(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”ٻوليءَ جي جهولي، پنهنجن ۽ پراون  جا گل ۽ ڪنڊا“

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

سپريم ڪورٽ پاران اڙدو ۽ صوبائي ٻولين بابت فيصلو  ڇا آيو، جهڙوڪ اصلي ۽ نقلي دانشورن جي الله ٻڌي. هاڻي قلم هٿ ۾ کڻي صحافت ۽ علم ادب جي ميدانن ۾ ڪاهي پوندا. ماڻهن کي پڙهڻ جو موضوع ۽ هنن کي موقعو ملي ويندو. اها خراب ڳالهه ڪانهي، اهم مامرن ۽ مسئلن تي عام راءِ کي هموار ڪرڻ گهرجي. پر ائين نه ٿئي جو نماز پڙهڻ کانپوءِ بانگون ڏجن.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کانپوءِ ٻين صوبن وارن به ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. هن دفعي ”جيترا وات اوتريون ڳالهيون“ وارو قصو ڪونهي. خدشن ۽ اعتراضن جو رنگ جتي ڪٿي هڪ جهڙو نظر اچي ٿو. ڪيترا سوال ماڻهن کي منجهائي رهيا آهن ته هي ويندڙ جو ويندي ويندي عجلت وارو فيصلو هئو يا وقتائتو قدم؟ هن فيصلي جي ٻڌڻيءَ دوران اسان جون لاڳاپيل ڌريون، تنظيمون ۽ قومي خير خواهه ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ بدران رلهي پائي ڪهڙي ڪنڊ ۾ سمهي پيا. اسان جي ايوانن ۾ روايتي خاموشي ڇو رهي؟ جيڪڏهن ڪنهن دهل به ٻڌا ته پوءِ ٻن ٽن جلسن جلوسن ڪڍڻ سان ته ايوانن تائين آواز پهچائي ڇو نه سگهيا. جهنگ ۾ جيڪڏهن مور نچندو ته ڪير ڏسندو؟ اسان جا چونڊيل نمائندا، امير وزير ۽ وس وارا ماڻهو ڪٿي هئا؟

سپريم ڪورٽ جو فيصلو فقط ۽ فقط اڙدو ٻوليءَ بابت ڪونهي، پر اها هن ڳالهه سان مشروط ٿيل آهي ته صوبائي حڪومتون پنهنجي پنهنجي صوبي جي ٻوليءَ جي تدريس ۽ ترقيءَ کان علاوه ان کي صوبي ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ قانوني قدم کڻنديون. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ پاڪستاني آئين جي آرٽيڪل 251 تي صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتن کي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. آرٽيڪل نمبر 251 ٽن شقن تي مشتمل آهي ۽ ان جي شق نمبر 3 جا لفظ آهن ته ”قومي ٻوليءَ جي حيثيت کان منحرف نه ٿيندي، صوبائي اسيمبلي قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي تدريس، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانون جوڙي اپاءَ وٺي سگهي ٿي.“

فيصلو جيئن  به آهي ۽ جهڙو به آهي، ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ بدران، ان ۾ رکيل ۽ ڏنل گنجائش کي ڌيان ۾ رکي اسان کي ٻوڙو  ٻڌي آچار ڪرڻو آهي ۽ نه ڪي ڦرين واريون دانهون  ڪري، ماڻهو خوش ڪري، پنهنجي مقبوليت جو قدبت وڌائڻو آهي. اسان کي سستي شهرت حاصل ڪرڻ بدران سنجيدگيءَ سان صورتحال کي سنڀالڻو آهي ۽ بهتريءَ لاءِ سوچڻو ۽ لوچڻو آهي. اسان جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿي ته تمام وڏا ۽ اهم فيصلا ائين ئي ٿيندا رهيا آهن ۽ اسان جو اپر ڪلاس خاموشي تماشائيءَ جيان هر ڳالهه کي ڏسندو ۽ قبول ڪندو رهيو آهي. هاڻي اسان کي گهرجي ته صوبائي حڪومت تي آئين ۽ فيصلي تي عمل ڪرڻ جو بار وجهي مطالبو ڪيون ته  سنڌ ۾ بنا دير ”مهين جي دڙي جي اسڪرپٽ پڙهڻ وارو تحقيقي ادارو“، ”لوڪ ادب جي تحفظ ۽ ترقيءَ جو ادارو“، ”سنڌي لغت جو ادارو“، ”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جو ادارو“، ”ببليوگرافي ۽ بائيو گرافيءَ جو ادارو“، ”ٻاراڻي ادب جي ترقي ۽ تحفظ جو ادارو“، ”عورتن جي ادب جي ترقيءَ ۽ تحفظ جو ادارو“، ”سنڌي صحافت تي تحقيق جو ادارو“، ”سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جو ادارو“ ۽ ٻيا اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن، جيڪي سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح سنڌي ٻولي جي ترقي، استعمال ۽ تحفظ جو ڪارڻ بڻجن. آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ واضح طور تي اهو لکيو ويو آهي ته صوبائي حڪومتون صوبائي ٻولين جي تعليم ۽ تدريس کي هٿي وٺرائينديون. سنڌ ۾ اهڙا قانوني قدم کڻڻ حڪومت جو فرض، سنڌي ٻوليءَ جو قرض ۽ سنڌ واسين جو حق آهي. سنڌ ۾ رهندڙ سمورن غير سنڌين کي پنهنجي مادري ۽ قومي ٻولي کان علاوه سنڌي سکڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جو پابند بڻايو وڃي. اها آئين جي تقاضا آهي، جنهن کي سياسي مفادن خاطر قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي نه ٿو سگهجي.

