2-Document

 

 

پاڪستان جو صحيح رستو!

از قلم

رئيس الهداد خان شجراع

بي-اي-ايل-ايل-بي ايڊووڪيٽ

(رئيس اعظم) پيربخش شجراع

سکر

.........................

(دفع اول) قيمت –۲– (تعداد ۲۵۰۰)

آفتاب پرنٽنگ پريس، صدر، حيدرآباد سنڌ.

 

 

پاڪستان جو صحيح رستو!

 

ملڪ ميراث ڪسي نيست ڪه آيد زيدر

هرڪه شمشير زند سڪئه لا مش خوانند

اڄ چوطرف پاڪستان جو نعرو آهي ۽ پنهنجي حڪومت بڻائڻ جا ولولا آهن ۽ مسلمانن جي راڄ قائم ڪرڻ جي بيقراري آهي. اها بيقراري، اها تڙپ اهو جوش ۽ اهو ولولو هن ڳالهه جو دليل آهي ته مسلمان جون اکيون هينئر کلي چڪيون آهن ۽ هو هاڻي پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ کان گهٽ تي ڪنهن به صورت ۾ راضي ٿيڻ وارو ناهي ۽ هن جي دل پراڻي راڄ ۽ غلامي تي مطمئن رهڻ واري ناهي.

اسان جي نوجوانن جا انهي قسم جا ولولا ۽ خيالات قابل تعريف آهن ۽ هن ڳالهه جو دليل آهن ته اسان جو مستقبل روشن آهي ۽ اسان جو ”آئيندو“ شاندار آهي ۽ اسان جي قوم جو قافلو ڪنهن وقت ضرور انهي منزل مقصود تي هلي پهچندو جنهن لاءِ دليون بيقرار آهن ۽ قلب مضطرب آهن في الحقيقت هڪ مسلمان جو مقصد هڪ مختصر پاڪستان ۽ محدود حڪومت هرگز ناهي بلڪه اسلامي روايات ۽ دين اسلام جي تقاضا آهي ته مسلمان جي نگاهه وسيع هجي ۽ هن کي روءِ زمين جي چپي چپي تي الاهي حڪومت جي قيام کانسواءِ ٻي ڪا به حڪومت منظور نه هجي ۽ هو روءِ زمين تي اسلام کي غالب ڪرڻ لاءِ پنهنجي ويهن نهن جو زور خرچي پنهنجي موليٰ سان وڃي ملي. تاهم اسان جي نوجوانن جو هي مختصر مقصد به قابل عزت ۽ قابل تعريف آهي ۽ ترقي ڏانهن هڪ قدم آهي ۽ منزل مقصود جي بحربي ڪنار جو هڪ قطرو ضرور آهي.

اسلامي راڄ جو پهريون تخيل!

اسلامي حڪومت امام مهدي کان اڳ اچڻ جو تخمل ڪنهن به دماغ ۾ نه هو. ۽ غلبه اسلام ۽ پنهنجي حڪومت جو خيال نه ڪڏهين خواب ۾ به ڪنهن کي ياد ڪو نه هو اهڙي حالت ۾ 1931ع ۾ جنهن شخص سڀ کان پهريان ”اشارات“ لکي اسلامي حڪومت جي قيام جو مقصد مسلمانن اڳيان رهيو سو اهو شخص آهي جنهن جو نالو علامه عنايت الله خان مشرقي آهي ۽ هو ئي موجوده زماني ۾ انهيءِ تخيل جو باني ۽ اسلامي حڪومت جي مقصد جو ڏاڏو آدم آهي ۽ هن کان اڳ ڪنهن کي به انهيءِ ڳالهه جي يادگيري به ڪا نه هئي ۽ اسلامي حڪومت ۽ هندستان ۾ مسلمانن جو پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ ڪنهن کي خواب و خيال ۾ به ڪو نه هو. علامه صاحب نه فقط هڪ ڪتاب انهيءَ مقصد لاءِ لکيو بلڪه هڪ قومي تحريڪ خاڪسار جماعت نالي به قائم ڪئي جا انهيءَ مقصد جي حصول لا فوجي مشق ڪرڻ لڳي ۽ مسلم نوجوانن کي اسلامي فوج جو روح پرور نظارو ڏيکاري سندن دماغن کي بيدار ڪيو ۽ سندن دلين ۾ اسلامي حڪومت قائم ڪرڻ جا ولولا ۽ جوش پيدا ڪيا ۽ هندستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ غلبه اسلام جو لٽريچر ۽ غلبه اسلام جو لشڪر نظر اچڻ لڳو ۽ هر طرف مصنوعي جنگين ۽ فوجي ڪئمپن جي ذريعي مسلمانن جي ستل حس کي بيدار ڪيو ويو ۽ انهن جي سينن ۾ اسلامي راڄ قائم ڪرڻ جي آگ لڳائي وئي ۽ انهن جي هٿن پيرن کي اسلام جي غلبه لاءِ حرڪت ۾ آندو ويو ۽ جهاد في سبيل الله  جي جوش ۽ شهادت جي شوق ۾ دليون ٽپي ٽپي حلق تي اچڻ لڳيون. هڪ عظيم الشان لشڪر تيار ٿي رهيو هو ۽ لکين نوجوان ميدان جنگ جا خواب ڏسي ۽ اسلامي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ جهاد جو انتظار ڪري رهيا هئا. مطلب ته اهو سڀ تخيل خاڪسار تحريڪ ۽ ان جي باني علامه مشرقي جي ڪوششن جو نتيجو هو ورنه هن کان اڳ هندستان جي ڪنهن به ٽڪري تي نڪا اهڙي جماعت هئي جا هن طرح نوجوانن جي تربيت گاهه ٿئي ۽ نڪي هن طرح جو ليڊر هو جو هن طرح سڌي طرح ماڻهن کي اسلام جي غلبه ۽ اسلامي حڪومت جي قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. هي هڪ حقيقت آهي جنهن جو انڪار فقط اهو بدبخت انسان ڪري سگهي ٿو جنهن کي انصاف پسند دل ناهي ۽ جو تعصب جي مرض جو مريض آهي ۽ جنهن کي قيامت جي ڏينهن عادل خدا جي سامهون بيهڻ تي يقين ناهي.

پهرين آزمائشي ٽڪر!

1935ع جي انڊيا ايڪٽ هندستان ۾ جاري ٿيڻ ۽ مختلف صوبن ۾ ڪانگريس وزارتون قائم ٿيڻ ڪري ڪانگريس جو ٽيمپريچر بلڪل چڙهي ويو هو ۽ اهي ڪانگريس جون اڇيون ٽوپيون پائي پاڻ کي ديش ڀڳت ۽ ديش شيوڪ سڏائيندا گهمندا هئا تن جي دماغن ۾ هندو راڄ جو جنون پيدا ٿيڻ لڳو ۽ ڪانگريسي پرڳڻن کي هندو تهذيب جو مرڪز بڻائي  وري نئين سر هزارن ورهين جي ويل حڪومت وٺڻ جا سانباها ٿيڻ لڳا ۽ مسلمانن کي هڪ ٻئي ۾ لڙائڻ لاءِ نيچ رستا اختيار ڪيا ويا. لکنو جو مشهور شيعه سني جهڳڙو به انهي ڪانگريس جي منافقانه سياست جو نتيجو هو ۽ مسلمانن جا ٻه فرقا نهايت بيدردي سان هڪٻئي جو خون پي رهيا هئا ۽ ڪانگريس حڪومت انهيءَ فساد جي باهه تي تيل وجهي انهيءَ باهه کي هندستان گير بڻائي رهي هئي. اِهو اُهو وقت هو جو محترم مسٽر جناح ۽ مسلم ليگ ڪنج عافيت ۾ آرام فرمائي رهيا هئا ۽ ڪنهن کي به فڪر ڪو نه هو ته هي ٻه ڀائر ڇو وڙهي رهيا آهن ۽ ڪانگريس وزارت انهن جي مقابلي لاءِ آکاڙي جو ميدان ڇو تيار ڪري رهي آهي، سڀڪو پري کان هي تماشو ڏسي رهيو هو ۽ ڪنهن جي به دل ۾ هن نازڪ مسئلي کي حل ڪرڻ ڏانهن توجهه ڪو نه هو. اهڙي وقت ۾ جنهن شخص ڪانگريس جي شيطاني ارادن کي محسوس ڪري يو پي جي ڪانگريس گورنمينٽ سان اعلان جنگ ڪيو هو اهو علامه عنايت الله مشرقي کانسواءِ ٻيو ڪير هو؟ 1939ع ۾ علامه صاحب خاڪسارن جون جوان فوج وٺي يو پي گورنمينٽ تي اهو ته خطرناڪ حملو ڪيو جو ڪانگريس وزارت پنهنجو اها جو چولو لاهي خاڪسارن سان خوني جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي ۽ يو پي جا جيل خاڪسارن سان ڀرجي ويا ۽ خاڪسارن پنهنجي قوت ايماني سان يو پي لاٺي پوليس سان جنهن نموني مقابلو ڏنو سو مسلمانن جي پراڻي شجاعت جي ياد وري تازا ڪري ڇڏي ٿو. بلند شهر ۾ ڪانگريس وزارت پنهنجي بربريت جو انتهائي نظارو ڏيکاريو ۽ ڪيترن شهادت جي پياسن کي شهادت جو پيالو پياريو.

ڪانگريس وزارت کي خاڪسارن جي انهيءَ بهادران حملي اهڙو ته ڪاپاري ڌڪ هنيو جو اها وزارت وري اٿي نه سگهي ۽ اهي مسلمان جي ڪانگريس جي دام فريب ۾ ڦاٿل هئاسي ڪانگريس کان هميشه لاءِ الڳ ٿي ويا. هي هئي خاڪسارن جي پهرين آزمائشي جنگ جا اسلام جي آبرو بچائڻ لاءِ هنن هندستان جي سرزمين تي هندستان ۾ هندو راڄ جي خواب لهندڙن مان لڙي ۽ انهيءَ ۾ شاندار فتح حاصل ڪئي.

