ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

نيچ نوڪري گند جي ٽوڪري

انگريزن جي حڪمرانيءَ جي زماني ۾  سنڌي عوام دشمن مفڪرن ۽ دانشورن ماڻهن کي لقمو ڏنو ته ”نيچ نوڪري، اتم کيتي ۽ وڌندڙ واپار“. مقصد اهو ته ڀلي عام ماڻهو وڃي ٻني ٻارو ڪن يا هٽ- واڻيا ٿين ۽ اسان کي حڪمراني ڪرڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي، مسلمانن کي پنهنجي ئي اڳواڻن ماريو. هڪڙن همراهن فتوائون ڏنيون ته انگريزي پڙهڻ ڪفر ڪرڻ برابر آهي ته ٻين اپر ڪلاس جي ماڻهن کي انهيءَ فڪر منجهايو تي سندن سامنهن  پيڙهي يا مُڙهي تي ويهڻ وارا ماڻهون متان ڪا نوڪري ڪري ڪنهن ڪرسيءَ تي ويهن. ان ڪري انهن به عوام لاءِ سرڪاري نوڪرين جا دروازا بند ڪرڻ جا هر ممڪن وسيلا هلايا. انگريزن جي زماني ۾ سرڪاري نوڪري وڏي ڳالهه هئي، مجال هئي ڪنهن وڏيري يا ننڍيري کي جو ڪنهن انڌي منڊي ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر اڳيان ڪرسيءَ تي ويهي. جنهن تي سرڪار مهربان ٿيندي هئي يا مٿي تي هٿ رکي ڪو ڪم ڪڍڻ گهرندي هئي ته پوءِ ان لاءِ ڪرسيءَ تي ويهڻ جو آرڊر ڪڍندي هئي. انگريزن جي زماني ۾ جڏهن ”نيچ نوڪري گندي جي ٽوڪري“ واري لقمي هندن تي اثر ڪيو ته هنن مان ڪيترن ”وڌندڙ واپار“ واري ڳالهه مڃي ورتي ۽ خاص طور تي شڪارپور ۽ حيدرآباد مان ڪيترا هندو ڏيساور ويا ۽ ”سنڌ ورڪيءَ “ جي نالي سان مشهور ٿيا. هنن دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪري ناماچار ۽ ڏوڪڙ ڪمايو. انهن جي ڀيٽ ۾ عام مسلمان جي نصيب ۾ ڪنهن نه ڪنهن ننڍيري وڏيري جي ٻني ٻارو ڪرڻ لکجي ويو. کين انگريزي تعليم کان فتوائن ۽ تبليغ ذريعي پري رکيو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان جي ڊڪشنرين ۾ ”ڄٽ“ لفظ مان مطلب عام سنڌي مسلمان وٺجڻ لڳو.

اڄوڪي دور ۾ عام ۽ عوام سنڌ واسيءَ لاءِ جهڙوڪ زندگي ۽ موت جو مسئلو اهو بڻجي ويو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪا سرڪاري يا درٻاري نوڪري وٺجي. انهيءَ جاکوڙ ۽ جستجوءَ ۾ اسان سمورا حيران، پريشان ۽ سرگردان نظر ايندا آهيون. مون پنهنجي سنڌي سٻاجهن کي ٽن موقعن تي باجماعت حيران، پريشان پئي ڏٺو آهي، بلڪه جهڙوڪ جنگ جوٽڻ يا جنگ کي منهن ڏيڻ واريءَ صورتحال ۾ ڏٺو آهي. هڪڙو موقعو امتحانن جي سيزن ۾ ايندو آهي، جڏهن يارن ۽ مددگارن جون کيپون باقي ڪم ڪاري ڇڏي وڃي ڪاپي ڪرائينديون آهن. ان موقعي تي اهڙا مست ۽ متوالا نظر ايندا جو هنن کان باقي دنيا جهان وسري ويندو. ٻيو موقعو چونڊن جي ڏهاڙن ۾ جڙندو آهي. وانگاري يار پنهنجا گهر ٻار وساري ورڪ تي نڪري پوندا. پرائي ڄڃ ۾ احمق نه فقط نچندا، پر موقعو ملندن ته حريفن جون سسيون به لڻي ڏيکاريندا. هجومن جي صورت ۾ نڪرڻ جو ٽيون موقعو کين تڏهن ملندو آهي، جڏهن ڪا ڪوڙي سچي خبر ملندي آهي ته سرڪاري نوڪرين تان بندش لاٿي وئي آهي. هن سيزن ۾ فوٽو اسٽيٽ مشينن جي دوڪان تي هجوم لڳي ويندا ۽ نوڪريءَ لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ قطارون لڳي وينديون. هر ڪا آفيس اها ڏِکَ پئي ڏيندي ته هئي قوم ڄڻ ڄائي ئي نوڪرين وٺڻ لاءِ آهي.

