ڄيٺانند ناگراڻي :
ڄيٺانند نارائڻداس ناگراڻي ، 1- جون 1903 ع تي شڪارپور ۾ ڄائو . پي- اي ، ايل- ايل – بي جون ڊگريون ورتائين . سندس والد ڊپٽي ڪليڪٽر هو . هي صاحب 1947 ع کان پوءِ ڀارت لڏي ويو . ڄيٺانند ناگراڻيءَ کي جيڪڏهن “سنڌ جو چارلي’’ سڏجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو . سنڌي ڊرامي جي ترقيءَ ۽ اوسر لاءِ سندس ڪوششون هميشھ عزت جي نگاھ سان ڏٺيون وينديون . کيس شعر و شاعريءَ سان به شغت آهي . شاعريءَ ۾ “مولائي’’ تخلص اختيار ڪيل اٿس . پاڻ “سنڌي سڌار سوسائٽي’’ جي باني ميمبرن مان هڪ هو. انهيءَ نسبت سان حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو به ساٿي ٿي رهيو . ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي “قومي ٻولي’’ جي حيثيت سان مڃرائڻ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين . سندس لکيل ڊرامن ۾ “افسانه الور’’ (1926ع ) ، “آزاد ڀارت’’ (1920ع )، ۽ 1930 ع کان 1947 ع تائين “سنسار سماچار’’، “هند واسي’’،  “هندو سنسار’’ ۾ ڇپيل “گامٽو بئرسٽر’’، “گامٽو ايڊيٽر’’، “گامٽو ٻانڀڻ’’، “گامٽو فلم ڪمپني’’ ۽ “گامٽو ڊاڪٽر’’ قابل ذڪر آهن . سندس لکيل هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو.
دهلي، 20 جولاءِ 1967 ع
جناب در محمد صاحب
اوهان جو نوازش نامو (ادي پوپٽي هيراننداڻيءَ جي سائيڪلو اسٽائيلڊ خط) 19 اپريل 1967 ع تي پهتو . پڙهي گهڻي خوشي ٿي ته سنڌ کي الوداع ڪيل اديبن کي ياد ڪيو اٿو . تمام گهڻين مشغولين ۽ ڪي قدر طبيعت عليل هئڻ سبب جواب ۾ دير ٿي ويئي ، جنهن لاءِ معافي طلب آهيان . گهربل معلومات هن گڏ موڪليان ٿو.
ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ جو فوٽو لڌو ته موڪليندس . ڀانيان ٿو ته “مهراڻ ’’ پاڪستان جي سٺي ۾ سٺي مخزن آهي. ڪهاڻين ۽ شعرن پڙهڻ جو شوق اٿم . ڀلائي ڪري “مهراڻ’’ يا ٻي ڪا مخزن موڪليندا . موٽ ۾ بمبئي مان نڪرندڙ “راج فلمستان’’ موڪليندس، جنهن ۾ بعضي بعضي منهنجا ناٽڪ ۽ ڪهاڻيون ڇپيون آهن . نيازمند
جي- اين- ناگراڻي

ڄيٺانند لعلواڻي :
ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي ،25 مارچ 1916 ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو .انٽر آرٽس تائين تعليم ورتائين.  پاڻ ورهاڱي کان اڳ جي ناميارن پبلشرن مان هڪ آهي . حيدرآباد جو احوال ڏيندي هن صاحب جي “ڀارت جيون ساهتيه منڊل’’ جو هر حالت ۾ ذڪر ڪيو ويندو . پاڻ رڳو پبلشر جي حيثيت نٿو رکي ، ليڪن ايڊيٽرن ۽ اديبن ۾ به جوڳي جاءِ والاري ٿو . ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد مان “ ڀارت جيون’’ نالي رسالو ڪڍندو هو . سنڌ ۾ ٻه سئو کن ڪتاب شايع ڪرايائين . ڀارت ۾ به ساڳي تند تنواري رهيو آهي . هن وقت تائين هزار کان مٿي ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي . سندس ليکل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو  وچور هيٺ ڏجي ٿو.
 “سندر ڪهاڻيون’’ (1938ع )، “ميونسپل ڪائونسلر’’ (1941ع ) “جئه هند’’ (1945 ع )، “سباش چندر ڪيئن ڀڳو’’ (1945 ع )، “نتاجي’’ (1945 ع ) ۽ “دکي وڌو’’ (1944 ع ) وغيرھ . سندس ڪتابن جو ذڪر ڪاڪي منگهارام ملڪاڻيءَ پنهنجي ڪتاب “سنڌي نثر جي تاريخ’’ ۾ به ڪيو آهي. ان کان سواءِ مون به سندس تفصيلي احوال ٻن زير ترتيب ڪتابن ۾  ڏنو آهي . هن صاحب جو لکيل خط هيٺ ڏجي ٿو.

نئون جيون ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي
بمبئي، 20 جولاءِ 1967 ع
توهان اميد ته خدا جي رحم سان خوش هوندا.
پريه پٺاڻ
ڪماري پوپٽيءَ جو سرڪيولر پهتو . هن سان گڏ فارم موڪليان ٿو ، فوٽو به موڪليان ٿو . فوٽو پاڪستان جو ڪونهي ، جو سنڌ ۾ رهجي ويو آهي ، ان ڪري هندستان ۾ تازو نڪتل  موڪليان ٿو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته توهان سنڌي ساهتيه جي جوت جلائيندا ٿا رهو . ٻنهي هنڌ سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه جي حالت ڏکي آهي . هتي به اسان جيئن آيا آهيون ، تيئن مون 1948 ع کان “ڀارت جيون’’ چالو ڪئي آهي . “راجعلمستان’’ 1949 ع کان هلي رهي آهي . “گل ڦل ’’ ٽي سال ڪڍيم، نقصان ڪري بند ڪرڻي پيئي. نئون جنريشن هتي سنڌي ٻولي نٿو پڙهي. هزار کان مٿي ترجما ۽ اصلي ناول ، گرنت ۽ ٻيا ڪتاب ڪڍيا اٿم . مهرباني ڪري سنڌ جي سنڌي ليکڪن ۽ پبلشرن جا نالا موڪلي سگهو ته سٺو ، جيئن انهن سان لکپڙھ چالو ڪجي . ڪم ڪار هجي ته بلاشڪ لکندا . خدا جي چاهيو ته روبرو به توهان جو ديدار ڪبو .
 شيوا ۾ ڄيٺانند لعلواڻي
وخصاحب







 



Good Wishes