لنڊن ۾ زلزلو

يو پي محاذ ۾ خاڪسارن نه فقط پنهنجي بهادري جا جوهر ڏيکاريا بلڪه فوجي ڪرتب ۽ جنگ جي فن جون اهي چالاڪيون ڏيکاريون جو ڪيترن گورنمينٽ جون تربيت يافته فوجون عاجز رهجي ويون ۽ اخبارات ۾ خاڪسارن جي جنگ قابليت ۽ فوجي لياقت جون وڏيون وڏيون سرخيون ڇپجڻ لڳيون ۽ انگريزي اخبار ۾ گورنمينٽ فوجن تي سندن خاڪسارن جي مقابلي ۾ بي بي ۽ نالائقي تي طعن و تشمع ٿيڻ لڳي ۽ وڏين هيڊلگن سان خاڪسارن جي فوجي قابليت جي اعتراف جا اعلان ٿيڻ لڳا. يو پي محاذ ختم ٿيندي ئي علامه صاحب پنجوين لکن جي نئين ڀرتي جو اعلان ڪيو ۽ ساري هندستان جي مشهور سالارن کي پنهنجا پرڳڻا ڇڏي ٻين هنڌن هجرت جو حڪم ڏنو ۽ ڀرتي جو سلسلو برقي رفتار سان ٿيڻ لڳو ۽ مسلمان اسلام جي فوجي نظام ۾ ڌڙا ڌڙ داخل ٿيڻ لڳا. هر طرف اسلامي عسڪريت جو روح پرور نظارو ڏسجي رهيو هو. چمڪندڙ بيلچن، خوشنما وردين ۽ ڪراس بيلٽن جو دل ڀڄائيندڙ منظر هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ نظر اچڻ لڳو. دشمنن جي گهرن ۾ هڪ رعب ۽ خوف جي حالت هئي ۽ مسلمانن جي دلين ۾ نيون امنگون ۽ نوان ولولا پيدا ٿي رهيا هئا ۽ پنهنجي مستقبل لاَءِ شاندار اميدون پيدا ٿي رهيون هيون ۽ لکين قداور ۽ سهڻا جوان سينن کي اڀاري خاڪسارن جي صفن ۾ بيهي رهيا هئا ۽ چپ راست جو هيبتناڪ آواز پاڙن ۽ گهٽين ۾ هر روز ٻڌيو پيو ويندو هو ۽ نوجوانن کي ته ڇڏيو پر ستر ستر ورهين جا پير مرد به جوان بڻجي فوجي قطارن ۾ اچي شامل ٿيندا هئا ۽ گهرن ۾ ويٺل پرده نشين عورتون به گهٽين مان چپ راست جو آواز ٻڌي ”الله اوهان کي سوڀون ڏي“ جون دعائون ڪنديون هيون ۽ پنجن پنجن ورهين جا ننڍڙا مسلمان ٻچڙا پنهنجي راند لاءِ ننڍڙا بيلچا کڻي سينن کي اڀاري قطارن ۾ هلڻ لڳا ۽ رانديڪن جي بدران پنهنجي پيَءُ کي چوڻ لڳا ته ”بابا مون کي بيلچو ۽ وردي ٺهرائي ڏي“ بابا آءُ اسلام جو سپاهي ٿيندس.

مطلب ته خاڪسار تحريڪ قوم جي سينن ۾ هڪ هيجان پيدا ڪري ڇڏيو ۽ قوم جي خاموش سمنڊ ۾ اهو طوفان آندو جو قوم جو هر فرد اسلامي غلبه ۽ اسلامي حڪومت جي وري ڏسڻ لاءِ بيقرار ٿي پيو ۽ اها قوم جنهن کي ڪجهه سال اڳ ڪو به مقصد سامهون نه هو سا هڪ عظيم الشان نصب العين لاءِ پنهنجن هٿن پيرن سان چرپر ڪرڻ لڳي وئي ۽ جهاد في سبيل الله جي تيارين ۾ عملي طرح مشغول ٿي وئي.

هي ڳالهه اهڙي نه هئي جنهن کي انگريز صبرسان ڏسي سگهي ۽ خاڪسارن جي هن عظيم الشان ۽ هندستان گير حرڪت لنڊن ۾ ويٺل انگريز جو آرام ڦٽائي ڇڏيو ۽ وائيٽ هائوس ۾ هڪ زلزلي جي حالت پيدا ڪري ڇڏي ۽ وڏا وڏا سياستدان انگريز مٿي کي هٿ ڏيئي سوچڻ لڳا ته خاڪسارن جي هن عظيم الشان طوفان کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ غلبه اسلام جي هن وڌندڙ سيلاب کي ڪيئن روڪجي!

مسلمان کي مسلمان کان مارايو!

هندستان مان اسلامي حڪومت جي نام و نشان مٽائڻ ۽ عظيم الشان اسلامي شهنشاهيت جي انگريزن سان گڏجي بيخ و بنياد اکيڙڻ ۾ جن ٻن مشهور شخصيتن حصو ورتو تن جو نالو ميرجعفر۽ مير صادق آهي. علامه اقبال مرحوم هندستان مان مسلمانن جي حڪومت ختم ٿيڻ تي ڳوڙها ڳاڙيندي انهن ٻن بدنام شخصيتن جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو:-

جعفر از بنگال و صادق از دکن

لنگه ملت لنگه دين لنگه وطن!

هيءَ انگريز جي پراڻي چال آهي ته هو مسلمانن جو ڳلو مسلمان کان ئي ڪپائيندو آهي ۽ مسلمانن کي مسلمان کان ئي مارائيندو آهي. هندستان جي مير جعفر ۽ مير صادق جي ڇا خصوصيت آهي بلڪه حجازجو شريف حسين ۽ مصر جو محمد علي پاشا ۽ ٻيون ڪيتريون اهڙيون غدار ملت شخصيتون اسلامي تاريخ ۾ هڪ بدنما داغ طور موجود آهن جن اسلام جي برباديءَ ۾ انگريز جا اوزار بڻيا.

خاڪسار تحريڪ جو عروج ۽ مسلمانن جي غلبه اسلام جي منزل ڏانهن تيز رفتاري انگريز کي بيحد پريشان ڪيو خصوصن جنگ جي زماني ۾ انگريز هن تحريڪ جي وڌندڙ جوش و خروش کي نهايت خوف ۽ شڪ جي نظر سان ڏسي رهيو هو ۽ هو هن ڳالهه جي پٺيان هو ته هن تحريڪ کي ڪنهن طرح ختم ڪري ۽ هن تحريڪ جي ختم ڪرڻ لاءِ اهو ساڳيو رستو اختيار ڪيو جيڪو انگريز هميشه اهڙن موقعن تي ڪندا آهن. يعني ”مسلمان کي مسلمان کان مارايو.“

هندستان جي سرزمين تي پنجاب جي سر سڪندر کان وڌيڪ انگريز جو وفادار ڪير هو؟ هي اهو مشهور شخص هو جيڪو گذريل جنگ عظيم ۾ عراق جي ميدانن تي پاڪ جاين جي آبرو لاءِ لڙندڙ ترڪن ۽ عربن جي سينن تي پنهنجون گوليون آزمائي چڪو هو ۽ انگريز وٽ پنهنجي ملت فروشي ۽ مسلم ڪشي جي ڪري محبوب ۽ مقبول ٿي چڪو هو. انگريز انهي کان ئي خاڪسار تحريڪ دٻائڻ جو ڪم ورتو ۽ سر سڪندر تحريڪ تي بندشون وڌيون ۽ خاڪسار اسلام جي هن عسڪري روح ۽ فوجي زندگي کي هن طرح برباد ٿيندو خاموشي سان برداشت نه ڪري سگهيا تنهنڪري هنن لاهور ۾ 19 مارچ سنه 1940ع تي انهيءَ ظالمانه حڪم جي انحرافي ڪري اصحاب بدر جي ڳاڻيٽي ٿي 313 مجاهدن جو جيش ڪڍيو پر بيرحم سڪندر کي هنن مسلمانن جي نونهالن ۽ اسلامي عسڪريت جي عاشقن تي ذرو به رحم نه آيو ۽ پنهنجي پوليس جي هٿان انگريز کي خوش ڪرڻ لاءِ هن اسلامي جيش تي گولين جو مينهن وسارايو جنهن ۾ اٽڪل پنجاهه نوجوان پنهنجي جگر تي گوليون جا ڌڪ سهي شهادت جو پيالو پي ويا ۽ سوين زخمن کان چور ٿي ميئو اسپتال ۾ تڙپڻ لڳا. اهڙي طرح اسلامي غلبي جي متوالن اسلام جي آبرو بچائڻ لاءِ پنهنجي جان جو سودو ڪيو ۽ مسلم ڪش مسلمان جي ظلم جو مقابلو ڪيو. اهي سهڻيون صورتون ۽ پياريون مورتون جن هن ڪفرستان۾ الله جي نالي تان ڪٽجي مرڻ جو بنياد وڌو ۽ لاشن جي انبار تي اسلام جي عمارت جو پايو رکيو سي اڃا تائين اکين اڳيان ڦري رهيون آهن ۽ ڪڏهن به وسرڻ جون ناهن.

بنا گرد ند خوش رسمي بخاکه و خون غلطيدن،

خدا رحمت کندابن عاشقان پاڪ طينيت را!

اسلام جي جنازي ۾ آخري ميخ!

سر سڪندر سمجهيو ته هو هن طرح خاڪسارن تي گولي هلائي خاڪساري کي ختم ڪري ڇڏيندو ۽ اسلامي عسڪريت جي روح کي هميشه لاءِ برباد ڪري ڇڏيندو ليڪن گولي لڳڻ کانپوءِ کيس معلوم ٿيو ته اهو خيال غلط هو ۽ مسلمانن جي سينن ۾ خاڪسارن جي هن قتل عام هڪ آگ لڳائي ڇڏي ۽ چوطرف کان سر سڪندرتي لعنت ۽ ڦٽڪارجي وسڪار ٿيڻ لڳي.

حادثي جي ٻي ڏينهن کان لاهور ۾ مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس شروع ٿيو هو ۽ مسلمانن کي ايترو جوش هو جو سر سڪندر جي مسلم ليگ جي اجلاس ۾ اچڻ وقت هڪ هيجان برپا ٿي ويو ۽ مسٽر جناح جيڪڏهن هوشياري کان ڪم وٺي مسلمانن کي مطمئن نه ڪري ها ته ليگ جو اجلاس به ختم ٿي وڃي ها. ليڪن اهو ڪم جو سر سڪندر جون گوليون نه ڪري سگهيون سو محترم مسٽر جناح پنهنجي عقل مدي سان ڪري ڏيکاريو ۽ خاڪسار تحريڪ تان بندش لهڻ ۽ شهيدن جي خون جو مطالبو جو مسلمان ڪري رهيا هئا تنهن تان مسلمانن کي محترم مسٽر جناح اهڙيءَ طرح لاٿو جو انگريز کي مسٽر جناح جون پيڙهين تائين شڪرگذار رهڻ گهرجي.

محترم جناح اجلاس جو صدر هو ۽ هن مسلمانن جي جوش کي ڏسي نهايت جوش سان تقرير ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته جيستائين هو خاڪسارن جي خون جو بدلو نه وٺندو تيستائين خاموش ٿي نه ويهندو ۽ مسلمانن کي خوش ڪرڻ ۽ انهن جي جوش کي ڍرو ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان خاڪسارن جي همدردي جو ٺهراءُ پيش ڪيو. اهڙي طرح هن پنهنجي قابليت سان جلسي تي قابو حاصل ڪيو ۽ مسلمانن جي جوش کي ٿڌو ڪري پنهنجو ڪم ڪڍيو.

درحقيقت اهو ٺهراءُ خاڪسارن جي همدردي لاءِ نه هو بلڪه مسلمانن جو جوش ٿڌو ڪري ۽ مسلمانن کي ويساهه ڏيئي خاڪسارن جو خون ٻوڙڻ ۽ خاڪسار تحريڪ کي ختم  ڪرڻ لاءِ هو. ڇا انهيءَ کانپوءِ دنيا ڏٺو ته مسٽر جناح خاڪسارن جي بدلي وٺڻ کانسواءِ بلڪل آرام نه ڪيو ۽ سر سڪندر کان خاڪسارن کي بدلو وٺي ڏنو؟ انا لله و انا اليه راجعون.

بلڪه اهو اجلاس درحقيقت خاڪسار تحريڪ کي فنا ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو هو ۽ خاڪسارن کي هن طرح هڪ ليگي وزيرن گوليون سان مارايو تنهن کانپوءِ مسٽر جناح هن طرح خاڪسارن جو خون ٻوڙايو اهو سڀ کيل هو جيڪو لارڊ لنٿگر جي اشاري تي تيار ڪيو ويو هو ۽ ماڻهن جي نظرن غلبه اسلام جي مقصد کان هٽائڻ لاءِ انهي اجلاس ۾ پاڪستان جو ريزوليشن  پاس ڪيو ۽ انهي پاڪستان جي ٺهراءُ جو مسودو انهي بي رحم خوني سر سڪندر جو ئي تيار ڪيل هو.

مطلب ته خاڪسار تحريڪ تي پابندي، خاڪسارن تي گولين جي بارش! ۽ عام مسلمانن کي چالاڪي سان خاموش ڪري ڇڏڻ کانپوءِ خاڪسارن جي مقصد کي ختم ڪرڻ لاءِ انهي پاڪستان جي ريزوليشن کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڪارآمد هٿيار نه هو. اهو ريزوليشن اسلام جي جنازه ۾ آخري ميخ هئي جيڪا مسٽر جناح پنهنجي هٿن سان لڳائي ۽ مسلمانن جي توجهه کي هڪ عجيب نموني سان فوجي زندگي جي پروگرام ۽ غلبه اسلام جي نصب العين کان هٽايو.

فڪر ناهي ته اڄ مسلمان مسٽر جناح جي چالاڪي ۾ اچي ويا آهن ليڪن مسٽر جناح جو هي جادو مسلمانن تي هميشه رهڻ وارو ناهي ۽ عنقريب مسلمانن کي معلوم ٿي ويندو ته مسٽر جناح جو پاڪستان اهو ناهي جيڪو مسلمان گهرن ٿا بلڪه مسٽر جناح جو پاڪستان انگريز جو پاڪستان آهي ۽ مسلمانن کي غلام رکڻ جو پاڪستان آهي ۽ عرب، ترڪي، ايران، افغانستان، مصر ۽ سوڊان وغيره اسلامي ممالڪ کي انگريز جي رعب ۽ تسلط هيٺ رکڻ جو پاڪستان آهي ۽ انگريز ئي اهو پاڪستان جو بيجان بت مسلمانن جي اڳيان رکيو آهي تا نه انهيءَ جي محبت ۾ غلبه اسلام جو جيئندو جاڳيندو ۽ خطرناڪ مقصد مسلمانن کي وسري وڃي ۽ مسلمان غلبه اسلام جو جيئندو جاڳندو ۽ خطرناڪ مقصد مسلمانن کي وسري وڃي ۽ مسلمان غلبه اسلام جي فوجي تحريڪ کي ڇڏي هڪ ريزوليشن پرست ۽ وات جا ڦٽاڪا ڇوڙيندڙ جماعت ۾ شامل ٿي وڃن ۽ انگريز جي لاءِ خاڪسار تحريڪ مان جيڪو خطرو پيدا ٿيو هو سو هميشه لاءِ پاڪستان جي بهالا سان دٻجي وڃي ۽ غلبه اسلام جي نالي سان تمام دنيا تي ڇائنجي وڃڻ جو پروگرام جو علامه مشرقي تيار ڪيو آهي سو ختم ٿي وڃي ۽ بس!

مسٽر جناح جو پاڪستان!

