(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”محبن معتبري، سکي پٽڪي ڊاهه ۾“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

هر قوم جي نفسيات وقت ۽ حالتن پٽاندڙ عجيب قسم جا واچوڙا ورائي ويندا آهن، جيڪڏهن ڏاها دانشور ۽ مدبر انهن تي ڌيان نه ڏيندا آهن ته پوءِ اهي واچوڙا قومي نفسيات کي پنهنجي رنگ ۾ رينٽو ڪري ڇڏيندا آهن.

مثال طور ڪي ماڻهون اذيت-پرست ٿي ويندا آهن ته ڪي اذيت-پسند، اذيت- پرستي اپر ڪلاس جي عنايت آهي. انهن جي ارهه-زورائي جي ڇانوءَ ۾ جڏهن به ڪڪڙن جي ويڙهه ٿيندي ته ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويندا. رڇ ۽ ڪتي جي ويڙهه ٿيندي ته ماڻهن شرطن تي شرطون رکندا. اهي ظلمي ۽ ظلولمي ڪارروايون ڏسي ماڻهن کي اذيت-پرستي بي پاڙيءَ ول جيان وڪوڙي ويندي. اهڙيءَ ريت سنڌ جي وڏي اڪثريت وري اذيت- پسنديءَ جي ور چڙهيل محسوس ٿيندي. ماڻهن ويچارن جو الله کانسواءِ ڪو اوهي واهي ڪو نه. ڪو به ڪنهن جو همدرد ورلي ئي هوندو. ان ڪري مِٺي به ماٺ ۽ مُٺي به ماٺ سمجهي پيا ظلم ۽ زيادتون برداشت ڪندا. دوڪاندار کان سامان وٺندا ته ان کان وڌيڪ ڇڙٻون کائيندا. وڏيري جي اوطاق تي ويندا ته موڙهي تي ويهي مهڻا برداشت ڪندا. ڪنهن پير فقير جي درگاهه تي ويندا ته مٽيون ڀريندا. اسپتال ۾ ويندا ته ڏينهن جا تارا ڏسندا، ٿاڻي تي ويندا ته اڌ مٿو ڪوڙائي ايندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڪاموري ڏي ويندا ته پنهنجو هنياءُ ڏارائي ايندا.

هن موڙ تي هڪڙي هوندي اذيت-پرستن جي ٽولي جنهن کي زيادتيون ڪندي ۽ زيادتيون ٿيندي ڏسي خوشي محسوس ڪندي. ٻي ٽولي هوندي اذيت- پسندن جي، جيڪي پنهنجي مٿان عذابن، دکن دردن جا پهاڙ ڪرندي ڏسي به حضرت ايوب جيان صبر ڪري ويهي رهندا ۽ چوندا ته نصيب ئي ڦٽل آهن ۽ مقدر ۾ ئي اهو لکيل آهي.

هن موڙ تي ئي ڏاهن، سياڻن ۽ سپورنجن کي عوام دوستيءَ جو مظاهرو ڪرڻو آهي، ماڻهن کي وڏي واڪ ٻڌائڻو ۽ سمجهائڻو آهي ته جيڪو ظلم برداشت ڪري ٿو، اهو ظلم جي تسلسل، واڌاري ۽ ڦهلاءَ ۾ ظالم سان  ڀاڱي ڀائيوار آهي. ظلم ان ڪري وڌندو آهي جو مظلوم اکيون ٻوٽي ان کي قبول ڪندو آهي. جيڪڏهن ماڻهن ۾ ظلم ۽ زيادتي سان مهاڏي اٽڪائڻ جي هير پئجي وڃي ته ظالم ۽ ظلم جي پيرن ۾ ڏانوڻ پوڻ شروع ٿي سگهن ٿا.

اذيت-پرستي ۽ اذيت-پسنديءَ جي ماحول ۾ مخالفن ۽ نقادن جي اهڙي کيپ تيار ٿي ويندي آهي، جنهن کي هر ڪنهن جي مخالفت ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي ۽ هر ڳالهه مان عيبن غلطين ڪڍڻ جي عادت پئجي ويندي آهي. اوهان هنن اڳيان سڄا سارا سون جا ٿي پئو پر اوهان جا پير هنن کي پتل جا نظر ايندا. هنن جي شر مان ڪو به شريف محفوظ نه هوندو. هنن کي وڏن ۾ رڳو وِڏون نظر اينديون ۽ ننڍن تي سندن نظر ئي ڪا نه ٻڏندي. اسان جي قلمڪارن ۽ نظرياتي اڳواڻن وڏيرن، پيرن، اميرن ۽ ڪامورن جي ڪرتوتن کي ته دل کولي وائکو ڪيو آهي، پر پنهنجي صفن ۾ ويٺل هنن زهريلن نانگن تي سندن نظر ڪا نه پئي آهي. نقادن جي نالي ۾ نقصانڪارن جو هي اهو طبقو آهي، جيڪي آدرشن سان ايتري ته دشمني ڪن ٿا، جيڪا ڪو وڏيرو، پير يا ڪامورو به ڪو نه ڪندو هوندو. بلڪه اهي اسان جي ۽ عوام جي محاذ تي رهندي ۽ هوندي عوام جي دشمنن لاءِ جنگ وڙهن ٿا.

انهن عادي ڏوهارين جي نشاني اها آهي ته پاڻ کي ئي عقل جو اڪابر ۽ هر علم جو ماهر ڄاڻيندا. پر علم ۽ عقل کان وڌيڪ هنن جي ذهنن، زبانن ۽ دلين تي بغض ۽ تعصب جي حڪمراني ٿيندي آهي.

تنقيد جي اهميت ۽ عظمت کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. ان سان ئي حق ۽ ناحق، سچ ۽ ڪوڙ، سٺي ۽ خراب جي فرق جي خبر پئي ٿي. پر ذاتي تنقيد ۽ پٽڪي ڊاهه واري تنقيد دليون ته آزاري سگهي ٿي، ليڪن ذهن بدلائي نه ٿي سگهي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes