MORE MATERIAL ON MUSLIM LEAGUE: ACTIVITIES & DOCUMENTS

 

 

خالقڏنه هال ۾ مسلم ليگ جو زبردست اجلاس

 

وديا مندر اسڪيم، حيدرآباد ۽ فلسطين بابت ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

ڪالهه آچر ڏينهن شام جو نماز مغرب کان بعد مسلمانان ڪراچي جو هڪ عظيم الشان اجلاس سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي زير سايه خالقڏنه هال ۾ منعقد ٿيو. جلسي جي ڪارروائي پوري ساڍي ستين بجه شروع ٿي.

اسٽيج تي ڪيترائي ڪراچي جا معزز ويٺل هئا. سارو هال ماڻهن سان سٿيو پيو هو ۽ جاءِ نه ملڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو هال جي ٻاهران ۽ دروازن تي آخر تائين بيٺا رهيا. حاضرين جو تعداد 4، 5 هزارن جي لڳ ڀڳ هو جنهن مان معلوم ڪري سگهبو ته باوجود هن جي جو ڪيترائي اسيمبلي جا ميمبر فاني غرضن جي بنياد تي قوم فروشي ڪري مسلم ليگ کان باغي ٿيا آهن مگر عام مسلمانن کي مسلم ليگ سان غير فاني محبت آهي.

جلسي جي ڪارروائي سر عبدالله هارون جي صدارت هيٺ تلاوت قرآن مجيد، مسلم ليگ جي ترانن، قومي نظمن ۽ مسلم ليگ زنده باد جي فلڪ شگاف نعرن سان شروع ڪئي وئي، جلسي ۾ آءُ نظر علي ايڊيٽر سنڌ زميندار سکر، سيد علي محمد شاهه راشدي، حڪيم عبدالمجيد شيرواڻي، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، سر حاجي عبدالله هارون، مولوي عبدالحئي حقاني ۽ مسٽر فيروز الدين احمد ۽ ٻين ولوله انگيز تقريرون ڪيون. دوران تقرير ۾ مقرر، سنڌ وزارت جي پاليسي ۽ ان جي خط و خال تي به روشني وڌي. سر غلام حسين هدايت الله جنهن تازو مسلم ليگ پارٽيءَ سان بي وفائي ڪري وڃي وزارت پارٽي ۾ شريڪ ٿيو آهي ۽ جلد وزير ٿيڻ وارو آهي، تن جي به اهڙي روش کي ننديو ويو.

ميان فيروز الدين احمد وڪيل جيڪو لاهور لکان آيل هو تنهن جي تقرير نهايت سبق آميز پر جوش حقيقتن ۽ واقعات سان ڀريل هئي. هن صاحب ڪانگريس ۽ ڪانگريس جي جوابدار ليڊرن مهاتما گانڌي سرڪار پٽيل پنڊت جواهر لال نهرو ۽ مسٽر پرم جي هند رانه ۽ معصتبانه غنيمت تان پردو کڻي واقعات ۽ دليلن جي روشني ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪانگريس جو مقصد هندستان اندر هندو راڄ ۽ خاص هندو راڄ قائم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. ڪانگريس تعليم گاهن کي مندر بڻائي رهي آهي، گائر رکشا ۽ قريم رکشا پونم تحريڪون هلائي، اهڙي قسم جا ٺهراءُ آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي هي اجلاسن اندر پاس ڪيا وڃن ته ڪانگريس به آزاد خيال اسٽيبلشمينٽ خيال ڪئي وڃي، مگر جيڪڏهن مسلمان مسجدن جي اڳيان باجا وڄائڻ ۽ اسڪولن کي مندر بڻائڻ تي اعتراض وٺڻ انهن کي ڪٽر، معصب ۽ فرقه پرستي جا طعنا ڏنا وڃن ٿا. هن سنڌ وزارت جي باري ۾ تقرير ڪندي چيو ته هنن جي ناڪيلي سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي هٿ ۾ آهي جنهن ڪري خانبهادر الهه بخش بار بار وٽس ڀڳو بيٺو آهي.

ميٽنگ ۾ فلسطين، وديا مندر اسڪيم حيدرآباد دکن ۾ هندن جي شورش ۽ سي پي ۾ مدينه العلم تحريڪ بابت ريزوليشن پاس ٿيا.

پڇاڙي ۾ سيد علي محمد شاهه راسدي مسلم ليگ پبلڪ پڪار آفيس جي سيڪريٽري رپورٽ پيش ڪئي ته سنڌ اندر مسلم ليگ ٻن مهينن اندر ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن وقت ڪافي گذرڻ سبب جلسو ساڍي 10 بجي مهل ختم ڪيو ويو ۽ ڪيترائي سوال ايجنڊا تي هئا جيڪي رهجي يا.

ريزوليشن ٻئي اشاعت ۾ ڏنا ويندا.

الوحيد، تاريخ 1939-02-14

................................................................................................

مسجد منزل گاهه ستيا گره ۾ مجاهدين اسلام

اسلامي شان شوڪت ۽ روايات جو زنده مثال قائم ڪيو

مجاهد سمورو وقت پرامن عدم تشدد تي پيروي ڪئي.

سر حاجي عبدالله هارون صدر صوبه سنڌ مسلم ليگ جي پڌرائي.

سکر 6 آڪٽوبر، (خاص تار)

سر عبدالله هارون مسجد منزل گاهه جي واقعات بنسبت هيٺيون بيان ڪڍيو آهي:-

جنهن حالت ۾ سرڪار هزارين ستياگرهي مجاهدن کي گرفتار ڪرڻ ۾ قاصر رهي آهي تنهنڪري ستياگره ڊڪٽيٽر والنٽيئرن کي سکر ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ فقط اوترا مجاهد مسجد ۾ رکيا ويا آهن جيڪي مسجد جي قبضا رکڻ لاءِ ضروري سمجهيا ويا. هزارين مجاهد خاموشي سان سکر مان روانا ٿي ويا ۽ خود مسجد منزل گاهه ۾ جن 500 مجاهدن جمعي نماز پرامن طريقي سان ادا ڪئي ۽ ڪنهن به قسم جو ناخوشگوار واقعو پيش نه آيو جنهن مان ظاهر آهي ته عدم تشدد جا صول تي هو پوري طرح پابند رهيا.

ستياگره جي سموري وقت اندر هندو اخبارن ۽ هندو ليڊرن واقعات کي مروڙي مروڙي خوف پيدا ڪندڙ ۽ شرارت آميز ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي هن عرض سان ته ڪو ممڻ مچي پر آفرين آهي مجاهدن کي جن اسلامي شان جي عزت برقرار رکي ۽ سمورو وقت عدم تشدد تي ڪاربند رهي هندن جون آرزون خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون.

جيتوڻيڪ وزارت بالڪل غير دانشمندانه نموني ۾ حالتن جو مقابلو ڪيو آهي. تاهم مسجد منزل گاهه جو رڳڙو اڃا چالو آهي مون کي ڪامل يقين آهي ته سيتاگره مجاهد جتي به موڪليا ويندا اتي اها ئي روش اختيار ڪندا جيڪا هنن سکر ۾ ورتي.

آخر ۾ آءُ هي ڳالهه ظاهر ڪرڻ کان رهي نٿو سگهان ته هن مسجد جي سوال ۾ وزارت مسلمانن جي جذبات جي اونهائي جو پورو پورو اندازو ڪري چڪي آهي ۽ اميد آهي ته هن کان پوءِ  هو پنهنجي ضد ۽ غير منصفانه پاليسي کي ڇڏي ڏيندي.

الوحيد، تاريخ 8 آڪٽوبر 1939ع.

................................................................................................

مسلم نئشنل گارڊ جي جلسي جي ڪارروائي

خميس ڏينهن رات جو اٺين بجي نيشنل گارڊ جي زير سايه مسلمانن ڪراچي جو هڪ عظيم الشان جلسو پيمپوره ۾ سيٺ يوسف سر عبدالله هارون جي صدارت ۾ ٿي گذريو صدر صاحب پنهنجي شروعاتي تقرير ۾ جلسي جي مقصد و غايت تي روشني وڌي مسلمانن ۾ ڪافي جوش، خروش ڏسڻ ۾ ٿي آيو.

مولوي عبدالحئي، حڪيم عبدالمجيد زبردست تقريرون ڪيون ۽ گورنمينٽ کان مطالبو ڪيو ويو ته مسجد منزل گاهه مسلمانن جي حوالي جلد کان جلد ڪئي وڃي. هيٺان ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

1. منزل گاهه ستياگره جي پهرئين ڊڪٽيٽر شيخ واجد علي ايڊووڪيٽ جي حڪم موجب 11 آڪٽوبر 1939ع کان ڪراچي ۾ خانبهادر الهه بخش جي جاءِ تي پرامن ستياگره ڪيو ويندو.

2. حڪومت يوپي جي برخلاف هڪ نفرت جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. علامه مشرقي سان همدردي جو ٺهراءُ پاس ٿيو. پڇاڙي ۾ فخر قوم جناب شيخ عبدالمجيد صاحب جي صحتيابي لاءِ دعا گهري ويئي. جلسي جي اختتام تي ڪيترن اصحابن مجاهدين جي فهرست ۾ پنهنجا نالا درج ڪرايا.

الوحيد، تاريخ 1939-10-08

................................................................................................

اسان سنڌ جي هندن سان هر ڪنهن عزت ڀري ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون

هندو خواه مسلمانن کي عارضي بندوبستن تي ڀاڙڻ نه گهرجي

سر حاجي عبدالله هارون جو بيان

ڪراچي 4

سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي پريذيڊنٽ سر حاجي عبدالله هارون هڪ پريس بيان ڪڍيو آهي جنهن ۾ هندن کي اپيل ڪئي اٿس ته هر هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿين جتي سنڌ ۾ موجوده سياسي ڪشمڪش دور ڪرڻ جا اپاءَ سوچيا وڃن.

سر موصوف وڌيڪ چوي ٿو ته مان ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ تيار آهيان جنهن ۾ هندو اڳواڻ پنهنجا شرائط پيش ڪن ۽ اسان کي هميشه لاءِ ڪي دائمي رٿون مقرر ڪرڻ ۾ مدد ڪن جي ڪا به وزارت توڙي نه سگهي. اسان کي خبر پوڻ گهرجي ته هندو مئنارٽي کي اسان وٽان ڇا گهرجي.

اهو افسوسناڪ ٿيندو جو اسان هندستان جي خيالي ۽ جذباتي اثرن هيٺ اچي پنهنجي صوبي کي فرقيوار باهه ۾ اڇليون.

منهنجي هندو دوستن کي تنگ نظر ٿيڻ نه گهرجي ڇا هو سمجهن ٿا ته خانبهادر الهه بخش موجوده وزيراعظم جو سنڌ ۾ هميشه لاءِ راڄ قائم هوندو؟ ڇا هو سمجهن ٿا ته سنڌ جا مسلمان ووٽر ايندڙ چونڊن ۾ به اڳين وانگر بي خبر رهي پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻندا؟

مان وري به انهيءَ ڳالهه تي زور ٿو ڏيان ته مسلمانن کي خبر پوڻ گهرجي ته سنڌ جي هندن کي مسلمانن کان ڪهڙيون خاطريون ۽ بچاءَ گهرجن. مان اهڙي آڇ 1938ع ۾ ڪئي هئي ۽ هينئر وري به ڪريان ٿو، اميد ته منهنجا هندو دوست جو سڏ اونائيندو.

جيڪي منهنجا هندو دوست ڪن وهمن ۽ اثرن هيٺ رهڻ گهرن ٿا مان انهن جي خلاف به ڪو نه آهيان پر کين ايترو ٻڌائڻ گهران ٿو ته مان پنهنجي شخصي سياسي آزمودي مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته جيڪڏهن سنڌ جا مسلمان ۽ هندو امن امان ۾ رهڻ گهرن ٿا ته انهن کي هنن عارضي بندوبستن تي ڀاڙڻ نه گهرجي پر دائمي صلح لاءِ رستو ڳولڻ گهرجي. مان اهو به صاف ڪرڻ ٿو ته گهران ته اسان مسلم ليگ ۾ هونداسون يا کڻي ٻاهر هونداسين ته به سنڌ جي ٿورائي واري هندو قوم سان هر وقت عزت ڀرئي ٺاهه لاءِ تيار آهيون.

الوحيد، تاريخ 1940-01-6

................................................................................................

سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي عهديدارن جون چونڊون

سکر جي فسادن، موجوده حالات بابت اهم ٺهراءُ

سنڌ مسلم ليگ جنرل باڊي جي ميٽنگ جي ڪارروائي

صوبه سنڌ مسلم ليگ جي جنرل باڊي جو هڪ اهم اجلاس اڄ تاريخ 28 جنوري 1940ع صبح جو 11 بجه جناب سر حاجي عبدالله هارون صاحب جي صدارت هيٺ سندس بنگلي تي منعقد ٿيو جنهن ۾ هيٺيان حضرات شريڪ ٿيا.

سر حاجي عبدالله هارون صاحب، جناب شيخ عبدالمجيد صاحب، خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو، حاجي محمد هاشم گذدر، مسٽر جي ايم سيد، مولانا ثناءَ الله صاحب، سيد محبوب علي شاهه صاحب، ابو شوڪت حمزه، مسٽر محمد يوسف صاحب، پير غلام مرتضيٰ صاحب سرهندي، سيد خير شاهه صاحب، پير سيد رسول ، مسٽر احمد صاحب، وڏيرو محمد قاسم صاحب، ڊاڪٽر خان صاحب، سيٺ محمد يوسف صاحب، مسٽر محمد بخش صاحب.

ٺهراءُ:

1. ميٽنگ متفقه طور قائداعظم مسٽر محمد علي جناح کي آئينده آزاد انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس جيڪا لاهور ۾ ٿيڻ واري آهي تنهن جو صدر منتخب ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته سڀاڻي تار رستي هي اطلاع آل انڊيا مسلم ليگ جي سيڪريٽري کي موڪليو وڃي.

2. ميتنگ متفقه طور فيصلو ڪيو ته ايندڙ سال ۾ هيٺين طرح سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن ۽ ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبرن جي چونڊ ڪئي.

* سر حاجي عبدالله هارون (پريذيڊنٽ)

* خان بهادر محمد ايوب خان کهڙو (وائيس پريذيڊنٽ)

* سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب (وائيس پريذيڊنٽ)

* شيخ عبدالمجيد صاحب (جنرل سيڪريٽري)

* سيد علي محمد شاهه راشدي (جوائنٽ سيڪريٽري)

* مسٽر غلام نبي پٺاڻ (جوائنٽ سيڪريٽري)

* سر حاجي عبدالله هارون صاحب (خزانچي)

ورڪنگ ڪاميٽي صوبه سنڌ مسلم ليگ.

1. خانبهادر محمد ايوب کهڙو

2. حاجي محمد هاشم گذدر

3. خير شاهه

4. پير سيد بخش شاهه

5. سيد نور محمد شاهه

6. سيد غلام مرتضيٰ شاهه

7. خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ

8. سر حاجي عبدالله هارون

ورڪنگ ڪاميٽي صوبه سنڌ مسلم ليگ

1. خانبهادر محمد ايوب کهڙو

2. حاجي محمد هاشم گذدر

3. خير شاهه

4. پير سيد خيربخش شاهه،

5. سيد نور محمد شاهه

6. سيد غلام مرتضيٰ شاهه

7. خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ

8. سر حاجي عبدالله هارون

9. شيخ عبدالمجيد

10. سيد غلام نبي ارج

11. قاضي فضل الله صاحب

12. مولوي محمد اسماعيل صاحب

13. پير علي انور شاهه

14. سيد علي اڪبر شاهه

15. محمد يوسف شاهه صاحب.

16. غلام نبي شاهه

17. مسٽر ....

18..............

19. شيخ واجد علي صاحب

20. سيد محبوب علي شاهه

21. سيٺ عبداللطيف ميمڻ

22. پير عبدالستار جان سرهندي

23. پير محمد اسماعيل جان

24. سيد حسن بخش شاهه

25. پير غلام مرتضيٰ سرهندي

26. سيد غلام حيدر شاهه

27. محمد حسن شورو

28. مولانا ثناءَ الله صاحب

29. مولانا ظهور الحسن صاحب

30. حاجي نذير الدين صاحب

31. چوڌري غلام محمد صاحب.

(3) هي به فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ مسلم ليگ جا عهديدار ورڪنگ ڪميٽي جا ميمبر ئي رهندا ۽ انهيءَ کانسواءِ جنرل باڊي کي حق حاصل رهندو ته پاڻ مان 25 ڄڻن کي ورڪنگ ڪميٽي تي چونڊين.

(4) فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن ورڪنگ ڪميٽي جو ڪو به ميمبر لکيل منظوري کانسواءِ لڳولڳ ٽن ميٽنگن ۾ غير حاضر رهندو ته هن جي جاءِ خالي سمجهي ويندي ۽ هن جاءِ تي ٻيو ڪو ميمبر منتخب ڪيو ويندو.

(5) صوبه سنڌ مسلم ليگ جي جنرل باڊي جي هي ميٽنگ جو غور شده ۽ زوردار رايو آهي ته سکر ضلعي ۾ بدنصيبي سان ۽ زوري زبردستي جا جيڪي افسوسناڪ واقعات ٿيا آهن تن جي لاءِ موجوده وزارت ۽ انهن جا مددگار بنيادي طرح جوابدار آهن. هي ميٽنگ انهن سڀني ماڻهن سان جيڪي مٿين فسادن جو شڪار ٿيا آهن ۽ نقصان رسندو اٿن پنهنجي دلي همدردي ڪري ٿي ۽ سچي دل سان ٻنهي قومن کي درخواست ڪري ٿي ته پاڻ ۾ مٺي محبت ۽ ساز سلوڪ سان هلن ۽ خانبهادر الهه بخش وزيراعظم سنڌ جي اهڙي پاليسي جو شڪار نه ٿين جنهن موجب صاحب موصوف ٻنهي قومن تفرقو وجهي حڪومت ڪرڻ گهري ٿو.

(6) هي به فيصلو ڪيو ويو ته صوبه سنڌ مسلم ليگ جي سيڪريٽري جي پاران اخبارن ۾ اعلان ڪيو وڃي ته آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس ۾ سنڌ مان جيڪي صاحب ڊيليگيٽ ٿي وڃڻ گهرن سي 20 فيبروري جي اندر سيڪريٽري صاحب کي اهڙي قسم جي درخواست موڪلي سگهن ته ڇو ته سيڪريٽري صاحب جي ڊيليگيٽ ٿي نه سگهي.

(7) صوبه سنڌ مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي پارليامينٽري ڪميٽي جا فرائض به سرانجام ڏيندي.

(8) هي به فيصلو ڪيو ويو، ته ايندڙ سنڌ اسيمبلي جي چونڊ ۾ جيڪي حضرات مسلم ليگ جي پاران مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي قواعد و ضوابط جا پابند ٿي ڪري اميدوار بيهڻ گهرن ٿا سي پنهنجون درخواستون 15 اپريل 1940ع تائين جناب پريزيڊنٽ 1940ع تائين جناب پريزيڊنٽ صاحب صوبه سنڌ مسلم ليگ کي موڪلي ڏين. اميدوار صاحبن جا نالا مناسب وقت تائين مخفي رکيا ويندا ۽ جن صاحبن کي مسلم ليگ جي پاران نامزد ڪيو ويندو، انهن جي نالن جو نامينشن پيپر داخل ڪرڻ کان اڳي باقاعده اعلان ڪيو ويندو. سيڪريٽري صاحب کي هدايت ڪئي وئي ته مٿيئن مضمون جو اعلان اخبارن ۾ اشاعت لاءِ موڪلي.

(9) هي به فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ تحريڪ کي صوبي سنڌ ۾ باقاعده زور وٺائڻ لاءِ هڪڙي لاري لائوڊ اسپيڪر سان گڏ خريد ڪئي وڃي، جنهن جي لاءِ هيٺين صاحبن مالي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

سيد غلام مرتضيٰ شاهه ۽ خير شاهه وغيره 1000، خان بهادر محمد ايوب کهڙو وغيره 1000 رپيا ۽ باقي رقم لاءِ جو لاري ۽ لائوڊ اسپيڪر تي خرچ ٿيندي تنهن جو سر حاجي عبدالله هارون صاحب پاڻ تي ذمو کنيو ۽ وڌيڪ سر صاحب هي به اعلان ڪيو ته جيڪڏهن اسان جي ورڪرن هن لاري جي ذريعي سٺو ڪم ڏيکاريو ته ڇهن مهينن بعد سر صاحب پنهنجي سر هڪ ٻئي لاري به لائوڊ اسپيڪر سان گڏ خريد ڪري ڏيندو.

(نوٽ): سيد غلام مرتضيٰ شاهه ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو پنهنجي عطيات جون رقمون هڪ هفتي جي اندر سر عبدالله هارون کي پهچائي ڏيندا.

(10) هي به فيصلو ڪيو ويو ته صوبه سنڌ مسلم ليگ جي امدادي سرمائي لاءِ سنڌ جي صاحب حيثيت پنج سئو ماڻهن کان گهٽ ۾ گهٽ ڏهه رپيا ساليانو چندو ورتو وڃي.

(11) هي به فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس پهرين هڪ مسلم ڪانفرنس ڪراچي ضلعي ۾ مراد ميمڻ جي ڳوٺ ملير ۾ 25 فيبروري 1940ع جو منعقد ڪئي وڃي.

ڪانفرنس گهرائڻ جي سموري انتظام لاءِ پير غلام مرتضيٰ سرهندي قبول ڪيو.

صوبه سنڌ مسلم ليگ جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي ته اهڙي ريت ٻين ضلعن ۾ ڪانفرنسون گهرائڻ لاءِ پرائمري مسلم ليگين کي لکيو وڃي.

(12) هي به فيصلو ڪيو ويو ته صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس جو اجلاس ايندڙ مئي مهيني جي پهرين هفتي لاڙڪاڻي ۾ گهرائي وڃي. ڪانفرنس گهرائڻ جي سموري انتظام جو ذمو ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر خانبهادر محمد ايوب کهڙي پاڻ تي کنيو.

(13) هي به فيصلو ڪيو ويو ته جرڳن جي بل جي مخالفت ڪئي وڃي ۽ انهي لاءِ ٺهراءُ ٿيو ته مسلم ليگ اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي وڃي ته هو ان جي مخالفت ڪن.

(14) هي به فيصلو ڪيو ويو ته آل انڊيا مسلم ليگ کي درخواست ڪجي ته منزل گاهه مسجد سکر ۾ فسادن ۽ گرفتارين جي ضروري تحقيقات لاءِ هڪ انڪوائري ڪميٽي مقرر ڪري جو سکر ۾ اچي تحقيقات ڪري.

مسلم ليگ سکر رليف ڪميٽي

(15) هي به فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ سکر رليف فنڊ جي عهديدارن جي هيٺين چونڊ ڪئي وڃي.

خانبهادر محمد ايوب خان (چيئرمين)

سيد محبوب علي شاهه (جنرل سيڪريٽري)

حافظ محمد صديق (مقامي) خزانچي

ميمبران

آءُ نظر علي خان، مسٽر جي ايم سيد، سيد خير شاهه، ڊاڪٽر محمد يامين، مسٽر نعمت الله قريشي، ابو شوڪت حمزو، شيخ واجد علي، مير سيد رسول بخش شاهه، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي، حاجي گل خان، تاج الدين، غلام نبي بروهي.

الوحيد، تاريخ 1940-01-31

................................................................................................

سنڌ جي مسلم ليگ شاخن کي اطلاع

”صدر دفتر آل انڊيا مسلم ليگ“ جي زير هدايت سنڌ جي سڀني مسلم ليگ شاخن کي اطلاع ٿو ڏجي ته صدر دفتر جي پاران مورخه 19 اپريل 1940ع جمعي جي ڏينهن سڄي هندستان ۾ هن ڳالهه لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ته انهي ڏينهن ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پاڪستان واري ريزوليشن جي پٺڀرائي ڪرڻ لاءِ پبلڪ ميٽنگون گهرائي هن ريزوليشن تي تقريرون ڪيون وڃن ۽ عام ماڻهن کي ريزوليشن جي حقيقت کان واقف ڪندي تائيدي ريزوليشن پاس ڪيا وڃن ۽ هن جي رپورٽ ترت سيڪريٽريٽ صدر دفتر آل انڊيا مسلم ليگ پارڪ مينشين دهلي گيٽ دهلي کي موڪليو وڃي.

هن حڪم جي تعميل ڪندي اسين سنڌ جي سڀني مسلم ليگ برانچن کي اپيل ٿا ڪريون ته 19 اپريل جمعي جي ڏينهن پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ جمعي نماز يا شام جو مغرب نماز کانپوءِ باقاعده تائيدي جلسو گهرائي ريزوليشن پاس ڪري صدر دفتر کي جلسي جي سموري ڪارروائي جو اطلاع ڏئي.

ريزوليشن هن طرح پاس ڪرڻ گهرجي.

مسلم ليگ شاخ جو هي جلسو آل انڊيا مسلم ليگ جيڪو پنهنجي لاهور واري اجلاس ۾ پاڪستان بابت ٺهراءُ پاس ڪيو آهي. انهن جي زوردار تائيد ڪري ٿو ۽ قائداعظم مسٽر محمد علي جناح ۾ پنهنجي کلي اعتماد جو اظهار ڪندي ظاهر ٿو ڪري ته هندستان جا مسلمان هندستان لاءِ ڪو به دستور العمل قبول نه ڪندا جيستائين اهو نئون دستور العمل آل انڊيا مسلم ليگ منظور نه ڪيو آهي.

(آفيس سيڪريٽري)

الوحيد، تاريخ 1940-04-13

................................................................................................

قومي وزارت تي اظهار اعتماد

ڳوٺ محمد خان جروار تعلقي ماتلي ۾ تاريخ 12 اپريل 1940ع بروز جمعي نماز بعد جلسو ٿي گذريو. جنهن ۾ ماڻهن جو چڱو ميڙ گڏ ٿيل هو. ان ۾ هيٺيان ٺهراءُ يڪراءُ بحال ڪيا ويا.

1. هي ميڙ قومي وزارت برپا ٿيڻ ڪري کين مبارڪ ڏئي ٿو ۽ پنهنجي دلي مقصد پوري ٿيڻ ڪري الله تبارڪ تعاليٰ جو شڪريو ادا ڪري ٿو.

2. هن ميڙ جو موجوده قومي وزارت ۾ کلي اعتماد آهي ۽ خدا جلشانه جي درگاهه ۾ دست بدعا آهي. ته هن وزارت کي ملڪ جي خدمت ڪرڻ ۾ وڌيڪ طاقت عطا فرمائي.

3. هي ميڙ هندو خواه مسلمان ميمبرن کي عرض ڪري ٿو ته خدارا خود غرضي کي ڇڏي انصاف جي نظر سان موجوده وزارت سان گڏجي پبلڪ سان همدردي ڪريو.

                                                                سيڪريٽري

مسلم ليگ محمد خان جروار

تعلقه ماتلي

الوحيد، تاريخ 1940-04-21

................................................................................................

سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪائونسل جي ميٽنگ

ڪي اهم ٺهراءُ پاس

سنڌ پراونشل مسلم جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميٽنگ ڪالهه 14 تاريخ آچر ڏينهن 10 بجه صبح جو سر حاجي عبدالله هارون صدر سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي بنگلي تي منعقد ٿي جنهن ۾ نئين مسلم ليگ وزير ۽ ڪيترا وزير ميمبر مختلف شهرن کان آيل هئا ميٽنگ 7 بجي شام تائين برابر 8 ڪلاڪ ڪم ڪيو. هيٺيان ٺهراءُ پاس ٿيا.

1. سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس 15، 16، 17 نومبر تي لارڪاڻي ۾ سر سڪندر حيات خان وزيراعظم پنجاب جي زير صدارت سڏائي وڃي.

2. مسلم ليگ جماعت جي حيثيت ۾ منزل گاهه ۽ مقرر ٿيل ٽربيونل جي ڪارروائي م ٿورو حصو وٺي ۽ ثبوت وغيره پيش ڪري انهي ڪم جي سرانجامي لاءِ مسٽر راشدي کي منتخب ڪيو ويو.

3. سکر فسادن جي جاچ ڪورٽ ۾ مسلمانن جي طرف پيش ڪرڻ ۾ جن صاحبن مسلم ليگ جي مدد ڪئي آهي تن جو عمومن ۽ مسٽر علي محمد راشدي جي خدمات جو خصوصن اعتراف ڪيو ويو ۽ ٻين ٺهرائن تي به زبردست بحث مباحثه هليو مگر ڪو به فيصلو نه ٿيو انهيءَ ڪري ميٽنگ وري ٻي ڏينهن يعني اڄ سومر 15 تاريخ 5 بجي شام تي مڪمل ڪئي وئي.

الوحيد، تاريخ 16 جولائي 1940ع.

................................................................................................

سنڌ جي مسلم ليگ برانچن کي اپيل

خدارا سجاڳ ٿيو! ڪم ڪرڻ جو وقت اچي ويو

جناب من:

اسلام عليڪم و رحمت الله و برڪاتھ.

مسلمانن ۾ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ منجهن يڪجهتي آڻي کين هڪ مرڪز تي جمع ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو. بلاشبه گذريل ڏيڍ سال جي عرصي ۾ لڳاتار ڪوششنن هوندي به ڪو خاطر خواهه ڪم نه ٿي سگهيو، مگر ايترو ضرور ٿيو آهي ته مسلم ليگ جو پيغام سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچي چڪو آهي، نتيز جيڪي مصيبتون سنڌ جي مسلمانن مٿان گذريل ٽن سالن م نازل پئي ٿينديو رهيون آهن تن جي دفع ڪرڻ ۽ عوام جي بهتري ۽ ڀلائي جي ڪمن نه ٿيڻ ڪري سڀ مسلمان مسلم ليگ جي ضرورت محسوس ڪري رهيا آهن.

مون کي خوشي آهي ته هن وقت سنڌ جي گهڻن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مسلم ليگ جون شاخون قائم ٿي چڪيون آهن. جن مان ڪيتريون برانچون ته باقاعده ڪم ڪري پنهنجن ڀائرن جي خدمت سرانجام ڏيئي رهيون آهن، ۽ ڪيتريون برانچون اتفاقي سبب ۽ خود سندن عهديدارن جي غفلت ۽ بي پرواهي ڪري سست پئجي ويون آهن جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڪم جي رفتار خاطر خواهه نه رهي آهي، مگر نااميد ٿيڻ جو ڪو سبب ڪونهي. جيڪڏهن هر مسلمان جي طبعيت ۾ پنهنجي قوم جي خدمت گذاريءَ جو خيال پيدا ٿئي ۽ پنهنجي قيمتي وقت مان هفتي ۾ فقط ٻه ڪلاڪ مخصوص ڪري قومي خدمت ڪري ته جيڪر گهڻو ڪجهه ٿي سگهي. انهيءَ سان گڏ همدرد مسلمان پنهنجي روزانه زندگي ۾ پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان ملاقات ڪرڻ وقت کيس مسلم ليگ جي اهميت ۽ ضرورت ڏيکاري تبليغ ڪندا رهن ته جيڪر عوام ۾ گهڻي قدر سجاڳي پيدا ٿئي ۽ مسلم قوم هن مصيبتن کان جلد آزاد ٿي پوي.

في الحال هيٺيون ڳالهيون اهن جن کي عمل ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت آهي.

1. سڀيئي مسلم ليگ برانچون ڪوشش وٺي هر سال ميمبر ڀرتي ڪن ۽ رولن مطابق سال بسال عهديدار منتخب ڪن، ضلع مسلم ليگن تي نمائنده چونڊين ۽ باقاعده دفتر رکن، آمدني ۽ روانگي جو حساب ڪتاب رکن.

2. جن مسلم ليگ برانچن جو ڪم سندن نااتفاقي ڪري بيهي ويو آهي انهن يک پاڻ ۾ ملي نئين سر قوم جي خاطر پنهنجي نفس جي قرباني ڪري اتفاق ڪرڻ گهرجي ۽ جي سيڪريٽري ۽ پريذيڊنٽ سست ٿي پيا هجن تن کي الڳ ڪري ٻيهر پنهنجي برانچ کي ترتيب ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جيستائين جماعت بندي ڪري. هر مسلمان قومي ڪم ۾ حصو نه وٺندو تيستائين  موجوده مشڪلاتون جن ۾ مسلمان گرفتار ٿي چڪا آهن تن کي دور ڪري ڪڏهن به پاڻ کي آزاد ڪرائي نه سگهندا.

3. هر برانچ پنهنجو فرض سمجهي ته بنا ڪنهن مذهبي تعصب خلق خدا جي خدمت ڪري جنهن ۾ هندو مسلمان ۽ عيسائي وغيره اچي وڃن ٿا، ڪم ڪرڻ جو طريقو هيٺ ڏجي ٿو:-

(الف) ٻوڏ، باهه يا عام مصيبت وقت بنا ڪنهن تفريق جي پهچ آهر مدد ڪرڻ.

(ب) عملدارن يا زميندارن پاران ڪو ستايل هجي ته چوچاءُ ڪري ان جو تدارڪ ڪرڻ، جي ضرورت سمجهي وڃي ته مظلومن جي حالت کان بالا عملدارن ۽ حڪومت کي زباني ۽ خط و ڪتابت جي ذريعي آگاهه ڪرڻ.

(ت) پنهنجي ڳوٺ جي بيمارين ۽ مصيبت زدن سان همدردي ڪرڻ پوءِ اهي مسلمان هجن توري هندو ۽ انهن جي علاج جي طاقت آهر ڪوشش ڪرڻ.

(ج) گهٽ ۾ گهٽ هر پندرنهين ڏينهن هڪ ميٽنگ گهرائي مقامي حالتن تي مٿي ڏيکاريل ڳالهين جي روشني ۾ ويچار ڪرڻ خاص ڪري سنڌ ۽ هندستان جي سياسي حالتن تي (جيڪي اخبارن ۾ پڙهيو هجي) بحث مباحثه ڪرڻ ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ.

(د) ”پراونشل مسلم ليگ“ يا ضلعي ڪائونسل سان لکپڙهه جاري ڪرڻ، انهن جي خطن جو پوري طرح جواب ڏيڻ ۽ سندن حڪمن تي پوري طرح عمل ڪرڻ.

(ر) ”مسلم ليگ“ جي ميمبرن وڌائڻ جو هر ميمبر تي فرض رکڻ، جيئن ته هر ميمبر پنهنجي پاران گهٽ ۾ گهٽ پنج نوان ميمبر بڻائي.

(س) مسلمانن جي اخلاقي حالت درست ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ، جيئن ته چوريءَ کان پرهيز ڪرڻ، حق حلال جي ڪمائي کائڻ، سچ ڳالهڻ ۽ واعدا وفا ڪرڻ، ڪمزورن تي ظلم ٿيڻ کان ظالمن کي روڪڻ، هر شخص سان انصاف ڪرڻ جو مادو پيدا ڪرڻ، يتيمن ۽ بيواهن جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن اسلامي ڪمن جهڙو ته نماز، روزي زڪوات جي پابندي ڪرڻ.

4. مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ وقت بوقت جيڪي ٺهراءَ ۽ ريزوليشن پاس ڪيا آهن تن پٽاندڙ لوڪل باڊيز ۽ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ سڀني مسلم ليگ برانچن کي حصو وٺڻو آهي. ڇاڪاڻ ته موجوده ملڪ جي قانون موجب حڪومت جو چرخو اڪثريت تي هلي ٿو. جنهن پارٽيءَ يا جماعت ۾ گهٽا ميمبر هوندا اها ئي پارٽي برسر اقتدار رهندي ۽ حڪومت  جون واڳون به انهيءَ جي هٿن ۾ رهنديون. نتيجو اهو نڪرندو ته اها پارٽي پنهنجي مرضيءَ مطابق پنهنجي ميمبرن جي صلاح و مشورن سان پبلڪ جي مفاد خاطر اسيمبلي ۾ ڪم ڪري سگهندي مثلن وياج خورن جي ظلم کي ٻنجو ڏيڻ، لئنڊ ايلينيشن ائڪٽ، (يعني جيئن زميندارن کان سندن زمينون کسي سندن زمينون سکجي وياج خورن ۽ غير زميندارن ڏانهن منتقل ٿي نه سگهن) هارين جا فائدا مدنظر رکڻ، پيدائش جي وڪري تي نظر رکڻ جيئن زميندارن ۽ هارين کي شاهوڪار ۽ واپاري اگهن ۾ ڦري نه سگهن، عملدارن جي رشوت خوري ۽ ظلمن جو ادارڪ ڪرڻ وغيره. انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي اهي ميمبر چونڊڻ کپن جن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ خدمت خلق جو جذبو هجي ۽ جن پنهنجي اڳين زندگيءَ ۾ ڪا مذهبي يا سياسي خدمت ڪئي هجي ۽ انهيءَ سان گڏ مقامي ليگ ميمبرن جو انهن ۾ ويساهه به هجي. اهڙن اميدوارن کي چونڊرائڻ جي ڪوشش ڪجي پر هن وقت اهو طريقو آهي ته هڪ طرف ڪنهن بزرگ پير سيد يا ڪنهن وڏي زميندار يا عملدار جي اثر و رسوخ هيٺ اچي چونڊ ٿيندي آهي، ته ٽئي طرف اميدوار جي موٽرن ۽ مانين جي لالچ هيٺ اچي ان کي مدد ڪبي آهي. اهو چونڊ جو طريقو بلڪل غلط ۽ ناپسنديده آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي اڄ اسان جي قوم برباديءَ جي حالت تي پهچي چڪي آهي. تنهنڪري ذاتي مفادن کان بي پرواهه ٿي پنهنجي ضمير کان پڇجي ته ڪهڙو اميدوار ايماندار آهي ۽ اڳ هن ڪهڙيون مذهبي يا سياسي خدمتون بجا آنديون آهن؟ سندس اخلاق بهتر آهن يا نه؟ غريبن تي ظلم تن نٿو ڪري ۽ محض ميمبر ئي رڳو پنهنجو فادئو حاصل ته نه ڪندو وغيره. اهڙن اميدوارن کي چونڊائڻ ۾ بهرو وٺي ڪامياب ڪرڻ گهرجي.

مٿين حالت ان ڪري به ٿئي ٿي جو عام ماڻهن جي دلين ۾ هي خيال گهر ڪري ويو آهي ته وزيرن اسيمبلي ميمبرن ۽ سرڪاري عملدارن کانسواءِ ٻيو ڪو به امڻهو سندن ڪم پورو ڪري نه سگهندو. انهي ڪري هو الله جلشانه کي وساري انهن جي خوشامد پٺيان رات ڏينهن سرگردان رهندا آهن. درحقيقت هر مسلمان جو انهيءَ ۾ ايمان ۽ ويساهه هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو پنهنجا اخلاق سڌاريندا ۽ ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ جو رستو اختيار ڪندا ته الله پاڪ هنن جي پاڻهيئي مدد ڪندو. خاص ڪري هن زماني ۾ جماعت بنديءَ جي ذريعي احسن طريقي سان قومي خدمت ڪري سگهجي ٿي. تنهنڪري پنهنجي جماعت کي مضبوط ڪري تعمير ڪم شروع ڪندا ۽ مسلم ليگ جي ڪم کي زور وٺائيندا.

اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته اميدوارن جي چونڊجڻ جي ذميواري گهڻو ڪري مسلم ليگ برانچن تي عائد ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ۾ ڪم ڪرڻ نمائندن کي ڪامياب ڪرڻ ۾ انهن کي وڏو داخل آهي.

اها ڳالهه اخبار ٻين حضرات ۽ ٻين کان مخفي نه آهي ته موجوده سنڌ اسيمبلي ۾ هن وقت مسلمان ميمبرن جي ڪهڙي حالت آهي؟ ڪهڙا ميمبر آهن جي قومي احساس رکن ٿا ۽ ڪهڙا ميمبر آهن جي عام نمود خاطر ۽ ذاتي مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪرسي نشين ٿيا آهن. هن مختصر مضمون ۾ انهيءَ ڳالهه جي بحث ۾ نٿو وڃڻ گهران، مگر ايترو ضرور ذهن نشين ڪندس ته هاڻي اسيمبلي جون چونڊون نزديڪ اچي رهيون آهن جيڪڏهن اسان غفلت کان ڪم وٺي اڳ وانگر وري به ساڳئي غلطي ڪئي سين ۽ قوم کي وساري اميدوارن جي وقتي خوشامد کي ڏٺوسين ته آئينده هلي اسان جي حاسلت هن کان به وڌيڪ ابتر ٿيندي، تنهنڪري خدارا سجاڳ ٿيو۽ خراب غفلت ڇڏي مسلمانن ۾ بيداري پيدا ڪيو، ۽ هاڻي کان ئي پروپيگنڊا شروع ڪري ڏيو يعني جن تڪن مان اميدوار بيهڻا آهن تن تڪن جو جائزو وٺو ۽ پنهنجا رايا بنا ڪنهن دير جي صدر دفتر مسلم ليگ نيپيئر روڊ ڪراچي کي موڪلي ڏيو. بهتر ٿيندو ته ليگ برانچون اڳواٽ خانگي طور اسان کي اطلاع ڏين ته سندن تڪ مان ڪهڙا ڪهڙا نمائندا ايندڙ اسيمبلي ۽ لوڪل باڊيز ۾ مسلم قوم لاءِ مفيد ۽ ڪارآمد ٿي سگهن ٿا. انهيءَ سان گڏ في الحال جيڪي هن وقت اسيمبلي جا ميمبر آهن تن بابت به پنهنجا رايا اسان کي موڪليندا.

اوهان جي اطلاع لاءِ پڻ لکجي ٿو ته سنڌ پراونشل مسلم ليگ هڪ موٽر لاري خريد ڪئي آهي جنهن ۾ ڏهن ماڻهن جي ويهڻ جي جاءِ آهي ۽ لائوڊ اسپيڪر لڳائڻ جي تجويز ٿي رهي آهي، مسافرن ۽ ورڪرن جي بسترن ۽ سامان رکڻ جو به منجهس بندوبست ڪيل آهي، جيڪا ڳوٺن ۾ گشت تي موڪلي پروپيگنڊا لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿي. ڪا به ليگ برانچ پنهنجي تعلقي يا ضلعي ۾ ڪم ڪرڻ يا ڪانفرنس ڪرڻ گهري يا پرچار ڪرڻ لاءِ تنهن جا ورڪر موڪلي ته هن لاريءَ جي وسيلي آساني سان ڪري سگهجي ٿو. تنهنڪري جيڪي به ليگ برانچون پيٽرول ۽ ٻيو لاريءَ جو رواجي خرچ ڏهه رپيا روز ڀاڙو پاڻ تي هموار ڪنديون ۽ گشت جو پروگرام ٺاهي اڳواٽ اسان کي موڪلينديون ته انهيءَ برانچ ليگ کي ضرورت آهر گهربل ڏينهن لاءِ لاري موڪلي ڏينداسون.

پڇاڙي ۾ ايتري لکڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهان ته معزز شهري بڻجڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي عزت ۽ حرمت جو احساس هجڻ ضروري آهي. پڻ جيترو ٿي سگهي پنهنجن ڀائرن جي خدمت ڪريو ۽ انهن ۾ خودداري، خود شناسيءَ خود اعتمادي جو احساس پيدا ڪريو. بدقسمتي سان اسان جي صوبي ۾ اڃا تائين اهڙن ماڻهن جو اثر رسوخ آهي جن اسان جي ترقيءَ آڏوهميشه پئي رڪاوٽون وڌيون آهن.

اسلام هر مسلمان کي ادائيگي فرض جي تعليم ڏئي ٿو. اوهان کي گهرجي ته ٻين صوبن لاءِ اوهان پاڻ مثال ثابت ٿيو ۽ متفق ۽ متحد ٿي هڪ ئي جهنڊي هيٺ جمع ٿيو.

زياد خيرواسلام

اوهان جو نياز مند

حاجي عبدالله هارون

پريزيڊنٽ سنڌ پراونشل مسلم ليگ

نيپيئر روڊ ڪراچي.

ڪراچي تاريخ 8 آگسٽ 1940ع.

نوٽ: مهرباني ڪري هي اپيل پنهنجن دوستن ۾ تقسيم ڪندا ۽ ٻين همدرد مسلمانن کي پڙهي ٻڌائيندا.

ايمپائر پريس، ڪراچي.

................................................................................................

سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي ڪائونسل جا ٺهراءُ

سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪائونسل جي ميٽنگ تاريخ 22 ڊسمبر 1940ع تي زير صدارت سر حاجي عبدالله هارون جي واقع سيفيلڊ هائوس ڪراچي ۾ منعقد ٿي، هيٺيان ريزوليشن پاس ٿيا:-

1. جنهن صورت ۾ سنڌ اسيمبلي اندر ڪن گروپن جي وچ ۾ جيڪو سمجهوتو ڪيو ويو هو سو هينئر هن ڪائونسل جي بچڻ کانسواءِ ڦيريو گهيريو ويو آهي تنهن صورت ۾ هن ڪائونسل سمجهوته جي باقي بچيل حصن تي پڻ گڏيل چونڊن وارن ٻنهي بلن تي ويچار ڪيو آهي ان کانسواءِ ڪائونسل جي اڳيان آل انڊيا مسلم ليگ جي لکهنو واري سيشن ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ به اچي چڪو آهي سنڌ سرڪار جي پڌري ڪيل گڏيل چونڊن وارن بلن جي اشاعت کانپوءِ هن ڪائونسل کي مسلمان جماعتن طرفان درخواستون پهتيون آهن جن مان صاف ظاهر آهي ته مسلم عوام گڏيل چونڊن جي برخلاف آهي. ان کانسواءِ ڪائونسل محسوس ڪري ٿي ته گڏيل چونڊن جو سوال آل انڊيا اهميت رکي ٿو. ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جن بنيادي اصولن جي برخلاف آهي.

انهن حالتن هيٺ ڪائونسل مسلم ليگ وزيرن ۽ اسيمبلي جي مسلمان ميمبرن کي استدعا ڪري ٿي ته هو گورنمينٽ کي آماده ڪن ته هو اهي بل پاس نه ڪرائي ۽ جيڪڏهن هروڀرو پاس ڪرائي ته ان جي مخالفت ڪن.

2. سنڌ مسلم ليگ جي ڪائونسل سنڌ جي موجوده سياسي حالت ۽ ليگ جي تنظيمي ڳالهين تي ويچار ڪرڻ بعد هيٺيون فيصلو ڪيو آهي.

1. مسلم ليگ وزيرن مير بنده علي، خانبهادر کهڙو ۽ شيخ عبدالمجيد کي گهرجي ته هو 41ع جي خاتمي کان پهريان سنڌ اسيمبلي اندر مسلم ليگ پارٽي ڪن اهڙي پارٽي جي قائم ٿيڻ بعد حالتن تي نئين سر ويچار ڪيو ويندو.

ان وچ ڪائونسل سنڌ اسيمبلي جي هر هڪ مسلمانن ميمبر کي ڪري ٿي ته هو مسلم ليگ پارٽي ۾ شريڪ نٿي ۽ مسلمانن اندر اتحاد ڪري.

2. مسلم ليگ کي پخته پايه تي بيهارڻ لاءِ ضروري آهي ته ساري تحريڪ تي مڪمل ڪنٽرول رهي پريس ۽ پروپيگنڊا جي ڪم کي وڌائجي ۽ مسلم ليگ ورڪرن جا جٿا پيدا ڪجن.

3. مٿين مقصد جي حصول لاءِ هيٺين ڪاميٽي ٺاهي وڃي ٿي جنهن جو چيئرمين مسٽر جي ايم سيد ۽ سيڪريٽري مسٽر محمد هاشم گذدر ٿيندا. ان ڪاميٽي کي وڌيڪ عهديدار ۽ ٻن وڌيڪ ميمبرن جي مقرر ڪرڻ جو اختيار هوندو ڪميٽي جا ميمبر هي صاحب ٿيندا.

مسٽر جي ايم سيد، مسٽر يوسف هارون، مسٽر قاضي فضل الله، مسٽر غلام النبي پٺاڻ، سيد حسن بخش شاهه، پير عبدالستار جان ۽ مسٽر محمد هاشم گذدر ڪميٽي يڪدم هيٺان قدم کڻندي:

(الف) هر هڪ شهر يا ڳوٺ اندر پرائمري ليگون قائم ڪرائيندي.

(ب) پريس، پليٽ فارم ۽ پروپيگنڊا وسيلي مسلم ليگ جا اصول عوام تائين پهچائيندي.

(ج) عوام جي ڀلي جا ڪم ڪندي مثلن مسلمانن جي معاشرتي اقتصادي، تعليمي، سياسي بهبودي لاءِ ڪوشش جاري ڪندي.

ڪميٽي پراونشل مسلم ليگ جي ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪميٽيءَ جي ضابطي هيٺ رهندي ۽ مٿين مقصدن جي اصول لاء جلد هڪ اسڪيم تيار ڪندي.

ڪميٽي ڪم از ڪم هر ٽئي مهيني پنهنجي ڪم بابت پراونشل ورڪنگ ڪميٽي ڏانهن پنهنجي رپورٽ موڪليندي.

(4) سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي ميٽنگ ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ حيدرآباد ۽ سنڌ گورنمينٽ جيڪا ساڻس شامل ٿي، تي ملازمت جو اظهار ڪري ٿي جو هن سنکر فساد جي ٽن قيدين کي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ 11 ڊسمبر جو ڦاسين ڏيارڻ بعد سندن لاشا سندن عزيزن جي حوالي نه ڪيا جيئن هو جنازه نماز پڙهي سگهن ۽ پاڻ اهي لاشا جيل اندر مخفي طرح دفن ڪيا ويا.

نوٽ:- هر پرائمري مسلم ليگ شاخ هر مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميٽنگ سڏائي ۽ ان جي ڪارروائي نه موڪليندي ۽ ٻئي قسم جي لکپڙهه به هر مهيني ۾ هڪ دفعو نه ڪندي ته اهڙي شاخ کي صدر دفتر مان خارج ڪيو ويندو.

الوحيد، 28 ڊسمبر 1940ع.

................................................................................................

ڏوڪري مسلم ليگ جي جنرل ميٽنگ جا ٺهراءُ

1. ڏوڪري مسلم ليگ جي هيءَ ميٽنگ سنڌ سرڪار کي زوردار اپيل ٿي ڪري ته لوڪلبورڊن ۾ گڏيل چونڊن جي بل کي اسيمبلي ۾ پاس نه ڪيو وڃي جو اهو سوال مسلمانن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو.

2. هي ميٽنگ سنڌ سرڪار کي زوردار اپيل ٿي ڪري ته شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽه ڊي بي آءِ کي يڪدم پڪو ڪيو وڃي.

3. هيءَ ميٽنگ جناب آنربل مير بنده علي خان کي مبارڪ پيش ٿي ڪري جو اهو صاحب مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو آهي ۽ کيس عرض ٿي ڪري ته مسلم ليگ جي پروگرام کي عملي جامو پهرائي.

(سيڪريٽري مسلم ليگ ڏوڪري)

الوحيد، تاريخ 1941-01-22

................................................................................................

سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي ميٽنگ

سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪائونسل جي ميٽنگ آچر ڏينهن تاريخ 26 جنوري 1941ع 10 بجي صبح جو شڪارپور ۾ ٿيندي مهرباني ڪري ميتنگ ۾ حاضر ٿي پنهنجي قيمتي مشوري کان ڪائونسل کي مستفيد ڪندا: ميٽنگ جو ايجنڊا هيٺ ڏجي ٿو:-

1. گڏيل چونڊن جي باري ۾ پريزيڊنٽ سنڌ پراونشل مسلم ليگ ۽ چيئرمين ايڊوائيزري بورڊ جي وچ ۾ هليل لکپڙهه پيش ڪئي ويندي ان تي غور.

(الف) پراونشل مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ جو موڪليل خط ۽ چيئرمين ايڊوائيزري بورڊ وٽان آيل خط پيش ڪيا ويندا.

(ب) گڏيل چونڊن جي باري م ماڻهن وٽان آيل خط پيش ڪيا ويندا.

(ج) گڏيل چونڊن جي خلاف مسلم ليگ کي ڪهڙو تحرڪ وٺڻ کپي ان تي ويچار ڪري ريزوليشن پاس ڪرڻ.

(د) ايڊوائيزري بورڊ جي چيئرمين کي سندس آيل خط جو ڪهڙو جواب ڏجي ان تي ويچار.

2. آل انڊيا مسلم ليگ جي حڪم موجب آدمشماري بابت اشتهار ڇپائي تقسيم ڪيا ويا آهن ان موجب ضلعن ۽ شهرن ۾ ڪميٽيون ۽ جماعتون برپا ڪرڻ. والنٽيئر ۽ مبلغن جون ٽوليون تيار ڪرڻ ۽ آدمشماري مفته ڪيئن ملهائجي تنهن تي ويچار:

3. آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس جو مدراس ۾ ايندڙ اپريل ۾ ٿيندو ان لاءِ پريزيڊنٽ جو منتخب ڪرڻ.

4. ڊسٽرڪٽ مسلم ليگ کي بار بار خط لکيا ويا آهن جن باقاعدي پراونشل مسلم ليگ تي عيوضي چونڊي نه موڪليا آهن. (ٿرپارڪر کانسواءِ) چونڊ ٿيڻ ضروري آهي ان تي ويچار.

5. سٽي ليگ سکر بنسبت ويچار.

6. ٻيو ڪو به ڪم پريزيڊنٽ جي اجازت سان پيش ڪيو ويندو.

مختلف شهرن جي ميونسپل مسلمان ميمبرن کي ميٽنگ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ته پنهنجا رايا گڏيل چونڊن جي باري ۾ ڪائونسل جي آڏو روبرو اچي پيش ڪن انهيءَ ڪري اميد رکي وڃي ٿي ته ميمبر صاحبان انهيءَ ميٽنگ ۾ چڱي انداز ۾ ايندا.

نياز مند

حاجي عبدالله هارون

پريزيڊنٽ سنڌ پراونشل مسلم ليگ نپيئر روڊ ڪراچي.

الوحيد، تاريخ 1941-01-22

................................................................................................

سنڌ پراونشل مسل ليگ جو سرڪيولر

سڀني مسلمان ميمبرن ۽ ٻين همدردن ڏانهن

سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي ڪائونسل جي ميٽنگ ۾ برو ميونسپالٽين بابت گڏيل چونڊن جي لنج ٿيڻ جو سوال سکر، شڪارپور، ميرپروخاص، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ حيڊرآباد به نسبت آيل آهي جا ڪائونسل جي ميٽنگ تاريخ 26 جنوري 1941ع شڪارپور ۾ رکي وئي آهي.

واضح هجي ته گڏيل چونڊن جي باري ۾ سڀئي ميونسپالٽين جي مسلمان ميمبرن کي خط لکيا ويا هئا. جن مان گهڻن جا جواب ۽ سکر شڪارپور ۽ حيدرآباد مان ريزوليشن پاس ٿي اسان جي دفتر ۾ هن وقت تائين پهچي چڪا آهن. ان کانسواءِ مسلمان اخبارون به چونڊن جي برخلاف لکي رهيون آهن.

جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن کي گڏيل چونڊون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن. انهي ڪري ميونسپل جي مسلمان ميمبرن ۽ ٻين همدردن کي پرزور گذارش ڪجي ٿي ته مقصد جي اهميت کي مدنظر رکي قوم جي خاطر تڪليف وٺي ضرور مٿين ميٽنگ ۾ حاضر ٿيندا ۽ پنهنجي شهر جي حالات ۽ پنهنجي قيمتي خيالات کان ليگ ڪائونسل کي روبرو واقف ڪري رهنمائي ڪندا انهي جي روشنائي ۽ ليگ ڪائونسل متعلق فيصلي تي اچي.

شڪارپور ۾ جيڪا ڪائونسل ميٽنگ رکي وئي آهي انهي جو ايجنڊا پڻ اوهان جي ملائحظه لاءِ هن اخبار ۾ ڪنهن ٻئي سڏ ڏجي ٿو، جنهن مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته هي ميٽنگ نهايت اهم آهي جنهن مان اوهان جي شموليت ازحد ضروري آهي.

نيازمند

حاجي عبدالله هارون

پريزيڊنٽ سنڌ پراونشل مسلم ليگ

نيپيئر روڊ ڪراچي.

الوحيد، تاريخ 22 جنوري 1941ع.

................................................................................................

صوبه سنڌ مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي جي ميٽنگ

ميمبرن کي اطلاع

مسلم ليگ پارٽي سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ميٽنگ آنريبل مير بنده علي ٽالپر وزيراعظم جي جاءِ تي اربع ڏينهن تاريخ 12 فيبروري 1941ع جي سڏائي ويئي آهي جتي سنڌ وزارت جي ۾ باري فيصلو ٿيندو ان فيصلي تي غور ڪرڻ لاءِ ورڪنگ ڪاميٽي سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي ميٽنگ پڻ ساڳئي ڏينهن يعني اربع 12 فيبروري 1941ع ساڍي 5 بجي شام جو پريزيڊنٽ جي بنگلي واقع سفيلڊ هائوس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندي.

مهرباني ڪري هن اهم ميٽنگ ۾ حاضر ٿي پنهنجي قيمتي مشوري کان ڪميٽيءَ کي مستفيد ڪندا.

ميٽنگ جو ايجنڊا هيٺ ڏجي ٿوِ:

ايجنڊا

1. سنڌ وزارت جي باري ۾ مسلم ليگ پارٽي سنڌ اسيمبلي جي ڪيل فيصلي تي ويچار.

2. وزارت جي باري ۾ مسٽر جناح وٽان آيل لکپڙهه تي غور.

3. جيئن ته هي ميٽنگ نهايت اهم آهي، تنهنڪري ممڪن آهي ته ميٽنگ جي ڪارروائي تاريخ 13 فيبروري 1941ع تائين هلي. تنهنڪري ميمبرن کي گذارش ڪجي ٿي ته ڪنهن به صورت ۾ هن ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ فرمائيندا.

نيازمند

حاجي عبدالله هارون

..........................................................................

پريزيڊنٽ مسلم ليگ جي وزارت تي روشني

سر حاجي عبدالله هارون جو بيان

سر حاجي عبدالله هارون پريزيڊنٽ سنڌ پراونشل مسلم ليگ سنڌ وزارت جي باري ۾ تازو بيان تاريخ 6 مارچ جو ڪڍيو آهي جو علم واقفيت لاءِ هيٺ ڏجي ٿو:

ليگ وزارت جي شهادت هاڻ اکين سان به ڏسجي رهي آهي انهي موقعي تي ڪنهن مکيه ۽ اهم ڳالهين تي روشني وجهڻ مان فرض ٿو سمجهان.

ليگ وزارت پنهنجي دور حڪومت اندر اهڙو شاندار ڪم ڪري ڏيکاريو جنهن لاءِ مسلم قوم جو آئينده نسل بجا طور فخر ڪري سگهندو. يارنهن مهينن جي مختصر عرصي اندر انهيءَ وزارت صوبه کي بد کان آزاد ڪيو. هندو اقليت سلامتي مهيا ڪري ڏني ۽ مسلم کي انصاف پلئه وڌو. اهڙي ٿوري عرصي اندر جن حالتن ۽ مشڪلاتن وچ ۾ رهي هن وزارت اهو ڪم ڪيو آهي سو ڏيکاري ٿو ته ليگ جي ور ۾ ملسمانن جي ڀلي ڪرڻ لاءِ جوش مڪمل موجود هو.

جن مقصدن ۽ مسلمانن ۽ ملڪ جي جن ڪمن لاءِ هو وزارت ۾ آيا سي ڪم هنن پورا ڪري ڇڏيا. منزل گاهه مسجدن هنن موٽائي ڏني. سکر جي گرفتار ٿيل مظلومن کي انصاف وٺي ڏنو. پپير صاحب ڀرچونڊي جي آزادي لاءِ  حڪم ڪري پاڻ تان جوابداري ڦٽي ڇڏي.

ليگ وزارت صاف دل سان عهدا ڇڏيا آهن. ليگ نئين وزارت ٺاهڻ ۾ هڪ اهڙي پارٽي سان شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار نه هئي. جنهن پارٽي جو نه ڪو نالو هو نه ڪو اصول ۽ نه ڪو پروگرام.

هاڻي صوبي جي حڪومت هلائڻ جي ذميواري انهن تي عائد ٿئي ٿي جن پاڻ تي اها جوابداري کنئي آهي، اسان جو آئينده قدم نئين وزارت جي کنيل حالتن تي منحصر ٿيندو جيڪڏهن اها چڱو ڪم ڪندي ته ليگ ان جي پٺڀرائي ڪندي.

ڪراچي ۾ سڀاڻي مسلمان هڙتال ڪندا. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهو مظاهرو تازي ڦير گهيري جي خلاف ناراضپي جو اظهار آهي. شايد ليگ وزيرن جي خدمت ۾ هڪ قسم جو اظهار عقيدت ڪرڻ مقصود آهي. اهو نمونو پاڻ ثابت ٿو ڪري ته عام ماڻهن جي نظر ۾ ليگ لاءِ ڪيتري قدر محبت ۽ پيار آهي. عام مسلمانن کي انهيءَ موقعي تي مان پٽي اکر چوڻ ٿو گهران ته اوهان جي نمائندن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته ڪيئن ايمانداري ۽ سچائي سان ملڪ جو ڪاروبار هلائي سگهجي ٿو. اوهان هڻ ماٺ ۾ امن امان ۾ رهو. مان يقين ٿو ڏياريان ته جنهن ڏينهن اسان ڏٺو ته اسان جا نمائندا اسيمبلي ۾ رهي ڪو به مفيد ڪم نٿا ڪري سگهن تنهن ڏينهن  اسان کين اسيمبلي مان استعيفائون ڏياري ٻاهر ڪڍنداسون جيئن هو عام ماڻهن سان گڏ ويهي مسلم قوم جي مستقبل لاءِ  ڪو تعمير ڪم ڪري سگهن ۽ مسلمان قوم ايتري قدر مضبوط نٿي جو ڪو به دشمن سندس معاملن سان هٿ چراند نه ڪري سگهي.

الوحيد، تاريخ 12 مارچ 1941ع.

..........................................................................

مسلم جرنلسٽ ايسوسيئيشن قائم ڪئي وئي

مسلم ليگ جي حمايت ۾ سندن تقريرون ۽ ٺهراءُ

ڪالهه 1 اپريل تي سنڌ پراونشنل مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ سر حاجي عبدالله هارون جي دعوت ٿي خانبهادر محمد ايوب خان کهڙي جي بنگلي تي مسلم اخبار نويسن جي ميٽنگ منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جي مختلف حصن مان ڊزن کن ايڊيٽر اچي شريڪ ٿيا. شروعات ۾ سر صاحب اخبار نويسن کي هن ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو مقصد ٻڌايو. هن صاحب فرمايو ته هن وقت مسلم اخبار نويسن ۾ اتفاق ۽ ٻڌي جي بيحد ضرورت آهي ۽ هنن کي منظم طريقي سان ملڪ و ملڪت جي خدمت ڪرڻ گهرجي.

هن وقت مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت مسلم ليگ آهي. مسلمان ايڊيٽرن کي پنهنجو سمورو زور قلم مسلم ليگ کي زور وٺائڻ ۽ ان جي حمايت ۾ صرف ڪرڻ کپي. انهيءَ مقصد خاطر اوهان کي هٿ اچڻ جي تڪليف ڏني وئي آهي.

سر صاحب جي تقرير کانپوءِ ڪيترن ئي اخبارن نويسن صاحبن به تقريرون ڪيون ۽ سر صاحب کي يقين ڏياريو ته هو هر طرح مسلم ليگ جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن. آخر ۾ مسلم جرنلسٽ ايسوسيئيشن قائم ڪئي وئي.

پريزيڊنٽ شير عبدالمجيد صاحب ايم ايل اي.

وائيس پريزيڊنٽ (1) مسٽر محمد خان غني ايڊيٽر مسلمان

(2) آغا نظر عل خان ايڊيٽر سنڌ زميندار

سيڪريٽري خزانچي حاسجي نذير الدين ايڊيٽر حيات ڪراچي آخر ۾ ايسوسيئيشن مسٽر ويلس سکر جي سيشن جج جي بدلي خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ ٻئي ٺهراءُ  ۾ مسلمان اخبار نويسن کي استدعا ڪئي وئي ته مسلم ليگ جي فائدي ۾ پروپيگنڊا ڪن. اصل ٺهراءُ ٻي اشاعت ۾ ڏنا ويندا.

مسلم اخبار نويسن جي ايسوسيئيشن کي هيٺين صاحبن هيٺين طرح امداد ڏني:

سر حاجي عبدالله هارون- 5000

خانبهادر محمد ايوب کهڙو- 2500

شير عبدالمجيد- 500

مسٽر جي ايم سيد- 1000

مسٽر غلام نبي پٺاڻ- 1000

الوحيد، تاريخ 3 اپريل 1941ع.

..........................................................................

سنڌ اسيمبلي صلاحڪار ڪميٽي جو ڊڪٽيٽري ٺهراءُ

سر عبدالله هارون جي خط جو عجيب جواب

تازو سنڌ پراونشل ملسم ليگ جي پريزيڊنٽ سر حاجي عبدالله هارون ”سنڌ اسيمبلي صلاحڪاسر ڪميٽي“ جي چيئرمين کي خط لکيو هو ته سنڌ جا مسلمان عام طرح گڏيل چونڊن جي برخلاف آهن، تنهنڪري سنڌ جي لوڪلبورڊن ۾ گڏيل حڪم ملي تيستائين بل پاس ڪيو نه وڃي. بلڪ برو ميونسپالٽين ۾ جو گڏيل چونڊن رائج ڪرڻ لاءِ بل پاس ڪيو ويو آهي، سو به رد ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته جنهن مقصد جي پيش نظر هي سرشتو سنڌ ۾ جاري ڪيو وڃي ٿو، سو مقصد مسلمانن جي ناراضپي سبب حاصل ٿي ڪين سگهندو وغيره.

سنڌ اسيمبلي صلاحڪار ڪميٽي جي ميٽنگ تازو ٿي گذري، جنهن ۾ 16 ميمبرن مان فقط 8 ميمبر حاضر هئا، جن ۾ به گهڻائي هندو ۽ ڪانگريسي ميمبرن جي هئي. ڪميٽي سيٺ سر حاجي عبدالله هارون جي خط تي ڊڪٽيٽر نمونه ۾ هڪ عجيب و غريب ٺهراءُ پاس ڪيو آهي، جو هيٺين طرح آهي:

”برو ميونسپالٽين ۾ گڏيل چونڊن رائج ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل پاس ڪيو ويو آهي، تنهنڪري ملڪ جي قاعده جي پيروي ۽ پٺڀرائي ٿيڻ گهرجي ۽ هن باري ۾ سر حاجي عدالله هارون کي سرڪار جو ساٿ ڏيڻ کپي ته جيئن پاس ٿيل ميونسپالٽين ۾ گڏيل چونڊن خلاف متان ڪا پروپيگنڊا ٿئي.“ هن ٺهراءَ جي ڪاپي سر عبدالله هارون ڏانهن موڪلي وئي آهي.

سر عبدالله هارون جي خط جو مطلب بلڪل واضح آهي، جنهن مطلب سان ڪنهن به انصاف پسند ۽ عقلمند ماڻهو کي اختلاف ٿي نٿو سگهي، پر افسوس جو صلاحڪار ڪميٽي گڏيل چونڊن جي عشق ۾ اکيون پوري سر صاحب جي ليٽر تي شايد پوري طرح ويچار ڪين ڪيو آهي. مسلم ليگ پريزيڊنٽ جو خط جو مطلب آهي ته سنڌ ۾ گڏيل چونڊن هن ارادي ۽ مقصد جي ماتحت رواج ۾ آنديون وڃن ٿيون ته انهن جي ذريعي هندو مسلم تعلقات سڌري خوشگوار ٿين ۽ پنهنجي قومن مان ڪلفت ۽ خصومت جا جذبات نڪري وڃن ۽ ان جي جاءِ تي الفت ۽ محبت پيدا ٿئي. پر جڏهن ته سنڌ جا عام مسلمان گڏيل چونڊن جي سخت برخلاف آهن ۽ گڏيل چونڊن ۾ نه نفقط پنهنجي حقن جي هاڃي سمجهن ٿا پر ان سبب پنهنجي سياسي زندگي به خطره ۾ خيال ڪن ٿا، ته اهڙي حالت ۾ گڏيل چونڊون جنهن مقصد ۽ مراد سان رائج ڪيون وڃن ٿيون، سو مقصد هرگز تري ڪين سگهندو. ڇاڪاڻ ته مٿيون مقصد تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن سنڌ جا مسلمان به گڏيل چونڊن واري سرشتي ۾ واضح هجن مگر موجوده حالت ۾ گڏيل چونڊن مان هندو مسلم تعلقات ٿي.

صلاحڪار ڪميٽي جو چوڻ آهي ته برو ميونسپالٽين ۾ گڏيل چونڊون رائج ڪرڻ وارو بل سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ٿيو آهي،تنهنڪري هن ملڪي قاعده جي پٺڀرائي ۽ عزت ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ڪانگريسي دوستن جي هن ٻه رخي پاليسي ۽ عجيب و غريب منطق تي عجب ٿو لڳي. اسين ڏسي رهيا آهيون ته آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽيءَ سان هندستان ۾ ستياگره جو هنگامو برپا ڪري ملڪي قاعده ۽ قانون کي ٺوڪر هڻي رهي آهي. اتي هنن کي ملڪي قانون جي عزت رکڻ جو ڪو خيال ئي نٿو اچي، پر اڳيا ڪانگريسي سنڌ ۾ وري فقط مسلمانن کي ملڪي قانون جي عزت رکڻ ۽ پٺڀرائي ڪرڻ جا وعظ ڪري ۽ اپديش ڏئي رهيا آهن.

”سنڌ اسيمبلي صلاحڪار ڪميٽي“ ايتريقدر ته نازڪ مزاج ۽ نازڪ حسن ثابت ٿي آهي، جو هو گڏيل چونڊن جي خلاف ڪنهن به قسم جو پرامن تحريڪ اکين سان سگهي تنهنڪري هن پنهنجي ٺهراءُ ۾ سر هاجي عبدالله هارون کي مجبور ڪيو آهي ته گڏيل چونڊن جي خلاف ڪنهن به قسم جي پروپيگنڊا نه ڪري، جي خلاف ڪنهن به قسم جي پروپيگنڊا نه ڪري.

اسان جي خيلا ۾ جيڪڏهن ڪا به قوم ڪنهن ڳالهه کي پنهنجي واسطي نقصانڪار خيال ڪري ٿي ته ان کي پنهنجي اهنجن ۽ تڪليفن بيانن ڪرڻ جو پرامن نمونا ۾ پورو پورو حق هئڻ گهرجي. پر هي ڪهڙي قسم جي عقلمندي ۽ انصاف پسندي آهي، جو مسلم ليگ وارن کي گڏيل چونڊن بابت پنهنجي تڪليفن بيان ڪرڻ جي حق کان به محروم ڪيو ٿو وڃي ۽ ڊڪٽيٽري حڪم ڪڍيو ويو آهي، ته برو ميونسپالٽين ۾ گڏيل چونڊن جي خلاف ڪا به پروپيگنڊا ٿيڻ نه کپي. اسان جي خيال ۾ ته مٿئين ناهري ۽ ڊڪٽيٽري ٺهراءُ يا حڪم کي ڪو به ماڻهو پسند ڪري نٿو سگهي.

اسين وري به سڀني ڳالهين کي نظرانداز ڪري سنڌ اسيمبلي صلاحڪار ڪميٽي کي صلاح ڏينداسين ته هو پنهنجي ٺهراءُ ٻيهر ويچار ڪري ۽ ان سان گڏ سنڌ سرڪار کي به هندو مسلم اتحاد جو واسطو ڏئي استدعا ڪريون ٿا ته پرڳڻي جي حالت جو انداز لڳائي في الحال لوڪل باڊيز ۾ گڏيل چونڊن رائج ڪرڻ وارو خيال ترڪ ڪرڻ گهرجي. ۽ اهڙو قانون پبلڪ جي مٿان زوريءَ مڙهيو نه وڃي جنهن جي سنڌ جا 30 لک مسلمان برخلاف آهن.

اسين پنهنجي هندو توڙي ڪانگريسي دوستن کي گذارش ٿا ڪريون ته هو مسلم جذبات جي عزت ڪندي سنڌ ۾ گڏيل چونڊون رائج ڪرڻ واري ضد کان باز اچن ۽ هڪٻئي جي جذبات جي عزت ڪرڻ سان ئي هندو مسلم تعلقات سڌرندا ۽ نااتفاقي ۽ ناسازي جو خاتمو ٿيندو. اميد ته اسان جي هن نهايت خير خواهه نه مشوره جي عزت ڪئي ويندي.

..........................................................................

ڳوٺ گهٽگهڙ تعلقه قنبر ۾ ضلع مسلم ليگ ڪانفرنس

هت ڳوٺ گهٽگهڙ تعلقي قنبر ۾ ضلعي مسلم ليگ ڪانفرنس تاريخ 5 مئي 1940ع زير صدارت جناب سر حاجي عبدالله هارون پريزيڊنٽ صاحب صوبه سنڌ مسلم ليگ جي منعقد ٿيندي. ڪانفرنس ۾ تمام گهڻا ليڊر ۽ مولوي صاحبان شرڪت فرمائيندا ان ڪري اسين سنڌ جي مسلمانن کي عام طرح ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي مسلمانن کي خاص طرح اپيل ٿا ڪريون ته هزارن جي تعداد ۾ ڪانفرنس ۾ شامل ٿي پنهنجي جمعيت ۽ اخوت جو ثبوت ڏيکاريندا ۽ ڪانفرنس جي رونق افزائي ڪندا ٻاهرين آيلن ڀائرن جي رهائش ۽ کارائڻ وغيره جو انشاءَ الله تعاليٰ سٺو العظام رکيل هوندو.

نوٽ: هر هڪ صاحب کي بسترو آڻڻ گهرجي.

پير سيد الهڏنو شاهه راشدي رئيس قربان علي خان ٻرڙو

چيئرمين استقباليه ڪاميٽي سيڪريٽري استقباليه ڪميٽي

الوحيد، تاريخ 1940-04-13

..........................................................................

سنڌ مسلم ليگ کي هڪ خط

سنڌ مسلم ليگ جي عرض

بخدمت والا شاهه حضور سيٺ حاجي عبدالله هارون

رستم: 1941-05-26

جناب عالي: اسين هيٺ صحيح ڪندڙ سڀ مسلمان ويٺل ڳوٺ رستم تعلقي سکر جا حضور جن جي خدمت ۾ عرض ٿا ڪريون ته اسان مسلمانن کي جيڪي اهنج ايذاءُ، درد ڏک آخرتن لاءِ اسين سلطان ڪوٽ تعلقي شڪارپور سنڌ ۾ آيا هو اصول ليڪن حضور جن فرمايو ته سموري حقيقت اسان کي لکي موڪليو.

حضور جن جي حڪم موجب هن هن سيٺ دک درد بيان عرض ڪريون ٿا ته جن لاءِ عنايت فرمائي جوڳو بندوبست ڪرڻ فرمائيندا ته دعاگو اقبال جا رهنداسون.

4.هن شهر جا مسلمان ماڻهو اڪثر ڪري هاري ناري، ڪاسبي ۽ غريب مزدور ماڻهو آهن جي هڏن جو رت ڏيو رات پرڀات ۾ ڏک ڏولالا سهي پوکون پچائين جڏهن تيار ٿين تڏهن زميندار ٻچن، خرچن، وياجن وڏن قرضن ۽ رساپن ۾ سمورو ئي ان کنيو وڃن اسين غريب اچيو سک ۽ ڏک ڏوجهڙا سهون.

انهن آزارن کانسواءِ اسان کي هن شهر جي هندن جيڪي درد ڏنا آهن سي بلڪل عاجز ڪندڙ آهن.

2.هن شهر ۾ سينيٽري بورڊ آهي جنهن جو نه ڏئي نه ڌوڻي رڳو بيدار، صفائي، روشن ئي جو بندوبست هندن لاءِ فائدو وٽن هندو، مسلمان رڳو ڪني پاڻيءَ جو واس وڻن ۽ گذر جو هندن جي محلن ۽ گهٽين مان ميڙي مسلمانن جي پاڙن جي ڀرسان ڦٽوڪن ۽ انهيءَ ڪني پاڻيءَ جي گند جو واس مسلمان وٽن ۽ بيمارين ۾ مبتلا به مسلمان ٿين پر چندو به مسلمان ڀرين. اڳ ۾ اصل مسلمان چندو ڏيندا ئي ڪو نه هئا هاڻي هو ونيون وڌيڪ ٻيا ڏني ۽ ڪنهن ۾ حڪم کانسواءِ زوريءَ وصول ڪيو پيو وڃي جي غريب وٽ پئسو نه هوندو ته پوءِ هنڌ ٽپڙ ۽ ٿانوءَ ٿپا زوريءَ کڻي نيلام ڪري وٺي پيا ڪن انهيءَ آزار جو بندوبست فرمائيندا.

3.هن شهر ۾ هندو قوم زبردست آهي جن مان 80 سيڪڙو زميندار باقي واپار جي لائين جا ماڻهو آهن جن وٽ 135 ليسن بندوقن ۽ 30 ليسن روالور آهن انهيءَ هوندي به توڻيڪ پوليس جو ۽ خانگي ماڻهن جو زبردست ڪيو آهي تڏهن به اسان مسلمانن کي خاص طرح ايذائڻ جي ارادي سان ڳوٺ ۾ دروازن وجهڻ جو آزار کڙو ڪيو ويو آهي جو زوريءَ سرڪار کان منظوري وٺي سرڪاري رستن ۾ دخل ڪري پاوا ڪڍي دردار بيهاريا ويا آهن جن مان اسان جو ڪڙٻ، پلال ۽ ڪاٺين جون گاڏيون نٿيون لنگهي سگهن جن کان سخت آزار ۾ مبتلا آهيون.

4. هندن جو ايترو آزار آهي جو اسين جيئرا ته انهي جي آزار کان آزاد نه آهيون ليڪن فوت ٿيل مقامن وارا به آزاريل آهن يعني مقام ڏي وڃڻ جو رستو هندن جي زمين مان نڪتل آهي سو بند ڪري ڇڏيو ويو آهي، ڪٿان به وڃڻ جو رستو ڪونهي لاچار ٻنين مان ڌڪا ڌوڻا کائي لاش روليندا مقام پهچون ٿا، ڪو به ڪامورو يا زميندار ڪا به فرياد نٿو ٻڌي. سائين جن عنايت فرمائي ڪو بندوبست ڪرڻ فرمائيندا.

5. هن شهر ۾ هندن جو ايترو زور آهي جو ڪنهن به مسلمان ڳوٺ جي بلڪ ڪلهي ڪلهي پندرجي مسلمانن کي ايتري جرئت نه آهي جو ڪو شهري اندر رهندو ماڻهن سان سوال جواب ڪري سگهي. جي نماز نوڙت ڪري ڪم ڪڍندو ته واهه نه ته عزت ٿيو خير.

ڪيئي مسلمان ڏينهن ڏٺي جو وچ بازارن ۾ موچڙا کائي ويا نڪو انهن جو دادو نڪو فرياد هندو ڪو به مسلمانن سان ايذاءُ ڪري ته ان جو فيصلو هندوڪن ڏنڊو وغيره ورتو وڃي جو پوءِ به کائين فقط هندو ڀائر مسلمانن جو جيڏانهن تيڏانهن ٿيو ڀلو. انهيءَ آزار لاءِ ڪو خلاصو بندوبست فرمائيندا.

6.هندن جو ايترو زور آهي جو ساري شهر ۾ ڪنهن مسلماني گهٽي گهر يا محلي ۾ اچي سگهي ٿو ليڪن مسلمانن کي ڪن خاص گهٽين کانسواءِ ٻين ۾ اچڻ جي اجازت ئي ڪانهي، جي اتفاق ڪو مسلمان پرديسي اوچتو انهن بندشن واري گهٽين مان لنگهيو ته هڪدم موچڙن جي ڌوم اچي ويندس ڀل ڪو به واهرو سندس ٿئي ته ان کي به به موچڙن تکو ڪري ڇڏين.

7. هندن جي گهرن ۾ کهيون ۽ نل لڳل آهن جن مان جيڪو پاڻي وافر ٿو ٿئي سو سڀ مسلمان پڙوسين جي جاين جي پاڙن ۾ ڇڏي مسلمانن جا گهر ڪيرائي مسلمانن جون پاڙون سايون ڪيون وڃن يا وري اهو رستن ۾ نيڪال ڪيو وڃي ٿو جتي ٻڍا عاجز ۽ جهونا ماڻهو ترڪي يڪدم اعتراف جي ٽڪيٽ خريد ڪن ٿا.

8. هن شهر ۾ ڪيتريون فيڪٽريون آهن جي سواءِ ڪنهن ضابطي جي رات ڏينهن پيون هلن جتي هزارن گاڏين وارا رات پرات ۾ رڙين واهن ۽ گوڙ گهمسان ڪرڻ سان شين جي وسيلن ڏيڻ سان مسلمانن جو آرام ڦٽايو ٿو وڃي. هڪ گرميءَ جو آزار پيو هي آزار سو آرام کي به جواب انهيءَ لاءِ ڪو به بندوبست ڪندو.

9. هندو ماڻهن جو ايترو آزار آهي جو جيڪي کوهه آهن انهن تي گڏهن وارن جو ضابطو آهي جتي گاڏين وارن ۽ گڏجي نوڪرن جو سدائين گوڙ لڳو پيو آهي جتان ان غريب مسلمانن جون زالون پاڻي ڀري ٿيون سگهن.

هاڻي حضور جن آغا نظر علي کي هن سرزمين تي موڪلي ڏيندا ته روبرو حقيقت وٺي واقف ٿي مسلم ليگ برپا ڪري آئينده لاءِ اسان کي سهنج ڪري ڏيندا ته اسان جون دليون مايوس آهن. جن کان لاچار مجبور آهن جڏهن هن خط جي ڪارلواري موڪليندا ته شڪرگذار رهنداسون.

صحيح

کٻو انڱوٺو

علي بخش، خدا داد مهر ۽ ٻيا.

1941-05-26

..........................................................................

مسلم ليگ جو حلف نامه

جيڪو پاڪستان ڏينهن تي پڙهيو ويو

اسان جو اهو ڪامل يقين آهي ته اسان هندستان جا مسلمان ٻين هندوستاني قومن کان هڪ جدا ۽ ڌار قوم آهيون اسان کي الله تعاليٰ وٽان دنيا ۾ هڪ خاص مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي اسان جو ايمان آهي ته انسان ذات ۾ جيڪي ملڪي، زباني، نسلي ۽ رنگي امتياز پيدا ڪيا ويا آهن سي ناجائز آهن اسان جي مقصد جي مراد هي آهي ته سياري انسان ذات جي بهبودي بنا هيٺ مٿاهين جي حاصل ڪئي وڃي! جيئن اسان جي سياسي فلسفي جي مراد آهي ته انسان جي روحاني بهبودي ۽ ترقي حاصل ٿئي تنهنڪري هر ٻين کان نرالو ۽ عليحده آهي، مللوڪيته ۽ سرمايه داري ۽ دينوي لحاظ تي مليل بزرگي يا برتريءَ کي اسان جي سياسي فلسفه ۽ ڪا به جاءِ ڪانهي، مساوات، اخوت ۽ انصاف اسان جي طرز زندگيءَ جا بنيادي اصول آهن، اسان جي سياست جو مقصد ته روءِ زمين تي حڪومت الاهي قائم ڪرڻ آهي.

مٿين مقصد کي دنيا ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ الاهي امر اسان کي مليل آهي تنهنڪي کي ڪاميابي ۽ ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻ لاءِ آهي ته اسنا کي هندستان اندر ضرور پنهنجي خودمختيار آزاد حڪومت هئڻ گهرجي جنهن جي وسيلي اسان پنهنجو اعليٰ مقصد ٻين جي مداخلت ۽ روڪ کانسواءِ حاصل ڪري سگهون، تنهنڪري دارالاسلام يا پاڪستان جنهن کي اسان هندوستان جي مسلمانن لاءِ مسلم ليگ نصب العين مقرر ڪري رکيو آهي سوئي هڪڙو عملي وسيلو آهي جنهن جي ذريعي اسان پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا.

آءٌ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي سچي دل سان اقرار ٿو ڪريان ۽ وعدو ٿو ڪريان ته اڄ ڏينهن کان وٺي آءٌ پنهنجن خيالن خواهه عملن کي اهڙي طرح ڪم آڻيندس جنهنڪري پاڪستان جي تحريڪ کي وڌائڻ ۽ زور وٺائڻ ۾ مدد ملندي آءٌ وعدو ٿو ڪريان ته هندوستان ۾ جلد ۾ جلد پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ جڏهن به مسلم ليگ مون کي ڪنهن به قرباني ڪرڻ جو حڪم ڪيو ته ان قرباني ڪرڻ کان ڪين هٽندس آءٌ مسلم ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش سچيءَ دل سان ڪندو رهندس ۽ ليگ جي ڪم ڪندڙن جي اخلاقي معيار کي بلند رکڻ ۽ سڄي جماعت کي پاڪ ۽ صاف رکڻ لاءِ هر طرح سنيڪار رهندس. شل الله تعاليٰ مون کي اها توفيق عطا ڪري.

آمين.

..........................................................................

نحمده و نصلي عليٰ رسولہ الڪريم (صلعم)

آل انڊيا مسلم ليگ جو ايڪٽيهون ساليانو اجلاس

استقباليه ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي تقرير

جناب قائداعظم محترم خواتين ۽ معزز حضرات!

آل انڊيا مسلم ليگ جي استقباليه ڪاميٽيءَ طرفان آءُ اوهان سڀني حضرات جو هن ”سر زمين سنڌو“ ۾ خير مقدم ڪريان ٿو.

”سنڌوءَ“ مان منهنجو مطلب کنڊ جو اهو ڀاڱو آهي جو دريائي سنڌ ۽ ان سان ملحقه ندين جي ڪنارن سان لاڳو ملڪ آهي. قديم زماني ۾ صوبه سرحد، پنجاب، بلوچستان ۽ موجود صوبه سنڌ ۾ شمار ڪيا ويندا هئا. ليڪن جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن انهيءَ نالي وارو ملڪ اراضيءَ ۾ گهٽبو ويو. تان جو هينئر درياهه سنڌ جي فقط آخري حصي واري اراضيءَ سان وڃي منسوب ٿيو آهي. اڄ انهيءَ حقيقت کان بخوبي واقف رهي اسان انهي منزل ڏانهن دوبده وک وڌائي رهيا آهيون، جنهن ۾ اهي سنڌ جا مختلف حصا وري ملي هڪ ٿي ويندا جنهن جو راز پاڪستان جي پياري نالي ۾ مضمر آهي.

حضرات! سنڌ جي ماضيءَ کي قدرت شاندار نياپو هو ۽ اسان کي ص 1 اميد آهي ته سنڌ جو مستقبل به اهڙو ئي شاندار ٿيندو. ڪيترين ڳالهين ۾ هن سرزمين جي تواريخ يگاني ۽ يگاني ۽ يڪتا آهن. هي ملڪ قديم تهذيب جو گهوارو ٿي رهيو آهي جنهن جي تصديق موهن جو دڙو ۽ ٽيڪسلا جون کوجنائون ڪري رهيون آهن. هن سرزمين ۾ رلي ملي هڪ ٿي ويا آهن. هتي دراويدي، سامائيٽ، آريه، منگو، حبشي نسلن جا نشان اڃا تائين نمودار آهن. هتي ڪيئي قومون آيون ۽ هن سرزمين ۽ نه فقط نسلن ۽ قومن کي گڏي هڪ ڪري ڏيکاريو آهي بلڪه جنهن پيماني تي متضاد فلسفات ۽ مختلف مذهبن جو اختلات ڪري ڏيکاريو آهي. ان جو مثال دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ مشڪل نظر ايندو. ٻڌ ڌرم جيتوڻيڪ سرزمين هند ۾ ظهور ورتو تڏهن به ان جا عقيدا جيتري قدر اڃا تائين سرزمين سنڌ ۾ اثرائتا نظر اچن ٿا اوترا سندس ظهور واري زمين تي اڄ پيدا نه آهن ۽ مهاتما بڌ جو ”نفي“ (نروانا) وارو پڙهايل سبق هن ملڪ جي ماڻهن اڃا نه وساريو آهي. جڏهن اسلام هن سرزمين تي پير پاتو تڏهن ٻڌ جي ”نفيءَ“ واريءَ تعليم ۾ ”اثبات“ جو اضافو ٿيو. ويدانيت ۽ وجدانيت جي فلسفن جو به هڪٻئي تي جيترو اثر هن ملڪ اندر پيدا ٿيو اوترو ٻئي ڪنهن هنڌ ڪو نه ٿيو. هڪ طرف هندو جوکين تي وحدانيت اثر وڌو ۽ بت پرستي گهٽجڻ لڳي ته ٻئي طرف مسلم درويش سنياس ۽ راڳ مان مستفيد ٿيا ۽ اهڙيءَ طرح هندو ۽ مسلم عقائد هڪٻئي کي وڌيڪ ويجها آيا. گرونانڪ صاحب جي سکيا انهيءَ حقيقت جو هڪ خاص مثال آهي مذهبي اتحاد پيدا ڪرڻ لاءِ شاهه ڀٽائيءَ جهڙن صوفي شاعرن جي نيڪ ڪوشش هميشه هلندي رهي آهي. هن سرزمين جي باشندن خيالي اتحاد جي قيام جو جيڪو عملي ثبوت پيش ڪيو آهي. سو ناقابل ترديد حقيقت آهي ۽ انهيءَ ڪري ڇوت ڇات جا فرق ڦير هن سرزمين ۾ ايتريقدر نظر نٿا اچن جيتري قدر ٻين هنڌن تي اهي نمايان ڏسجن ٿا. واپار ۽ تجارت جي ذريعي مشرق ۽ مغرب جي مختلف تهذيبن کي ملائي هڪ ڪرڻ لاءِ قدرت طرفان جيڪا ڪوشش هن سرزمين تي ٿي آهي. اهڙي ٻئي هنڌ ڪٿي به ڪا نه ٿي آهي هڪ طرف ديبل جو بندر بحري تجارت جو مرڪز هو ته ٻئي طرف سنڌ جا قافلا بين الاقوامي تجارت جو سلسلو بخارا ۽ سمرقند تائين جاري رکندا رهيا. درياهه سنڌ جي زرخيز زمين ڪيترن ئي قومن کي ڪشش ڪري هن سرزمين تي آندو جن مان گهڻيون هت پنهنجو وطن ڪري ويهي رهيون جنهن جو ثبوت هڪ طرف آثار قديمه ۽ ٻئي طرف تواريخي ڪتاب پيش ڪري رهيا آهن.

سياسي نقطه نگاهه کان هي ملڪ گهڻن ئي قومن ۽ نسلن جو آماجگاهه تصادم ٿي رهيو اهي. هن ملڪ جي زرخيزيءَ تازه طبع جنگي نسلن کي الهندي طرف کان هت اچڻ لاءِ گهڻو ڪري پئي حرصايو آهي ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪي قليل ڦرلٽ جي مال تي راضي ٿي هتان موٽي هليا ويا ته گهڻا هت اچڻ بعد وري موٽي وڃڻ تي مائل نه ٿيا جنهنڪري هن ملڪ جي ماڻهن جي رڳن ۾ هميشه تازه خون موجزن رهندو آيو آهي. انهيءَ ڪري ئي بابل، مصر، ايران، يونان، عربستان ۽ افغانستان جا آثار اڄ به آسانيءَ سان هت نظر اچي سگهن ٿا جن جي اثر جي مقابلي ۾ جنوبي هندستان جو جيڪڏهن ڪو اثر هن سرزمين تي آهي ته اهو ڪو به وزن ڪو نه ٿو رکي. مٿيون مختصر احوال هن ملڪ جي شاندار ماضيءَ بابت محض هن مراد سان عرض رکيو اٿم ته جيڪي ماڻهو هينيئر ”هندي“ تسلط هيٺ فريضته ٿي سنڌ جي شان ۽ عروج کي وساري ويٺا آهن يا وساري ڇڏڻ لاءِ تيار آهن تن جي ستل غيرت کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ هي حقيقتون تازيا نه جو ڪم ڏئي سگهن.

گاه گاهي باز خوان اين دفتر پارينہ را

جنهن صورت ۾ اوهان کي هن ملڪ جي شاندار ماضيءَ مان ڪي ٽڪرا ياد آوريءَ لاءِ پيش ڪيا اٿم تنهن صورت ۾ اهو به ضروري آهي ته هن ملڪ جي مستقبل بابت ڪي پنهنجا رايا توهان اڳيان پنهنجي خيال موجب ظاهر پنهنجي خيال موجب ظاهر ڪريان. انسان ابتدائي آفرينش کان وٺي ارتقائي مرحلا طئي ڪندو پنهنجي اصلي مقصد يعني انسان ذات جي وحدت انڪار و ڪردار ڏي وڌي رهيو آهي. ان جون مذهبي خواه سياسي، نسلي خواهه اقتصادي هنگامي آرايون ۽ تمنائون صرف ان مقصد عام کي پهچڻ لاءِ جدا جدا ڪوششون آهن. تواريخ جي هر هڪ صفحي مان توهان کي هن ارتقائي امر جي هر هڪ صفحي مان توهان کي هن ارتقائي امر جو سلسلو صاف ڏسڻ ۾ ايندو. اوائل ۾ انسان ذات ننڍن ننڍن ڪٽنبن ۾ ورهايل هئي ۽ پوءِ ڪٽنبن مان گڏجي قبيلا قائم ٿيا جن وري پوءِ قومن جي صورت اختيار ڪئي. انهيءَ اتحاد جا بنياد به مختلف هئا جن مان ڪي هي هئا ملڪ، زبان، طريقه زندگي ۽ خيالات. ڪجهه وقت کانپوءِ ماده پرستي تي اتحاد جو بنياد آهستي آهستي ڪمزور ثابت ٿيڻ لڳو ۽ ان جي عوض تخيل وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳو. نيٺ عربستان جي ريگستان مان هڪ نئون آواز اٿيو جنهن قبيلن ۽ قومن کي اهڙي نئين طريقي سان ملائي متحد ڪري ڇڏيو، جنهن جهڙي ڪاميابي دنيا جي تواريخ مان اڳي ڪنهن طريقي حاصل نه ڪئي هئي. اهو طريقو اهو هو جنهن نسل، رنگ، طريقه زندگي، ملڪ ۽ زبان وغيره جا امتياز جن تي اتحاد جو بنياد اڳي رکيو ويندو هو، سي خارج ڪري ڪڍي ڇڏيا. جيتوڻيڪ شروع ۾ انهيءَ آواز جو اثر قديم دنيا جي وڏي حصي کي ويڙهي ويو تڏهن به دنيا وري پراڻن خيالات ۽ خرافات ۽ غلطان ٿيڻ لڳي جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو ملت جو شيرازه منتشر ٿيڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ نئين طريقه جا امانتدار هئا سي هڪ ٻئي کان ڇڄي تفرقه جي قيد ۾ اچي تنزل طرف هلڻ لڳا. ان خاميءَ کي سنڌوءَ جي سرزمين جي ڪن دانا ۽ دور نظر هستين محسوس ڪري ورتو جن مان شاهه ولي الله، سيد احمد ۽ سيد جمال الدين افغاني قابل ذڪر اهن. جن ملت اسلام جي اصلي تعليم تازه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. الحمد الله جو موجوده دور اهو آواز از سر نو اٿاريو جنهن جي اثر جي برڪت سان اڄ توهان پنهنجي ملت جي تازه دمي ڏسي رهيا آهيون.

ٻئي طرف مغرب به گهڻي خونريزي بعد محسوس ڪرڻ لڳو آهي ته جيستائين انساني اتحاد جو بنياد بلڪل بدلايو نه ويندو تيستائين دنيا جو ڪو ڪلياڻ ڪو نه ٿي سگهندو. اڄ به خيالن جي يڪساني جي دعويٰ عام شيوه ٿي رهي آهي. مگر اهي خيالات وري وري پيا آزمائجن جي ناقص آهن ۽ اڳئي آزمائي ڏٺا ويا آهن ته برابر ناقص ۽ بي سود آهن، جنهنڪري وري به ناڪامياب ثابت ٿين ٿا ۽ هڪ جنگ مٿا وري ٻي جنگ پيدا ڪن ٿا. دنيا جي مشڪلات جا بي اثر حل جدا جدا نالن هيٺ سرسري غور ڪرڻ سان وري وري پيش ڪيا وڃن ٿا جن کي ڪو به جٽاءُ حاصل نٿو ٿئي ۽ ٿورن سالن اندر جي انسان جي تواريخ ۾ ڪن گهڙين برابر آهن پاڻي جي چٽ وانگر چٽ ٿيو وڃن! جيتوڻيڪ عالمگير اخوت ۽ انساني اتحاد جي جستجو اڄ شروع ٿي چڪي آهي تڏهن به حقيقي همنوائي ۽ ابدي اصلاح تيستائين قائم نه ٿي سگهندا جيستائين دنيا جي موجوده سياسي، اقتصادي ۽ مذهبي نظريات جو ڪو خاطر خواهه حل هٿ نه ڪيو ويو آهي. انهيءَ قسم جي حل هٿ ڪرڻ ۽ ان کي عملي صورت اختيار ڪرائڻ لاءِ تواريخي روايات جي بنياد تي ڪنهن خاص ملڪي ماحول ۽ دماغي تربيت جي ضرورت آهي. انهيءَ عالمي مقصد جي سرانجاميءَ لاءِ سنڌو جي سرزمين جا باشنده دنيا جي ٻين ڀاڱن جي رهاڪن کان قدرت زياده قابل بڻايا آهن. قديم زماني جي تواريخ شاهد آهي ته هن سرزمين ۾ مختلف نسل، تهذيبون مذهبي فلسفو ۽ سياسي طريقا ڪيئن گڏجي هڪ ٿيا آهن. دنيا جي نئين نظام قائم ڪرڻ ۽ مشرق ۽ مغرب کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ”سرزمين سنڌو“ خاص پيغام ڏيندي جنهن جا آثار آءُ اڳيئي ڏسي رهيو آهيان. ان پيغام جي ابتدا هن سرزمين تان ٿيندي. جيتوڻيڪ روس ۽ آمريڪا جا اقتصادي ۽ سياسي عقيده هڪٻئي جا مخالف آهن تڏهن به جيڪڏهن دنيا جي نئين نظام کي نزيدڪ تر آڻڻ لاءِ هو پاڻ ۾ گڏجي ڪوشش وٺي سگهن ٿا ته خضر حيات خان ۽ سر ڇوٽو رام ڇو نه گڏجي مٿيون پيغام پهچائڻ لاءِ همنوائي مثال پيش ڪري سگهن ٿا؟ ليڪن ارمان آهي ته عارضي ۽ بي بقا ڳانڍاپي آڻڻ لاءِ هند سرزمين جي ماڻهن کي ڀنڀلائي ڀڙڪائي رهيا آهن ۽ اسان جي هن سرزمين جا ڪي مسلم خواه غير مسلم دوست انهن جي گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا جي اثر هيٺ اچي ويا آهن ۽ هنن تواريخ خواه حقيقت کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ ”متحده قوميت“ ۽ متحده هندستان جا آواز اٿاري رهيا آهن. مگر سر زمين سنڌو جا باشندا  نه فقط هندستان مگر ساري روءِ زمين کي متحد ڪرڻ گهرن ٿا! الله تعاليٰ شال اسان جي دوستن کي راهه هدايت نصيب ڪندو. مگر جيڪڏهن هو غير جي جادو بيانيءَ جي ڄار کان پاڻ آجو نه ڪندا ته ان مان اجايو فتنه ۽ فتور پيدا ٿيندو!

سر زمين سنڌ جا باشندا هاڻ سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ دنيا جي نئين نظام جي تنظيم ۾ بهرو وٺڻ لاءِ هنن کي غير جي اثر کان ضرور آزاد ڪرائڻ گهرجي!

آءُ وري به پنهنجي ملڪ جي غير مسلمن کي اپيل ٿو ڪريان ته اسان سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي پنهنجي وطن کي آزاد ۽ خودمختيار بڻائڻ ۾ مدد ڪريو. ”مسلمانن کان خريد ڪريو“، جي تحريڪ جڏهن اسان شرعو ڪئي ته هنن هاءِ گهوڙا مچائي ڏني جنهن مان هنن ظاهر ثبوت ڏنو ته اسان جي انهن دوستن ۾ قوميت جو احساس بلڪل ڪو نه آهي. اسان جا مسلمان هند خواه دولت ۾ پٺتي پيل آهن. تنهنڪري اسان جي غير مسلم هم وطن دوستن کي جيڪڏهن قوميت جو صحيح جذبو هجي ها ته جيڪر اسان جي انهيءَ تحريڪ جي تائيد ڪري مسلمانن کي همٿائي ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جو بنياد ۽ ان جي باشندن جي اقتصادي بهتريءَ جو باعث بڻجي پوي ها. مگر جڏهن به ڪي مسلمان پنهنجي مسلم ڀائرن جي حالت سڌارڻ ص نمبر 4. جي ڪوشش ڪن ٿا ته کين همٿائڻ جي عيوض اسان جا غيرمسلم دوست پاڻ مسلمانن جي مخالفت ۽ ان تي اعتراض ڪن ٿا. مگر هو ڏسن ٿا ته سندن اها روش سندن قومي احساس جي قلت ۽ سندن تنگولي جو مظاهرو ڪري ٿي جنهن مان قومي اتحاد جي اميد بلڪل نابود ٿي وڃي ٿي ان هوندي به جيڪڏهن هو انهيءَ روش تان نه هٽندا ته پوءِ اسان مسلمانن لاءِ فقط هي رستو رهندو جو اسان الله تعاليٰ تي توڪل رکي پنهنجي نجات ۽ فلاح جي رستي تي وک اڳتي وڌايون.

هن موقعي تي آءُ هند جي مسلمانن کي اپيل ٿو ڪريان ته جيتوڻيڪ اسان جي هن سرزمين جي غير مسلم باشندن جو مفاد مسلم مفاد سان ناموافق به نه آهي تڏهن به هو هند جي غير مسلمانن سان ملي اسان کي هند جو غلام بڻائڻ ۾ هنن جي حمايت ڪري رهيا آهن، فقط انهيءَ سبب ڪري جو اسان مسلمان آهيون. ان صورت ۾ هند جي هر هڪ مسلمان جو فرض آهي ته اسان جي هن سرزمين کي آزاد ۽ خودمختيار ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪري پاڪستان جي تحريڪ ۾ هند جي مسلمانن جيڪي نيڪ ڪوششون ڪيون آهن تن جو مون کي پورو پورو اعتراف آهي مگر آءُ سمجهان ٿو ته اهي اڃا ڪافي نه آهن. قوم جي خودمختياري ۽ آزادي فقط ٺهراءُ پاس ڪرڻ ۽ اخباري پروپيگنڊا ڪرڻ سان حاصل ڪا نه ٿيندي. انهيءَ مقصد لاءِ وڏي جدوجهد ۽ گهڻي قرباني جي ضرورت آهي. هن سرزمين جا باشنده قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ حالتون به سازگار آهن مگر اسان کي ضرورت مخلص ڪارڪنن ۽ سرمائي جي آهي.

مخلص ڪارڪنن مان منهنجي مراد آهي مرد ۽ عورتون آهن جي ملت ۽ مذهب خاطر هن ملڪ ۾ اچي ملت جي سياسي ۽ معاشرتي ترقيءَ لاءِ خدمت ڪن ۽ اسان جي ماڻهن کي منظم ڪري آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪن.

سرمايه مان منهنجو مطلب آهي ته هند جا مسلم سرمائيدار آئينده پنهنجي تجارتي ۽ هنري سرگرمين کي هن سرزمين ڏانهن منتقل ڪن جيئن آئينده هي ملڪ اقتصادي طرح پاڻ تي مدار رکندڙ ۽ پنهنجي ضرورت جي پوري ڪرڻ جو پاڻ ڪفيل ٿي سگهي.

اهي ٻه خاميون دور ڪرڻ ۾ اوهان هند جا مسلمان اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهو ٿا. تواريخ شاهد آهي ته مٿي ذڪر ڪيل مقصد لاءِ هن کان اڳي به توهان سيد احمد بريلوي ۽ اسماعيل شهيد جهڙا مجاهد بزرگ اسان لاءِ موڪليا آهن. ڇا اڄ اوهان وٽ انهن جهڙا ماڻهو موجود نه آهن؟ مون کي يقين آهي ته اڄ به اهڙا احمد ۽ اسماعيل توهان وٽ اندر سندن سرگرميون کين اجازت نٿيون ڏين جو ٻئي پاسي متوجهه ٿي سگهن. جيڪڏهن گجرات ۽ بمبئيءَ جون عورتون هندو تسلط قائم ڪرڻ خاطر صوبه سرحد تائين وڃي سگهيون آهن ته ڇا اسان توهان ڀائرن ۾ اميد رکي نٿا سگهون؟ اسان جي مستقبل سان توهان جو مستقبل وابسته آهي. هند ۾ اوهان ڀلي ڪهڙي اوج تي به هجو تڏهن به مون کي يقين آهي ته اسان جي وطن جي مضبوطي کانسواءِ توهان جو اهو اوج پائيدار ڪين ٿي سگهندو. هند ۾ توهان جو وجود اسان جي سرزمين جي اقتدار ۽ استقامت تي ئي مدار رکندو. ملت کي منزل مقصود تائين پهچائڻ لاءِ هيٺين ٽن ڳالهين جي درڪار آهي:-

1. ملت جي متشر شيرازه کي منظم ڪري وحدت ڪردار پيدا ڪرڻ،

2. ملڪ جي اقتصادي حالت درست ڪري ان کي پنهنجي پاڻ تي مدار رکندڙ ۽ پنهنجو پاڻ ڪفيل بڻائڻ،

3. آئينده جي سياست مليه جو پروگرام اسلامي مساوات ۽ اخوت تي تعمير ڪرڻ.

پهرين ضرورت تڏهن پوري ٿيندي جڏهن ساري ملت ۾ مجاهدانه روح ڦوڪي ملت جي هر هڪ بالغ فرد کي ”نيشنل گارڊ“ ۾ داخل ڪيو ويندو.

ٻي ضرورت جي پوري ڪرڻ ۾ توهان هند جا مسلمان اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهو ٿا. هن ملڪ جا باشندا گهڻو ڪري راعت پيشه آهن ۽ تجارت ۽ صنعت کان بي بهره آهن. اوهان جو پئسو ۽ تجربو اسان جي اها خامي دور ڪري سگهن ٿا. اسان توهان کي سڀ قسم جون سهوليتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. توهان جي انهيءَ ڪم کي توهان لاءڀ آسان ڪري ڏيڻ لاءِ ”مسلمانن کان خريد ڪريو“ جي تحريڪ اسان اڳئي شروع ڪري ڏني آهي ۽ خدا تعاليٰ جي فضل سان انهيءَ تحريڪ چڱو اثر پيدا ڪيو آهي. انهيءَ تحريڪ جي اثر کي پايه تڪميل تائين پهچائن ۾ دير فقط تجربا ۽ سرمايه جي آهي جنهنڪري اسان کي اميد آهي ته هن باره ۾ توهان اسان جي دستگيري ڪندا.

اسان جي مخالفن هينئر اسان جي ملت کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيندو ڏسي اسان جي ملت جي شيرازه کي منتشر ڪرڻ لاءِ سرمايه داري ۽ غير سرمايه داري جو حربه (هٿيار) ڪتب آڻڻ شروع ڪيو آهي ۽ غريب طبقي کي ڀنڀلائي شاهوڪار طبقي خلاف ڀڙڪائڻ لڳا آهن. بدقسمتيءَ سان ڪيترا سادا ماڻهو انهيءَ هٿيار جو شڪار ٿيا آهن ۽ ملت جي مخالفن جا ايجنٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ قوم جي مسڪنت جي مڪر سان ملت ۾ خانه جنگي ۽ تباهي پيدا ڪري رهيا آهن. امڪان آهي ته ڪي بکايل ۽ بي علم ماڻهو صياد جي دام تزوير ۾ گرفتار ٿي وڃن. تنهنڪري اهو نهايت ضروري آهي ته هن مسئلي کي خاطر خواهه نمونه ۾ حل ڪرڻ لاءڀ ترت تدارڪ ڪيو وڃي جنهن لاءِ اسان مان مخلص ڪارڪن، مسڪين، هارين ۽ غريب مزدورن کي مسلم ليگ جهنڊي هيٺ منظم ڪري انهن جي اقتصادي ۽ سياسي بهتريءَ واسطي سڀ ممڪن ڪوشش ڪن جيئن مخالفن جي فتنه ۽ شرارت کي هميشه لاءِ روڪي رد ڪري ڇڏجي.

دوستو! تواريخي نقطه نگاهه کان هيءَ ڪانفرنس وڏي اهميت رکي ٿي. هن وقت تائين مسلم ليگ ملت کي آزاد ۽ خودمختيار قومي حڪومت جي بنياد تي متحد ڪرڻ لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آهي. خدا جي فضل سان هنيئر مسلمان انهيءَ اصول تي متحد ۽ متفق ٿي چڪا آهن ۽ هنيئر انهيءَ منزل تي پهتا آهن جڏهن عملي قدمن کڻڻ جي ضرورت پيدا ٿي آهي. ملت جي سياسي تواريخ ۾ هيءَ هڪ نئين دور جي شروعات آهي.

آخر ۾ آءُ وري به توهان جو شڪريه ادا ڪريان ٿو جو هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هن سياري جي موسم ۾ دور دراز ملڪن مان ڪهي هت ڪراچيءَ تائين آيا آهيو. پنهنجي مهمانن جي آسائش جي انتظام ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجي ناقص حال سارو وس مان ڪين گهٽايو آهي. ممڪن آهي ته ڪيتريون اوڻايون رهجي ويون هجن مگر اميد آهي ته توهان اسان جون خاميون خيال ۾ نه آڻيندا.

خطبه صدارت

جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه (ايم. ايل. اي)

چيئرمين استقباليہ ڪميٽي

آل انڊيا مسلم ليگ (ايڪٽيهون) اجلاس

24، 25، 26 ڊسمبر 1943ع، ڪراچي.

Printed by Din Muhammad Mistri Chhatan Lakho at the “Al Wahid” printing press (for Alwahid Ltd.) frere road.

Published by Mr. G.M Sayed, Chairman, Reception, Committee, 31 at All India Muslim League Session, Karachi.  

................................................................................................

سنڌ صوبه مسلم ليگ جي سالياني ميٽنگ

نوٽيس

سنڌ صوبه مسلم ليگ جي سالياني ميٽنگ تاريخ 3 جون 1945ع آچر جي ڏينهن وقت 5 بجي شام جو ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ هال ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندي.

جنهن ۾ هيٺ ڏيکاريل سوال فيصلي لاءِ پيش ٿيندا. سڀني ميمبر صاحبن کي گذارش آهي ته انهن سوالن جي اهميت جي مدنظر ميٽنگ ۾ شريڪ ٿي ممنون ڪندا.

ايجنڊا

1. گذريل ساليانا ميٽنگ جي ڪارروائي پڙهي بحال ڪرڻ.

2. گذريل سال جي رپورٽ پيش ڪرڻ.

3. سال 46-1945ع لاءِ صوبه مسلم ليگ جا نوان عهديدار چونڊڻ.

هڪ صدر، ٻه نائب صدر، هڪ جنرل سيڪريٽري، ٻه جوائنٽ سيڪريٽري، هڪ خزانچي چونڊڻ

4. سال 46-1945ع لاءِ صوبا ڪائونسل تي 10 ميمبر ڪو آپٽ (نامزد) ڪرڻ.

5.  عام ماڻهن جي شڪايتن کي دور ڪرڻ لاءِ صوبه ڪاميٽي مقرر ڪرڻ.

6. آرگنائيزيشن (تنظيمي) ڪاميٽي مقرر ڪرڻ.

7. سنڌ ۾ چونڊن جي تڪرارن کي نيصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ٽربيونل مقرر ڪرڻ.

8. صوبي لاءِ پارليامينٽري بورڊ مقرر ڪرڻ.

9. تنظيمي پروگرام بڻائڻ.        

10. ٻيو ڪو به ڪم جناب صدر صاحب جي منظوريءَ سان.

(سيد) غلام مرتضيٰ شاهه.

صدر سنڌ صوبه مسلم ليگ ڪراچي

11 مئي 1945ع، ڪراچي

 

..........................................................................

 

Good Wishes