ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ            

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”جي ڪم ڪرين سڪارتا، صاحب نه ڪر اڪارتا“

 

اسان هوائن ۾ لٺيون هڻڻ جا اهڙا ته ماهر بڻجي ويا آهيون، جو ڪو قومي نوعيت جو مسئلو هجي نه هجي پر پاڻ نوڙيءَ مان انگ ٺاهينداسين پوءِ وري نانگ بدران ويٺا ليڪو ڪٽينداسين. پنهنجي صلاحيتن ۽ لياقتن جا جوهر ضرور ڏيکارينداسين. ليڪن عوام کي انهيءَ ايجنڊا تي هلڻ تي مجبور ڪنداسين، جيڪا ان لاءِ اسان جوڙي آهي ۽ اسان کي پسند آهي.

جيڪي وري فروعي مسئلن جي گهاڻي ۾ پاڻ ۽ پنهوارن کي نه ٿا پيڙهن، تن مان گهڻا وري ڍنگرن تي اٽو هارن ٿا. ڍنگهرن تي اٽي هارڻ جو اهو مقصد ناهي ته هو اجايو ۽ بيڪار ڪم ڪن ٿا. سندن ڪم ۽ خدمت اهميت کان خالي ڪونهن، ليڪن انهن کي دائمي ۽ تاريخي حيثيت ڏيڻ ۾ ڪو ڪردار ادا نه ٿا ڪن. انهن کي عرض آهي ته ”جي ڪم ڪرين سڪارتا، صاحب نه ڪر اڪارتا“ ڇو ته جيڪڏهن سندن قول ۽ فعل جو رڪارڊ رکيو وڃي ته اهو اسان ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اتساهه ڏيندڙ مثال بڻجي وڃي.

مثال طور تازو سنڌ جي طول و عرض ۾ ڪجهه اهم ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا ويا. ”خانه بدوش ڪيفي“ طرفان اياز ميلو مچايو ويو. انهيءَ روايت کي لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل وارن ان کان به اڳرو ڪري ڏيکاريو. پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ قادري خاندان جي قلم قبيلي جي ڪتابن جو مهورت ٿيو. لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ طرفان ”ڇهين تاريخي ڪانفرنس“ جو انعقاد ٿيو ۽ ڪلهه ڪلهوڻيءَ هالا ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جي از سرنوءِ تنظيم سازي ڪئي وئي. انهن چند ادبي واقعن مان صاف صاف ظاهر آهي ته سنڌ جاڳي پئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ۾ اسان جا عالم، اديب، شاعر ۽ ادب-دوست روزبروز نت نوان گل وجهندا رهن ٿا. پر انهن گلن جي خوشبوءِ کي تڏهن ئي محفوظ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن منتظمين پاڻ يا اسان جا ادبي ادارا ۽ رسالا انهن مثالي سرگرمين جون تفصيلي رپورٽ عوام اڳيان آڻين. پر ان سلسلي ۾ منتظمين، ادارن ۽ رسالن جا رويا ڍنگرن تي اٽي هارڻ برابر آهن. مطلب ته سجائي ڪم کي به هڪ ڏينهن جو کيل بڻائي اجايو ڪيو وڃي ٿو.

هي جيڪي مثالي ڪم ٿين ٿا ۽ اهم ادبي واقعا رونما ٿين ٿا، انهن جي تنظيم ۽ انعقادي انداز سان اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پر انهن جي اهميت کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. انعقاد ۽ انتظام جي حوالي سان اسان جي اهڙن ادبي ڪارنامن تي اڪثر ڪري ”ناني ويڙهي“ جو رنگ چڙهيل هوندو آهي. ان ڪري رڌڻ واري ناني ۽ کائڻ وارا ڏوهٽا، باقي ٻيا وڃي چپ چٽن. اسان کي پنهنجا اهم ادبي ڪارناما ائين پنهنجي لابين ۽ سنگت ساٿ يا گروهه جي ور چاڙهڻ نه گهرجن. ائين ڪرڻ سان اهڙن ڪارنامن کي اسان اجتماعي ۽ قومي ڪارج بڻائڻ کان پري رکون ٿا. آئون اڪثر ڪري اهڙين ڪانفرنسن، ادبي ميڙاڪن ۽ ڪتابن جي مهورتي پروگرامن ۾ انڪري نه ويندو آهيان جو ايجنڊا ۽ ڪاڄ اڳ ۾ طئي ٿيل هوندو آهي ۽ پاڻ کي وڃي اتي فقط واهه واهه ڪرڻي هوندي آهي. ان ڪري اهڙي واهه واهه ڪرڻ بدران بهتر آهي ته ڪنڊ وٺي ڪو قومي اهميت جو ڪم ڪجي.

ڳالهه پئي هلي ته نيٺ ڇا ڪجي جو اسان ائين پنهنجي ڪارائتن ڪمن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ايندڙ دور لاءِ مثال بڻايون. ان لاءِ تجويز اها آهي ته جيڪي محسن ۽ مهربان ڪتابن جا مهورتي پروگرام ڪرائين ٿا، جيڪي ادبي ميلا ۽ ڪانفرنسون سڏرائين ٿا ۽ اهڙي اهميت وارو ڪو ٻيو ڪم ڪن ٿا، انهن کي انهيءَ واقعي جي پس منظر، تفصيل ۽ افاديت تي هڪ جامع رپورٽ به جاري ڪرڻ گهرجي. ان کانپوءِ ادبي رسالن جو اهو فرض ٿئي ٿو ته اهي هر ادبي، علمي ۽ ثقافتي واقعي کي پنهنجي ورقن جي جيءَ ۾ جاءِ ڏين ته جيئن ايندڙ دور جا عالم ۽ محقق ان مان جامع ۽ مسند ادبي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ استفادو ڪن.

جيڪا قوم چڱيون ڳالهيون ڪري، ان کي هڪ اڌ ڏينهن جي ڳالهين ۽ يادين تائين محدود رکي ٿي، اها جهڙوڪ تاريخ مان واقعن جي تسلسل کي هٿ وٺي گم ڪري ٿي. جڏهن ته ڪو به واقعو اجتماعي جذبن، امنگن ۽ ڪاوشن جي پيداوار ٿيندو آهي، ان ڪري انهن واقعن کي قلم بند نه ڪرڻ جهڙوڪ تاريخ جي خون ڪرڻ برابر آهي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes