شمس الحق ميمڻ

”وڏي وٿ ادا حميد“

چوندا آهن ته ”ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ونڊ نه ڏيندي ڀاڳ“. اها ڳالهه سورنهن آنا سچ آهي، پر ان کان وڌيڪ سچ اهو آهي ته سلڇڻا پٽ انهيءَ وڏي- ونڊ  مان وڏو حصو پنهنجن ڀائرن کي ئي ڏيندا آهن. جيڪڏهن وڏا ڀائر لائق ۽ فائق آهن ته اتي ”ٻه ته ٻارنهن“ واري چوڻي بلڪل سچ ثابت ٿئي ٿي. خوش بخت آهن اهي ماڻهو جن کي ڀائر آهن، پر بدنصيب آهن اهي ڀائر جن کي وڏڙن ڀائرن جي فيض ۽ شفقت مان به ونڊ نه مليو. مان پاڻ کي وڏو خوش بخت سمجهان ٿو، جنهن کي عبدالحميد جي روپ ۾ وڏو ڀاءُ مليو.

منهنجي محترم ڀاءُ کي سنڌ ۽ هند ۾ حميد سنڌيءَ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن اها ڄاڻ سڃاڻ وڏين محبتن ۽ محنتن سان حاصل ڪئي. الله پاڪ جيڪي کيس ادبي، انتظامي ۽ سماجي جوهر ڏنا، اها انهن جي جوت آهي، جنهن سندس شخصيت کي به جرڪايو ۽ خاندان جو نالو به روشن ڪيو. اهو سندس صلاحيتن ۽ لياقتن جو اثر هئو جو هن سالن جا سال حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول کي حقيقت جو روپ ڏنو،  ان ۾ ادا عبدالحميد جو رت ۽ ست شامل آهي. ادا عبدالحميد وڏا عهدا ماڻيا آهن ۽ انهن ۾  بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن جي دل ۾ سدائين سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ جو اونو رهيو. پاڻ ڪاليجن جو ڊائريڪٽر، اسڪول ايجوڪيشن جو ڊائريڪٽر، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين، سنڌي لئينگويج اٿارٽي جو چيئرمين ۽ ايگريڪلچرل يونيورسٽيءَ خواهه شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو ۽ انهن ادارن کي اعليٰ ۽ افضل بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.

ادا عبدالحميد جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب سان جهڙوڪ عشق رهيو آهي. پاڻ ڄمندي اديب آهي ۽ هاڻي ادبي حلقن جو سرواڻ آهي. هندن جي لڏي وڃڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ جڏهن ادبي رسالن نڪرڻ تصوراتي ڳالهه بڻجي وئي هئي، ته اهڙيءَ صورتحال ۾ منهنجي ڀاءُ ”روح رهاڻ“ رسالو ڪڍي، ماٺار وارين حالتن کي ادبي جوش ۽ ولولي ۾ بدلائي ڏيکاريو. انهيءَ پليٽ فارم تان ادا عبدالحميد جيڪي جشن روح رهاڻ ادبي  ڪانفرنسون ڪوٺرايون ۽ محفلون مچايون، اهي حيدرآباد ۾ ادبي سرگرمين جي تاريخ ۾ سونهري باب برابر آهن. ادا عبدالحميد فقط ايڊيٽر ڪو نه هو، پر هو ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ بهترين نثر نويس طور پڻ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، هن جيڪو به لکيو آهي، اهو سون تي سهاڳو آهي،  ۽ ادبي شاهڪار آهي.

اهو مثالي اديب ۽ برجستو منتظم ادا عبدالحميد مون لاءِ وڏي وٿ آهي، بابا سائين جي جدائيءَ کانپوءِ هن ئي بابا سائين جون سڪون لاٿيون، انهيءَ شفقت ۽ محبت سان منهنجي وجود کي ٽمٽار ڪيو، جو آئون اڻپوري رهڻ کان بچي پيس، مون الله سائين جي ڪرم سان جيڪي به عهدا ۽ رتبا ماڻيا، انهن جي اهل بڻائڻ ۾ سندس شفقت، نظرداريءَ ۽ تربيت جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. مون کي سوين سر هجن ته آئون پنهنجي هن مٺڙي ڀاءُ جي هڪ هڪ ادا تان گهوري ڇڏيان. هو منهنجي پيءُ جي جاءِ تي آهي. ڀاءُ آهي، يار آهي ۽ غمخوار آهي.

ادا سان لاڳاپيل منهنجيون ساروڻيون منهنجي زندگيءَ جو اثاثو آهن. هن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ اسانجي والد مرحوم سيٺ محمد اسماعيل جي تربيت جو وڏو عمل دخل هيو. بابا سائين مرحوم جون محبتون ۽ شفقتون، نسبتون ۽ تربيتون مون کي به وڏي ونڊ طور مليون. اهو رنگ ۽ اثر ادا جي معرفت ۽ محبت مان مون کي مسلسل ۽ مستقل طور ملندا رهيا آهن. چوندا آهن ته جيئن خزان ايندي آهي ۽ گل ختم ٿي ويندا آهن ته پوءِ گلن جي خوشبوءِ عطر مان ايندي آهي. بابا سائين مرحوم سيٺ محمد اسماعيل گل هيو ۽ ادا ان جو عطر آهي. ساڳي خوشبوءِ ۽ ساڳي روح جي راحت.

اسان پاڻ ۾ ائين رهياآهيون، جيئن هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا يا ٻن جسمن ۾ ساڳيو هڪ روح. ادا تي اسان جي ڏاڏا سائين جو نالو آهي، ان ڪري اسان مان ڪي کيس ”بابا سائين“ چون ته ڪي ”نانا سائين“ چون. سندس پيار جو نالو ”مٺل سائين“ آهي. منهنجا فرزند محمد اسماعيل بابر ۽ بلال وري کيس ”بابا وڏو“ چوندا آهن.

مان جڏهن حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج، ڪاري موريءَ ۾ پڙهندو هئس ته اسان ٻئي ڀائر لڳاتار ٻه سال هيرآباد جي 19- روپ محل ۾ رهياسين. اهي ٻه سال ادا جي محبتن ماڻڻ ۽ سندس صلاحيتن ڏسڻ جون جهڙوڪ ٻه صديون مون اکين سان ڏٺيون. روپ محل نه رڳو اسان لاءِ رهڻ جو فليٽ هئو، پر ڪيترين ادبي ۽ نظرياتي تحريڪن جي جوڙ جڪ جو مرڪز هئو. ان ڪري حيدرآباد ۾ هيءُ روپ محل تحريڪي دوستن جو وڏو مهمان خانو، رات جو ٺڪاڻو ۽ ننگر پاڻيءَ جو ذريعو هوندو هو . مون اتي ”روح رهاڻ“ رسالي کي جنم وٺندي ڏٺو ۽ دانشورن کي روح رهاڻيون ڪندي ڏٺو. هتي ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون ۽ سنڌ جي ادبي ايجنڊا کان وٺي ويندي ڌرتيءَ ماءُ جي روشن مستقبل بابت  صلاحون ٿينديون هيون. روپ محل جي ڪچهرين ۾ شامل هئا. مرحوم ناصر مورائي، مرحوم قاضي اشفاق، آغا سليم، شمشيرالحيدري، غياث الدين جوڻيجو، خواجه سليم (هاڻي خواجه نور حسين)، خواجه نثار، امداد حسيني، مرحوم حفيظ شيخ ۽ ٻيا.

ادا عبدالحميد پنهنجي وجود ۾ هڪ انجمن آهي، تاريخ آهي ۽ تحريڪ آهي. مون کي فخر آهي ته آئون هن عظيم انسان جو ننڍو ڀاءُ آهيان.

 

Good Wishes