پرڏيهي عالمن جا خط (18 ڊسمبر 1980)
ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي
ميلهارام رنگو مل مائيداساڻي 13، آڪٽوبر 1911 ع تي 1 بجي ، تعلقي نوشهرو فيروز، ضلعي نواب شاھ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ وٺڻ کان پوءِ انگريزي تعليم لاءِ “اي. وي اسڪول مٺياڻي’’ ۾ داخل ٿيو. ليڪن تعليم جي پورائي ڪرڻ لاءِ کيس “اين. ايڇ ائڪيڊمي” حيدرآباد، “ڪوڙو مل چندن مل ائڪيڊمي’’ ڀريا، ۽ “هاءِ اسڪول’’ ٺارو شاھ ۾ به پڙهڻو پيو. ان کان پوءِ ميڊيڪل ايڊيوڪيشن وري “ميڊيڪل اسڪول’’ حيدرآباد مان ورتائين.
هن صاحب طالب العلميءَ جي زماني ۾ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. سندس رچنائون پهريون پهريون “حيدرآباد گزيٽ’’، ۽ “ميڊيڪل اسڪول’’ جي مخزن “محبت’’ ۾ شايع ٿيون. ميڊيڪل اسڪول کي ڇڏڻ کان پوءِ صحافت جي دنيا وسايائين. 1936 ع ۾ “حيدرآباد گزيٽ’’ جو سب ايڊيٽر ۽ ان سان گڏ ڪراچيءَ جي “سنسار سماچار’’ جو خاطو ٿيو. 1937 ع ۾ جڏهن حيدرآباد مان “ڊيلي گزيٽ’’ جاري ٿي ته ان جو ايڊيٽر ٿيو. 1938 ع  ۾ ڪراچيءَ مان ورزانه “سنسار پتريڪ’’ ڪڍيائين، جيڪا ٿوري عرصي کان پوءِ بند ڪرڻي پيس. پوءِ وري هفتيوار “هندستان’’ جاري ڪيائين. 1939 ع ۾ “قرباني’’ ڪراچي، ۽ 1940 ع ۾ “سنسار سماچار’’ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيائين. 1943 ع  ۾ حيدرآباد مان (جڳت آڏواڻي وارو) “ڪهاڻي’’ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو 1947 ع تائين جاري رهيو. انهي عرصي دوران ڪيترائي مهينا روزاني “ديش متر’’ اخبار به هلائيندو رهيو.
هن صاحب شاعر، ايڊيٽر، ليکڪ، پرنٽر، پبلشر ۽ مترجم جي حيثيت سان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي آهي. سندس لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو:
“ڪانگريس گولڊن جوبلي بڪ’’ (1935)، “بغاوت’’ (ناول ترجمو 1943)، “ماتا ڪستورا’’ (1943)، “سج ٻه پاڇا’’ (ناول 1944) “ارملا’’ (ترجمو ناول 1945)، “بکايل’’ (ترجمو ڪهاڻيون 1945)، “خوشبوءِ’’ (ترجمو ٿيل ڪهاڻيون 1944)، “مائيداساڻيءَ جون آکاڻيون’’ (1945)، “ڪلنگيڌر مهراج’’ (سوانح 1945)، “سوامي ديانند’’ (1945)، “ننڍي ڀيڻ’’ (ترجمو ناول 1945)، “نبتاجي’’ (1946)، “راجسٿان’’ (ترجمو ناٽڪ 1945)، “ ٻُچي رمضان’’ (ڪهاڻيون ترجمو 1946)، “ ست سورما’’ (1946)، “مظلوم سنڌ’’ (سياست ۽ تاريخ 1947).
ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، انهيءَ جي جهلڪ سندس خطن مان نظر ايندي.
ڀيڻ پوپٽي هيراننداڻي منهنجي علمي مدد ڪرڻ لاءِ ڀارت ۾ مختلف عالمن، اديبن، شاعرن، ايڊيٽرن ۽ پبلشرن ڏانهن سوالناما موڪليا هئا. ڊاڪٽر ايم. آر مائيداساڻي انهي تحرڪ جي موٽ ۾ مون سان رابطو قائم ڪيو، ۽ ائين اسان ٻنهي جي وچ ۾ خط و ڪتابت ٿي . هن هيٺ سندس لکيل خط هيٺ ڏجن ٿا:
ناگپور، 28 اپريل 1976 ع
سدا شال خوش هجو
پريه متر مسٽر در محمد صاحب
ٿورا ڏينهن اڳ، بمبئي مان، ڪماري پوپٽي هيراننداڻي وٽان هڪ سوالنامو ۽ تنهن سان گڏ هڪ چٺي (Forwarding letter)  آئي آهي. توهان سنڌي سڄڻن، اسان ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪونه وساريو آهي. توهان جي ان قرب لاءِ مان ڪهڙن اکرن ۾ تعريف ڪريان. مطلب جي ڳالهه تي اچان: سوالنامو، ڪوشش ڪري سمورو ضرورت موجب ڀريو اٿم. فوٽي لاءِ معذرت ظاهر ڪئي اٿم،  جا حقيقت آهي. ڪتابن جي ڇپائڻ جا سال ٺيڪ طرح ياد ڪونه اٿم. ڇاڪاڻ ته مون وٽ انهن جي فقط هڪ ڪاپي به ڪونهي. ان هوندي به پروفيسر منگهارام اڌارام ملڪاڻيءَ جي ڪتاب “سنڌي نثر جي تاريخ’’ ۾  ضرور لکيل هوندا. اهو ڪتاب ته توهان وٽ موجود هوندو.
زياده خير. دعا سلام سڀني سڃاتل خواه اڻ سڃاتل سنڌي ساهتيڪارن ۽ ٻين لاءِ.
توهان جو خير خواھ
ايم. آر مائيداساڻي
سدا شال باغ بهار هجو

Good Wishes