(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”سنڌ کي سماجي مفڪرن جي ضرورت آهي“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

ڏاهن جي هن ڏيهه ۾ سوچڻ ۽ لوچڻ واري جي ڪا به ڪمي ڪانهي، پر پوءِ به ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جيڪو زندهه آهي، سو ڄڻ زندان ۾ آهي. جيئن ٿڌ، تيئن وڌ جيان وڃن ٿا سورن جا مذڪور وڌندا. مسئلا ۽ مونجهارا ايترا وڌي وڻ ٿيا آهن، جو گهڻن ماڻهن جي گاڏيءَ کان گاهه کڻڻ مشڪل ٿي پيو آهي. پر مزي جي ڳالهه ته اها روايت بڻجي وئي آهي ته ڪو پنهنجي غلطي يا ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. ابتڙ حالتن ۽ پنهنجي تشويشناڪ صورتحال جو ڏوهه ٻين تي ڌرڻو آهي ۽ پاڻ کي بي ڏوهي، متقي ۽ اصول پرست ثابت ڪرڻو آهي.

هاڻي جڏهن هر ڪو عالم ۽ اديب، شاعر ۽ صحافي، سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن قوم جي مقدر بدلائڻ ۽ مثبت تبديلي آڻڻ جي دعويٰ ۽ جاکوڙ به ڪري ٿو ته پوءِ اهو ڪهڙو جادو آهي جو تريءَ تيل ئي نه ٿو لڳي ۽ زبان تي تري اچي ٿو ته ”يار به چاڪي ۽ سينڌ به اڻڀي...“ آسمان ۾ جڏهن سج ۽ چنڊ نظر نه ايندا آهن ته تارا ستارا ئي ايڏي روشني ڪندا آهن جو ڪو واٽهڙو انهيءَ آڌار تي واٽ منجهي نه سگهندو آهي. پوءِ اها ڪهڙي ماجرا آهي  جو ڌرتيءَ تي ڪيترا سورج جهڙا سهڻا ۽ چنڊ جهڙا چمڪندڙ مفڪر، مدبر ۽ سماجي رهبر موجود آهن، پر پوءِ به ڀينگ مٿان ڀينگ ٿيندي رهي ٿي. حالتون سڌرن ئي ڪو نه ٿيون.

اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته اسان ۾ انهن ويڄن طيبن جي ڪمي آهي، جيڪي مرض ڄاڻي درد جي دوا ڪن. معاشري ۾ تبديلي تڏهن ايندي، جڏهن ماڻهن ۾ تبديلي اچي، ماڻهن ۾ تبديلي تڏهن ايندي، جڏهن انهن جي ذهنن ۽ دلين کي تبديل ڪيو وڃي.  دلين ۽ ذهنن ۾ تبديلي تڏهن ايندي جڏهن مبلغ ۽ مفڪر پنهنجا ذهني، فڪري ۽ نظرياتي قبلا درست ڪندا ۽ چاڪي جي ڏاند وانگر فرسوده سوچن لوچن جي گهاڻي جو چوڌاري نه ڦرندا. اسان سان حشر اهو آهي ته سالن کان وٺي ساڳيو راڳ آلاپيون ٿا ۽ اسان وٽ مدهوش ڪرڻ لاءِ جهڙوڪ نئين ڌن آئي ئي ڪانه. اهي روايتون ساڳيون، اهي رسمون ساڳيون ۽ خوابن تي ٻڌل اهي منزلون ساڳيون. پاڻ جهڙوڪ مبلغ ۽ انقلابي ماڻهو جبل جي چوٽيءَ تي بيهي، گهڻو هيٺ بيٺل ماڻهن کي ڌرتيءَ جي خوبصورتيءَ ڏسڻ ۽ تازي هوا کائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ان ڪري جيڪڏهن سچ به چئون ٿا، پر ٻڌڻ سمجهڻ وارا گهڻو پري آهن ۽ پنهنجي ڳالهه اثر نه ٿي ڪري.

پنهنجي ڳالهه اثر ڪري ها ته هر دفعي پيرن ۽ وڏيرن کي ووٽ نه ملن ها. پنهنجي ڳالهه اثر ڪري ها ته نياڻيون ۽ نماڻا ماڻهون ڪاروڪاري ٿي نه مرن ها. پنهنجي ڳالهه اثر ڪري ها ته ذات پات جو زنگ اسان جي ذهنن تي نه چڙهي ها. پنهنجي ڳالهه اثر ڪري ها ته وڏا انقلاب اچي وڃن ها. صاف ظاهر آهي ته پنهنجي ڳالهه ان ڪري ٻڌي سمجهي نه ٿي وڃي جو يا ته پاڻ کي ڳالهه ڪرڻ نه ٿي اچي، يا پنهنجي ڳالهه ٻڌڻ سمجهڻ وارا ڪن ۽ ذهن ڪو نه آهن. انهيءَ صورتحال ۾ سوچڻ ۽ لوچڻ وارن کي اهو دڳ به ملي ٿو ته سياست جي سينڌ سنوارڻ، سماجي خدمتن جا ساز وڄائڻ ۽ ادبي يا صحافتي دنيا کي چار چنڊ لڳائڻ کانسواءِ اڃا ٻيو به ڪو ڪم آهي جنهن تي اسان کي ٻوڙا ٻڌي آچار ڪرڻ گهرجي. بنهه ائين  جيئن لطيف سائين فرمايو ته ”روزا نمازون اهو پڻ چڱو ڪم، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“. ان حساب سان ڀلي اسان آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جون ڳالهيون ڪيون پر اهڙن روزن نمازن سان گڏ اهو ڪم به ڪيون ۽ اهم فهم به ڪتب آڻيون، جنهن سان مقصد کي حاصل ڪرڻ آسان ٿي پئي.

اهو ڪم آهي ته سنڌي عوام جي سماجي نفسيات جو مطالعو ڪيو وڃي ۽ ان جي آڌار تي نتيجا ڪڍي دردن ۽ مرضن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ دوا درمل لاءِ ڪي دڳ ۽ پيچرا ڪڍيا وڃن. سنڌ جو ماڻهو ۽ ان جي نفسيات اسان نظرانداز ڪنداسين ته ان جي ذهني، فڪري ۽ نظرياتي خدمت خواهه تربيت نه ڪري سگهنداسين. پوءِ هوندا ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه، ان ڪري موجوده سنگين حالتن ۾  اڄ سنڌ کي سماجي مفڪرن جي ضرورت آهي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes