پرڏيهي عالمن جا خط (24 ڊسمبر 1979ع)
                                                  ڪماري پوپٽي هيراننداڻي
پيارا ڀاءُ در محمد پٺاڻ
اميد ته ٺيڪ هوندا .
اوهان جو خط پهتو ، مهرباني . شامل فارم ڀري ٿي موڪليان .
انهيءَ مان ڄاڻندا ته اسان ڪهڙي نموني فارم سائڪلو اسٽائيل ڪرايا آهن . ڪي اديب آهن ، جن جو احوال اوهان کي اتي ملي ويو هوندو . جهڙوڪ: پرمانند ميوا رام ، ڏيا رام گدو مل ، لعلچند امر ڏنو مل ، ڄيٺمل پرسرام ، هوتچند گربخشاڻي ، ڪوڙو مل چندن  مل ، نانڪ رام ڌر مداس ، ليلا رام ڦيروڻي ، ساڌو هيرانند ۽ ساڌو نولراءِ ، ٻين جنکي اسان فارم موڪليا آهن ، سي آهن :
1-    اجواڻي لعلسنگهه (هنجو مرتيو 20، اپريل 1976 ع تي ٿي ويو ! )
2-    پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي- بمبئي 3- پروفيسر رام پنجواڻي – بمبئي 4- پروفيسر چتن ماڙيوالا- بمبئي 5- پروفيسر ڊي . ڪي منشا راماڻي- بمبئي 6- ڊاڪٽر هرومل  سدا رنگاڻي – دهلي  7- تيرٿ وسنت – دهلي 8- نارائڻ شيام- دهلي 9- آسانند ماستورا- بمبئي 10- خانچند ورياڻي (سرڳواسي)- بمبئي  -11 گوبند مالهي- بمبئي 12- آنند گولاڻي- بمبئي 13- ايم . آر مائيداساڻي- ڀوپال 14- تيرٿ وسنت- بمبئي 15- ديو سڀاڻي بمبئي -16 جڳت آڏواڻي-بمبئي -17 گوبند پنجابي- بمبئي 18- ڄيٺانند لعلواڻي 19- ڄيٺانند راشٽر وادي- حيدرآباد دکن 20 - کيئلداس فاني ڀوپال 21- پرڀداس برهمچاري- اجمير 22- دييچندر تلو ڪچند- اجمير 23- فتح چند واسواڻي (سرڳواسي) – اجمير 24- سڳن آهوجا (سرڳواسي) بمبئي 25- پرسرام ضيا (سر ڳواسي) – بمبئي  26- پروفيسر بي. ايڇ ناگراڻي – بمبئي 27- پروفيسر نارائڻ ڀمڀاڻي – اجمير  28- هري سندر روپ چند (سر ڳواسي) – اجمير  29- گنگارام سمراٽ – احمد آباد 30- بولچند راجپال (سر ڳواسي) – احمد آباد 31-  دوارڪا پرساد شرما (سر ڳواسي) – احمد آباد 32-  ميلا رام منگترام (سر ڳواسي) –  اجمير 33- گلي سدا رنگائي – بمبئي 34- ساڌو واسواڻي (سر ڳواسي) – پونو 35- ڏيارام وسڻ مل مير چنداڻي  (سر ڳواسي)- 36 – منوهر داس ڪوڙ مل 37- سوامي ٻوڌراج (سر ڳواسي) – پونو 38- بهاري ڇاٻڙا 39- چيتن ديو ورما 40- چوهڙمل هندوجا 41- گوبند منسکاڻي 42- هوند راج “دکايل’’- گانڌيرام 43- هري دلگير – گانڌيرام 44- ليکو تلسياڻي .
ڏسو ، انهن مان ڪهڙا ڪهڙا ٿا اوهان کي جواب ڏين . مان هن سان گڏ، عزيز، ڪيرٿ ۽ پنهنجي باري ۾ فارم ڀري ٿي موڪليان .   پوپٽي هيراننداڻي
51، سنگيتا، بمبئي

79-12-24
مهربان ڀاءُ
اسلام عليڪم: اوهان جو خط  مليو، مهرباني . اڄڪلهه هتي نئين ڪوتا جو زور آهي . هرومل سدا رنگاڻيءَ ٻه مجموعا : “پرھ جي باک’’ ۽ ..............ڇپيا آهن . رجن شاد : “ تپسيا جون روشنيون’’ نالي هڪ مجموعو ، ۽ لڇمڻ ڀاٽيا : “ڪومل جيءَ جهروڪو’’ نالي مجموعو ڇپايو آهي ، جنهن تي کيس “ساهت اڪاڊمي’’ پاران 1976 ع جو انعام مليو آهي . ان کان پوءِ پروفيسر هريش واسواڻي “ 1-2-3’’ نالي مجموعو ۽ واسديو موهيءَ : “تضاد’’ نالي مجموعو ڇپايو آهي .
نئين ڪوِتا ڇا آهي؟ ان جي معلومات نه رکندي به ڪي رچندا رهن ٿا ، خود شاعر به هاڻ ان تي ئي قلم آزمائي ڪن ٿا . مون به ويجهڙائي ۾ هڪ مجموعو : “ روح سندي رڃ’’ ڇپايو آهي ، ۽ ان کان سواءِ ڪي ڪوتائون : “دي ادر وومن’’ (The other woman) ، “بائگمسٽ’’ (Bigomist)، “دن هيٺان دٻلي’’ ، “عورت جي ٻولي’’، “پتي’’، “آڀاس’’ وغيرھ ڇپايو آهن ، جن مان “پتي’’ ڪوتا انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي هڪ انتخاب – جنهن ۾ سنڌي ڪوتائون ترجمو ٿيل آهن ، “Anthology of  Modern Poetry’’ نالي ڪتاب ۾ ڇپيل آهي ، “The husband’’ سري سان .
“ساهت  اڪاڊميءَ’’ پاران ورهاڱي  کان “سنڌي شعر جو انتخاب’’ نالي ڪتاب ڇپيو آهي ، جو پروفيسر رام پنجواڻي ايڊٽ (Edit) ڪيو آهي . هن جو حساب پنهنجو آهي . جنهنڪري ڪي ڪي نالا جي کڻڻ کپن سي کنيا نه ويا آهن.
عزيز کان پوءِ سٺا سڳن آهوجا رچندو هو. ان بعد ارجن “حاسد    ’__جو احمد آباد ۾ رهي ٿو ، تنهن رچيا آهن . سندس مجموعا : “ساسن جي سرهاڻ’’ ۽ “ پٿر پٿر ڪنڊا ڪنڊا’’ ڇپيل آهن . جنهن ۾ پوئين ۾ تمام غزل آهن . عزيز جو شاگرد ايم . ڪمل آهي ، پر غزل جي فارم (Form) جي ڄاڻ رکڻ بعد به مٿين ٻن شاعرن سان غزل رچڻ ۾ نٿو پڄي سگهي . وڌيڪ سک
اوهان جي ڀيڻ
پوپٽي هيراننداڻي


پرڏيهي عالمن جا خط (19 مئي 1980ع)
بمبئي 4- ڊسمبر 1975 ع
سڄڻ در محمد صاحب
توهان جو  18 نومبر وارو خط پهتل آهي ، سمجهان ٿو منهنجو لکيل خط پڻ هن وقت تائين توهان وٽ پهچي چڪو هوندو . توهان کي گهربل مواد ڪٺو ڪرڻ لاءِ مان شخصي سطح تي ڪوشش پيو ڪريان . هفتي ٻن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور روانو ڪندس . ها ، تنهنجي کوجنا بنسبت هڪ پڌرائي هتي ڪن اخبارن ۾ شايع ڪرائي سگهيو آهيان . اهڙي هڪ ڪٽنگ هن سان گڏ موڪليان ٿو .
توهان جي “ڪافي’’ وڻي ، هت شايع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس . پنهنجو رسالو (جيجل ) مان توهان کي موڪليان ته سهي ، ليڪن سمجهان ٿو ، هند ۽ پاڪ جي وچ ۾ اخبارن جي ڏي وٺ غير سرڪاري سطح تي بند آهي ، ۽ “جيجل’’ اتي پهچندي ؟ ان ۾ ٻٽو شڪ اٿم تڏهن به ڪوشش ڪري ٻئي مواد سان گڏ هڪ ڪاپي “جيجل-75’’ ۽ هڪ “جيجل-74’’ جي موڪلي ڏيندس . توهين ڪوشش ڪجو جيئن اتي گهڻي ۾ گهڻا دوست منهنجو رسالو نظر مان ڪڍن ۽ پڻ پنهنجي راءِ کان واقف ڪن . “جيجل- 76’’ مارچ جي مهيني ۾ پريس ۾ ويندو . اسين اتان جي ليکڪن کي ان لاءِ لکڻ لاءِ نينڍ ڏيڻ چاهينداسين . بيحد شڪر گذار رهندس جي توهين اهڙي پڌرائي اتان جي اخبارن ۾ ڇپائيندا . ان کان سواءِ “ جيجل-76 ’’ لاءِ اتان جي ليکڪن جو ڪجهه تازو مواد پڻ موڪلي سگهو ته بهتر . توهان جي لکڻ موجب ائڊريسون موڪليان ٿو :
(1)    پروفيسر رام پنجواڻي : قريشي محل ، ريلوي اسٽيشن جي ٻئي طرف ، ماهم ، بمبئي 400016 (2)  مسٽر ڪيرت ٻاٻاڻي : 41/3
آدرش نگر ، وورلي ، بمبئي 400025   (3) منگهارام ملڪاڻي : 1/5A 
ٻلويدر  ، علي پور ، ڪلڪتو – 700027   (4)  پرڀو “وفا ’’ مڌوباني:
سينٽ انڊريوز روڊ ، باندار ، بمبئي 400050  (5) مسٽر گوبند مالهي :
6-B ، راکي بلڊنگ ايم – جي روڊ ، ڪانڊولي بمبئي . ادا ، ٻين کي ته ڇڏيو ، ليڪن خود مان پنهنجو پاڻ کي اڃا تائين “ليکڪ ’’ طور تسليم ڪري ڪونه سگهيو آهيان ، ته به وقت اچڻ تي ڪجهه ضرور موڪلي ڏيندس . جواب جلد ايندو .اهڙي اميد اٿم . باقي نياز –
جسونت ڪمار
ق- ت : اتان جي ساهتڪ سر گرمين جي باري ۾ واقف ڪندا رهجو  . بمبئي 7 جنوري 1976 ع

پيارا در محمد
هڪ ٻئي پٺيان تنهنجا ٽي خط اچي چڪا آهن .ڊپ اٿم ، جي اڄ ٻه توکي جواب نه ڏنم ته ميار نه ٿي وڃي . ان ڪري هن ڪمهلي وقت (رات جو هڪ لڳي چڪو آهي) لکڻ ويٺو آهيان . تنهنجي سوالنامي جي باري ۾ اسان ائين رٿيو آهي ته سوالنامن جون ڪاپيون ڪڍائي ڀارت ڀر جي سنڌي ليکڪن ، ساهت پريمن ، اخبارن ، سمپادڪن ، پبلشرن آلوچڪن وغيره کي موڪلي ڏيون ۽ کين اهي سوالناما ڀري جلد از جلد اسان کي موڪلي ڏيڻ جو عرض پڻ ڪيون . ان کان پوءِ وري اها معلومات تو تائين پهچائجي . ڪوشش ۾ آهيون جيئن مڪاني اخبارن ۾ به اها ڳالهه واضع ڪرائي سگهون.
چيتن ماڙيوالا صاحب سان مان پنهنجي ليکي به لاڳاپي ۾ آهيان. فادر ڪوٽواڻيءَ جو ذڪر چورڻ جو جيتوڻيڪ موقعو ڪونه مليو اٿم ، هينئر وري جڏهن گڏباسون ته ڳالهه ڪڍندومانس ، جي فادر ڪوٽواڻيءَ قبوليو ته ڪجهه مصالحو سندس معرفت ضرور موڪلي ڏبو. تنهنجا شعر دوستن کي ڪافي پسند پيا آهن . ڪوشش ڪندس جيئن هتان جي رسالن ۾ ڇپجي سگهجن . مون گذريل خطن ۾  “جيجل ’’ جو  ذڪر ڪيو هو ، جي ٿي سگهيئي ته ڪجهه نئون ۽ اڻ ڇپيل مواد ، پنهنجو توڙي ٻين ليکڪن ۽ شاعرن کان موڪلارائجانءِ ، جيئن “جيجل’’ ۾ شايع ڪري سگهان . مون پاران سنڌ جي مڙينئي اديب دوستن کي نينڍ آهي . احوال ڏيندو رهج .

Good Wishes