ناگپور، 4 جون 1976 ع
پريه متر جناب در محمد صاحب
مون توهان کي سوالنامو ڀري موڪليو، تنهن کان پوءِ مون کي دل جي تڪليف ٿي ۽ 8 مئي کان 15 مئي تائين “ميئو اسپتال’’ ۾ انڊور پيشنٽ طور ڀرتي ٿيو هوس. پورو هفتو اسپتال ۾ رهيس، مگر خاص فائدو ڪونه ٿيو، ڇاڪاڻ ته نه پوري تپاس ٿَي ٿِي ۽ نه پورو علاج. ائين ته 16 سالن کان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي تڪليف اٿم، سو دوائون ته هڪيون تڪيون رکيون هونديون آهن. ڪڏهن ڪاگوري يا ڪڏهن ڪا هڪ دوست جي آيرويدڪ دوا وٺندو رهندو آهيان. بدقسمتيءَ سان ڪٽنب ٻن اڌن ۾ (اڃا به ٽن حصن ۾) وراهجي ويو آهي. سنڌ ۾ هئاسين ته گهر هڪ هنڌ هوندو هو. هتي ناگپور ۾ مان اڪيلو ۽ منهنجي وچئين ڀاءُ جا ٻار آهيون. منهنجي زال، پٽ، ننهن ۽ سندن پنج ٻار دهليءَ جي هڪ نگر ۾، منهنجو ننڍو ڀاءُ ٻارن سميت ٻئي نگر (دهليءَ ۾) ۾ رهندا آهن. سوا ٽن سالن کان مون پنهنجي اسپتال بند ڪري ڇڏي آهي. گهر ۾ دوائون رکيون اٿم. ڇٺ- ڇهه ماهين ڪو مريض ايندو آهي ته انڪار ڪري نه سگهندو آهيانس. اجهو هن هفتي مان ٻن ميلن تان شهر مان (جنهن علائقي ۾ منهنجي اسپتال هئي) ٽن مريضن کي سيون به هڻي آيس ۽ دوائون به ڏيڻ آيس، پر سڀ اوڌر تي. منهنجا پريمي گراهڪ مون سان حجائتا هئا. اوڌر گهڻي هلندي هئي، جڏهن اپراسو گهٽ هو. ڪو الله لڳ ڪونه ڏيندو هو سان، پر ڪاساين وانگر ڪهندڙ ڊاڪٽرن وارو منهنجو ڪٺور هردو ڪونه هو. تنهنڪري مون ڪو محل ته ٺهيو، پر جهوپڙي به ڪونه اڏي. ها! وري به لک شڪرانا سائين جا، جو منهنجي ڀائٽين جي بازن ۾ برڪت وڌي اٿس، ۽ هنن مڙسي ڪري مٿي لڪائڻ جيترو اجهو هٿ ڪيو آهي. سو نه ته آسمان ڇت ۽ پراين جاين جون ڀتيون منهنجي رهڻ جو آستان آهي. هڪ سال ٿيو آهي جو مسواڙيءَ مان مالڪ مڪان بڻيا آهيون. خير ڳالهه ٻي هئي. توهان جو  ڪارڊ 14 مئي وارو 25 مئي تي مليو هو. هن وقت هتي وئل جي گرمي ۽ تپت آهي، سو ڪجهه لکي نه سگهيس. هاڻي چوماسو ويجهو آهي. بعضي بادل ۽ بعضي ڪو وسڪارو ٿئي ٿو. شاه صاحب جي بيت وانگر اڃا: “ اڄ به منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا’’ ڪو نه ٿيو آهي (جيئن سر سارنگ ۾ سهڻي شاعر چيو هو). سنڌ جون ڳالهيون ٻيون هيون. هتي ٻيون آهن. سنڌ ۾ مون جهونن رسالن- “سندر ساهيته’’، “رتن’’، “آشا’’، “ڀارت جيون’’ کي شهه ڏئي پنهنجي “ڪهاڻي’’ رسالي کي اڳرو بڻايو هو. هتي ناگپور ۾ نه ڪو ساهتڪار آهي ۽ ساهتيڪ کيتر، بٺ ملڪ آهي. بمبئي ساهيته ۽ ساهتيڪارن لاءِ ڀلي زمين. ٻج