حالتون ڪاڏي پيون وڃن؟

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

پاڪستان جي اترئين ۽ اولاهين سرحدي پٽيءَ ۾ طالبان ۽ دهشت گردن جي وٺ-پڪڙ کان وٺي ويندي، ڪراچيءَ طرف انهن مان ڪنِ جي ڀاڄ ۽ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جو ٽانڊن تان گذرڻ جهڙين حالتن عجيب قسم جا ناد وڄائڻ شروع ڪيا آهن. هاڻي هر ڪو سوچڻ لڳو آهي ته هي حالتون ڪاڏي پيون وڃن ۽ اهي اڳتي هلي ڪهڙو رنگ لائينديون. سرڪاري عسڪري قوتن ۽ ڌرين بابت جيڪا ٻولي ڪجهه وقت اڳ الطاف حسين ٻولي، بنهه اهڙي ئي لهجي ۾ پي پيءَ جي اڳواڻ به ساڳي تند تنواري آهي. هنن حالتن ۾ هڪ تاريخي مثال به قائم ٿيو ته سنڌ جي ڪنهن وزير جي گهر تي ڇاپو لڳو، جيڪو واقعو هر وجهه کان غير معمولي نوعيت ۽ اثر وارو آهي.

”جيترا وات اوتريون ڳالهيون“ مصداق هر ڪو ماڻهو هن صورتحال کي پنهنجي نظر سان ڏسندو. اهو فطري عمل آهي ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ جو حق پڻ حاصل آهي.پر جڏهن اهڙن حقن ۾ جيتري گهڻي برابري ۽ يڪسانيت هوندي، ان مان به فقط قومي سوچ جي رنگ روپ جي خبر پوندي، پر قومي اتحاد ۽ اتفاق جو اندازو به لڳائي سگهبو. پر اسان ڪيترن قومي مسئلن ۽ حالتن جي مامرن تي اتفاق ۽ برابري پيدا ڪرڻ بدران هڪ سر جي مسيت ٺاهيندا آهيون ۽ هنڌين ماڳين اهڙيون عبادت گاهون جوڙي ٻين کي سيس نمائڻ تي مجبور  ڪندا آهيون.

موجوده حالتون ڪاڏي پيون وڃن؟ ان لاءِ مختلف ماڻهن جا مختلف رايا ۽ ويچار آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته حالتن جو فصل ڪهڙو به پڇي راس ٿئي، پر ان جي پنهنجي مرضيءَ واري بٽئي شريف برادران ئي ڪندا. ڇو ته پي پي ۽ ايم ڪيو ايم سان سندن پڳ مٽي ياري ڪانهي ۽ جيڪڏهن انهن ٻنهي پارٽين کي ڪو نقصان ٿيو يا ڏينهن جا تارا ڏسڻا پيا ته هو ٻئي ڀائر پنهنجيون راتيون سڪون سان گذاري سگهندا. ان ڪري ڀلي ته حالتن مٽائڻ وارا اهي اغراض و مقاصد نه هجن، پر جي ڪاتي گدري تي ڪرندي ته به نقصان گدري کي ٿيندو ۽ جيڪڏهن گدرو ڪاتيءَ تي ڪريو ته به نقصان گدري کي ٿيندو.

مون هنن ڪالمن ۾ اترين علائقن مان آپريشن دوران ماڻهن جي سنڌ ڏانهن ڀاڄ ۽ سنڌ جي وس وارن ماڻهن جي آڌر ڀائي روين تي لکندي، انهيءَ ڪالم ۾ خدشو ڏيکاريو هيو ته انهيءَ ڀاڄ جو فائدو وٺي ڪيترا دهشت گرد سنڌ جو رخ ڪندا ۽ سنڌ ۾ اوس ئي امن امان جي صورتحال ڪو ٻيو روپ وٺندي. هڪ ڪالم ۾ مون ”ذوالفقار آباد پراجيڪٽ“ جو ذڪر هينئن ڪيو هئو ته اهو پراجيڪٽ بين الاقوامي سياسي تناظر “ نيو ورلڊ آرڊر جي مفڪرن ۽ مدبرن کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه ايندو، ان ڪري پي پي ۽ ان جي مکيه اڳواڻن تي ان جا ڇنڊا ضرور پوندا. هاڻي حالتون منهنجي اهڙي اندازي جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن ۽ پي پي قيادت ۽ ملڪي عسڪري قيادت جا اختلاف ڪر کڻي رهيا آهن.اڳتي هلي وقت ڇا به ثابت ڪري، پر منهنجو خيال آهي ته ”ذوالفقار آباد“ نالي ڪنهن شهر ٺهڻ جو خيال گهڻي ڀاڱي خواب برابر وڃي رهيو آهي. ان مان هاڻي فقط ڪن ماڻهن کي زمين کپائڻ ۽ خريد ڪرڻ جو لاڀ ئي ملندو ۽ بس. ان ڪري ڳچ عرصي تائين هي پراجيڪٽ پنن ۽ ڪاڳرن ۾ رهندو ۽ شهر اڏڻ جي حوالي سان ڪا تڪڙي پيش رفت ڪا نه ٿيندي.

”ذوالفقار آباد پراجيڪٽ“ تي پيش رفت ٿئي نه ٿئي،پر ان جي پس منظر ۽ پيش منظر جي حوالي سان حالتن مٽجڻ ۾ پيش رفت ٿي رهي آهي. حالتون جنهن ريت  پير کڻي رهيون آهن، انهن تي ڪنهن ٻئي طريقي سان به نظر وجھي سگهجي ٿي. نائين زيرو تي آپريشن ٿيو ته ايم ڪيو ايم محتاط انداز واري سياست جو درس پڙهڻ شروع ٿيو، پر هاڻي وقت گذرڻ سان گڏ انهيءَ هڙتالي سياست جو سهارو وٺڻ شروع ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت خوجن کي مارڻ واري سانحي مان اهو احساس اڀرڻ لڳو آهي ته هاڻي مار ڌاڙ مقامي سياست جي مطلبن پوري ڪرڻ بدران بين الاقوامي سياسي مفادن جو رخ ڪري رهي آهي. حالتن جي واچوڙي جو رخ في الحال عام ماڻهو جي اندازي کان ٻاهر آهي. پر هاڻي وڌيڪ ويرم نه لڳندي ستت سموري صورتحال ڪر کڻي اسان اڳيان اچي بيهندي.

 

Good Wishes