اسان سنڌ واسين ۽ خاص طور تي عام سنڌين کي پنهنجي اپر ڪلاس ۾ سنڌي ٻوليءَ کي دل سان قبول ڪرڻ واري تحريڪ پڻ هلائڻ گهرجي. تاريخ جا ورق شاهد آهن ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ قومي ٻوليءَ لاءِ جيڪا ويڙهاند شروع ٿي، ان ۾ اسان جي اپر ڪلاس پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا نه ڪيو. بنگال جي صوبائي اسيمبليءَ ۽ ان جي ميمبرن تنهن زماني ۾ ٺهراءَ پاس ڪيا. اسان جي شآگردن ۽ ادبي تنظيمن بي مثال تحريڪ هلائي، پر اسان جي اپر ڪلاس ان جي ڪنهن به قسم جي پٺڀرائي نه ڪئي. مون ڪيترن وڏن معتبرن کي جلسن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ڀڀڪيدار تقريرون ڪندي ٻڌو، پر سندن گهرن ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي جهڙوڪ پابندي مڙهيل هئي.

سنڌي ٻوليءَ کي تاريخي، آئيني ۽ سماجي حق ڏيڻ لاءِ عام سنڌ واسين ۽ انهن جي شاگردن ۽ تنظيمن جي ڪارنامن تي ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي، پر ان کان وڌيڪ ڪارنامو اهو ڄاتو ويندو ته سپريم ڪورٽ جي جهڙي ڪي تهڙي فيصلي جي روشنيءَ ۾ اسان پنهنجي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ گل وجهون ۽ نه ڪي پنهنجن يا پراون جيان ان ۾ ٽانڊن مٿان ٽانڊا وجهندا رهون. اسان کي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ سان منافقيءَ وارا رويا ختم ڪرڻا پوندا، پنهنجي ٻارن کي انگلش ميڊيم بدران سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻو پوندو، يونيورسٽين کي سمورا سبجيڪٽس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌ واسين کي باقي دنيا جي علوم مان مستفيد ٿيڻ جو حق ڏنو ويندو.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪن شقن تي اسان کي ”نظرثاني ڪرڻ“ واريون اپيلون داخل ڪرڻ گهرجن. خاص طور تي شناختي ڪارڊن ۽ ماڳن مڪانن کي جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ نه لکيو ويو ته سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ سان بي انصافي ٿيندي. ڇو ته غير سنڌيءَ ۾ لکڻ سان نه فقط ٻوليءَ جي تلفظن ۾ بيگاڙو ايندو، بلڪه ڪيترين صورتن م تمسخر ۽ مذاق جو باعث بڻجي ويندو. سنڌيءَ جا ڪيترا اهڙا لفظ، نالا ۽ ذاتيون آهن، جيڪي اڙدوءَ ۾ لکڻ سان اهي پڙهندڙن لاءِ ڪچيون گاريون ٿي پونديون. اڙدوءَ ۾ سامي چئنراءِ ته صحيح لکي سگهجي ٿو، ليڪن سامي چئنراءِ لنڊ لکڻ ڏاڍو بيهودو لڳندو. ان ڪري عقل ۽ منطق کان ڪم وٺندي سنڌيءَ ٻوليءَ کي اهڙي قسم جي هٿ چراند ڪرڻ نه گهرجي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes