , شاهه عنايت رضوي , ڪمل سرتاج , ڪلياڻ آڏواڻي , هوندراج دکايل, نرمل جيوتاڻي , موهن اُداسي , پرمانند پياسي ۽ ارجن سڪايل جي شاعريء جا مثال پيش ڪندي پکي پسون جهڙن قاصدن کي ڏنل نياپن جا چٽ پسايان آهن.

قاصد جي حوالي سان هڪ شاهه لطيف جي سورمي مارئيء جي بيت جو مثال ڏسو 

تون نه ڪونج وڃين ٿي هوتن ڏي

اُها خبر ڏجانء , روئي تن کي

مان ته ياد ڪيان سڪ وارن کي

اڄ روئندو چنڊ تارن کي

*" رهسيواد"

ارهسيواد جي ڏس ۾ سنڌي ساهتيه جي شاعري کيتر ۾ اوائلي شاعريء تمام جهجي انداز ۾  جديد ته جديد شاعريء ۾ ڪٿي ٿورا ڪي گهڻا عڪس پسڻ لاء ملن ٿا. جنهن تي اول تمام گهڻو مواد ٽريل پکڙيل ملندو جيون جي ڳجهه ڳولهڻ جي راز تي ڪيترن ئي شاعرن قلم هلايو آهي پر شاهه سچل سامي جي بيتن ڪلامن ۾ ڀرپور رهسيواد ملي ٿو

رهسيواد ۾ جڳياسا ۽ گڏيل عناصر شامل آهن.

محقق هت رهسيواد جي تز  وصف ڏيندي , قدرت سان واسطو رکندڙ ڪي چونڊ مثال ئي پيش ڪيا آهن  ته ٻين عالمن جا ڪجهه رايا ڏيندي رهسيواد کي واضح ڪندي سمجهائڻ جي  ڀرپور ڪوشش ڪندي هن چند 13 صفحن جي  باب ۾ به ڪاميابيء سان قلم هلايو آهي هن باب جي خاص خوبي اها اهي ته محقق سڀ کان اول سنڌ جي سرتاج شاعر شاه صاحب ڪائنات ۾ جنهن وحدانيت جو جلوو پسيو , تنهن جي جهلڪ پسائيندي پوء ٻين شاعرن جو ذڪر ڪيو اهي

*"قدرت ۽ ڪاويه - شلپ"

  قدرت ۽ ڪاويه شلپ سمجهائيندي محقق ڇند ۽ لفظي صنعتون معنوي صنعتون - تشبيه, استعارو, تشبيه مفلوف, درشٽانت, عڪس ۽ علامتون , تجاهل عارف , تعجب , مبالغو, اشتباهه اپ - هُتي , مانويڪرڻ کي واضح ڪندي سنڌ هند جي شاعرن جا تمام حوالا ڏيندي واسطيدار بيت شاعري پجڪڙا ۽ بيتن جا ڀرپور مثال ڏنا آهن جنهن مان محقق جي محنت ظاهر آهي.

ائين ليکڪا جي هرهڪ باب ۾ ڀاشا ۽ پيشڪش کي پنهنجي اثرائتي ۽ وزندار معياري ڀاشا ۾ پيش ڪيو ويو آهي

هن ٿيسز ۾ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيء صفي 6 تي ڄاڻايو آهي.

"هن پنهنجي مقالي لاء هڪ مخصوص وشيه جي چونڊ ڪئي آهي. موجودهه دور جي غليظ واتاورڻ ۾ قدرت ئي اهم ۽ واسطيدار وشيه آهي. جنهن جو اڀياس ڪرڻ جڳائي سنڌي ادب ۾ اهو هڪ وسيع کيتر آهي. ڪيترائي شاعر پنهنجو پاڻ 

"هيءُ مقالو هڪ مڪمل ڪتاب آهي جنهن ۾ قدرت سان لاڳو رکندڙ سنڌي شعر جي تاريخ , واڌ, معيار ۽ ترتيب جي سڄي ڄاڻ ڏنل آهي جا ڪملا ۾ موجود کوجنا جي ڪم تي ڏات ۽ ڏانو جي شاهد آهي"

چاهاحقيقت آهي ته قدرت پنهنجو پاڻ ۾ خوبصورتيء,

خوشبوء ۽ شيتلتا جو هڪ وشال ڀنڊار ۽ چٽر آهي

سنڌي شاعرن رهسيه واد , روحاني رازن سان ڀرپور ۽ رومانوي شعر رچيا آهن اهڙو ڪو به ڪوي ڪونهي جنهن قدرت جي سونهن,  رونق کي نه ماڻيو هجي ۽ ڪلپنا جي اڌار تي قدرت سان وابسط گوناگون شعر نه رچيا هجن

ڊاڪٽر صاحبا هن مقالي ۾ برک توڙي نون شاعرن جي شاعريء جو اونهو آڀياس ڪري اُن مان قدرت جا اصلوڪا علامتي, خذباتي, آخلاقي, روحاني روپن کي ترتيب ڏيئي پيش ڪيو آهي.

پروفيسر کيئلداس فاني هن ڪتاب جي ٻن اکرن ۾ ڄاڻائي ٿو

"هيء پهرين ڪلاتمڪ آلوچنا اهي, جنهن جديد شعر جي واڌاري ۾ وسيع ڪم ۽ سار ڀريل يوگدان ڏنو اهيگڏوگڏ للت ۽ اوچ ڪوٽيء جي پيشڪش جو استمعال ڪيو آهي جنهن سان ساهتيه جي کيتر ۾ ءِموزون ۽ عالماڻي سطح تي حاصلات ملي ٿي. حقيقت ۾ هي ڪتاب ڏسڻ ۽ ٻڌڻ واري هڪ ننڍي ءِٽيليوزن وانگر لڳي ٿو. جنهن ۾ ليکڪا شاعراڻي نثر جو استعمال ڪري تصويري منظر تي پنهنجا تصويري ويچار پيش ڪيا اهن جنهن ۾ آنند , سڳنڌ , ميٺاج ۽ پرڪاش کي محسوس ڪري ماڻجي ٿو"

هن مقالي جي خاصيت آهي ته مُحقق سنڌ چاهي هند جو اهو  ڪو شاعر نه آهن جيڪو هن مقالي ۾ شامل نه هجي. نه فقط ايترو پر هن نون شاعرن کي پنهنجي مقالي ۾ شامل ڪندي چڱي اهميت پڻ  ڏني آهي

اهڙي ٻهوگڻي شخصيت جي مالڪ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي کي منهنجا کوڙ کوڙ سارا سلام

ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي آدبي کيتر ۾ لڳاتار سرگرم ۽ چست بهرو وٺندي ڊاڪٽر صاحبا جدا جدا سرڪاري , نيم سرڪاري آدبي سڀيتڪ سنسٿائن ۾ عزتدار پد ماڻيا اهن

ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيء جي گهري آدبي آڀياس کوج ڪاريه ۽ لڳاتار آدبي مشغولين ۾ سرگرم رهندي هن

جي آدبي خذمتن جو وقت به وقت سنمان ڪندي کيس  ڪيترن ئي  انعامن سان نوازيو ويو آهي 

***"خاص ذڪر لائق آوارڊ سنمان اهن"

* سنڌيء ۾ آکل ڀارت ۽ صوباڻي سطح تي پهرين ليکڪا پي.  ايڇ. ڊي.  ڊگري حاصل ڪرڻ لاء صوبائي آوارڊ 

* راشٽريه سنڌي ٻولي وڪاس پريشد طرفان بهترين ساهتڪ ڪتاب "اظهار" تي انعام

* مارئي دهليء جي ادبي سڀيتڪ سنسٿا طرفان هرومل سدارنگاڻي گولڊ ميڊل اوارڊ.. 1995

*  ڀارتيه آنواد پريشد طرفان انواد تي اوارڊ

* راجسٿان سنڌي آڪاڊميء طرفان لڳاتار 1989, 1992, 1999, ۾ بهترين ليکڪا انعام

* بهترين تعليمدان طور راجسٿان سنڌي ساهت آڪاڊميء طرفان 1989 ۾ انعام ۽ هن ئي اداري 

* آل انڊيا سنڌي جنرلسٽس ايسوسيئيشن انڊور پاران  1995ع جنرلزم اوارڊ 

* گورنمينٽ آف انڊيا پاران ڪهاڻين جي مجموعي ’اظهار‘ تي 15 هزار روڪ انعام 1999ع 

* ڪبير وچناولي شاعري جي سنڌي مان هندي ترجمي تي ساهتيه اڪاڊمي گورمنٽ آف انڊيا پاران بهترين ترجمي جو 20 هزار رپيا روڪ انعام 

*** "ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي جي ساهتڪ پونجي"

*حادثي کان پوءِ -ڪهاڻيون- 1984

* راجسٿان جي سنڌي ساهتيه جو جائزو تنقيق 1985

* فيصلو ٿيڻ تائين ڪهاڻيون. 1986

فيصلو ٿيڻ تائين ڪهاڻيون جو ڪتاب گجرات سنڌي آڪاڊميء طرفان گجراتي ۾ پڻ شايع ٿيل اهي.

* هوندا سي حيات -بايوگرافي؛ 1987

* نظر ثاني تنقيد؛ 1989

*سنڌي درسي ڪتاب 1991-95ڇهين کان اٺين تائين.

* مخرت مئون هندي ڪهاڻيون ؛1992

* ڊائريا جو سچ تنقيد: 1993

* نظرثاني ٻيو ڀاڱو؛ 1995

*اظهار ادبي مضمون؛1996

*ادبي تاثرات تنقيد؛ 1998

*سنڌي ساهتيه ۾ سمپراديڪ سدڀاو تحقيق؛ هندي؛ 1999

* سنڌي ڪوِتا ۾ قدرت جو چِٽ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز؛2001

* ادبي ڪٿ تنقيد؛ 2002

* سائو ٿيل گاهه ڪهاڻيون؛ 2003

*شاهه جو شعر ادبي تنقيد؛ 2007

* ساهتيڪ ڪهاڻيون درسي ڪتاب؛ 2007 

*اولهه راجسٿاني ۽ سنڌي ادبي تنقيد؛ 2010

* توم نه اڪيلي ديوناگري شاعري؛ 2011

* سائو ٿيل گاهه ديوناگري ڪهاڻيون؛ 2012

* متان ڪرين ماٺ ديوناگري ۽ سنڌي ڪهاڻيون 2014 

***"ترجمو ٿيل ڪتاب

*اپني اپني وواسٿا ڪهاڻيون؛ 1985

***"سنڌيءَ مان هنديءَ ۾  ترجمو"

*سنڌي ڪوِتا ۾ ويدانت تحقيقي مقالا؛ 1993

* سنڌيءَ مان هنديءَ ۾  ترجمو. ڪبير وچناولي 2004

* هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو. سنڌ ڪهاڻي ڪي. آر ملڪاڻي 2005

*اسنت ڪبير 2011

***"انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو"

*شهيد هيمون ڪالاڻي 2012-هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو

******

Good Wishes