(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”ايندڙ مڪاني چونڊون، سسين جو چونڊو نه ٿين“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

تازو ٿيل مڪاني چونڊن دوران سچل جي نگريءَ ۾ ماڻهن مارڻ جو جيڪو افسوس ناڪ ۽ مذمت جوڳو واقعو ٿيو، شل رت جي اهڙي راند باقي رهيل مڪاني چونڊن دوران نه کيڏي وڃي. سچل جي درگاهه تان امن ۽ انسان-دوستيءَ  جا ناد وڄندا آهن، پر اليڪشن ڏينهن اتي دانهن ۽ ڪوڪن باشعور ماڻهن جي ضمير جي ڌرتيءَ ۽ آسمان کي لوڏي ڇڏيو ۽ اسان لاءِ ڪيترن سوالن کي جنم ڏنو. هن واقعي کي ڪيترن ئي رخن کان ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو، ان جي منفي اثرن جي احاطي جو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو.

سڀ کان وڏو سوال حڪومت لاءِ پيدا ٿئي ٿو ته امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام جي جان، عزت ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. جڏهن پولنگ اسٽيشنن ۽ انهن جي ڀرپاسي پوليس ۽ امن قائم ڪندڙ ايجنسيون به موجود هجن ۽ پوءِ به گولين جون بارشون ٿين ۽ ماڻهن جون منڊيون لڻيون وڃن ته ڪنهن کي ميار ڏجي؟ سنڌ ۾ ماڻهن مارڻ جي هيءَ ڪهڙي تاريخ لکجي رهي آهي جو جڏهن بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم آهي ته هن جي ڪونڌر ڀاءُ کي ڪٺو وڃي ٿو. جڏهن خيرپور واسي سنڌ جو وزيراعليٰ آهي ته سچل جي نگريءَ ۾ ڪوس ٿو ٿئي. تاريخ لکڻ وارا انهن واقعن جي ڏوهن جا بار اقتدار ڌڻين جي ڪلهن تي به اڇلائيندا ۽ ائين ڪرڻ ۾ هو بنهه حق بجانب هوندا.

سچل جي نگريءَ وارو واقعو متان پلاند وٺڻ واري منفي سوچ ۽ ڪوڙيءَ مڙسيءَ جي ور نه چڙهي وڃي ۽ ائين نه ٿئي ته ان جو بدلو ڪنهن ٻئي هنڌ ڪن ٻين مظلومن مارڻ جو روپ بڻجي اسان جي اڳيان اچي. ائين ٿيو ته پوءِ اسان کي پنهنجي عقل تي ماتم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا نصيب ٿيندو؟

سياست چمڪائڻ لاءِ ماڻهو ائين به ڪندا آهن جيئن ڪا مائي پرائي تڏي تي وڃي پنهنجي مري ويل مائٽن کي ياد ڪري روئڻ شروع ڪندي آهي. ڪراچيءَ ۾ ته اها هاڻي ريت رسم بڻجي وئي آهي. جيڪو ٿو ڪو واٽهڙو مري ته هڪ مخصوص پارٽي لاش ڪلهي تي رکي روئڻ پٽڻ شروع ٿي ڪري ته سندس ڪارڪن ماريو ويو آهي. انهيءَ ناخلف پارٽيءَ واري سياست حڪمت عملي درازن واري ڏکوئيندڙ واقعي تي لاڳو ٿيڻ نه گهرجي. حياتيون وڃائيندڙ ماڻهن کي هاڻي ڪنهن پارٽيءَ جي حمايتن ۽ مخالفن جي لسٽ ۾ شامل  نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه اسان کي اهو ڏوهه قبولڻ گهرجي ته سچل، جنهن  انساني محبت، ادب ۽ احترام جي ڳالهه ڪئي، ان جي نگريءَ ۾ ماڻهون ماريا ويا. ان ڪري هن واقعي کي لاشن تي سياست ڪرڻ واري ڪرت نه بڻايو وڃي.

جيڪڏهن هن واقعي جو ڪارڻ سياسي دشمني يا سياست نه آهي ۽ ان جون پاڙون قبائلي يا خانداني دشمنين جي پاتال ۾ کتل آهن ته پوءِ انهيءَ واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ بدران سماجي ڪوتاهين ۽ سماج جي بدبودار روايتن جي پسمنظر  ۾ ڏسڻ گهرجي. ”قبائلي جهيڙا“ به ”ڪارو ڪاري“ واري ڪڌي روايت جيان اسان جي وڏيرا شاهي نظام جي آشيرواد سان ئي هلندا ۽ هن انسان- دشمن نظام جي ڇانوءَ ۾ پلبا آهن. ”قبائلي جهيڙا“ سالن جي طويل ترين جنگ ۾ ان ڪري تبديل ٿي ويندا آهن جو انهن جا فيصلا جرگن ذريعي ڪيا ويندا آهن. پر جيڪڏهن انهن جو نبيرو عدالتن ذريعي ٿئي ته لاڳاپيل ڌريون فيصلن جي پابندي ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهن. جرگن جي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ئي هن فرسودي نظام جي جادوگري آهي. ان ڪري جيڪڏهن درازن واري ڏکوئيندڙ واقعي تي ڪو قبائلي يا خانداني تڪرار جو اثر آهي ته ان مسئلي کي انهيءَ حوالي سان ڏٺو ۽ حل ڪيو وڃي. هن واقعي جي لڪل ۽ ظاهر سببن جي تصديق يا ترديد ته تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ڪا غيرجانبدارانه انڪوائري ڪرائي وڃي.

هن واقعي جا سنڌ جي سياست تي اهي منفي اثر پوندا ته ماڻهن کي دهشتگردي يا جان وڃائڻ واري ڊپ ۾ ايترو ته مايوس ۽ بي دليو بڻايو وڃي، جو هو چونڊن ٿيڻ وقت پنهنجي ووٽ جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪيٻائڻ شروع ڪن. ان ڪري اهڙا خوني واقعا بيلٽ باڪس ۽ عوام جي حق تي ڌاڙي هڻڻ جا ڪارڻ ٿيندا. تنهن لاءِ ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته هاڻي اسان جي چونڊن جا ماڳ مڪان ڪوس گهر نه بڻجن. اهي لاشن تي سياست ڪرڻ واري روايت نه وجهن ۽ چونڊون ڦٽين جي چونڊي وانگر سسين جي چونڊي جي سيزن نه بڻجي وڃن. هاڻي سنڌ کي چونڊن وقت انساني رت جي نه، پر اسان جي ست ۽ سرت جي ضرورت آهي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes