(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”رينجرس جي اختيارن وارو مامرو ڪهڙو رنگ لائيندو؟“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

شهيد راڻي بينظير اقتدار جي مسند تي ويٺي ته  ايم ڪيو ايم جي اختلافن سنڌ ۾ رڻ ٻاري ڏنو. سيد قائم علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير هئو ۽ هن ڪرسيءَ ته وڃائي، پر اصولن تي سودو نه ڪيو. اڄ جڏهن رينجرس جي اختيارن واري مامري منهن ڪڍيو آهي ۽ نواز حڪومت جا هراول دستا هن ڳالهه کي ڪشمير جو مسئلو بڻائي رهيا آهن، ته ان وقت سنڌ ۾ ساڳيو ئي قائم علي شاهه وڏيءَ وزارت جي ڪرسيءَ تي ويٺل آهي. هن جي پنهنجي پارٽيءَ سان وفاداري ۽ ان جي حڪمت عملين کي دل و جان سان لاڳو ڪرڻ ۽ تحمل ۽ اڏولپڻي واري طبعيت کان مرڪزي حڪومت ڀليءَ ڀت باخبر هوندي.

پيپلزپارٽيءَ ۽ نوازليگ ۾ جيڪڏهن انهيءَ مامري تي اختلاف چڙهي چوٽ تي پهتا ته ان مان نقصان ٻنهي پارٽين کي ٿيندو ۽ ڪا  ٽين ڌر حالتن مان فائدو وٺندي. ان ڪري هاڻي صورتحال اها آهي جو جيڪڏهن ڪاتي گدري تي ڪري يا گدرو ڪاتيءَ تي ڪري، نقصان گدري کي ئي ٿيندو، پر مزي جي ڳالهه اها ته عوام نه ته گدرو آهي ۽ نه ڪاتي آهي. البته گدرو انهيءَ جي ٻنيءَ جو آهي ۽ ڪاتي ان جي بورچيخاني جي آهي. پوءِ به حالتن جو اٺ ڪهڙي پاسي به ليٽي، ليڪن بار عوام تي ئي پوندو. ڇو ته ماڻهن ۾ هاڻي ايترو شعور اچي چڪو آهي جو اهي انڌي منڊي جمهوريت کي ته پسند ڪندا، مگر ڪا سورن جي ٻي سست سالي کين نه وڻندي.

مامري تي حالتون ڳنڀير نه ٿينديون. ان جا گهڻا ئي ڪارڻ آهن. سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو ”ميثاق لنڊن“ آهي، جنهن جو سهرو ته بينظير جي سر تي اچي ٿو، پر ان ۾ ملڪ جي ڪيترن مدبرن گوڏا ڀڃي اهو فيصلو ڪيو ته ”حڪومت ڪريو ۽ حڪومت ڪرڻ ڏيو“ واري حڪمت عملي ئي سياسي نظام ۽ سياستدانن جي حق ۾ آهي. ان ڪري افهام ۽ تفهيم ۽ سمجهوتي کي ئي سياست جي سونهن بڻائڻ گهرجي، ان ڪري گمان اهو ئي وٺڻ گهرجي ته نوازليگ سياسي رنگ قائم ڪرڻ لاءِ ڀڀڪيون ته گهڻيون ڏيندي، ليڪن مامري کي ٽوڙهو بڻائي پنهنجي ۽ پرائي ڳچيءَ ۾ نه وجهندي. هونئن به حالتن ميان نواز جي گهراڻي تي اهڙا احسان ڪيا آهن جن جو انهن کي شايد تصور ئي نه هجي. هڪ ئي گهر مان هڪ ڀاءُ ملڪ جو وزيراعظم آهي ته ٻيو ڀاءُ ملڪ جي وڏي صوبي جو وڏو وزير آهي. نوازليگ يا نواز-گهراڻو جذباتي سياست ڪري، انهيءَ سونهري موقعي کي نه وڃائيندو. ان ڪري هنن حالتن رينجرس جي اختيارن واري مامري کي پيپلزپارٽيءَ کان وڌيڪ نوازشريف ۽ سندس حڪومت لاءِ پلصراط تان گذرڻ جهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي. ٻئي پارٽيون ڀلي اکيون ڦوٽاري هڪ ٻئي سان ڳالهائين، پر سندن من ۾ پنهنجي نظام کي بچائڻ واري تمنا ضرور موجود هوندي.

