(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”ڪاڳر ڪارا ڪري ڪوه! ستي ڏي ڪا سرت جي“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

ڇپائيءَ جي شروعات کانپوءِ دنيا ۾ اڪيچار ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن شايع ٿيڻ ۽ عوام تائين پهچڻ وارو مثالي انقلاب آيو. سنڌ ۾ 1853 ۾ سنڌي لپي ٺهڻ کانپوءِ اهڙي تبديلي آئي. انهيءَ ڏيڍ صديءَ ۾  سنڌ واسين کي اڻ ڳڻيا ڪتاب، بي شمار اخبارون ۽ هزارين رسالا پڙهڻ لاءِ مليا. جيئن جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو، تيئن تيئن قلم جي رفتار ۽ گفتار ۾ ندرت، تيزي ۽ سونهن سوڀيا ايندي وڃي ٿي. اهو اڪيچار علم ۽ دانش جا موتي نه ته ماڻهو مٽائي سگهيا آهن ۽ نه وري حالتن ۾ ڦيرو آڻي سگهيا آهن. غريب روزانو وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو. بک ۽ بيروزگاري ساڳئي ريت آدم-بوءِ آدم-بوءِ ڪنديون رهن ٿيون. قهر جون ڪارروايون ساڳئيءَ ريت عام جام آهن. پوءِ اهي ڪاروڪاريءَ جي نالي ۾ ٿين، يا قبائلي جهيڙن جي روپ ۾ ٿين. ذات پات جو زنگ ساڳئي ريت رنگ ۽ نسل سان ملي ماڻهپي کي ڪٽي ۽ ڪارو ڪري رهيو آهي.

هينئن ۽ ههڙيءَ ريت علم ارزان به ٿيو، پڙهڻ ۽ پرجهڻ جا موقعا به بي انت ميسر ٿيا. پر پوءِ ائين ڇو ٿو ٿئي ته اسڪول ۽ ڪتاب ته آهن، پر اسڪولن ۽ تعليمي ادارن مان ڪيترا استاد گم آهن. ائين ڇو آهي ته پنهنجا ئي عملدار پنهنجي ئي رعيت لاءِ بڻجي رهيا آهن؟ ائين ڇو آهي ته لطيف سائين جو ڏوراپو ته ”هاريا! ويڄ مياس، ترس نه رکي تر جو“، اهو هر دل جي دانهن بڻجي ويو آهي؟ ائين ڇو آهي ته سالن ۽ صدين کان فقط مخصوص خاندان اختيار ۽ اقتدار جا ڌڻي بڻيا ويٺا آهن؟ ائين ڇو آهي ته دوکي، ٺڳي ۽ ظلم جي ڏڍ تي پنج ماڻهو اوچ جي آسمان کي ساڳئيءَ ئي ريت ڇهڻ جي سگهه وٺي وڃن ٿا؟ هي علم، هي ادب، هي فڪر ۽ هيءَ دانش ڪيترن ماڻهن تي اثر ڇو نه ٿا رکن؟ اديبن جون انساني عظمت واريون ڪهاڻيون، شاعرن جي شعور بخشيندڙ شاعري، صحافين جون سچ تان پردو هٽائڻ واريون لکڻيون هن اسان جي معاشري ۾ بي اثر ڇو آهن؟

چوندا آهن ته بارش جو قطرو سمنڊ جي سپ جي منهن ۾ پوندو آهي ته موتي پيدا ڪندو آهي، ۽ اهو ساڳيو قطرو نانگ جي منهن ۾ پوندو آهي ته زهر بڻجي پوندو آهي. علم جا قطرا ۽ دانش جا ڦڙا اسان جي ذهنن ۽ زبانن کي زهر آلوده ڇو ٿا بڻائين؟

ڪارڻ ڀلي ٻيا به هجن، پر وڏي کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته اسان جون قلمي ڪاوشون ۽ علمي سرگرميون اسان مان هر ڪنهن کي معاشري جو ماڻهو بڻائڻ لاءِ آهن، ڪرڻ يا پنهنجي ڌر جي نظرياتي تشهير لاءِ لکون ٿا. اسان ڊاڪٽر، انجنيئر، عملدار يا عهديدار پيدا ڪرڻ لاءِ پڙهايون ٿا، ۽ نه ڪي ماڻهن جي مدد ڪريون ٿا ته هنن ۾ ڪهڙيون صلاحيتون آهن ۽ اهي ڪيئن اجاگر ٿي سگهن ٿيون. اسان قوم کي پاڻ جهڙو ڪرڻ گهرون ٿا ۽ نه ڪي پاڻ کي قوم جهڙو بڻائڻ گهرون ٿا. ان ڪري پڙهون اهو ٿا، جيڪو دل کي وڻي ٿو. پڙهايون اهو ٿا، جيڪو ماڻهن کي ۽ مائٽن کي وڻي. انهيءَ صورتحال ۾  اٺ ڪتابن ، رسالن ۽ اخبارن جا کڻي ڇپجن، پر اثر ٽڪي جو به ڪو نه ٿيندو. ڪاڳر کوڙ ڪارا ٿيندا، پر سرت جي ستي ڪا نه ملندي.

 

Good Wishes