پيو ناهي ۽ سلو نڪتو ناهي. پوءِ ان جا به انبار ۽ ميون جا به ٽوڪرا ميڙي ٿا وڃن. پڙهندڙ به ججها ۽ اشتهار به جام. ان  ڪارڻ ته ويچارو بولچند راجپال (سر ڳواسي) آگري، دهلي ۽ انت ۾ احمد آباد ۾ خاڪ ڇاڻي راھ رباني وٺي ويو ، مگر هن جو سنڌ وارو ناميارو “سنڌو’’ رسالو زور وٺي ڪونه سگهيو. هن جي احمد آباد مان جاري ڪيل “سنڌو’’ ۾ منهنجو هڪ لنبو ليک “سنڌي ساهتيڪارن سان منهنجي واقفيت’’، قسطن ۾ ڇپيو هو. مگر آخري قسط جنهن ۾ پرنسپال لعل سنگهه اجواڻي، ڪيرت، اتم، گوبند، موهن ڪلپنا، سڳن، ڪرشن راهي، سندري اتم چنداڻي، موتي پرڪاش، ۽ ڪلان پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي وغيره اچي ٿي ويا، سو پريس ۾ ئي هو ته ملڪ الموت هن (بولچند راجپال) کي لقمو بڻائي ڇڏيو. ليک جو به ساڳيو حال ٿيو. ڪيڏانهن ويو اهو مسودو تنهنجي خبر خاوند کي. سنڌ ۾ اسان جن شروعات کان وٺي نڪتل ڪتابن ۽ اخبارن جو جملي خزانو اڄ به سنڌ جي . Oriental Translator of the  Sind Govt. وٽ موجود هوندو. اتان توهان کي جيڪو خزانو ملندو، سو پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب “سنڌي نثر جي تواريخ’’ به ڪونه ڏئي سگهندو.
مان اڃا ننڍو هوس، جڏهن ڪراچيءَ مان مهراج تيجو رام روچيرام شرما جو “سنساتن ڌرم’’ رسالو ۽ ڪتاب نڪرندا هئا. ساڳئي وقت سکر  مان “هر سينگهه سنس’’ ۽ شڪارپور مان “پوڪرداس ائنڊ سنس’’ خواھ ٻيا پرڪاشڪ ڪتاب ڪڍندا هئا. ڄيٺمل پرسرام جي بلئوٽسڪي پريس به انيڪ ننڍا وڏا پستڪ ڇپي ظاهر ڪيا. ڀائينڊ پريس (شاهي بازار) مان سردار سمير سنگهه جو “سک ٽرئڪٽ’’ ۽ ساڳئي وقت حيدرآباد ۽  پوءِ ڪراچيءَ مان ميلهارام واسواڻي جو “سندر ساهتيه’’ ڪافي وڏي انداز ۾ ڪتاب ڪڍي سگهيا. حيدرآباد جي قلعي ڀرسان هوش محمد جي قبر ڀرسان جوتشي ٺاڪر داس جي پريس مان به ڪيترائي ناول نڪتا، جهڙوڪ “راجا ڏاهرسين’’. مکڪي گهٽيءَ ۾ به هڪ پبلشر هو. اڀرندي ڪچي ۾ (کاهي روڊ جي ڇيڙي وٽ- دومڻ واھ جي مٿان) هري سندر جو “ڪوڙومل ساهتيه مندل’’ ڪتاب ڪڍڻ ۾ ڪنهن کان به پوئتي ڪونه هو. ٻيا به ڪيترائي پبلشر هئا. سکر چاهي حيدرآباد ۽ ڪراچي مان جاسوسي ناول (“چندر ڪانتا’’، “ممتاز دمساز’’ ۽ “چار يار’’ وغيره) به جام نڪتا هئا. اسان جو محترم دوست عثمان ڏيپلائي به گهڻو پوءِ ميدان ۾ آيو. پرمانند ميوا رام، خانچند درياني، ليلا رام ٺارومل ماکيجاڻي، ڌرمداس ميرچندراڻي، “گرسنگت’’ جي ماستر مينگهراج آڏواڻي ۽ ڪرمچند کان سواءِ ٻين به ڪيترن پنهنجي طرفان ڪتاب ڪڍي ڇپايا هئا. ليکراج “عزيز’’ به پوئتي ڪونه پيو هو. خود “اين. ايڇ. ائڪڊميءَ (حيدرآباد) جي سامهون جيڪا نئشنل پريس هئي، تنهن مان به ڪيترا شايع ٿيا. هڪ نوجوان ڀڳوان تولاڻيءَ به ڪيترا ڪتاب ڇپايا هئا، ۽ پڻ ٻيو نوجوان هو موهن پنجابي، جنهن به ڪي ڪتاب ڪڍيا. “حيدرآباد گزيٽ’’ جي ايڊيٽر ۽ مالڪ دليپ سنگهه چتر سنگهه ماڻڪاڻيءَ جي نه رڳو “حيدرآباد گزيٽ’’ يا “ صوفي ڪلام’’ اخبارون نڪرنديون هيون، پر ڪجهه وقت هڪ رسالو “محبت’’ نالي به ڪڍيو هئائين. ڪيترا ڪتاب به ڇپيا هئائين. اتر سنڌ جي مشهور شاعر لطف الله “جوڳي’’ رويندر ناٿ ٽاگور جي گيتا نجلي سنڌيءَ ۾ سڀ کان اڳ ڪڍي ظاهر ڪئي هئي. ان بعد ڪراچيءَ جي “رتن’’ رسالي وارن پروفيسر ايم. يو ملڪاڻيءَ جو نثراڻي نظم ۾ ترجمو ڪيل “گيتا نجلي’’ ڇپيو ۽ هاڻي هتي بمبئي جي “سنڌي ٽائيمس’’ وارن گوبند رام سلامتراءِ رائسنگهاڻي “سائل’’ جو “گيتا نجلي’’ جو نظم ۾ ترجمو ڇپيو آهي. حيدرآباد مان جشنمل جوتشيءَ جو  جوتش تي لکيل ڪتاب “ڪوڙيمل منڊل’’ وارن ڇپايو هو.
توهان کي ته سنڌ جي ليکڪن ۽ ساهتيڪارن ، اخبار نويسن ۽ بلشرن خواھ پريس وارن جو ذخيرو کپي. مان ڪن ٿورن جو مختصر اجوال ڏيان ٿو:
منهنجي ڳوٺ “ابجي’’ ۾ ٻه شاعر هئا، جن جا نظم جا ڪتاب “نئشنل پريس،’’ حيدرآباد مان ڇپيا هئا. هڪ منهنجي بزرگ سوٽ گاگنداس گهنشيامداس مائيداساڻيءَ بتخلص “نهوڙيل’’ جو ڪتاب هو. هو صاحب سنجهوري ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو. شعر بحر وزن تي پورو ۽ مائيدار هوس. هن جي شعر جا ٻه يا ٽي دستخط ڪتاب موجود هئا، جي سندس ناٺيءَ وٽان ڪو پوني جو صاحب وٺي ويو ته ڇپائيندس. مگر نه ڇپايائين ۽ نه واپس ڪيائين. ٻيو ڪتاب هو “ڄيٺمل جو ڪلام’’ “ننڍي ابجي’’ جو ڀڳت ڄيٺانند به حيدرآباد جي مشهور سيٺ وشنداس مانجهوءَ واري وانگر (جنهن جو “ڦليليءَ’’ تي سندس جيئري ميلو لڳندو هو) هر سال ميلو لڳائيندو هو. هو گلاب داسي هو. اهو ميلو ڀڳت صاحب باغ اندر لڳندو هو. هونءَ ته گلاب داسين جي درٻار “ابجيءَ’’ جي ويجهو “سونهن’’ ۾  هئي، جتي پڻ هر سال ميلو لڳندو هو. حيدرآباد جي “سک ٽرئڪٽ’’ وارن مهراج هوند راج شرما جا به ڪي ڪتاب (ترجمو ٿيل) ڇپايا هئا. خود “سنسار سماچار’’ اخبار وارن به “خوني سماج’’ ۽ ٻيا ڪتاب (اول “سنسار سماچار’’ ۾ قسطن ۾ ڇپي) ڪڍيا هئا. مشهور ڪتاب “بندي جيون’’ جو صحيح معنيٰ ۾ ترجمان ٺاڪرداس اگناڻي مالڪ “سنسار سماچار’’ هو، پر هن ڪتاب تي نالو پنهنجي سوٽ ريجهومل اگناڻيءَ جو ڏنو هئائين.
حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽي خواھ مولي ٻٻر واري گهٽيءَ جي پريسن جي مالڪ چيتن ديو ورما “يمراج’’ به ڪئين ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا هئا. ڪجهه هن جي “آرين’’ پريس مان ڇپيا هئا. اها پريس تلڪ چاڙهي تي هئي. پوءِ کيساڻي بلڊنگ جي ڀرسان آئي، ۽ پاڪستان ٿيڻ بعد “مهراڻ’’ وارن جي هٿن ۾ آئي هئي.
پنهنجي باري ۾ ڇا چوان؟ ڪراچيءَ ۾ “الوحيد’’ جي ايڊيٽر مولوي دين محمد “وفائي’’ ۽ مئنيجر دين محمد “عليگ’’ سان السلام عليڪم جو رسنو هو. هنن وٽ هڪ سب ايڊيٽر ڌڻي بخش هو تنهن سان ته چرچي ڀوڳ جو به رستو هو. جڏهن ”آزاد’’ اخبار نڪتي ته ٻوڏ سبب اخبار جو ايڊيٽر مولوي عبدالڪريم چشتي وقت سر پهچي نه سگهيو. پهرين پرچي جو ايڊيٽوريل وغيره مونکي لکڻو پيو، جيتوڻيڪ مان مئنيجر هوس ۽ قيمت ڇڳاڻي جنرل مئنيجر ٻه ٻيا ساٿي ڪم ڪندڙ سب ايڊيٽر هئا: گوبند ڀاٽيا (جو هن وقت ڪلياڻ، بمبئي ۾ وڪيل آهي) ۽ ٻيو مولائي شيدائي، هو ٻئي صاحب روزاني اخبار ۾ بلڪل نوان هئا. جڏهن قيمت ڇڳاڻيءَ اخبار جي مالڪ خانبهادر الله بخش سان غداري ڪري پريس ۾ اندر پير الاهي بخش ۽ خانبهادر کهڙي وغيره سان منصوبو پئي سٽيو ته ڪيئن خانبهادر الله بخش کي عهدي تان موقوف ڪرائجي يا اسيمبليءَ ۾ کيس شڪست ڏجي تڏهن مون پنهنجو فرض سمجهي وڃي خانبهادر الله بخش کي سموري تحقيقات ڏني، مگر هو هڪ ڪمزور انسان هو، سو انجام ڪري به ته توکي انصاف پلئه وجهندس، تنهن تان ڦري ويو ۽ قيمت جي هٿن ۾ منهنجي قسمت وڌائين ته مان استعيفا ڏئي ويس، خانبهادر جي پئسي سان برپا ٿيل اخبار جا نمڪ کائيندڙ ملازم ئي هن جي ٽنگن کي پٺيان ڇڪي کيس ڪيرائڻ ۾ فخر سان پارٽ ادا ڪندا رهيا،  ۽ اهڙيون حرڪتون هنن کي ڦٻي ويون. مان جڏهن 1943 ع ۾ ڪشمير ويندي لاهور ويو هوس ته “پرتاب’’ اخبار جو هڪ ملازم اوم پرڪاش ٽنڊي جو منهنجو دوست هو، سو  مون کي مشهور ليکڪ، ڪهاڻي نويس، شاعر ۽ اخبار نويس نانڪ چند “ناز’’ وٽ وٺي ويو. ياد رهي ته نانڪ چند “ناز’’ اول’’ پرتاب’’ اخبار جو ايڊيٽر هو. اتان ڪنهن ڪارڻ استعيفا ڏئي وڃي روزاني “ميلاپ’’ جو ايڊيٽر ٿيو، ۽ رڻيبر سان گڏ ڪهاڻيون لکندو هو. وري اتان “وير ڀارت’’ ۾ وڃي ايڊيٽر ٿيو، پر ان ۾ به گهڻو وقت ڪونه رهيو، ۽ ان اخبار جي مينيجرپنڊت درگا پرساد شرما سان گڏجي نئين اڙدو روزاني اخبار “پرڀات’’ ڪڍي هئائين. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات “پرڀات’’جي آفيس ۾ ٿي. هن مون کان جيڪو پهريون سوال پڇيو هو، سو هو خانبهادر الله بخش جي باري ۾. مون کيس چيو ته هو ته بي دپو انسان  آهي ۽ اها بي ڊپائي هن جي جان وڃائي ڇڏيندي. مان لاهور مان ڄمون ويس ۽ هڪ رات رهڻ بعد سرينگر ويس. مان ميرا قدل (پهرين پل) وٽ هائوس بوٽ ۾ وڃي لٿس. جيئن ئي ڪچن ۾ ماني کائڻ لاِءِ گهڙيس ته فقط ٻه ياتري ويٺل ڏٺم، جي گورا هئا. ان وقت ريڊيو تان انگريزيءَ ۾ خبر ملي ته اڄ شام جو شڪارپور- سکر روڊ تي ٽانگي ۾ ويندي خانبهادر الله بخش ڪنهن قاتل جي گوليءَ جو شڪار ٿي قتل ٿي ويو. مان حيران ته ڪونه ٿيس پر ڍپ ٿيم ته متان نانڪ چند پنهنجي اخبار ۾ منهنجي ظاهر ڪيل شڪ کي خبر جي صورت ۾ ڇپي.
منهنجي آزاد خيالن سبب ڪيترائي منهنجا دوست به مون مان ناراض هوندا هئا. ڪانگريس جي ميمبر هوندي به  مان خود ضرورت وقت ڪانگريسين يا ڪانگريس جي پاليسيءَ تي ٽيڪا ڪندو هوس، تنهنڪري مان هنن لاءِ اختلافي ماڻهو سمجهيو ويندو هوس. ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ جيرامداس دولترام به مون کي پسند ڪونه ڪندا هئا. ٻيو ڪارڻ اهو به هو ته مان سوامي گووندانند جي ڌڙي جو هوس، ۽ جڏهن سنه 1937ع جي اسيمبليءَ جي چونڊن لاءِ ڪانگريس ڪراچي تڪ لاءِ سوامي گووندانند جي بجاءِ رستم خورشيد سڌوا کي ٽڪيٽ ڏني وئي ته سوامي گوندانند کي اهڙو ته صدمون پهتو هو جو هن کي دماغ جو اڌ رنگ ٿي پيو
جڏهن هن جي حالت ڪجهه سڌري هئي، تڌهن مان کيس پنهنجي خرچ تي حيدرآباد، ٽنڊي آدم، شهدادپور، نوابشاه، سکر، روهڙي، پني عاقل، گهوٽڪي، شڪارپور، سلطان ڪوٽ، ميان جي ڳوٺ ۽ جيڪب آباد وٺي وڃڻ بعد ميرپورخاص، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي ڄام ۽ بدين به وٺي ويو هوس. خود سوامي گووندانند به هڪ قابل ليکڪ هو. هن جا به سنڌيءَ ۾ ڪي ڪتاب (دستخط) لکيل آهن: جي مائي پاروتي آڏواڻيءَ وٽ هئا. پتو ناهي ته انهن جو ڇا ٿيو. سنڌ ۾ ڪو وقت هو، جو ٻه فصيح زبان شخص مڃيا ويندا هئا، اڄ ته پرنسپال اجواڻيءَ کي اهميت ملي رهي آهي. پر ان وقت هڪڙو ساڌو واسواڻي هو ۽ ٻيو سوامي گووندانند. سوامي گووندانند جي سنڌي ۾ “ڪيسري” هفتيوار اخبار ۽ انگريزيءَ ۾ “وائيس آف انڊيا’’ هفتيوار اخبارون مشهور هيون.
شڪارپور ۾ پروفيسر ڦيرواڻي ته مشهور ليکڪ هو. پر گهٽ سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي به ڪونه هو. هن جو ناٽڪ “هڪڙي رات’’ ڪافي پسند پيو هو.
مان مٿي چئي چڪو آهيان ته سنڌ سرڪار جا مشرقي ٻولين جي مترجمن وٽان توهان کي سموري گهربل ساهتيڪ معلومات ملي ويندي، تنهنڪري هندستان مان جيڪي سڄڻ توهان کي پنهنجو احوال ڏين تنهن  کان سواءِ اتي ئي سولائيءَ سان ان آفيس سان لهه وچڙ ۾ اچي معلومات حاصل ڪريو.
هتي جي منهنجي اشاعتن ۾ “شاھ جو رسالو ۽ ان جا سر’’ اچڻ گهرجن. هي مضمون “هند واسيءَ’’ ۾ قسطن ۾ ڇپيو هو. ان ۾ مون شاھ صاحب جي شعر کي سندس ڪيل سفر جي روشنيءَ ۾ ظاهر ڪيو آهي ته رسالي ۾ ڏنل سر ترتيب سان ڪونه ڏنا ويا آهن. سر ڪلياڻ کان وٺي آخري سر تائين مون پنهنجي سمجهه موجب سمجهايو آهي. آخر ۾ جيڪو سر ڏنو اٿم سو امامن جي عاشورن واري نينڍ جو آهي سفر نامو ته ڀيرومل  مهر چند جي “لطيفي سير’’ جي آڌار تي ڏنو اٿم ۽ ترتيب سان هر هڪ سر ۽ ان جا چونڊ بيت ڏنا اٿم. هڪ بيت جي شاهدي ڏيندي چيو اٿم ته شاھ صاحب لکي پڙهي ڄاڻندو هو، نه ته اهڙو بيت ڪونه لکي ها ته: مس منهنجي هٿ ۾ ڪاغذ ڪين آڻيڻ، لڙڪ لکڻ نه ڏين ڪريو پون قلم تي.’’
هڪ ٻيو ليک، هڪ بيت جي آڌار تي هو: “ جي تو بيت ڀانيا، سي آيتون آهين، نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.’’ مون ان ۾ چيو آهي ته شاھ صاحب ٿو چوي ته قرآن شريف کي بيت به سمجهو، اهو الله جو ڪلام آهي. عام طرح ٻيا ليکڪ چوندا آهن ته شاھ صاح ٿو چوي ته “منهنجي بيتن کي رڳو بيت ڪري نه سمجهه پر اهي آيتون آهن.’’ منهنجو اهو ليک ڪراچيءَ جي “نئين زندگي’’ وارن ڪونه ڇپيو هو، پر پوءِ جڏهن جبلپور جي “نئين زندگي’’ کي موڪليم ته ان جي ايڊيٽر پروفيسر راڌا ڪرشن گرناڻي بروقت ڇپي ظاهر ڪيو. خير! هتي مون گهٽ ۾ گهٽ چاليهه ڪهاڻيون، ڊزن کان مٿي ناٽڪ، هڪ مڪمل (8-9 سئو صفحن جو) ناول لکيا آهن. ناول اڃا ڇپجي ڪونه سگهيو آهي. ليک، ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ شعر ته ڌار ڌار اخبارن ۾ پئي ڇپيا آهن.