سنڌ کي وڏيءَ سازش مطابق انهيءَ صورتحال جي چڪڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي. هڪ طرف ڪاپي ڪلچر کي هٿي ڏئي نوجوانن جي هٿن ۾ ڪوڙيون ڊگريون ڏنيون ويون آهن. ٻئي طرف پارت سفارش ۽  رشوت جي ڏڍ تي نوڪرين وٺڻ جي روايت وجهي، لائق ۽ حقدار ماڻهن جي حياتيءَ ۾ زهر ملايو ويو آهي. ان ڪري ماڻهون وڃن ته ڪاڏي وڃن. سنڌ جي تاريخ ۾ هي پهريون مثال قائم ٿيو آهي ته صلاحيتن ۽ لياقتن جي بنياد تي نوڪرين ڏيڻ جي سفارش ڪرڻ واري اداري ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جي حيثيت ۽ اهليت تي سوال اڀريا ۽ ان کي اهڙيءَ ريت اعتماد تي نه لهڻ ڪري غير فعال ٿيڻو پيو.

مغربي ملڪن ۾ ٻار ڄمي ٿو ۽ تعليم پرائڻ شروع ڪري ٿو ته سندس صلاحيتن جو اندازو لڳائي هن لاءِ فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته هو جڏهن لکي پڙهي عاقل ۽ بالغ ٿيندو ته کيس ڪهڙي نوڪري ڏني ويندي يا هو ڇا ڪندو ۽ ان وقت سماج کي يا حڪومت کي هن لاءِ انهيءَ حوالي سان ڪهڙيون آساميون موجود هونديون. پر اسان جي حڪومتن جي ائين سوچڻ انهن جي وس جي ئي ڳالهه ڪانهي. اهي ”تجارتي پاليسي“، ”تعليمي پاليسي“، ”ليبر پاليسي“، ”حج پاليسي“ وغيره ته بڻائينديون، پر بک ۽ بيروزگاري جي حوالي سان ڪا پاليسي ڪا نه ٺاهيندي، جنهن جي روشنيءَ ۾ بيروزگارن ۽ بنا نوڪريءَ وارن کي خبر پئي ته هنن جو به ڪڏهن وارو ايندو، يا هو پنهنجي لياقتن خواهه صلاحيتن ۾ ڪهڙو اضافو يا سڌارو آڻين ته جيئن اهي پنهنجي لاءِ ۽ قوم لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن.  بيروزگاري  ۽ نوڪرين جي عدم موجودگي سڀني لاءِ هڪ سنگين مسئلو آهي. وقتي طور تي، جيڪڏهن پارت، سفارش ۽ رشوت جي ڪلچر جي پاڙ پٽجي وڃي ته نئين نسل جو اعتماد بحال ٿي سگهي ٿو ۽ اسان انهيءَ حوالي سان ڪنهن مثبت رخ ۾ قدم کڻي سگهون ٿا. هن سنگين مسئلي تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ ڪي حل ڪڍڻ  تمام ضروري آهي. ٻي صورت ۾ نئون نسل فرسٽريشن، مايوسيءَ ۽ احساس محروميءَ  ۾ مبتلا ٿي اهو دڳ وٺندو، جيڪو کيس ۽ اسان کي ڪنهن باهه جي منهن ۾ وڃي اڇلائيندو.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes