حبيب الله ڀٽو
حبيب الله ڀٽو ولد مولا بخش ڀٽو جي ولادت 1- نومبر 1917ع ۾ ٿي ، سنڌي فائينل جو امتحان 1933 ع ۾ پنهنجي پاڙي واري اسڪول “قاضي محلا پرائمري اسڪول” مان پاس ڪيائين ، انهيءَ اسڪول کي تنهن زماني ۾ “نادر وارو اسڪول” ڪري ڪوٺيندا هئا .
ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت ڪيائين انهيءَ عرصي دوران 42-1941 ع ۾ ٽريننگ ڪاليج ، سکر مان ٻيو سال استادن جو تربيتي ڪورس پاس ڪيو ، هن صاحب مئٽرڪ ، فرسٽ ائير ۽ انٽر ميڊيئيٽ ڪلاسن جا امتحان ، سالن 1955 ع ۾  ، هاءِ اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿي وڃڻ کان پوءِ ، خانگي طور تي ڏنا . جن مان پهرين ٻن سيڪنڊ ڊويزن پاس ٿيو ، پر امتحان جي انگريزي جي پيپر ۾ مارڪن گهٽ هئڻ سبب ناپاس ڪيو ويو . حبيب الله ڀٽو صاحب 1936 ع ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو ، سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس اڻ ڳڻيا مضمون ۽ مقالا شايع ٿيا . ريڊيو ۽ ٽي- وي تان به سندس خاڪا ۽ تبصرا نشر ٿيا ، سندس لکيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو :
1-    “رسول مقبول” (مذهبيات 1956) 2- “ اقوال دانش ” (اخلاقيات 1938) 3- “سنڌي ساهت ۽ مشهور مستشرقين” (شخصيات 1973) 4- “حضور اڪرم” 5- “سنڌي بيت ۽ ان جي ارتقا” (اڻ ڇپيل ) 6- “ جاگرافي تعلقه شڪارپور” 7- “ جاگرافي ضلع سکر” 8- “اسان جي جدوجهد” . ڀٽي صاحب جا مضمون ۽ مقالا ته آئون گهڻي وقت کان وٺي پڙهندو ٿي آيم . ليڪن ساڻس ملاقات ڪانه ٿي هئي . مون جڏهن ڪراچي مان شايع ٿيندڙ هفتيوار “آزاد” ۾ “سگهڙ سنگت” نالي صفحو لکڻ شروع ڪيو ته حبيب الله صاحب انهن اديبن مان هڪ هيو ، جن منهنجي ڪوشش کي ساراهيو . انهيءَ کان پوءِ سندس ڪتاب “سنڌي ساهت ۽ مشهور مستشرقين” تي ريڊيو پاڪستان ، ڪراچي تان تبصرو ڪرڻ جو موقعو مليو . انهيءَ اڌ ڪلاڪ جي تبصرو ڀٽي صاحب کي ويتر  متاثر ڪري ڇڏيو . اهڙين ئي حالتن ۾ هڪ ڏينهن وفائي صاحب وٽ ساڻس ملاقات ٿي.منهنجي قد بت ۽ ڄمار کي ڏسي کيس اعتبار ئي نه ٿي آيو ته ڪو آئون در محمد پٺاڻ ٿي سگهان ٿو . هن صاحب کي منهنجي لکڻين ۽ قد ، بت ۽ ڄمار ۾ ڪابه هڪجهڙائي نظر نه ٿي آئي ، پر جڏهن وفائي صاحب جي زور ڀرڻ تي اعتبار ڪيائين ته ڏاڍو خوش ٿيو . انهيءَ وقت مونکي ائين لڳو هو ته ڀٽو صاحب پنهنجي نئين نسل جي جاکوڙ ۽ خدمت کان ڏاڍو مطمئن ٿيو آهي . انهيءَ کان پوءِ حبيب الله صاحب جڏهن به ڪراچيءَ ايندو هو ته ضرور ديدار ڪرائيندو هو . خطن جو سلسلو به جاري رهيو ، ۽ مرحوم مرڻ گهڙيءَ تائين قرب ۽ وفا جي ناتن کي نه ٽوڙيو . وفات کان ڪجهه وقت اڳ جڏهن ڪراچيءَ ۾ آيو ته اسان پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته گڏجي هڪ منصوبي تي تحقيقي ڪم ڪرڻ گهرجي . عنوان چونڊو سين “ورهاڱي کان اڳ جا اشاعتي ادارا”
جيئن ته آئون ڪراچيءَ جي اشاعتي ادارن تي اڳ ئي  تفصيل سان لکي چڪو  هئس . ان ڪري اسان اڳيان باقي حيدرآباد ، شڪارپور ۽ سکر جي اشاعتي ادارا وڃي رهيا . مون وٽ انهن شهرن جي به ڪيترن ادارن جي معلومات رکي هئي .فيصلو ٿيو ته “اتر سنڌ” جي ادارن تي مرحوم ڀٽو صاحب لکي ۽ “ڏکڻ سنڌ” جي ادارن کي آئون هٿ ۾ کڻان. مون هريسنگ ۽ پوڪرداس جي ادارن جي جيڪا به معلومات هئي ، سا مون سدنس حوالي ڪئي ، ۽ مرحوم صاحب مونکا کلي موڪلائي هيلو ويو . ليڪن مون کي ڪهڙي خبر ته اها سندس آخري موڪلاڻي آهي ، ۽ هو اسان کان هميشھ لاءِ جدا ٿي ويندو . نيٺ اهو نڀاڳو ڏينهن به آيو ۽ اخبارن ۾ خبر شايع ٿي ته حبيب الله ڀٽو پنهن جي عزيزن ۽ حبيبن کي جدائيءَ جو داغ ڏيئي راھ رباني وٺي هيلو ويو. يقين ئي نٿي آيو ته کلڻو ملڻو حبيب الله ، علم ادب جو بي لوث خادم واقعي اسان کان جدا ٿي ويو .

Good Wishes