لاڙڪاڻي شهر ۽ ضلعي جي مسلمانن جو عظيم الشان اجلاس. جلسي ۾ مسلم ليگ جي قيام ۽ هڪ مهيني جي اندر ڏهن هزار مسلمانن کي مسلم ليگ ۾ شريڪ ڪرڻ جو اٽل فيصلو!

18 اپريل 1938ع سومر ڏينهن مغرب جي نماز بعد لاڙڪاڻي جي تجر باغ جي کليل ميدان ۾ ضلعي ۽ شهر جي مسلمانن جو هڪ نهايت عظيم الشان جلسو منعقد ٿيو.

جلسي جو اشتهار ڪڍيو ويو جنهن تي 32 ماڻهن جو صحيحون هيون جن ۾ شيخ عبدالمجيد مولانا محمد صاحب نورنگي صدر جمعيت العلماءِ ضلعو لاڙڪاڻو، مولوي محمد دائود صاحب تنيه، مولوي الحاج عبدالڪريم بٺوري، مولوي الحاج خوش محمد صاحب هيرو خان، مولوي عبدالله صاحب، جلسي جي صدارت مولانا مولوي مير محمد صاحب نورنگيءَ ڪئي. جنهن مسلمانن کي ڪانگريس کان پري رهڻ جي تلقين ڪئي.

الوحيد، جلد سترهون، نمبر9، 21 اپريل 1938ع.

.................................................................

لاڙڪاڻي وارو جلسو

ٺهراءَ نمبر 1:

لاڙڪاڻي ضلعي جي مسلمانن جو هي نمائنده جلسو آل انڊيا مسلم ليگ ۾ پنهنجو ڪلي اعتماد ڏيکاريندي ظاهر ڪري ٿو ته آل انڊيا مسلم ليگ هندستان جي مسلمانن جي واحد قومي جماعت آهي.

هن جلسي جو غور شده رايو آهي ته مسٽر محمد علي جناح مسلمانن جي قائداعظم جي حيثيت ۾ مسلمانن جي صحيح طرح سياسي رهنمائي رهيو آهي ۽ اسان جو مٿس ڪلي اعتماد آهي جيڪا هو هندستان جي ٻين قومن ۽ جماعتن سان مصالحت جي گفت شنيد ڪري رهيو آهي تنهن تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ٿو ڪري.

هي جلسو سنڌ جي مسلمانن جو ڌيان ڇڪائي ٿو ته جنهن قوم جو قومي نظام نه آهي سا مرده قوم آهي.

تنهنڪري تمام ضروري آهي ته سنڌ جا مسلمان هر ڳوٺ ۽ هر شهر ۽ هر ضلعي ۾ مسلم ليگ جون شاخون قائم ڪن ۽ هي جلسو ضلعي لاڙڪاڻي لاءِ هيٺينءَ ريت مسلم ليگ قائم ڪندي ان کي درخواست ڪري ٿو ته ضلعي ۾ چوطرف مسلم ليگ جون شاخون قائم ڪيون وڃن ۽ هڪ مهيني جي اندر گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار مسلمانن کي ضلع مسلم ليگ ۽ ان جي شاخن ۾ ميمبر بڻايو وڃي.

هي جلسو سنڌ اسيمبليءَ جي سڀني مسلمان ميمبرن کي درخواست ڪري ٿو ته سنڌ اسيمبليءَ جي اندر سمورا مسلمان ميمبر مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي وڃن ۽ مسلم ليگ پارٽي ٺاهي مسلم ليگ جي جوڙجڪ هيٺ پنهنجي ميمبرن جي اتفاق راءِ موجب حڪومت جو ڪاروبارهلائيندا رهن. هن جلسي کي ظاهر ڪندي خوشي آهي ته سنڌ مان وائسراءِ جي اسيمبلي ۾ جي مسلمان چيو هي آهي تن مان وڏيرو نبي بخش ڀٽه ۽ سر حاجي عبدالله هارون مرڪزخي مجلس ۾ مسٽر محمد علي جناح جي رهنمائيءَ هيٺ مسلم ليگ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿي ويا آهن ۽ هي جلسو سنڌ جي مسلمانن کي درخواست ڪري ٿو ته ساڳيءَ ريت پنهنجن تڪن جي عيوضين کي سنڌ اسيمبليءَ جي اندر مسلم ليگ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿي وڃڻ جي هدايت ڪن ۽ جي عيوضي سندن فيصلي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن تن کان پنهنجي ميمبريءَ کان استعيفيٰ ڏيڻ جي تقاضا ڪن.

هي جلسو انهن مسلمان ميمبران جي خود غرضانه طرز عمل تي اظهار افسوس ٿو ڪري جن محض پنهنجي ذاتي غرض جي بنا تي وزارت حاصل ڪرڻ جي ارادي سان مسلم اڪثريت کي ٽوڙي قوم ۽ ملڪ کي هڪ وڏو نقصان رسايو آهي.

هن جلسي جو پختو رايو آهي ته موجوده تشڪيل سان موجوده وزارت ڪڏهن به ملڪ۽ مفاد عام خصوصن مسلمانن جي واجبي مطالبن جي پورائي ۽ جائزحقن جو بچاءُ ڪري نه سگهندي. لهذا هي جلسو پنهنجي سڀني مسلم نمائندن کي پرزور درخواست ٿو ڪري ته هو پنهنجا تمام اختلاف وساري مسلم ليگ جي مقدس قومي جماعت ۾ شريڪ ٿي وڃن ۽ اهڙيءَ ريت مسلمانن جي ٽٽل اتحاد کي ازسر نو قائم ڪري قوم ۽ ملڪ کي بي اتفاقي جي اگرن نتيجن کان بچائي پنهنجي نمائندگيءَ جي حق بجا آڻڻ جو ثبوت پيش ڪن.

ٺهراءَ تي خان بهادر کهڙي صاحب اڌ ڪلاڪ کن تقرير فرمائي. جنهن ۾ هن صاحب مسلم ليگ جي ضرورت جو اظهار ڪندي مسلمانن کي جوق درجوق ان ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ڪئي ۽ اڳين وزارت جي ڪارنامن خصوصن پارٽيءَ جي پنج سال پروگرام کي ڪيتري حد تائين پورو ڪيو ويو آهي؟ ڪيئن جلدائيءَ سان باقي حصي کي اڳين وزارت پورو ڪرڻ ٿي گهريو، تنهن تي نهايت موثر نموني ۾ جلسي اڳيان حقيقت پيش ڪيائين جنهن تي حاضرين آفرين آفرين الله اڪبر نعرن سان تحسين ۽ پنهنجي خوش نودي ظاهر ڪري رهيا هئا.

خان بهادر کهڙي جي ٺهراءَ جي تائيد سرائي علي گوهر خان لاهوري مختصر مگر دلچسپ الفاظن سان ڪئي جنهن ۾ هن صاحب به موجوده وزارت جي قوم فروشا نه ڪم جي خوب قلعي کولي. ان کانپوءِ آغا نظر علي خان ٺهراءُ جي هڪ هڪ فقره تي روشني وڌي. ڏيڍ ڪلاڪ کن تقرير ڪيائين جنهن ۾ هن صاحب سليس ۽ عام فهم الفاظن ۾ ملسم ليگ جي ضرورت، ڪانگريس جي هندو سڀائي ذهنيت ۽ هندستان اندر هڪڙن پرڳڻن ۾ هڪڙي پاليسي ٻين ۾ ٻي پاليسي قائم ڪري مسلم قوم کلي سندس واجبي حقن کان محروم ڪرڻ ۽ سندس وطن جي آزادي گهرڻ جو صحيح مطلب (ته هو انگريزن جي موجودگي ۾ هندو مئجارٽيءَ جي راڄ قائم ڪرڻ کي وطن جي آزادي سمجهي رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو مسلمان ٻٽي بادشاهت قائم ٿيڻ ڪري ڪانگريس کان پنهنجي واجبي حقن جي بچاءَ جي قبوليت گهري رهيا آهن) ۽ سنڌ جي اڳين وزارت جي ملڪ ۽ ملت ۽ نوازي ۽ موجوده وزارت جي خود غرضيءَ ڪري مسلمانن جي اتحاد کي پهتل نقصان ۽ موجوده وزارت جو هندو سڀائي ۽ ڪانگريسين جي نرغ ۾ اچي عمليءَ طرح بيوس ٿي پوڻ تي خوب تبصرو ڪيو. آغا صاحب جي تقرير عام فهم ۽ زبردست دليلن سان لبريز هئي. تنهنڪري حاضرين هر وقت کيس الله اڪبر جي نعرن بلند ڪرڻ ۽ آفرين چوڻ سان داد ڏئي رهيا هئا آغا صاحب جي تقرير بعد ٺهراءُ يڪراءِ پاس ڪيو ويو.

ان کانپوءِ ٻيو هيٺيون ٺهراءُ مسلم ليگ جي عهديدارن جو سيد ميان وريل شاهه پيش ڪيو.

ٺهراءُ نمبر 2:

مسلم ليگ ضلعو لاڙڪاڻو

1. خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو صدر

2. سرائي علي گوهر خان لاهوري نائب صدر

3. قاضي فضل الله

عبيد الله جنرل سيڪريٽري

4. ميان غلام عباس قادري جوائنٽ سيڪريٽري

ورڪنگ ڪميٽي

1. خانبهادر حاجي امير علي خان لاهوري

2. رئيس حسن علي خان اسراڻ

3. وڏيرو فقير محمد خان انڙ

4. وڏيرو محمد هاشم جوڻيجو

5. رئيس الهداد خان تونيه

6. خان صاحب رئيس گل محمد خان ابڙو

7. رئيس جان محمد چانڊيو

8. دوست محمد خان هڪڙو

9. رئيس غلام حسين شيخ

10. رئيس مٺل خان شيخ

11. حاجي الهه بخش کوکر

12. مولوي خوش محمد

13. رئيس پير بخش خان کهاوڙ

14. رئيس حاجي دريا خان

15. رئيس محمد علي خان کهاوڙ

16. حاجي علي نواز گهانگهرو

17. حاجي الهه بخش هڪڙو

18. ميان وريل شاهه

19. گل محمد خان ڦل

20. شير محمد ابڙو

21. ميان علي محمد قادري

22. رئيس فريد خان جتوئي

23. وڏيرو عبدالهادي ٻگھيو

24. سيد ميهر شاهه

25. مسٽر محمد حنيف وڪيل

ڏهه وڌيڪ ميمبر هن کانپوءِ شريڪ ڪرڻ لاءِ هن جماعت کي اختيار رهندو.

3- ڪورم صرف 12 ميمبرن جو رهندو.

4- چنده جي رقم هڪ سئو تائين سيڪريٽريءَ وٽ رهندي ۽ انهيءَ کان زياده صدر صاحب ۽ سيڪريٽريءَ جي تافي گڏيل ڊپازٽ طور بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ويندي.

ٺهراءُ نمبر ٻيو شاهه صحب به علامه اقبال جي ولولا انگيز اشعارن سان ڪانگريس ۽ موجوده وزارت جي خودغرضانه روش ۽ مسلم ليگ اهميت تي هڪ زبردست تقرير ڪئي سندس ٺهراءَ جي تائيد ص نمبر 3 قاضي فضل الله صاحب ڪئي.

ڇو ته وقت گهڻو گذري چڪو هو. تنهنڪري قاضي صاحب کي پنهنجن بي پناهه جذبات ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملي نه سگهيو. ٻيو ٺهراءُ به يڪراءُ پاس ٿيو.

ان کانپوءِ مولانا خوش محمد صاحب مسلمانن کي متحد ٿي رهڻ ۽ صادقانه طرح قرآن شريف تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پڇاڙيءَ ۾ صدر جلسي جناب مولانا نورنگي صاحب هڪ نهايت فاضلانه و عالمانه تقرير ڪئي جنهن ۾ هن صاحب جي هليل سموري ڪارروائي ۽ ٿيل تقريرون جي کليل لفظن ۾ تائيد ڪندي مسلمانن کي فرمايو ته اوهان هرگز ڪانگريس ۾ شريڪ نه ٿيو. ڪانگريس ڪڏهن به مسلمانن جي خير خواهي نه گهرندي. مولانا موصوف دوران تقرير ظاهر ڪيو ته مون مولانا محمد صادق صدر جمعيت العلماءِ سنڌ کي به قنبر ۾ ساڳيو عرض ڪيو هو ته مسلمانن کي ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ جو ضرور ڪو نه آهي. مسلمانن کي پنهنجو قومي نظام قائم ڪرڻ گهرجي.

وڌيڪ مولانا صاحب فرمايو ته کان هڪ مذهبي ماڻهو آهيان. اسلام جو جيتري قدر مون مطالعو ڪيو آهي ۽ ان موجب مون کي جيڪا ڄاڻ حاصل ٿي آهي ساهيءَ آهي ته مسلمانن جو شان ۽ مان ۽ وقار هن ۾ آهي ته هو پنهنجو خالص اسلامي نظام قائم ڪن ۽ غير جي مدد جا محتاج نه رهن. مولانا موصوف پنهنجي تقرير ۾ قرآن پاڪ ۽ احاديث نبوي صاحب جو به نهايت پراثر وعظ فرمايو. جنهن کانپوءِ سڄي جلسي تي ڪافي اثر ٿيو ان کانپوءِ مولانا موصوف دعاءِ خير گهري ۽ اهڙيءَ ريت جلسه خير و خوبي ۽ نهايت شاندار ڪاميابيءَ سان اختتام پذير ٿيو.

زنده باد مسلمانان لاڙڪاڻه

صحيح مولوي نورنگي

صدر جلسه مسلمانان لاڙڪاڻه

الوحيد، جلد سترهون، نمبر91، 22 اپريل 1938ع، ص 4.

...............................................................

سکر ۾ مسلم ليگ جي تحريڪ

17 جون جمعي ڏينهن جامع مسجد تالاب تي مسٽر غلام نبي خان ميونسپل ڪائونسلر موجوده حالتن تي تقرير ڪندي ڪانگريس جي روش تي خوب روشني وڌي ۽ مسلم ليگ ۾ شرڪت لاءِ ماڻهن کي دعوت ڏني جنهن تي عام جماعت ڪانگريس کان بيزاري ڏيکاريندي ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو شوق ڏيکاريو. جلسي ۾ هي به ظاهر ڪيو ويو ته ڪانگريس مولوي جيئن ته مولانا محمد صادق ۽ حڪيم فتح محمد اسان وٽ منزل گاهه مسجد لاءِ آيا پر هنن هن وقت تائين ان باري ۾ وري ڪا به ڪوشش ڪا نه ورتي ۽ سرڪار جي خوشامد ۾ پورا آهن. ڇو نٿا پنهنجو بيان پڌرو ڪن ته هو مسجد ڇڏائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ وارا آهن. مطلب ته تقرير جو عام تي چڱو اثر ٿيو. (خاطو)

الوحيد، جلد سترهون نمبر 140، 21 جون 1938، ص 8

..................................................................

جيڪب آباد ۾ مسلم ليگ جو جلسو

28 تاريخ تي جيڪب آباد ۾ رات جو مفتي و پيش امام سيد عبدالنبي شاهه جي صدارت ۾ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو. ايڊيٽر (اتحاد) ڪانگريس مسلم ليگ اميدوار جي خلاف جيڪا پروپئگنڊا ڪئي آهي ان تي روشني وڌي. پوءِ شيخ عبدالمجيد صاحب تقرير ڪئي.

ايڊيٽر (اتحاد) پنج ٺهراءَ پيش ڪيا جيڪي بحال ٿيا.

الوحيد، جلد سترهون، نمبر 150، 2 جولاءِ 1938ع، ص 5.

.....................................................................

سنڌ اسيمبلي جي مسلم ميمبرن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ لاءِ ميرو خان تعلقي جي علمائن جو عملي قدم

سنڌ اسيمبليءَ جي مسلم ميمبرن صاحبن جي وچ ۾ جو تعساني غرضن تي ڦيٿارو پيدا ٿيل آهي ان ڪري جي مصائب سنڌ جي مسلمان ميمبرن تي آيل آهن يا اچڻا آهن انهن کي محسوس ڪندي ميروخان تعلقي جي علمائن جي ميٽنگ ڳوٺ بٺي ۾ مولوي محمد ابراهيم جي مدرسي ۾ ٿي گذري گهڻي مباحثي کانپوءِ طئي ڪيو ويو ته حيدرآباد ۾ مسلم ليگ جي جهنڊي چاڙهڻ وقت جيڪا رٿ پيش ڪئي ويئي آهي ته مسلم ميمبرن جي درن تي پيڪٽنگ جاري ڪجي ان رٿ کي تحسين جي نظر سان ڏسندي فيصلو ڪيو ويو ته ان رٿ کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ پروگرام ٺاهجي اسيمبليءَ جي اجلاس شروع ٿيڻ تائين ساري سنڌ ۾ ورڪ ڪري والنٽيئر پيدا ڪجن. جيئن هزارن جي تعداد ۾ والنٽيئر شريڪ ٿي وڃن ۽ وڏي طاقت سان وڃي. اسيمبلي ميمبرن صاحبن جي درن تي پهچن ان ڪم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀني مولوي صاحبن مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو. ميٽنگ ۾ تعلقي جي صدر حضرت مولانا خوش محمد صاحب دام فيضه جن به شريڪ هئا ۽ وقتي صدر چونڊيل هئا. ان کانسواءِ مولوي محمد دائود صاحب مهتم، مولوي عبدالڪريم بٺوي، مولوي محمد ابراهيم بٺوي، مولوي محمد خان اهير وغيره علماءِ ڪرام شريڪ هئا.

الوحيد، جلد سترهون، نمبر 159، 13 جولائي 1938، ص 3

.....................................................................

مسلم ليگ محبوب تنيه جو اهم اجلاس

تاريخ 8 جولائي 1938ع جامع مسجد ڳوٺ محبوب تنيه تعلقي ميروخان مسلم ليگ جي عهديدارن ۽ ميمبرن جي هڪ خاص ميٽنگ ٿي صدارت رئيس ميان ڪريم بخش صدر مسلم ليگ جي منعقد ٿي.

ابو عبيدالله مولوي محمد دائود تقرير ڪئي.

ٺهراءَ نمبر 1: هي جلسو مولوي محمد هاشم صاحب سان همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿو جو قرآن شريف ٻڌائيندي ڪن جاهلن مٿس حملو ڪيو آهي ۽ سچن مجرمن کي سخت سزا ڏني وڃي.

ٺهراءَ نمبر 2: هي جلسو گورنمينٽ جي ورتل روش ۽ بيجا حملن ۽ ظلمن کي فلسطين جي مقدس مقامات ۾ عربن مٿان ڪيا وڃن ٿا. نهايت نفرت ۽ حقارت جي نظرت سان ڏسي ٿو ۽ جاني مالي قرباني ڪرڻ لاءِ پنهنجو جذبو ظاهر ڪري ٿو.

ٺهراءَ نمبر 3: هي جلسو اصلاح اخبار جي لڳولڳ اشاعت خصوصن 2 جولائي واري مضمون کي نهايت نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو جو سنڌ جي امن واري علائقي ۾ عالمن سڳورن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي بيجا ڪوشش ڪري پنهنجي بدنيتي جو ثبوت پيش ڪيو آهي.

ٺهراءَ نمبر 4: هي جلسو ميروخان جي علمائن ۽ ورڪرن جي جنرل ڪميٽي 7 جولائي سڏايل جي پرزور تائيد ٿو ڪري جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن جمعيت العلماءِ سنڌ ۽ سندس آرگن اصلاح سڳوري موجوده وزارت جي حمايت ۾ رهي ملڪ ۽ قوم جي بربادي ڪندي ته اسان اهڙي جمعيت کان هڪدم عليحده ٿي پنهنجي ضلعي لاڙڪاڻي جو ڪم پنهنجي جوابداريءَ تي ڪندا رهنداسون.

ٺهراءَ نمبر 5: هي جلسو ڳوٺ محبوب تونيه گهڻي ارمان سان گورنمينٽ سنڌ جو ڌيان ڇڪائي ٿو ته اسان جي ڳوٺ محبوب تونيه يا تعلقي جي ٻين ڳوٺن ۾ جتي مسلم ليگ جون جماعتون قائم ڪيون ويون آهن. انهن جي عهديدارن ۽ ميمبرن جو تحفظ.

سيڪريٽري مسلم ليگ محبوب تونيه

الوحيد، جلد سترهون، نمبر 160، 14 جولائي 1938ع. ص 4

.....................................................................

مولوي حڪيم محمد عبدالڪريم جو مسلم ليگ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ خط

سنڌ جي باشندن ڪانگريسن کي مذڪوره مولويءَ اپيل ڪئي آهي ته ڪانگريس کي ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو اها واحد پارٽي مسلمانن جي حقن جي حفاظت ڪندي. اها اپيل شاگردن کي به ڪئي ويئي جيڪي ڪانگريس ۾ هئا.

فقط

(شان مهر)

اوهان جو خير انديش

(مولانا) نور محمد صاحب چاچڙ ازڪنڊو

چاچڙ تعلقو گهوٽڪي.

الوحيد، جلد سترهون، نمبر 226، 4 آڪٽوبر 1938ع، ص 3

.....................................................................

مسلم ليگ گوزه تعلقه ڪڪڙ جو اجلاس

28 سيپٽمبر 1938ع جنرل اجلاس مسلم ليگ گوزي جو زير صدارت وڏيرو غلام محمد خان ٻرڙي جي منعقد ٿيو. جنهن ۾ اٽڪل 400 کن ماڻهو هئا.

صدر صاحب ڪانگريس حڪومت جي ڪارنامن ۽ مسلم ليگ جي زور وٺائڻ لاءِ تقرير ڪئي، ان بعد مولوي دين محمد خان پاٽائي، مولوي محمد حمزو خان ڊگهائي، ميان تاج محمد صاحب، مولوي الاهي بخش صاحب، مدرس تقريرون ڪيون.

(1)سال 1938ع- 1939ع لاءِ 59 جنرل باڊيءَ جا ميمبر چونڊيا ويا.

(2) سال 1939ع لاءِ هيٺيان عهديدار جنرل باڊيءَ جا چونڊيا ويا.

1. وڏزيرو غلام محمد خان ٻرڙو (صدر)

2. سرائي حاجي لعل بخش خان راهوجو (نائب صدر)

3. ماستر ميان محمد بخش مڱريه (جنرل سيڪريٽري)

4. وڏيرو جان محمد ڪوريجو(جوائنٽ سيڪريٽري)

5. مولوي الاهي بخش صاحب (مبلغ)

6. ميان تاج محمد صاحب (مبلغ)

(3)ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي عهديدارن کانسواءِ وڌيڪ 8 ميمبر کنيا ويا.

الوحيد، جلد سترهون، نمبر 226، 4 آڪٽوبر 1938ع، ص 3

.....................................................................

مسجد منزل گاهه تان پوليس جو پهرو کنيو ويو ۽ مسلمانن کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني ويئي.

عيدگاهه مان مجاهدن جي ڪيمپ کڻي منزل گاهه ۾ مسجد جي سامهون ڪئي وئي.

مسجد جي آزادي جي آرڊر کان اڳ مجاهدن جيل مان نڪرڻ کان انڪار ڪيو. 3 هزار مجاهد ڪيمپ ۾ موجود (خاص تار)

آل انڊيا مسلمانن جا مسجد منزل گاهه جي مجاهدن سان همدردي ۽ امداد جا پيغام.

حيدرآباد دکن                پشاور         ڪوئيٽا مان

4 آڪٽوبر           4 آڪٽوبر   4آڪٽوبر

بمبئي مان 4 آڪٽوبر تي.

سال ارڙهون، نمبر 226، 4 آڪٽوبر 1939ع، ص 1.

.....................................................................

ڳوٺ محبوب تونيه تعلقي ميروخان ۾ احتجاجي جلسو

تاريخ 30 سيپٽمبر1938ع ڳوٺ محبوب تونيه ۾ زير صدارت ميانجي محمد يوسف صاحب قريشيءَ جي جلسو منعقد ٿيو. ابو عبيدالله مولوي محمد دائود صاحب تقرير ڪئي. سنڌ جي نام نهاد جماعت ڪانگريسي ملن جي تازو خالقڏنو هال ۾ ورتل روش کي ننديو ويو.

الوحيد، جلد سترهون، نمبر 229، 27 آڪٽوبر 1938ع، ص 5

.....................................................................

سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس ڪراچيءَ جي ٽي ۽ چوٿين نشست

فلسطين جي مظلومن سان همدردي ۽ براج جي قرض بابت ٺاهه.

ٽي نشت 10 آڪٽوبر 1938ع سومر ڏينهن شام جو 7 بجي شروع ٿي. ابوالقاسم فضل الحق، مولانا شوڪت عليءَ تقريرون ڪيون.

ڪانفرنس جي چوٿين نشست ساڍي 9 بجي زير صدارت قائداعظم محمد علي جناح جي ٿي.

جلد 17، نمبر 231، الوحيد 13 آڪٽوبر 1938ع، 1 کان 8 ص.

.....................................................................

پهرين سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرنس جو اختتام

گورنر سنڌ ۽ موجوده وزارت تي ملامت جا ٺهراءَ پاس ٿيا.

سنڌ اسيمبليءَ جا 27 مسلمان ميمبر مسلم ليگ ۾ شامل. قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين رهنمائن جون تقريرون.

رات 9 بجي پنجين نشست قائداعظم صدارت ڪئي.

سر عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر کهڙي، محمد هاشم گذدر ۽ ٻين تقريرون ڪيون.

الوحيد، جلد سترهون، نمبر 232، 14 آڪٽوبر 1938ع، 1 کان 8 ص.

.....................................................................

قائداعظم محمد علي جناح جو جيڪب آباد- شڪارپور ۽ سکر ۾ شاندار استقبال

سکر جي جلسي ۾ 12 هزارن کان مٿي ماڻهو هئا. قائداعظم سان گڏ راجا صاحب محمود آباد، سر عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد، مسٽر محمد هاشم گذدر ۽ ٻيا مسلم ليگ جا اڳواڻ به هئا. مختلف هنڌن تي تقريرون ٿيون.

الوحيد، جلد سترهون، نمبر 237، 25 آڪٽوبر 1938ع، ص 8.

.....................................................................

قنبر ۾ مسلمانن جو زبردست اجتماع فلسطين ڪاميٽيون برپا

27 شعبان: انجمن فدائي اسلام جي اهتمام سان ملسمانن جو زبردست جلسو زير صدارت مولانا نورنگي ٿي گذريو. مولوي غلام مصطفيٰ جلسو سڏائڻ جو مقصد ٻڌايو. فلسطين ۾ عربن تي مظالم ٻڌايا، فلسطين ڪاميٽيون برپا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. تنهن بعد مولوي عبدالڪريم بٺوي ۽ مولوي غلام فريد تقريرون ڪيون. هيٺينءَ طرح فلسطين ڪاميٽيون برپا ٿيون.

قنبر تعلقو: فلسطين ڪاميٽيءَ جو صدر مولانا مير محمد صاحب نورنگي ۽ نائب صدر مولوي غلام فريد ۽ ناظم مولوي غلام مصطفيٰ.

قنبر شهر: فلسطين ڪاميٽيءَ تي صدر غلام محمد خان نائب صدر گلاب خان ۽ ناظم حمزه خان چونڊيا ويا.

هندو زميدارن طرفان ڪوڙن ڪيسن کي منسوخ ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ٿيو.

جلد سترهون، نمبر 243، 27 آڪٽوبر 1938ع، ص 5.

.....................................................................
مسلم ليگ جو جلسو

ڳوٺ وهره تعلقي عمرڪوٽ ۾ مسلم ليگ جو عظيم الشان جلسو

ڪي اهم ۽ ضروري ٺهراءَ

تاريخ 9 نومبر تروايح نماز بعد مولوي شير محمد جي صدارت ۾ جلسو ٿيو. ڪيترائي ماڻهو آيل هئا. مولانا شير محمد ۽ مسٽر لطف الله زوردار تقريرون ڪيون.

ٺهراءَ:

1. مصطفيَ ڪمال جي وفات تي ڏک جو اظهار.

2. فلسطين جي عربن تي ٿيندڙ مظالم کي حقارت سان ڏسڻ.

رٿ:- محمد ابراهيم افغان

تائيد:- حڪيم مولوي محمد امين.

3. ڪانگريس تي ناراضگيءَ جو اظهار.

4. ڍلون نه وڌايون وڃن.

الوحيد، جلد سترهون، نمبر 268، 30 نومبر1938ع، ص 4.

.....................................................................

تلهار ۾ مسلم ليگ جو جلسو

20 جنوري جمعي نماز بعد مير فتح محمد خان صاحب جي صدارت هيٺ جلسو ٿيو جنهن ۾ 8، 7 سئو ماڻهو هئا. ٻين سان گڏ مولوي محمد صالح صاحب چانڊيو ۽ مولوي حڪيم سيد حاجي محمد حسن تقريرون ڪيون ۽ ماڻهن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اپيل ڪئي.

الوحيد، جلد ارڙهون، نمبر 21، 26 جنوري 1939ع، ص 5.

.....................................................................

شهدادڪوٽ ۾ مسلم ليگ جو جلسو

16 جون تي شهدادڪوٽ ۾ مولانا قمرالدين صاحب جي صدارت ۾ ٿيو. ماڻهو ڪافي تعداد ۾ آيل هئا. صدر صاحب ۽ مولوي عبدالعزيز ساڪن ضلع مظفر ڳڙهه جي تقريرون ڪيون. مسلمانن کي مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اپيل ڪئي ويئي.

خاطو

ڳوٺ نبي سر ۾ مسلم ليگ جو 6 جون تي جلسو ٿيو.

الوحيد، جلد ارڙهون، نمبر 143، 28 جون 1939ع، ص 4.

.....................................................................

شهر نبي هڪڙا تعلقي ميروخان ۾ قومي جلسو

21 جولائي جمعي تي حضرت مولانا شاهه محمد صاحب جي صدارت ۾ ٻه سئو کن ماڻهو هئا. اسلامي اخلاق ۽ آداب تي صدر صاحب روش وڌي.

ٺهراءُ نمبر1: سنڌ وزارت تي زور ڀريو ويو ته حضور نظام رکڻ جي خلاف هندن طوفان  کڙو ڪيو آهي ۽ رياست ۾ سول نافرماني ڪرڻ لاءِ جٿان موڪليا وڃن پيا جيئن ڪانگريس وزارتن ۽ ٻين حڪومتن اهڙن جٿن موڪلن تي قانوني بندش وڌي آهي. اميد ته سنڌ وزارت به فنڊز کي روڪڻ لاءِ قدم کڻندي.

ٺهراءُ نمبر2: مولوي صاحبن، وڏيرن کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل.

ٺهراءُ نمبر 3: ضلعي سکر جي ڪن مولوي صاحبن تي خوني حملا ٿيا آهن. جوابدارن تي قدم کڻڻ لاءِ سنڌ وزارت کي اپيل.

ٺهراءُ نمبر 4: لاڙڪاڻي جي مسلم اسيمبلي ميمبرن کي اپيل ڪري ٿو ته مسلم ليگ ۾ جلد از جلد شامل ٿين.

ٺهراءُ نمبر5: هي جلسو سنڌ وزارت جي انهن ميمبرن تي اعتماد نٿو ڪري جيستائين مسلمانن جي حقن جي حفاظت نٿي ڪئي وڃي.

ٺهراءُ نمبر6: قرآن پاڪ جي فروخت لاءِ هندن کي روڪيو وڃي.

(خاطو)

الوحيد، جلد ارڙهون نمبر149، 29 جولائي 1939ع، ص5.

.....................................................................

18 آگسٽ تي جلسن ملهائڻ جو مسلم ليگ طرفان سڏ

سکر ۾ مسجد منزل گاهه جلسو

18 آگسٽ تي سنڌ مسلم ليگ جي سڏ تي جلسو ٿيو. ليوڪس پارڪ سکر ۾ مسٽر احمد علي خان جي صدارت ۾ ٿيو. اٽڪل پنج ڇهه هزار ماڻهو آباد هئا. مولوي محمد بخش صاحب مسجدن جي حرمت تي قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ تقرير ڪئي.

ٺهراءَ:

(الف) سنڌ سرڪار تي زور ڀريو ويو ته مسجد منزل گاهه واري زمين مسلمانن جي حوالي ڪري.

(ب) اسيمبليءَ لاءِ سکر مان چونڊيل ميمبرن تي زور ڏنو ويو ته هو مسجد منزل گاهه جي زمين آزاد ڪرائي ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺن.

(ج) هندو ڀائرن اسان جي مدد نٿا ڪري سگهن ته مخالفت به نه ڪن ڇو ته اسان جو ٽڪر حڪومت سان آهي.

الوحيد، جلد ارڙهون، نمبر 189، 23 آگسٽ 1939ع، ص 4.

.....................................................................

مسجد منزل گاهه

500 مجاهدن اڳيان مسجد جي احاطي جو دروازو کلي پيو. مجاهد مسجد اندر داخل ٿي ويا. هو بنا کاڌي پيتي جي سمورو وقت مسجد ۾ ويٺا رهيا. رات جو 5 سئو  مجاهدن کي پوليس لارين ۾ ڀري شهر جي ٻاهران ڇڏي آئي. مسلم ليڊرن جو سرڪار کي چتاءُ، ستياگرهين جي رهڻ لاءِ ڪو انتظام ڪريو نه ته سموري جوابداري مٿن پوندي. (خاص تار)

مجاهدن جو هڪ جٿو 3 سئو والنٽيئرن جو مسجد منزل گاهه جي دروازي اڳيان اچي گڏ ٿيو. جٿي جي ڀيڙ ڪري دروازو کلي پيو سمورا والنٽيئر اندر گهڙي پيا. احراري ستياگره چڱو بهرو وٺي رهيا آهن ۽ ٻن ڏينهن اندر 5 سئو گرفتار ٿي چڪا آهن. (11 بجي رات (خاص تار)

وزيرن ۽ سندن حمايتن ميمبرن جي درن تي سول نافرماني ڪئي وڃي. سول نافرماني سکر جي ڊڪٽيٽر جو حڪم (خاص تار)

سکر 3 شيخ واجد علي مسجد منزل گاهه جي ڊڪٽيٽر مسٽر علي محمد راشديءَ کي اجازت ڏني آهي ته مسلمان وزيرن ۽ سندن حمايتي ميمبرن جي گهرن تي هو مٿئين مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾ ستياگرهي مرڪز کولين اهڙيءَ طرح مسٽر جي ايم سيد کي نواب شاهه ۾ ۽ سيد خير شاهه ۽ سرهندي بزرگن کي حيدرآباد ۾ مرڪزن کولڻ لاءِ هدايتون ڪيون ويون آهن. ميرپورخاص جي مرڪز جو به انتظام ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم جي شڪارپور وادي جاءِ تي هن وقت کان وٺي مظاهرو شروع ڪيو ويو آهي. اڄ صبح جو 10 بجي تائين 220 والنٽيئر گرفتار ٿي چڪا آهن.

مسجد منزل گاهه بابت هندو اخبارن جي فرقيوارانه ڪوڙي پروپيگنڊا، مسلمان مجاهدن معافي ڪا نه ورتي آهي. سمورو وقت پرامن نموني ۾ ستياگرهه هلي رهيو آهي.

هندو اخبارن جي ڪوڙن تي هرگز اعتبار ڪرڻ نه گهرجي. (خاص تار)

گذريل ڏينهن چئن ڏينهن اندر مسجد منزل گاهه جي سول نافرماني ۾ مجاهدن نهايت حيرت انگيز نموني ۾ سمورو وقت بلڪل عدم تشدد ۽ غير فرقيوارانه روش ۽ منظم طريقي تي رهيا آهن. حالانڪه جيل جي اندر يا جيل کان ٻاهر کين گرمي ۽ بک جو سخت مقابلو ڪرڻو پيو آهي.

اخبار سنڌ آبزرور ۾ ستياگرهه تحريڪ بابت جيڪي به خبرون شايع ٿيون آهن سي بلڪل شرارت انگيز آهن. جنهن ڪري ممڪن آهي ته آئينده هلي حالتون فرقيوارانه رنگ اختيار ڪن. 3 آڪٽوبر واري پرچي ۾ ستياگرهه بابت سمورا ليک غلط آهن. سنڌ آبزور مسجد جي پرامن ۽ عدم تشدد واري ستياگره کي بدانتظامي وارو انڌاڌنڌ سڏيو آهي. هوڏانهن اوم منڊلي ۽ هنومان مندر جي هندن واري ستياگرهه جي خوب حمايت ڪئي هئائين. هن هي به لکيو آهي ته (1) ستياگرهين 144 قلم واپس وٺڻ مان فائدو ورتو ۽ (2) آل انڊيا مسلم ليگ ستياگره جي اجازت ڪا نه ڏني آهي ۽ (3) ڪن والنٽيئر، معافي ورتي آهي مگر اهي سموريون ڳالهيون آبزرور جون بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهن.

ستياگرهه تڏهن ئي شروع ڪيو ويو جڏهن وزيراعظم مسلمانن جي جائز مطالبن قبول ڪرڻ انڪار ڪيو. ان ۾ شڪ ڪو نه آهي ته پهرين تاريخ شروع ۾ ستياگره مهمل رکيو ويو هو. آخر وزيراعظم جي آخرين جواب کانپوءِ ستياگرهه جاري ڪيو ويو.

از کانسواءِ سنڌ آبزرور هي به لکيو آهي ته اگرچه واري ڪائونسل ٽوڙي ويئي  آهي ته به ڪنهن ميمبر استعيفيَ ڪا نه ڏني آهي. هوڏانهن اها خبر به بلڪل غلط آهي. هندو اخبارن جي اهڙي پروپيگنڊا ماڻهن ۾ غير ضروري ڊپ ۽ مونجهاري پيدا ڪندي جا صوبا جي مفاد جي بلڪل خلاف آهي. هندو خاطو پنهنجن اخبارن کي بلڪل ڪوڙيون خبرون موڪلي رهيا آهن. جن تي اعتبار ڪرڻ نه گهرجي. هندو اخبارون اسان جون ڏنل خبرون بالڪل شايع نٿيون ڪن.

سال ارڙهون، نمبر 225، 5 آڪٽوبر 1939ع، ص 8.

.....................................................................

مسجد منزل ستياگرهه جي پهرين ڊڪٽيٽر جو پير الاهي بخش ڏي خط

منزل گاهه ستياگره ڪميٽيءَ جي پهرئين ڊڪٽيٽر مسٽر واجد علي شيخ پير الاهي بخش تعليمي وزير کي خط لکيو آهي ته اوهان کي سڌ آهي ته ڪنهن لاچاري حالتن هيٺ مسلمانن کي منزل گاهه حاصل ڪرڻ لاءِ ستياهه گرهه جي باهه مان لنگهڻو پيو آهي. اسان کي رواجي انصاف به الهه بخش وزارت جي هٿ هيٺ نٿو ڏنو وڃي. انهيءَ ڪري مسلمانن جي پاران اوهان کي عرض ڪندس ته اوهين وزيريءَ جي عهدي جي استعيفيَ ڏيئي اچو. جيڪڏهن 10 آڪٽوبر اندر استعيفيَ نه ڏيندا ته اسان کي لاچار توهان جي درن تي ستياگرهه ڪرڻو پوندو، جيئن توهان کي سڌ پوي ته اوهان مسلمانن ڏانهن ڪهڙو بي پرواهه رهيا آهيو.

پير الاهي بخش جو جواب

پير الاهي انهيءَ جي جواب ۾ مسٽر واجد علي شيخ کي پير صاحب لکيو آهي ته اوهان جي خط مان اوهان جو مشڪور آهيان جو اوهان مون کي لکيو آهي ته مسلمانن جو سڏ اونائي مان استعيفيٰ ڏيان ڇاڪاڻ ته منزل کان مسجد مسلمانن کي نٿي موٽائي وڃي. مان انهيءَ ڳالهه کان واقف آهيان ته مان خدا ڏانهن ۽ انهن مسلمانن ڏانهن جوابدار آهيان جن مسلمانن جو مان عيوضي آهيان. اوهان جي خط پهچڻ کان اڳيئي مون انهيءَ باري ۾ مقدم کنيا آهن ۽ مان پنهنجن ساٿين کي باز آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. جيڪڏهن انصاف نه مليو ته مان پاڻ کي مسلمانن جي حوالي ڪندس ۽ هنن جي راءِ جي خلاف نه هلندس. مان اسيمبليءَ جي دوستن کي به انهيءَ باري ۾ گهرايان ٿو ۽ هنن سان به صلاح ڪريان ٿو.

وڌيڪ جاچ ڪندي معلوم ٿو ٿئي ته اهو ناممڪن نه آهي ته سر غلام حسين  به پنهنجي عهدي جي استعيفيٰ ڏئي. (هه)

سال ارڙهون، نمبر 225، 5 آڪٽوبر 1939ع، ص1.

..........................................................................

ستيا گرهه جي مجاهدن جو شوق جهاد

هڪ هزار مجاهد جيڪب آباد ضلعي مان سکر روانا.

جيڪب آباد 5

ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ٺل کان 500 مجاهد اڄ 2 بجي ڇوٽي گاڏيءَ مان هتي لٿا. انهن مان 355 مجاهد 3 بجي واري ٽرين ۾ سکر ڏانهن ستياگرهه لاءِ روانا ٿيا.

مجاهدن کي الله اڪبر جي نعرن سان الوداع ڪيو ويو.

ان کانسواءِ 500 ٻيا مجاهد ساڳين شهرن مان لارين ۽ خشڪيءَ جي رستي سکر ڏانهن روانا ٿي چڪا آهن. اهي سڀئي مجاهد پير صاحب ڀرچونڊي شريف جا مريد آهن. (خاطو)

سال ارڙهون، نمبر 227،  8 آڪٽوبر 1939، ص 4.

.................................................................

مسجد منزل گاهه سکر تي ملٽري پهچي وئي.

 مسلمانن کي مسجد خالي ڪرڻ لاءِ حڪم.

سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي مسلمانن ۾ جوش ۽ اضطراب مسٽر عبدالستار پيرزاده چيف پارليامينٽري سيڪريٽري جي احتجاجانه استعيفيٰ.

سال ارڙهون، نمبر230، 11 آڪٽوبر 1939ع، ص 1.

.................................................................

ٽنڊو محمد خان ۾ مسلم ليگ جو عظيم الشان اجلاس

سنڌ وزارت ۽ ان جي ساٿين کي تنبيهه

14 آڪٽوبر شهر ٽنڊو محمد خان ۾ پڙ مير صاحب اعظم جي مسلم ليگجي عام ميٽنگ زير صدارت مولان مولوي احمد خان صاحب سرهندي پير جي منعقد ٿي جنهن ۾ اٽڪل 600 سئو ماڻهو هئا. مولوي صاحب مسجد منزل گاهه سکر تي روشني وڌي ۽ مجاهدن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.

ٺهراءَ:

1.مسجد منزل گاهه کي پنهنجو ذاتي مقصد سمجهي ٿو، جنهن لاءِ گورنمينٽ سنڌ کي ان لاءِ اپيل.

سال، ارڙهون، نمبر 230، 11 آڪٽوبر 1939ع، ص5.

.................................................................

بمبئي مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي جو ٺهراءَ

سنڌ پراونشل مسلم ليگ کي مسجد منزل گاهه بابت حالات موڪلڻ لاءِ گذارش.

بمبئي مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي سنڌ پراونشل مسلم ليگ کي درخواست ڪجيٿي ته مسجد منزل گاهه متعلق صحيح حالاست ۾ تازو ٿيل واقعات تي تفصيلي بيان موڪلي. ڪاميٽي هن راءِ جي آهي ته حڪومت جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻ لاءِ قاصر آهي. حالتون نازڪ ٿينديون وڃن ٿيون. اميد ته سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪاميٽي جلد کان جلد صحيح حالات کان واقف ڪندي. جيئن اهي آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي اڳيان پيش ڪيا وڃن جن تي ترت ڳوڙهو ويچار ڪري هن ڏس ۾ ڪو ضروري قدم کنيو ويندو.

سال ارڙهون، نمبر 289، 28 ڊسمبر 1939ع، ص 4. ايڊيٽر عبدالغفور سيتائي.

.................................................................

قائداعظم تي اظهار اعتماد

سنڌ جي موجوده وزارت تي بي اعتمادي جا ٺهراءَ

بنگل ديرو تعلقو رتوديرو- 23 ڊسمبر جمعي ڏينهن جامع مسجد ۾، وقت جو پريزيڊنٽ حاجي محمد عباس ڀٽو زميندار بنگلوديرو ٿيو. ڊاڪٽرعبيدالله صاحب ۽ مولوي يحييَ صاحب تقريرون ڪيون. مسلم ليگ جا تجويز ڪيل ٺهراءَ پاس ڪيا. وائسراءِ هند، گورنر سنڌ کان تقاضا ڪئي وئي ته خانبهادرالهه بخش جي وزارت جو خاتمو ڪيو وڃي. مسٽر محمد علي جناح تي اعتماد جو ٺهراءُ پاس ٿيو.

ٽنڊو محمد خان 22 ڊسمبر 1939ع جامع مسجد ٽنڊو محمد خان ۾ مولوي حاجي غلام محمد صاحب جي صدارت ۾ ٿيو. جلسو يوم نجات لاءِ هو. محمد علي جناح تي پورو اعتماد ظاهر ڪيو ويو.

ڳوٺ کاهي قاسم، ملاڪاتيار ڳوٺ احمداڻي ضلع نوابشاهه ۾ جلسا ٿيا.

الوحيد، سال اوڻويهون، نمبر 3، 5 جنوري 1940ع، ص 4.

.................................................................

سکر فسادن ۾ جمله 141 هندو ۽ 14 مسلمان هئا.

164 گهر ساڙيا ويا، 467 گهر ڦريا ويا.

پي- ڊبليو ڊي منسٽر جي پڌرائي.

سال اوڻيهون، نمبر 14، 18 جنوري 1940ع، ص1.

.................................................................

قومي وزارت برپا ٿيڻ تي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ خوشيءَ جي لهر

موجوده وزارت جي بقا لاءِ دعائون ۽ مٿس اظهار اعتماد.

ڳوٺ کبڙ تعلقه ميروخان

پهرين اپريل تي مولوي علي محمد صاحب صدر مسلم ليگ کبڙ جي اهتمام سان زبردست جلسو ٿي گذريو. مولوي محمد ابراهيم صاحب بٺوي صدارت جي تحريڪ پيش ڪئي. مولوي محمد اسماعيل جو نالو کنيو ويو، منظور ٿيو.

مولوي محمد ابراهيم سياسي حالتن تي روشني وجهندي ووٽ جي استعمال تي ماڻهن کي سمجهايائين.

ٺهراءَ: 1 هي جلسو سنڌ جي اڳين وزارت مسلمان خواه هندن کي ناراض ڪري سندن حقن جي پائمالي ڪئي ان جي ڊهڻ ۽ قومي وزارت قائم ڪرڻ تي خوشي ظاهر ڪئي ويئي.

2. پنهنجي تڪن مان چونڊيل عيوضي شيخ عبدالمجيد کي خصوصن سيد غلام مرتضيٰ شاهه، خانبهادر کهڙي ۽ ٻين ميمبرن کي عمومن مبارڪباد پيش ڪري ٿو.

3. رشوت ختم ڪئي وڃي.

4. جلسو صوبه سنڌ جي مسلم ليگ جي ڪارڪنن کي عرض ٿو ڪري ته ليگ جي ڪم کي زور وٺائين. تلهار جو به.

الوحيد، جلد اوڻيهون، نمبر 75، 7 اپريل 1940ع، ص 4.

.................................................................

سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ لاهور وارو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو

قائداعظم تي مسلمانن جو اعتماد

ديهه فالو تعلقو مورو: 19 اپريل تي ميان محمد عرض جي صدارت ۾ مولوي خير محمد صاحب مسلمانن جي ٻڌيءَ جي تقرير ڪئي.

محبوب تونيه: 19 اپريل جمعي نماز بعد زير صدارت رئيس ڪريم بخش، وائيس پريزيڊنٽ مسلم ليگ جي ٿيو. ابو عبيدالله مولوي محمد دائود تلاوت ۽ تقرير ڪئي ۽ ٺهراءَ پاس ٿيا.

مورو: جامع مسجد ۾ 4 سئو ماڻهو هئا، مولانا علي گوهر تقرير ڪئي. جهپير.

سال اڻويهون، نمبر 88، 27 اپريل 1940، ص 4.

بدين ۾- مولوي عبدالرحيم

897، 28 اپريل 1940ع، ص 4.

.................................................................

ٻٽڙا تعلقي ڪڪڙ جي مسلم ليگ جي ڪارروائي

پرائمري مسلم ليگ ڳوٺ ٻٽڙا تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو ٽيون ساليانو جلسو تاريخ 23 جون 1940ع مسلم ليگ آفيسن ۾ سيد ميان قائم شاهه صاحب جي جاءِ تي زير صدارت مولوي ميان محمد موسيٰ ڊاڪٽر صاحب (عليگ) جي ٿيو جنهن ۾ اٽڪل ٽي سئو مسلمان شريڪ ٿيا.

1.جناب رئيس ضيا الدين احمد ايم اي، ايل ايل بي وڪيل ۽ زميندار ميهڙ، 2 مسٽر غلام رسول صاحب بي اي، ايل ايل بي (عليگ) وڪيل ميهڙ، وڏيرو واحد بخش خان جمالي، 3 سيد ميان قائم شاهه صاحب لڪياري، 4 سيد مصري شاهه صاحب، 5 مولوي ميان عبدالقادر صاحب ملڪ، 6 حڪيم محمد هاشم، 7 وڏيرو عبدالرحمان خان ٻٽڙو، 8 مولانا ابوبڪر صاحب گلال.

سڀ کان پهريان جناب صدر صاحب پنهنجو صدارتي خطبو پڙهيو.

ٺهراءَ:

1.ٻٽڙ جي اسڪول جي جاءِ ٺهرائي ڏني وڃي.

2. هي ڳوٺ مرڪزي آهي هن ۾ انگريزي برانچ کولي وڃي.

3. پوسٽ آفيس کولي وڃي.

4. عيدگاهه جو پٽ بنا مالڪي ڏنو وڃي.  (خاطو)

 سال اڻويهون، نمبر 143، 3 جولائي 1940ع، ص3.

.................................................................

ٽنڊي ڄام ۾ مسلم ليگ جون چونڊون

مسلم ليگ جو جلسو زير صدارت مير رسول بخش جي ٿيو، نئين سال جون چونڊون هيٺينءَ طرح هيون.

1. پريزيڊنٽ مير رسول بخش خان

2. وائيس پريزيڊنٽ سيٺ محمد يوسف صاحب، سيٺ نور محمد ميمڻ.

3. سيڪريٽري سيد قادربخش شاهه صاحب

4. جوائنٽ سيڪريٽري ڏاڙهون شيدي

5. خزانچي سيد بچل شاهه صاحب

ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا وڌيڪ ميمبر

1.سيد جعفر شاهه صاحب، 2. مير غلام الله خان، 3. شمس الدين ميمڻ، 4. محمد عمر ميمڻ، 5. محمد خان جمعدار، 6. مولوي محمد قاسم. ضلعي ڪاميٽيءَ لاءِ مولوي محمد قاسم صاحب چونڊيو ويو. رٿ پاس ٿي ته جاءِ مسواڙ تي وٺي اخبارن جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ هر هفتي ۾ آچر ڏينهن شام جو ميٽنگ ڪوٺائي وڃي.

سال اڻويهون، نمبر 231، 20 آڪٽوبر 1940ع، ص 4.

...........................................................................

ڳوٺ محمد عالم پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ مسلم ليگ جو اجلاس

تاريخ پهرين شوال 1359 هجري عيدالفطر جي نماز کانپوءِ عيدگاهه مدرسي حاجي محمد عالم پلي جنرل سيڪريٽريءَ مسلم سلطنتن لاءِ دعا گهري. پوءِ وڏيري احمد پليءَ جي صدارت ۾ جلسو ٿيو. مولوي غلام مصطفيٰ صاحب تقرير ڪئي.

ٺهراءَ:

1.مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ صاحب جي هندو مسلم اتفاق لاءِ لاءِ ورتل ڪوششن کي ساراهيو.

2. مرحوم جناب مولانا نبي بخش صاحب، 2. مرحوم مولانا عبدالله صاحب، 3. مرحوم مولانا خير محمد صاحب، 4. لغاري جن جي شهادت تي ڏک ظاهر ڪيو ويو ۽ گورنر سنڌ ۽ وزارت کي زوردار اپيل ڪئي وئي ته ڏوهرين کي سزاياب ڪيو وڃي آخر ۾ پير ڀرچونڊيءَ سان همدردي ڪئي ويئي.

سال اڻويهون، نمبر 246، 10 نومبر 1940ع. ص 3.

.............................................................................

مسلم ليگن جا جلسا

سکر: 27 ڊسمبر جمعي ڏينهن 1940ع سٽي مسلم ليگ سکر طرفان پبلڪ جلسو ٿيو. مسلم ليگ جا ميمبر حاضر هئا. مولوي محمد شعيب صاحب تقرير ڪئي. مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ماڻهن تي زور ڀريو.

ٺهراءُ: گڏيل چونڊن جي سرشتي کي مسلمان پنهنجي مفاد ۾ نٿا سمجهن.

ٻٽڙه تعلقي ڪڪڙ ۾ به جلسو ٿيو.

سال ويهون، نمبر 2، 3 جنوري 1941ع، ص 4.

.............................................................................

سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ يوم پاڪستان ملهايو ويو

مسلم ليگ جي مقبوليت ۾ ڪاميابي

ميهڙ:

23 مارچ 1941ع جامع مسجد ميهڙ ۾.

مٽياري:

ڳوٺ محمد عثمان جمالي تعلقو سڪرنڊ.

آل انڊيا مسلم ليگ جي هدايتن موجب ڳوٺ محمد عثمان جمالي تعلقي سڪرنڊ ۾ ”پاڪستان ڏينهن“ ڌوم ڌام سان ملهايو ويو. صبح جو وڏو مسلمانن جو جلوس جنهن ۾ اٽڪل هزار کن ماڻهو آسپاس جا شامل هئا. الله اڪبر ۽ مسلم ليگ زنده آباد جي نعرن سان نڪتو، جيڪو مسجد شريف وٽ اچي ختم ٿيو. اتي جلسي جو انتظام رکيو ويو هو. جلسو مولوي غلام حسين جي زير صدارت ۾ شروع ٿيو. پهريائين مولوي صاحب پاڪستان ڏينهن ملهائڻ جي باري ۾ سمجهاڻي ڏني پوءِ محمد ايوب طالم العلم، ميان محمد امين، محمد معين ۽ ٻين تقريرون ڪيون. آخر ۾ هييٺان ٺهراءَ يڪراءِ پاس ٿيا.

(1)ته هي مسلمانن جو عام جلسو آل انڊيا مسلم ليگ جي انهيءَ ٺهراءَ جي زوردار تائيد ڪري ٿو جنهن ۾ پاڪستان جي اسڪيم کي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ دائمي ٺاهه جو بنياد ٺهرايو ويو آهي.

(2)هن جلسي جو غور شده رايو آهي ته پاڪستان جي اسڪيم موجب هندو پرڳڻن ۾ مسلم اقليتن ۽ مسلم پرڳڻڻ ۾ هندو اقليتن جي حقن ۽ جان مال جي پوري حفاظت ٿي سگهي ٿي.

(3) هي جلسو سنڌ جي سڀني هندو مسلمانن کي اپيل ڪري ٿو ته سنڌ ۾ هر صورت ۾ فرقيوار ساز سلوڪ ۽ امن امان کي قائم رکن.

(4) هي جلسو مسلم ليگ جي ميمبرن ۽ ورڪرن کي خاص طور سان اپيل ڪري ٿو ته هر هنڌ ساز سلوڪ پيدا ڪرڻ ۾ ۽ امن امان قائم رکڻ ۾ پنهنجي وقت آهر ڪوشش ڪن.

(5) هي جلسو پنهنجي راءِ جو اظهار ٿو ڪري ته مسلم ليگ هندستان جي مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت آهي.

مسلم ليگ هنڱورنه:

ڳوٺ ٻيٽا تعلقي ميهڙ، مولوي عزيز الله به هو.

سال ويهون، نمبر 73، 3 اپريل 1941ع، ص 3.

قيمتِ: هڪ آنو

ايڊيٽر: عبدالغفور سيتائي

.............................................................................

مسلم ليگ جو قيام

ڳوٺ ملڪ تعلقي مورو ۾ مسلم ليگ جي شاخ برپا ڪئي ويئي. تاريخ 25 جون شاخ جي پهرين جنرل ميٽنگ خان صاحب حاجي گل محمد خان جي بنگلي تي گڏ ٿي وقتي چيئرمين مولوي محمد عامل صاحب هو ۽ ميمبرن جو تعداد جمله 21 هو. جتي هيٺينءَ طرح هلندڙ سال 1941ع جي عهديدارن جي چونڊ ٿي.

رئيس محمد بخش خان کيڙو پريزيڊنٽ

مولوي محمد عامل وائيس پريزيڊنٽ

ميان محمد يوسف ملڪ-سيڪريٽري

ميان احمد خان راڄر خزانچي

ڪاروباري ڪميٽيءَ تي جملا 13 ميمبر چونڊيا ويا.

(پريذيڊنٽ مسلم ليگ ملڪ)

سال ويهون، نمبر 145، 6 جولائي 1941ع، ص 4.