شڪارپور جي پروفيسر تاراچند  گاجرا جو نالو ته ٻڌو هوندو. هن جو شڪارپور مان هڪ ماسڪ رسالو نڪرندو هو، جنهن ۾ اٿهاسڪ مضمون هوندا هئا. سندس پٽ ٻلديو گاجرا بمبئي مان “ڀارت واسي’’ هفتيوار اخبار جڏهن ڪڍندو هو تڏهن، هن بي- اي جي سنڌي ڪتابن تي نهايت عمدي تنقيد ڪئي هئي، مگر ليکراج جو زبردست مخالف لکيو ويندو آهي. ليکراج وري “ گل خار’’ ڪتاب ۾ گهڻو ڪري سڀني سنڌي شاعرن تي نڪته چيني ڪئي آهي. هن “بيوس’’ کي به ڪونه ڇڏيو هو. برابر ليکراج هڪ قابل شاعر هو. مگر ٻلديو هن تي خوب جهليو ڪيون هيون. ليکراج جي وري (هيرآباد ۾) هڪ تاراچند روچيرام واڌواڻيءَ سان دشمني هوندي هئي. تاراچند (ڦٽيل) به هڪ شاعر هو ۽ آزاديءَ کان  اڳ وفات ڪري ويو. حيدرآباد ۾ ٻه شخص ساڳي ئي نالي وارا هئا. ڏيارام وسڻ مل ميرچندراڻي، جو ماستر هو. هو به سنڌيءَ جو گوهر هو ۽ صحيح صورتخطي ۽ صحيح وياڪرڻ جي لکڻ تي ڏاڍو زور ڏيندو هو. هن جا به ٻين سان گڏ نثر جي چونڊ ليکڪن جي ليکن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا هئا. مثال طور “جوهر نٽر’’. ٻيو هو ڏيارام  پرسرام ميرچنداڻي. هو اخبار نويس ۽ ليکڪ هو، هن جا اٿهاسڪ ليک مشهور آهن. خاص ڪري جوڌور ۽ جيسلمير جي درٻارين سان گهاٽي سنٻڌ سبب هو اتي جي اتهاس جو خاص ڄاڻو هو. هن “سنڌ  جا جيسلمير سان ناتا’’ واري ليک ۾ سلاوٽن جو ذڪر ڪيو هو . مون ان ليک لاءِ اضافي مواد (Rejoinder) لکيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو هوم ته حيدرآباد جي “گاھ  مارڪيٽ’’ وارا سلاوٽا جيسلمير جي سلاوٽن جا مائٽ هئا ۽ هندن مان مسلمان ٿيا هئا. ميان گذدر (سنڌ جو سياستدان) به سلاوٽو هو. اجمير ۾ “کاري کوهيءَ’’ ۾ سلاوٽن جو محلو آهي. مگر اجمير ۾ مسلمانن وارا خاص محلا  “کاري کوهي’’، “ڊگهي بازار’’، “نواب ڪا ٻيڙا’’ ، آشا گنج’’، “موچي محله’’، ۽ “تلا بزار’’ ته اڄ خاص سنڌين جا محلا آهن. پر “در گاھ بزار’’ ۽ “دهلي گيٽ’’ ۽ ان جو ٻاهريون حصو به سنڌين جو وسيل هنڌ آهي.
نواب شاھ ۾ دوست پرڀداس برهمچاري ۽ ديپچندر تلو ڪچند به ڪيترائي ڪتاب ڪڍيا هئا. هن اچي اجمير ۾ ٿاڻو ٺڪاڻو ڪيو ۽ اڄ به اتان ڪتاب پيا ڪڍن . “سندر ساهتيه’’ جو ايڊيٽر ميلهارام پاڻ ته ليکڪ ڪونه هو. سندس وڏو ڀاءُ فتح چند لکندو هو. مگر ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري ملازم هو (قلعي ۾ “رڪارڊ آفيس’’ ۾ هو) تنهن ڪري پنهنجي ڀاءُ جو نالو ڏيندو هو. اجمير ۾ پريس کولڻ بعد ميلهارام هڪ ڪتاب “سوامي رام ڪرشن جي امبرت ڪٿا) ، هڪ انگريزي ڪتاب تان ترجمو ڪيو هو، جو خوب پرچلت ٿيو. ان ۾ هن ٻولي به سٺي ڪتب آندي آهي. برابر صحيح معنيٰ ۾ ميلهارام ان ڪتاب کان پوءِ ليکڪ سمجڻ گهرجي.
ڪراچيءَ مان پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي به ڪي ناول لکي مشهور ٿيو هو. هن “شاھ جون سورميون’’ ڪتاب به لکيو هو. اجمير ۾ اچي فتح چند واسواڻيءَ “مناجات شاھ’’ ڪتاب به ڇپايو هو. جنهن ۾ شاھ جا اهي بيت آهن، جن ۾ خاص بندگيءَ جو ذڪر آهي. بمبئي مان پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي “شاھ جو رسالو’’ شرح سان لکيو، جو “هندستان ڪتاب گهر’’ وارن چپايو هو. تنهن کان سواءِ “شاھ’’، “سچل’’ ۽ “سامي’’ الڳ ننڍا ڪتاب به ڇپايائين. پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي وري “ساميءَ جا سلوڪ’’ ارٿ سان ڇپايا آهن. پر مان سمجهان ٿو ته ٻه يا ٽي ڀاڱا ڪڍيا اٿائين ۽ نه سمورا بيت. ائين ته شاھ جي بيتن ۽ ڪبير جي دوهن کي کڻي سرڳواسي مهراج ديودت شرما ڪيتريون قسطون “هندواسي اخبار’’ ۾ ڏنيون هيون ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش هئي ته شاھ جا ڪيترا بيت ڪبير جي دوهن تان ورتل آهن. سنڌ جي ڪهڙن ليکڪن لاءِ توهان کي احوال يا ذخيرو کپي. سو بلاشڪ لکي موڪليوم، جيتري ڄاڻ هوندم اوترو احوال ڏيندس. مگر 65 ورهين جي عمر ۾ هاڻي حافظو ڪجهه ڪمزور ٿي ويو اٿم. تنهن هوندي به مان پنهنجي خدمتن پيش ڪرڻ لاءِ حاضر آهيان. منهنجون ڪي ڪهاڻيون ۽ ليک ڪراچيءَ جي “نئين زندگي’’ ۽ حيدرآباد جي “روح رهاڻ’’ ۾ ڇپيا هئا. پوءِ ته مخزنون اچڻ بند ٿي ويون. اها به خبر نه پوي ته ڪهڙا محبوب دوست زنده آهن ۽ ڪهڙا رباني راھ وٺي ويا. ڪجهه اتي سنڌ ۾ مصالح گڏ ڪيو ۽ ڪجهه بمبئي وارن کان ڇڪي وٺو ۽ ڪجهه مون کي به معلوم هوندو ته حاضر، پڇا ڪرڻ تي لکي موڪليندس.
ٻيو ڪو مون لاءِ ڪم ڪار هجي ته حاضر آهيان.
هيءَ چٺي اڄ 11، جون جي ختم ٿو ڪريان. هي آخري ٻه صفحا اڄ لکيا اٿم. ڪوشش ڪندي لفافي ۾ چٺي وجهي سڀاڻي ٽپال ۾ موڪليندس سومر کان اڄ جمع آهي.
نوٽ:  منهنجي ڪتابن جي لسٽ ۾ هڪ ڪتاب وڌيڪ لکجو “ماتا ڪستورا’’ جو 1943 ع ۾ ڇپيو هوم . حيدرآباد مان ٻه ڀائر ڀيرو مل ۽ وشن جڳتاڻيءَ به ڪيترا ڪتاب ڇپايا هئا، پنڊت جواهر لعل جي “جيوني’’ جو ترجمو تيرٿ وسنت ڪيو هو. هي ڪتاب چڱو مشهور ٿيو. ڪتاب جو سمورو خرچ ڀائي پرتاب ڏيئل مل  ڪيو هو، مگر پوءِ ان کي غلط ٺهرائي ٻيو ڪتاب “جواهر جيوني’’ ڇپايو.
توهانجو خير خواھ ايم. آر. مائيداساڻي...

Good Wishes