خاڪسار تحريڪ ۽ خاڪسار لٽريچر جا ملڪ ۾ آگ لڳائي ڇڏي تنهن انگريز جا حوصلا پست ڪري ڇڏيا ۽ هن ڏٺو ته هندوستان جو مسلمان وري روءِ زمين تي غالب ٿيڻ جا خواب لهي رهيو آهي ۽ روءِ زمين تي ڇائنجي وڃڻ جا طريقا اختيار ڪري رهيو آهي ۽ خاڪسار جو فوجي وردين، پريڊن ۽ ڪئمپن ۽ خلق جي خدمت سان ماڻهن جي دلين تي قابض ٿي وڃڻ اهڙو خطرناڪ پروگرام هو جيڪو انگريز جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هو ليڪن هي جيڪا غلبه اسلام جي آگ دلين ۾ لڳي چڪي هئي ۽ خاڪسار تحريڪ مسلمانن ۾ پنهنجي حڪومت جو جيڪو تخيل پيدا ڪري چڪي هئي انهيءَ کي دلين مان ڪڍڻ انگريز جي وس کان ٻاهر هو تنهن اهڙو طريقو اختيار ڪيو جو ”نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي“ مسلمان پنهنجي مقصد کان به هٽي وڃن ۽ ائين به نه سمجهن ته هو ڪو مقصد کان هٽي ويا آهن بلڪه ائين سمجهندا رهن ته هو اسلامي راڄ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. ليڪن مسلمانن کي معلوم هجڻ گهرجي ته کين پاڪستان ۽ پنهنجي حڪومت جي نالي سان انگريز جا ايجنٽ ڌوڪو ڏئي رهيا آهن. مسٽر جناح جو پاڪستان اهو آزاد اسلامي پاڪستان ناهي جنهن جو نقشو اوهان جي دماغن ۾ آهي بلڪه اهو بلڪل ٻيو آهي. مسٽر جناح جي پاڪستان جي شڪل انهن ٻن پهاجن واري پاڪستان جي آهي جيڪي پاڻ ۾ ٺهن نٿيون ۽ هڪڙي زال کان ناراض ٿي مڙس کي چوي ٿي ته آءُ هن رن سان گڏ ڪا نه رهنديس، هي رن ويڙهاڪو آهي، هن جا ٻار منهنجي ٻارن کي مارين ٿا ۽ هن جا ٻار منهنجي ٻارن جي ديڳڙن مان ڀت کايو وڃن تنهنڪري مون کي جدا گهرٺاهي ڏي ۽ ٽڙ ٽپڙ جدا ڪري ڏي آءُ انهيءَ رن سان ڪنهن به صورت ۾ گڏ ڪا نه رهنديس.“

بس مسٽر جناح جي هندستان ۽ پاڪستان جي اها ئي معنيٰ آهي هن کي فقط پنهنجي پهاڄ هندو کان ناراضگي آهي، گهر جدا ڪرڻ جو فڪر آهي ٽڙ ٽپڙ الڳ ڪرڻ جي ڳڻتي آهي باقي مڙس سان ڪو به اختلاف ناهي ۽ انگريز کي تڙڻ جو ڪو به خيال ناهي ۽ اسلامي حڪومت بڻائڻ جو ڪو به فڪر ناهي.

سچو پاڪستان ڪيئن ٿيندو؟

اڄڪلهه اليڪشن جو زمانو آهي سڀڪا جماعت پنهنجا ماڻهو چونڊرائڻ لاءِ هٿ پيرهڻي رهي آهي ۽ ڪوڙ بدوڙ هڻي اسيمبلي جون سيٽون هٿ ڪرڻ جي فڪر ۾ آهي. ڪانگريس جا ڪالهه شملا ۾ انگريز سان گڏجي وائسراءِ جي زير صدارت ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ٺاهڻ لاءِ انگريزجي در تي نڪ رڳڙي رهي هئي سا اڄ ”ڪئبٽ انڊيا“ جو نعرو هڻي چونڊن جي ميدان تي نڪتي آهي ۽ انهيءَ سوال تي چونڊو لڙي رهي آهي ته هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي انگريز کي هندستان مان ڪڍندي!

ڪانگريس جي انهيءَ ”ڪئبٽ انڊيا“ يا هندستان مان نڪري وڃو جو ڪهڙو اثر ٿيندو اهو دنيا کي معلوم آهي. ڇا اهڙي نعري سان انگريز هليا ويندا ۽ انگريز جن جرمني ۽ جاپان جهڙيون عظيم الشان قوتون پنهنجي مستقل مزاجي ۽ شجاعت ۽ عقلمندي سان اونڌيون ڪري ڇڏيون آهن سي ڪانگريس جي انهيءَ نعري ۽ ريزوليشن کان دٻجي هندستان ڇڏي ويندا؟ ڇا گذريل پنجويهن سالن کان ڪانگريسي گدڙن وانگر تاڙيون وڄائي ”ڪا نه کپي ڪال نه کپي ظالم هي سرڪار“ ڳائي نه رهيا آهن؟ ڇا پوءِ انگريز ويو هليو؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ”ڪئبٽ انڊيا“ ۾ ڪهڙو ائٽم بم آهي جنهن کان انگريز ڊڄي هندستان ڇڏي ويندو. في الحقيقت اهو سڀ ڌوڪو ۽ چونڊن لڙڻ جي چالاڪي اهي ۽ ماڻهن جي عقلن سان راند ڪري سندن ووٽ وٺڻا آهن ۽ بس؟

بلڪل اهڙي طرح مسلم ليگ جو پاڪستان جو هوڪو آهي جنهن جي ذريعي مسلم ليگ تي ڇانيل هي انگريز ضربخالي جا تيار ٿيل سر ۽ نواب، خانبهادر ۽ سردار بهادر وغيره وغيره انقلاب جا مالڪ اسيمبلين تي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا ۽ هي وڏا ماڻهو غريب مسلمانن جي سر تي پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ گهرن ٿا.

هي سڀ ووٽن وٺڻ لاءِ کيل آهي غريب مسلمانن کي ڌوڪو ڏئي کين پنهنجي غلامي ۾ رکڻ جي چال آهي ورنه پاڪستان يا پنهنجي حڪومت ريزوليشن، نعرن ۽ بيانن ڪڍڻ ۽ انٽرويو شايع ڪرائڻ سان ڪڏهن ملي آهي؟ ڇا ڪڏهن ڪنهن قوم اهڙي طرح زمين جو هڪ انچ به حاصل ڪيو آهي؟ تاريخ توهان جي سامهون آهي. ساڍا تيرنهن سئو ورهيه اڳ عرب ۾ جيڪو اسلام جو انقلاب آيو سو ڪهڙي ٺهراءَ ۽ بيان جي زور تي آيو؟ ڇا فرانس جو انقلاب ڪنهن ريزوليشن جو نتيجو هو؟ ڇا آمريڪا جي انگريزن کان نجات ڪنهن نعري ۽ انٽرويو جي ڪري ٿي؟ ڇا روس جي زار شاهي کان نجات اتي جي ماڻهن ”فلڪ شگاف“ نعرن ۽ جلسن جي ”ٺاٺن هڻندڙ سمنڊ“ جي زور تي حاصل ڪئي هئي؟ جيڪڏهن نه ۽ هرگز نه ۽ اهو فقط قرباني جو ڪرشمو هو ۽ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ جو نتيجو هو ۽ قومن جون قسمتون  فقط خون سان ئي بدلجن ٿيون ته پوءِ مسلم ليگ جو هي نعرو فقط ووٽن وٺڻ لاءِ آهي ۽ وڏن ماڻهن جي هٿان غريبن جو رت چوسائڻ لاءِ آهي ۽ اهڙي وزارت ٺاهڻ لاءِ آهي جهڙي اٺ سال اڳ اوهان اکين سان ڏٺي جنهن مسلمان جي تباهي ۾ ڪسر نه ڇڏي ۽ مسلمان جي عزت آبرو، شرم حيات ۽ دولت ۽ ملڪيت لٽڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪئي.

مسلمانو! مسلم ليگ وري اوهان کي ظلم جي انهيءَ باهه ۾ اڇلڻ ٿي گهري جنهن اٺن سالن تائين اوهان جي جگرن کي جلايو ۽ مسلم ليگ وري انهن ماڻهن کي پاڪستان جي بهاني تي اوهان جي مٿي تي مڙهڻ گهري ٿي جن کان اوهين بيزار ٿي چڪا آهيون.

مسلمانو! جيڪڏهن توهان کي حقيقي پاڪستان کپي پنهنجي حڪومت کپي، اسلام جو غلبو کپي ۽ روءِ زمين تي الله جي قانون ۽ قرآن جي بادشاهي کپي ته پوءِ توهان خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿي وڃو جنهن اسلام جي غلبي ۽ پنهنجي حڪومت جو تخيل پيدا ڪيل ۽ جنهن تي مسلمانن جي سينن ۾ اسلام جي عروج جي تڙپ پيدا ڪئي ۽ هي پاڪستان جو نعرو به مسٽر جناح خاڪسار تحريڪ جي مقصد غلبه اسلام کان مرغوب ٿي ايجاد ڪيو آهي ورنه مسٽر جناح اهو ساڳيو آهي جنهن کي ٽيٽيهه سيڪڙو ۽ ”چوڏهن پانئٽن“ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ايندو ئي ڪو نه هو.

مسلمانو‘ بدقسمتي سان مسلمانن مان ئي مسلمانن جا دشمن پيدا ٿيڻ ڪري خاڪسار تحريڪ، غلبه جي مقصد، غلبه اسلام جي مجاهدانه پروگرام کي ڌڪ لڳو آهي ۽ خاڪسار تحريڪ جو سپاهيانه پروگرام ڇهن سالن جي عرصي کان بند ٿي ويو آهي. هن وقت جنگ ختم ٿي چڪي آهي انگريز کي اسان جي سپاهيانه پروگرام تان بندش نه لاهڻ لاءِ ڪو به سبب نه رهيو آهي. هن وقت فقط اوهان کي مسلمانن جي همدردي جي ضرورت آهي. اوهان جي ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اوهان جيڪڏهن هنن چونڊن ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ ڪانگريس جي ”ڪئبيٽ انڊيا“ ۽ مسلم ليگ جي ”پاڪستان“ جي زباني ڦٽاڪن هيٺ نه آيا ۽ پنهنجو ووٽ خاڪسار اميدوارن کي ڏيئي چونڊي موڪليا ته پوءِ خاڪسار اسيمبلي ۾ وڃي اسلام جي فوجي نظام تان بندش لهرائيندا، پريڊن ۽ فوجي ڪئمپن تان رڪاوٽ کڻائيندا ۽ اسلام جي غلبه لاءِ تياري ڪرڻ ۽ مسلمان قوم کي ساري جو سارو فوجي بڻائڻ لاءِ ميدان صاف ڪندا.

مسلمانو! جڏهن توهان جي قوم سپاهي ٿي وئي، مجاهد ٿي وئي، خدا ۽ اسلام لاءِ خون ڏيڻ لاءِ تير ٿي وئي ته پوءِ پاڪستان توهان جو آهي، بلڪه سارو ايشيا نه ته بلڪه سارو يورپ ۽ ساري دنيا اوهان جي آهي.

مسلمانو! پاڪستان جو صحيح رستو اهو آهي سچو پاڪستان انهيءَ طرح حاصل ٿيندو باقي مسٽر جناح وارو پاڪستان ۽ مسلم ليگ جو پاڪستان ته انگريز جو رانديڪو آهي. انهيءَ لاءِ ايجاد ڪيو ويو آهي ته اوهان غلبه جو مقصد وساري ڇڏيو ۽ هميشه انگريز جي در تي سر بسجود رهو!

مسلمانو! خبردار تجو هن نالي جي پاڪستان جي ڌوڪي ۾ اچي پنهنجو ووٽ نه وڃائجو ۽ پاڻ تي ظالمانه وزارت وري نه قائم ڪرائجو. اوهين ليگ وارن کي آزمائي چڪا آهيو انهن جي اسلام ۽ مسلمان سان سچائي پرکي چڪا آهيون هن وقت وري توهان کي انهن جي دام ۾ ڦاسڻ نه گهرجي. هن وقت توهان جي اڳيان خاڪسار پهريون دفعو ووٽ وٺڻ لاءِ آيا آهن. خاڪسارن جون اسلامي جهاد لاءِ تياريون، اسلام جي لاءِ قربانيون ۽ خلق خدا جون خدمتون اوهان جي اکين اڳيان آهن تنهنڪري هينئر اوهان جي ووٽ جا حقدار اوهان جا خاڪسار ڀاءُ آهن جيڪي چونڊجي وڃڻ کانپوءِ سچو پاڪستان آڻڻ لاءِ اسلام جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪندا ۽ ظلم ۾ پيڙهيل مسلمان کي هن ظلم جي طريفي جي حڪومت کان نجات ڏيندا.

خدا جا بندئو! خدا کي سامهون رکي انصاف ۽ امانت سان پنهنجي ووٽ کي استعمال ڪجو!

الهداد خان شجراع

ايڊووڪيٽ- شڪارپور سنڌ

.............................................

هي ٽرئڪٽ علي بخش محمد يوسف احمد زئي آفتاب پريس صدر بازار حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپي شايع ڪيو.

 

ووٽ جو حقدار!

(از خيرخواه)

اسلام جي چمن جو هي نونهال آهي،

الله جي هٿن ۾ هن جي سنڀال آهي،

هن سان ٽڪر لڳائڻ ڪنهن جي مجال آهي،

الله سان لڙائي بلڪل محال آهي.

هي خاڪسار آهي، هي خاڪسار آهي!

انسان ذات جو هي خدمت گذار آهي!

اسلام جي علم جو هي پاسبان آهي،

ناموس قوم جي ۽ ملت جو شان آهي،

همت تي هن جي شاهد سارو جهان آهي،

قربان دين حق تان هي بي گمان آهي.

هي خاڪسار آهي، هي خاڪسار آهي!

انسان ذات جو هي خدمت گذار آهي!

خدمت ۾ خلق جي هي آرام آهه لهندو،

هي خلق جي خوشي لئي تڪليف آهه سهندو،

ماڻهن جي ڪم ڪرڻ کان هرگز نه آهه ٽهندو،

خدمت جو شوق هن کي هر وقت آهه رهندو

هي خاڪسار آهي، هي خاڪسار آهي!

انسان ذات جو هي خدمت گذار آهي!

ميدان جنگ ۾ هي بي خوف ويندو آهي،

اسلام لئي مرڻ جي تعليم ڏيندو آهي،

باطل تي هن جو حملو هر وقت ٿيندو آهي،

هي دشمن خدا کي ڀل ۾ دسيندو آهي.

هي خاڪسار آهي، هي خاڪسار آهي!

انسان ذات جو هي خدمت گذار آهي!

هي جذبي شهادت جو زندهه دار آهي،

اسلام تان ڪسڻ لئي پروانه وار آهي،

ملت جي آبرو ۽ دين جو وقار آهي،

باطل جي دل تي هن جي هيبت سوار آهي.

هي خاڪسار آهي، هي خاڪسار آهي!

انسان ذات جو هي خدمت گذار آهي!

اسلام لئي مرڻ ۽ مارڻ کي هن جياريو،

هن قوم جي جيئڻ لئي نسخو نئون نهاريو،

اسلام جي شجر کي هن خون هو پياريو،

هن دشمنن جي دل تي هڪ رعب هو ويهاريو.

هي خاڪسار آهي، هي خاڪسار آهي!

انسان ذات جو هي خدمت گذار آهي!

دشمن جي دل تي آهي هن جو ته خوف طاري،

اعداء دين حق تي هيبت ته هن ويهاري،

هن ظلم جي خلاف آهي ته باهه ٻاري،

ناحق سان هن لڙڻ ۾ ساري عمر گذاري.

هي خاڪسار آهي، هي خاڪسار آهي!

انسان ذات جو هي خدمت گذار آهي!

امت جي غم ۾ هر دم غمگين هي رهي ٿو،

دين خدا جي عظمت جا خواب هي لهي ٿو،

هي قوم جي ڪمن ۾ هر روز پيو وهي ٿو،

خدا خلق جي ڪارڻ ڪيئن سو رهي سگهي ٿو.

هي خاڪسار آهي، هي خاڪسار آهي!

انسان ذات جو هي خدمت گذار آهي!

دنيا ۾ هي گهري ٿو اسلام جي حڪومت،

گهرجي نه هن کي ٻئي ڪنهن بدنام جي حڪومت،

آڻيندو عالم لئي هي هت علم جي حڪومت،

خلق خدا جي ڪارڻ آرام جي حڪومت.

هي خاڪسار آهي، هي خاڪسار آهي!

انسان ذات جو هي خدمت گذار آهي!

هي خلق جي غمن ۾ غمخوار آهه بيشڪ،

هي قوم جي ڪمن ۾ نروار آهه بيشڪ،

اسلام جي سپهه جو سالار آهه بيشڪ،

ملت جي ووٽ جو هي حقدار آهه بيشڪ.

هي خاڪسار آهي، هي خاڪسار آهي!

 

انسان ذات جو هي خدمت گذار آهي!

 

Good Wishes