.........................................................................

مسلم ليگ ڪاميٽي ٻٽڙا

پرائمري مسلم ليگ ٻٽڙا تعلقي ڪڪڙا ضلعي دادو جو اجلاس 22 آڪٽوبر 1941ع عيدگاهه ميدان تي منعقد ٿيو. اٽڪل هڪ هزار ماڻهو آيا. 1942ع لاءِ چونڊ ٿي. جنهن ۾ مولوي قطب الدين کي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ ڪيترائي ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

سال ويهون، نمبر 240، 30 آڪٽوبر 1941ع، ص 3.

.........................................................................

مسلم ليگ محبوب تونيه جو عظيم الشان اجلاس

23 آڪٽوبر 1941ع پنجن ڇهن جا باشندا آيا. ابو عبيد الله مولوي محمد دائود تلاوت بعد تقرير ڪئي.

ٺهراءَ: سنڌ جي علمائن کي اپيل ڪئي ويئي ته مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿين.

2. قرآن شريف جو وڪرو هندو نه ڪن.

(خاطو)

سال ويهون، 243، 1 نومبر 1941ع، ص 4.

.........................................................................

مسلم ليگ نندي شهر جي ميٽنگ

عهديدارن جي چونڊ

28 نومبر 1941ع تي نندي شهر ۾ مولوي احمد پنهور جوشيلي تقرير ڪئي مسلمانن کي مسلم ليگ جي اهميت کان واقف ڪيو. پوءِ چونڊون ٿيون.

سال ويهون، نمبر 270، 3 ڊسمبر1941ع، ص 4.

.........................................................................

دادو مسلم ليگ جي سالياني عام ميٽنگ

5 ڊسمبر 1941ع، عهديدار يڪراءَ چونڊيا. حافظ محمد پريل قرآن شريف جو رڪوع پڙهيو.

صدر- سيد شمس الدين حاجي محمد يعقوب مييمڻ، نائب مولوي عنايت الله صاحب.

سيٺ محمد صديق پنجابي

سيڪريٽري لعل محمد صديقي

ورڪنگ ڪاميٽي لاءِ 12 ميمبر چونڊيا ويا ۽ ضلعي لاءِ 3 پوءِ علامه مشرقي کي آزاد ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ٿيو.

سال ويهون، نمبر 279، 13 ڊسمبر 1941ع، ص 4.

.........................................................................

 سنڌ جي گوشه گوشه ۾ يوم پاڪستان ملهايو ويو

سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي فيصلي موجب عيدالضحيٰ جي موقعي تي عيدگاهه ۾ نماز کان اڳ عظيم الشان جلسو ٿيو، جنهن ۾ ميان محمد بخش آفيس سيڪريٽري صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪراچي پاڪستان تي چڱيءَ طرح سمجهاڻي ڏيندي تقرير ڪئي.

ٻرڙا تعلقو ڪڪڙ:

عيدالضحيَ جي موقعي تي جنهن ۾ سردار محمد خان ۽ مولوي دين محمد ڀٽائي پاڪستان تي تقريرون ڪيون ريزوليشن پاس ڪيائون ته ”هندستان ۾ پاڪستان“ قائم ڪرڻ مسلم ليگ جو مقصد عظيم آهي جنهن جي اسان پرزور تائيد ڪريون ٿا.

ڳوٺ احمداڻي ضلعو نوابشاهه

گوسڙجي تعلقو سکر

ملير تعلقو ڪراچي

سال ايڪيهون، نمبر 6، 8 جنوري 1942ع، ص 3

................................................................................................

قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مسلم ليگ پاڪستان ڪانفرنس جو عظيم الشان اجلاس

فرزندان توحيد جو اجتماع

مسلم ليگ رهنمائن جون بصيرت افروز تقريرون

تاريخ 17 جنوري 1942ع قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مسلم ليگ پاڪستان ڪانفرنس جو عظيم الشان اجلاس زير صدارت پير سيد حسين بخش شاهه زميندار محرابپور (ضلعو نوابشاهه) جي منعقد ٿيو جنهن ۾ اٽڪل هزار کن ماڻهو آيل هئا جن ۾ هندو به شريڪ هئا. آيل صاحبن مان ڪيترن ئي تقريرون ڪيون هيٺيان شريڪ ٿيندڙ حضرات قابل ذڪر آهن.

1.خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو، ايم ايل اي

2.سيد غلام مرتضيٰ شاهه، ايم ايل اي

3.قاضي فضل الله وڪيل

4. آغا نظر علي

5. مولوي محمد اسماعيل

6. مولوي غلام رسول مبلغ ناري (ميهڙ)

7. مولوي محمد ابراهيم (بٺي)

8. مولوي عبدالڪريم (ميڻائي)

9. مولوي محمد دائود (محبوبه تنيه)

10. سيد حڪيم علي محمد شاهه (بقاوپوري)

11. مولوي محمد خان (اهيري وارو)

12. مولوي عبدالخالق (سن)

13. مولوي سيد تاج محمد شاهه (منهن ٽرڙائي)

14. سيد ڇتل شاهه، درگاهه نورنگ شاهه (خيرپور اسٽيٽ)

15. مولوي عبدالڪريم بروهي (قنبر)

16. وڏيرو علي حسن خان (محبوب قنبر)

17. حڪيم عبدالرشيد (قنبر)

18. سيٺ محمد يوسف ٽنڊو ڄام (حيدرآباد)

19. رئيس حاجي مٺل خان لاکو (لاکا)

20. رئيس حاجي در محمد خان (ڪنڊو ٿرڙي)

21. رئيس محمد يعقوب (لاکا)

22. مولوي محمد عظيم (وڳڻ)

23.  مولوي غلام قادر (قنبر)

24. مولوي تاج محمد (لاکا)

25. وڏيرو عمرالدين

26. خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ، ايم ايل اي

27. آغا غلام نبي خان بي اي

هيٺيان ريزوليشن يڪراءِ پاس ٿيا.

ريزوليشن نمبر1: هيءَ ڪانفرنس اتفاق سان هي ٺهراءُ ٿي ڪري ته سنڌوندي ۽ ان جي متعلق دريائن تي آباد ملڪ جو اڳي سنڌ جي نالي سان سڏبو هو جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪشمير، بلوچستان ۽ فرنٽيئر علائقا شامل هئا ۽ هاڻ ان کي پاڪستان سڏجي ٿو سو نه اصل کان موجوده هندستان جي سياسي ۽ تهذيبي اثر هيٺ رهيو آهي ۽ نه ان جو حصو آهي، تنهنڪري هن کي برحا وانگر جدا ڪري برٽش ڪامن ويلٿ سان لڳايو وڃي.

ريزوليشن نمبر 2: هيءَ مسلمانن جي ڪانفرنس موجوده وزيرن ۽ گورنر سنڌ جي وچ ۾جهڳڙي بابت غور بعد هن راءِ جي آهي ته جنهن صورت ۾ هيءَ وزارت مسلمانن جي فائدي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي آهي ۽ غير مسلمانن جي فائدي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي غير مسلمانن جي چنبي ۾ ڦاسي مسلمانن جي سياسي حقوقن کي پائمال ڪري رهي آهي ان ڪري سندن ان ڇڙواڳيءَ تي ضابطي جي سخت ضرورت هئي ۽ موجوده گورنر کي ان ڳالهه جي احساس هنن تي نظرداري ۽ قبضي کي مضبوط ڪرڻ تي آماده ڪيو آهي تنهنڪري گورنر صاحب جي ان قدم جو خيرمقدم ڪندي کيس يقين ڏياري ٿي ته اگرچه ڪي واسطيدار رهندو اخبارون ڇا به لکن پر مسلم پبلڪ سندس ان قدم کي پسنديءَ جي نگاهه سان ڏسي ٿي.

ريزوليشن نمبر 3: هيءَ ڪانفرنس پنهنجو ڪلي اعتبار مسلم ليگ جماعت ۽ ان جي مهندار قائداعظم محمد علي جناح ۽ ان جي تجويز پاڪستان ۾ ظاهر ڪري ٿي ۽ کين يقين ٿي ڏياري ته مسلمانن سنڌ پاڪستان جي حصول لاءِ هر طرح تيار آهن.

ريزوليشن نمبر 4: هيءَ ڪانفرنس هند سرڪار کي پرزور عرضداشت ٿي ڪري ته علامه مشرقي مسلمانن جو مرغوب ليڊر آهي ان کي يڪدم آزاد ڪيو وڃي يا باقاعديڪيس هلائي سندس معاملي جي صفائي ڪئي وڃي.

سال ايڪيهون، نمبر 17، 21 جنوري 1942ع، ص 2.

................................................................................................

مسلم ليگ ڳوٺ ڄام هوتي ڦل تعلقي نوشهروفيروز

16 تاريخ 06 محرم سومر ڏينهن زير صدارت مولانا غلام رسول صاحب مري مبلغ مسلم ليگ جي مسلم ليگ جي شاخ قائم ٿي. مولانا غلام رسول مسلم ليگ جي پوري حقيقت پڌرائي.

سال ايڪيهون، نمبر 31، 8 فيبروري 1942ع، ص 3.

................................................................................................

مسلم ليگ نندو شهر

6 فيبروري 1942ع ڳوٺ نندو شهر ۾ ملسم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، رئيس هادي خان پريزيڊنٽ پنهنجي صحت درست نه هئڻ ڪري استعيفيٰ ڏني ۽ اها خدمت مولانا مولوي حافظ احمد پنهور کي سونپي ويئي.

 

مسلم ليگ برانچ بنگل ديرو جي سالياني ميٽنگ

5 فيبروري 1942ع: مسلم ليگ تي مولوي غلام يحييٰ ۽ حڪيم عبيدالله ماڻهن کي سمجهاڻي ڏني. بروقت 126 ميبر داخل ٿيا. عهديدار چونڊيا ويا جنهن ۾ مولوي غلام يحييٰ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

سال ايڪيهون، نمبر 39، 17 فيبروري 1942ع، ص 4

................................................................................................

سٽي سکر مسلم ليگ جون چونڊون

15 فيبروري 1942ع، ميان رسول بخش رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي جاءِ تي زير صدارت اڳئين صدر سيٺ محمد اسماعيل جي جنهن ۾ شهر جي ٿيل ڏيڍ سئو ميمبرن مان 50 معزز ميمبر صاحب موجود هئا. هيٺان ماڻهو قابل ذڪر آهن.

1.ميان عبدالله صاحب

2. سيٺ اسماعيل

3. آغا نظر علي خان

4. مولوي عبدالغفور

5. ڊاڪٽر محمد يامين

6. سيد محبوب علي شاهه، چوڌري فضل محمد

7. حافظ محمد صديق

8. حاجي غلام محمد

9. مستري خان محمد ۽ ٻيا

1- صدر، ميان رسول بخش صاحب، رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر

2- نائب صدر، ڊاڪٽر محمد يامين

3- جنرل سيڪريٽري، مولوي عبدالعزيز

4- نائب سيڪريٽري، وڏيرو ولي محمد

5- خزانچي، حافظ محمد صديق صاحب

ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي 1. سيد محبوب علي شاهه، 2. سيٺ محمد اسماعيل، 3. مسٽر نعمت الله، 4. ماستر غلام سرور. (خاطو)

سال ايڪيهون، نمبر 45، 24 فيبروري 1942ع، ص 2.

................................................................................................

ناري ۽ اگهمائي مسلم ليگ عهديدارن جي چونڊ

تاريخ 4 مارچ 1942ع، ڳوٺ تعلقي ميهڙ جي مسلم ليگ جي عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي.

پريزيڊنٽ، وڏيرو شمس الدين ڪلهوڙو

وائيس پريزيڊنٽ، مولوي عبدالحئي فيروز شاهه

جنرل سيڪريٽري، وڏيرو موسيٰ خان ڪلهوڙو

ورڪنگ ڪاميٽي

1.پريزيڊنٽ

 2. وائيس پريزيڊنٽ

3. جنرل سيڪريٽري

4. وڏيرو غلام محمد چنه

5. حافظ محمد اسحاق

6. محمد يار خان

7. وڏيرو محمد بچل

8. مولوي غلام رسول

9. مرتضيٰ شاهه

(سيڪريٽري)

سال ايڪيهون، 10 مارچ 1942ع، ص 3.

................................................................................................

سنڌ ۾ مسلم ليگ شاخن جا ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جلسا

مسلمان ڪو به اهڙو جوڙجڪ قبول نه ڪندا جو مسلم ليگ کي قبول نه هوندو.

حوالا: کڏڙو، محبوب تنيه، ڏوڪري، ملڪ، گهٽگهڙ، قنبر، فال، سن، ريزوليشن وائسراءِ کي موڪليو ويو.

ميرپورخاص 13 مارچ 1942ع تي

حڪيم مولوي قادربخش، مولانا محمد صالح، مولانا عبدالله تقريرون ڪري مسلم ليگ جي اهميت تي روشني وڌي.

سال ايڪيهون، 19 مارچ 1942ع، ص 4.

................................................................................................

دادو ضلعي مسلم ليگ جون چونڊون

ورڪنگ ڪميٽيءَ تي مولوي غلام محمد خان ٻرڙو به هو.

پراونشل مسلم ليگ تي مولوي غلام محمد ٻرڙو کي کنيو ويو.

سال 23، نمبر70، پهرين اپريل 1943ع، ص 2.

................................................................................................

ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس

باب الاسلام ۾ اسلام جو نظارو

ڪراچي جنهن کي باب الاسلام ڪوٺيو وڃي ٿو. هن شهر ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو عظيم الشان اجلاس ٿيو. مولانا وفائي صاحب ان ۾ شريڪ ڪو نه ٿي سگهيو. اجلاس جو بنيادي مقصد هو پاڪستان جو حصول ۽ اسلامي صوبن ۾ نج قرآني ۽ اسلامي حڪومت جو قيام. پر اجلاس جي روئيداد بابت همعصر” مدينه مجنور“ پنهنجي عيوضيءَ جي قلم مان هيٺين طرح لکيو آهي.

”مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ڏاڍوانبوهه هو. شان و شوڪت هو. شور گوڙو هو. هڪ وڏو خوبصورت پنڊال ۽ سهڻا دروازا هئا. جلوس هو، جلسا هو. مطلب ته هر هڪ شئي ٿي پر نهٿايت وڏي پيمانيتي هئي. مگر افسوس جا شيءَ اتي ڪا نه هئي سا فقط هڪ ئي هئي اڃا ته اسلام جي سادگي ۽ سچائي بلڪل ڪا نه هئي نه وري خدا ۽ مينڊس رسول جي حڪمن تي ڪا پيروي ٿي. جلوس نڪتو جلسو ٿيو، ڊگهيون ڊگهيون تقريرون. ان وچ ۾ ڪيترا دفعا نماز جو وقت آيو ۽ هليو ويو مگر ڏٺو ويو ته ڪنهن به خدا جي اڳيان سجده ۾ ستل رکڻ ضڙوري خيال ڪو نه ڪيو.“

هن تي همعصر ”مسلمان“ لاهور لکيو آهي ته:

”هي مسلم ليگ جو جلسو هو جنهن ۾ پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪيو ويو، هي ڪو اسلامي مجمع ڪو نه هو جتي اسلاميه تعليم جي پابنديءَ جو خيال رکيو وڃي ها. ان کانسواءِ هن وقت تائين ويچارو مسلمان هندن جي غلبه وري خطري کان ٻاهر ڪو نه ٿي سگهيو، ان حالت ۾ هو اسلام تي ڪيئن عمل ڪري سگهندو.“

مولانا صاحب اڳتي لکي ٿو ته باب الاسلام ۾ جنهن جماعت جو ايڏو وڏو اجلاس نيڪ مقصدن لاءِ ڪيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ جماعت ۾ محض وڏا ماڻهو ليڊر ته آهن جن مان ماڻهن تي اثر ڪو نه ٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته خلافت تحريڪ ۾ صرف علماءَ دين هئا جن جو اثر عوام تي ٿيو. ان جي مقابلي ۾ حصول پاڪستان لاءِ گڏ ٿيل جماعت جو ماڻهن تي اثر ڪو نه ٿو ٿئي.

توحيد، جلد 14، نمبر 701، جنوري- فيبروري 1944ع، ص. 8 کان 9.

................................................................................................

سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مسلم ليگ جو ڊائريڪٽ ايڪشن (سڌو قدم) ڊي ملهايو ويو. هر هنڌ جلسا ۽ مڪمل هڙتالون، آل انڊيا ملسم ليگ جي ڪيل فيصلن جي پزور تائيد هالا پراڻا، جيمس آباد، ٻيراڻي، جهمپير، ڳوٺ ڳڙهي حسن، تعلقو ٺل، ڏوڪري، عمرڪوٽ، سلطان ڪوٽ، شڪارپور، تلهار، جنگشاهي، شهدادپور، ٽنڊو جان محمد، سڪرنڊ.

هرهنڌ جلسا، تقريرون ٿيون. قائداعظم تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. لقب ۽ عهدا ماڻهن ڇڏيا.

سال 26، نمبر 223، 23 آگسٽ 1945، ص 4.

................................................................................................

ڳوٺ صوبي خان مگسيءَ ۾ مسلم ليگ جو قيام

14 مارچ 1946ع تي مولوي ميان محمد صاحب جي زير صدارت جلسو منعقد ٿيو. 200 سئو ميمبر هڪدم داخل ٿيا.

هيٺان صاحب منتخب ٿيا. عهديدار

پريزيڊنٽ رئيس غلام رسول مگسي

وائيس پريزيڊنٽ مولوي ڪريم بخش صاحب مگسي

خزانچي مسٽر محمد عمر مگسي

ٺهراءَ:

1.هي جلسو ڪئپٽن عبدالرشيد کي بي واجبي سزا ملڻ تي احتجاج ڪري ٿو.

2.جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين جي حق ۾ هي جلسو دعا ٿو گهري ته الله تعاليٰ کين هدايت ڪري جيئن هو مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي وڃن.

3.هي جلسو روينيو منسٽر صاحب ۽ ڪليڪٽر صاحب دادو کي استدعا ٿو ڪري ته اسان کي جلد از جلد ڪپڙي  ۽ کنڊ جي سهوليت ڏني وڃي.

4. اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻيءَ جو انتظام ڪيو وڃي.

 

نئون ڳوٺ ۾ مسلم ليگ جو قيام

14 مارچ 1946ع تي تعلقي ميهڙ ۾ زير صدارت مولوي محمود صاحب جي ٿيو. 225 ميمبر داخل ٿيا ۽ چونڊ ۾ ٺهراءُ ٿيا.

سال 26، نمبر 74، 19 مارچ 1946ع، ص 4.

................................................................................................

سکر ۾ مسلم ليگ جي ميٽنگ

19 تاريخ سکر ۾ مسلم ليگ جي ميٽنگ انجمن احباب وطن جي مڪان تي مولانا تاج محمد صاحب امروٽي جي زير صدارت منعقد ٿيو ۽ مسٽر ويرو مل صاحب ۽ پير تراب علي شاهه ۽ ٻيا گهڻا صاحب موجود هئا. آخر گهڻي بحث مباحثي کانپوءِ مسلم ليگ وارا بچيل پئسا عربي اسڪول واري فنڊ ۾ نقل ڪيا ويا.

الوحيد، نمبر 114، 23 سيپٽمبر 1920ع، ص 3.

 

Good Wishes