(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”ٻوڙا ٻڌن ڪين، ساز اسان جي سورن جا“
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
چوندا آهن ته انسان جيڪو ۽ جهڙو اندر ۾ هوندو آهي، دنيا کيس ان جهڙي ئي نظر ايندي آهي ۽ هو دنيا کي فقط انهن ئي نظرن سان ڏسڻ گهرندو آهي. ان ڪري غلامن کي غلاميءَ جون ڳالهيون وڻنديون، بهادر کي بهادريءَ جون ڳالهيون سٺيون لڳنديون ۽ سچار کي سچ ئي پيو وڻندو.
اسان مان اسي سيڪڙو آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر اندر ۾ جو آزاديءَ ۽ خوشحالي جو مفهوم واضح نه هوندو آهي، ان ڪري انڌي هاٿيءَ جيان پنهنجي لشڪر کي نقصان رسائڻ کانسواءِ اسان جي سوچن ۽ لوچن جا نتيجا پيا نڪري نه ٿا سگهن.
آزادي ۽ خوشحالي فقط سياسي ڪا نه ٿيندي آهي، بلڪه ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته جيستائين سماجي، ثقافتي، نظرياتي، علمي ۽ ادبي آزادي ۽ خوشحاليء نه ٿي ماڻجي، ان وقت تائين سياسي آزادي ۽ خوشحالي جو خواب ڏسڻ جو مطلب آهي ڏينهن جا تارا ڏسڻ ۽ هوا ۾ لٺيون هڻڻ.
اسان جي معاشري ۾ اسان انهن مان ڪنهن به هڪ قسم جي آزادي کي نه برداشت ڪيو آهي، نه قبول ڪيو آهي ۽ نه وري ان کي هٿي ڏني آهي. بلڪه جڏهن به موقعو مليو آهي ته سماجي، ثقافتي، نظرياتي، علمي ۽ فڪري آزاديءَ جي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو وڌو آهي. هن آزاديءَ جو لازمي شرط اهو آهي ته اسان ٻين جي فڪري، نظرياتي ۽ سماجي آزاديءَ کي قبول ۽ برداشت ڪيون نه ڪي ٻين ماڻهن کان اهڙي آزادي کسيون.
اسان اهڙيءَ آزاديءَ جا دشمن آهيون. ان ڪري ”مخالفت“ ۽ ”دليل“ جا لفظ اسان پنهنجي سوچن ۽ لوچن جي لغتن مان ڪڍي ڇڏيا آهن. ان ڪري چاهينداسين ته ڀلي ڪو خدا ۽ خدا جي رسول خلاف ڳالهائي، پر جيڪڏهن اسان جي آدرش خلاف ڳالهائيندو ته سندس زبان وڍي ڍير تي اڇلائينداسين. ڪو پنهنجي ضمير، سوچ ۽ علم مطابق ڪو ليک لکندو ۽ ائين جيڪڏهن اسان کي نه وڻيو.
Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.
Website: www.drpathan.com