ڏسڻ سوچڻ وارا ماڻهو اهو ضرور سوچن ٿا ته موجوده حالتن ۾ فقط هڪ وڏي صوبي کان سواءِ باقي ملڪ جي طول و عرض ۾ آئين ۽ قانون جي ڇانون ۾  جهڙوڪ آئين ۽ قانون کان مٿاهان قدم کنيا پيا وڃن. سنڌ جي حوالي سان اها صورتحال هر ڪنهن سنڌ واسيءَ لاءِ ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ڇو ته سنڌ جا سور ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سرسا آهن. صوبي کي ورهائڻ ۽ نئين صوبي ٺاهڻ جون ڳالهيون هتي ئي ٿين ٿيون. بي گناهه شهرين کي رستن ۽ روڊن تي مارڻ جون روايتون هت ئي قائم رکيون وڃن ٿيون. ڀتاخوري ۽ سينا زوري هن ئي صوبي جي وڏن شهرن جو ڪلچر بڻايو ويو آهي. هٿ وٺي حالتون ائين اهڙي نموني بڻايون ويون آهن جو هڪ طرف امن امان قائم ڪرڻ جي نالي ۾ سنڌ جي سون جا خزانا خالي ٿين ٿا ته ٻئي طرف حڪومت انهيءَ مڙهيل مامري ته ايترو توجهه ڏئي ٿي جو عام ماڻهوءَ جي ڀلائي ۽ بهتريءَ وارن ڪمن ۾ رخنو پئي ٿو ۽ ماڻهن ۾ مايوسيءَ ۽ سياست سان عدم دلچسپي پيدا ٿئي ٿي.

رينجرس جي اختيارن وارن مامري تي صوبائي حڪومت کي به پنهنجا تحفظات آهن ته عوام به انهيءَ مسئلي تي پنهنجي حساب سان سوچي ٿي. بلاشبه شهري ماڻهن کي ڪجهه رليف به ملي ٿو، پر عوام جهڙوڪ هڪ ئي وقت تي جمهوري، حد کان وڌيڪ اختيار ۽ هڪ اڌ ٻئي نظام جي لٺ سان هلايو وڃي ٿو. ماڻهوءَ کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سندس ڪهڙو عمل ڪهڙي جمهوري يا حد کان وڌيڪ غير جمهوري حڪم جي ڀڃڪڙي ثابت ٿيندو. ان ڪري عوام ڪاٺ ۾ پوڻ بدران ماٺ ۾ رهڻ ئي ڀلو ڄاڻي ٿو. اها سياستدانن ۽ اقتدار ڌڻين جي ذميواري آهي ته اهي عوام کي صحيح معنيٰ ۾ اقتدار جو ڌڻي سمجهن ۽ بڻائين، انهن لاءِ  امن امان ۽ ترقيءَ کي يقيني بڻائين ۽ اڻ ڳڻين جمهوري خواهه غير جمهوري عتابن ۽ عذابن کان محفوظ رکن. اهو به ضروري آهي ته اقتدار جي ڪرسين تي ويٺل ماڻهو فروعي مسئلن تي پنهنجي انا ۽ اختلافن جي ٻوٽن کي پاڻي ڏئي وڻ نه بڻائين. عوام عزت جي زندگي، سک ۽ سڪون جي حالتن جو حقدار آهي. جيڪڏهن عوام ڏانهن حڪومتن جو ڌيان گهٽ ٿو وڃي ته پوءِ ماڻهو پنهنجي مٿي پٽڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪندا؟ هو جن کي ووٽ ڏئي اقتدار جي ڪرسين تي ويهارين ٿا،  اهو ئي چاهيندا ته سندن ڀلو ٿئي ۽ سڀني جو ڀلو ٿئي.

عوام مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ ڪري زندگيءَ جا گهنگهر گهاري ٿو ۽ خاموش آهي. پر سياست ماٺ ڪرڻ واري مخلوق ڪانهي. هن جي حڪمت عملي کي خطرو ٿيو ته هو بي قرار ٿي ويندو. هن جي نظام کي ڇيهو رسڻ جو انديشو ٿيندو ته قرار سان نه ويهندو. ان ڪري رينجرس جي اختيارن وارو مامرو به انهيءَ پاليسيءَ تحت طئي ٿيندو. ٿيندو ائين ته ٽڪريءَ کي سور ٿيندا ۽ ڄمندو ڪئو.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes