ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”دردن جي دوا جو هيءُ ئي ديار يار“

 

ڳالهيون اتفاقي هجن يا حادثاتي، پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي ذهنن ۾ عجيب قسم جا سوال اڀارينديون آهن. عام ماڻهو ته ڇا، پر سياڻن ۽ سپورنجن کي به ڳالهيون سمجهه ۾ ڪو نه اينديون آهن. مثال طور اسان جي ملڪ جا مدبر، حاڪم ۽ ناميارا سياستدان بيماريءَ يا تيمارداريءَ ڪارڻ لنڊن جو منهن ڪندا آهن. جڏهن ڪيترا سياستدان وڃي لنڊن ۾ موجود ٿيندا آهن ته هتي ماڻهن ۾ چميگويون شروع ٿي وينديون آهن ته اجهو ٿو ڪو ”لنڊن پلان“ جنم وٺي.

گذريل هفتي کوڙ سارا سياستدان وڃي لنڊن پهتا آهن. ڪن جا ٻچا ٻار ويا آهن ته ڪن جا يار ويا آهن. ڪي اسپتالن مان فوٽو ڪڍي موڪلن ٿا ته ڪن جا بيان اتان جي خبر رسان ادارن طرفان جاري يا نشر ڪيا وڃن ٿا.

ڳالهه ڪهڙي به هجي: پوءِ ڪو نئون لنڊن پلان جنم وٺي يا ڪو زندگي بچائڻ لاءِ اسپتالن جا چڪر هڻي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي وس وارا ۽ وسن وارا ماڻهو اقتدار- ڌڻي هوندي به اهڙيون اسپتالون پنهنجي ملڪ ۾ ڇو نه ٿا قائم ڪن جو ناڻي جا توٻرا ڀري ٻين ملڪن ۾ دوا درمل ڪرائين ٿا؟ ائين ڇو آهي ته وڏن- گهراڻن جا ٻار پڙهن ته ٻاهرن ملڪن ۾ ۽ بيمار دوا درمل ڪرائن ته پرڏيهه مان. جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجي ملڪي اسڪولن، بلڪه سرڪاري اسڪولن ڪاليجن ۾ پنهنجا ٻار پڙهائين ته تعليم جي ماحول ۽ معيار ۾ انقلابي سڌارو اچي وڃي. اهڙي نموني جيڪڏهن اسان جا مدبر ملڪي اسپتالن مان دوا درمل ڪرائين ته اسان جي ويڄ طبيبن جي روين ۽ عوام دوستيءَ ۾ اڃا وڌيڪ نکار اچي وڃي. پر شايد اسان جا وڏا ڪم ئي جڏا ڪندا آهن. سندن اهڙن روين مان اهو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن جي دنيا الڳ آهي ۽ اسان عوام جي دنيا الڳ آهي. هنن لاءِ اها ڳالهه اهم ناهي ته اسپتالن ۾  ڊاڪٽرن کانسواءِ باقي رڃ لڳي پئي آهي ۽ اسڪولن ۾ جيڪڏهن استاد آهن ته ليبارٽريون ڪونهن، جيڪڏهن لائبرريون آهن ته راندين جا گرائونڊ ڪونهن. هاڻي ته اسان اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ اهڙي رڃ ڪري ڇڏي آهي جو ڪن استادن کي اتي وڃڻ کان ئي ڊپ ٿئي ٿو. دنيا ڀلي کين ”گهوسٽ استاد“ چون. پر هو ان ۾ خير سمجهن ٿا ته اسڪولن کان پري رهڻ ۾ ئي هو پنهنجي عزت ۽ دولت ۾ واڌارو ڪري سگهن ٿا.

درحقيقت اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين ادارن ۾ ان ڪري ئي ڀينگ ٿئي ٿي جو استاد، ڊاڪٽر ۽ سرڪاري ملازمن کان وڌيڪ اسان جا وس وارا ۽ وسن وارا ”گهوسٽ حڪمران ۽ نگران“ بڻجي ويا آهن. انهن جي جيڪڏهن ٽڪي جي به نظر ۽ دلچسپي هجي ها ته اهڙي ڀينگ نه ٿي ها. پر ”جي اتر ڊاهي انهن جي، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟“ان وانگر ماڻهون دانهون ڏين ته ڪنهن کي ڏنڀ ڏين؟

اچو ته موضوع نه مٽايون، ۽ پنهنجيءَ ڳالهه تي موٽي اچو ته لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪهڙو جادو آهي، جتي اسان جا مدبر وڃي مٿو ٽيڪي ٻوڙا ٻڌي آچار ڪن ٿا؟ ڇا هو اهي ڳالهيون هن ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويهي نه ٿا ڪري سگهن؟ جڏهن ڳالهيون عوامي مفاد جون آهن، جڏهن ملڪي سياست کي سنوارڻو ۽ سڌارڻو آهي ته پوءِ پنهنجي ماروئڙن کان ايترو پري وڃي ڇو ويچار ونڊن ٿا؟ ائين ته نه آهي ته ڪو شاهينگ يا ڪو اڃا وڌيڪ وس وارا هٿ ڪنهن جي ڪنن يا ڪنڌن تي پهچي شينهن ۽ ٻڪري کي گڏ ويهاري ۽ چاري ٿو ۽ کين ڪن شرطن تي کير کنڊ ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو.

ڳالهه ڇا به هجي ۽ هنن واقعن ۽ اتفاقن جا روحاني راز ڪهڙا به هجن، پر عوام کي اهو حق پهچي ٿو ته هو ڳالهه کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين نه به، پر اهو ٿورو ڪجهه ڄاڻين ته هنن لاءِ پنهنجا هادي ۽ رهبر ڪهڙي کچڻي بچائين ٿا. ڇو ته اتي جيڪو به رڌو پچايو ويندو اهو ئي عوام کي کائڻو آهي. پوءِ کين وڻي يا نه وڻي.

هيءُ پڻ عوام جو حق بڻجي ٿو ته پنهنجي اڳواڻن ۽ مدبرن کي اهو محسوس ڪرائين ۽ مڃرائين ته جڏهن اڳواڻن جون خدمتون ۽ محبتون آهن ئي عوام لاءِ ته پوءِ انهيءَ عوام کي ائين ته ڇني پاڻ کان ڌار نه ڪن ۽ انهيءَ ڳالهه کي مڃين قبولين ته درد جيڪڏهن عوام لاءِ آهن ته انهن جي دوا درمل جو ديار به ماروئڙن جي ذهنن ۽ دلين ۾ هجڻ گهرجي، ۽ نه ڪي تمام گهڻو پري ست سمنڊ پار ۽ ماڻهن کان مخفي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes