Al Tahqiq-ul-Khilafat

گله مارا گله از گرگ نيست

اين همه بيداد شبان مي کند.

رسالا

التهَافتہ تحقيق الخلافتہ

..............................................

مصنف

حڪيم شمس الدين احمد نوشهرائي سابق پروفيسر طبيہ ڪاليج دهلي

مال وارو شهر ڪراچي

نذر

اي مقدس نور اي اونداهين دلين جا سوجهرا اي حبيب خدا اي شافع روز جزا صلعم توهان جو لائق ۽ گناهگار غلام اهڙي دل صد پاره جا خيالات و جذبات توهان جي لطف و نوازش جي نظر کي ٿوجا جيتوڻيڪ ٽڪراپل آهي. تڏهن به توهان جي سوز محبت جي آشنا ۽ نور ايمان جي شناسا آهي.

منهنجا آقا توهان جي امت مرحومه اغيار و اقارب جي هٿان درمانده آهي پراون جا ستم سهندي اڄ پنهنجي شڪايت توهان جي بارگاهه عالي ۾ ڪرڻي پيئي آهي.

رحمته للعالمين! سبز گنبذ جي صدقي پنهنجن عاجزن تي نظر نوازش ڪريو.

تاتارن جي هٿان قصر اسلام جي بربادي ڏسي منهنجا موليٰ! هي التجا توهان جي حصور ۾ پيش ڪئي وئي هئي ۽ اڄ مان ڪن پنهنجن عالمن جي هٿان توهان جي دين جي تباهي ڏسي عرض ٿو ڪريان ته

اي بسيرا پرده يثرب به خواب

خيز ڪه شد مشرق و مغرب خراب.

توهان جي امت مان هڪڙو حقير حلقه بگواش

شمس الدين احمد.

بسم الله الرحمٰن الرحيم

محمده و نصلي وسلم

خلافت جو مسئلو اسان مسلمانن ۾ ڪيتري قدر ضروري آهي؟

اهو سوال انهي حديث شريف مان حل ٿيندو ته

من مات ولم يعرف امام زمانه فقط مات ميتتہ جاهليتہ

(جو شخص پنهنجي زباني خليفي کي سڃاڻڻ کانسواءِ مري ٿو تنهن جو موت ڪفر جو موت ٿئو.)

انهيءَ ڪري اسان ۾ عام طرح خليفہ وقت جي وفات کانپوءِ سندس دفن ڪرڻ کان اڳ ئي خليفي جو مقرر ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو آهي. هاڻي اهڙي صفا ۽ ضروري مسئلي ۾ رسالا تحقيقي الخلافتہ جو لکندڙ جناب مولانا مولوي محمد فيض الڪريم صاحب اهڙي سخت غلطي ڪري جو حضرت امير المومنين  خليفتہ المسلمين حرمين شريفين جي سچي ۽ مسلم خادم ۽ مهافظ سلطان وحيد الدين سادس نصرهم الله جي بجاءِ شريف مڪه کي خليفتہ المسلمين جي مقدس لقب جو حقدار چوي انهين ڳالهه تي مون کي يقين ئي نٿو اچي ڇو ته شرع شريف ۾ ترڪن جي جائز خليفي هجڻ جي لاءِ جيڪي کليل دليل آيا آهن سي ڪنهن به پڙهي ماڻهوءَ کي اهڙي غلطي نه ڪرڻ ڏيندا. پوءِ خبر نه آهي ته ڪهڙي نامعلوم غرض مولوي صاحب جنهن کي مجبور ڪيو اهي ته علماءِ اسلام جي برخلاف پنهنجي اهڙي راءِ ظاهر ڪن جنهن تي مون کي يقين آهي ته کين به اعتبار ۽ اعتقاد نه هوندو مان عام ماڻهن کي کولي ٿو ٻڌايان ته مولوي صاحب جن پنهنجي رسالي ۾ ڪيتري قدر غلط ڳالهيون لکيون آهن ۽ ڪيترين جاين تي سچيون ۽ صحيح ڳالهيون لڪائي ويا آهن ۽ اميد آهي ته مولوي صاحب مهرباني فرمائي پنهنجي غلطي تي هڪڙو ڀيرو وري غور ڪندا.

مولوي صاحب جي قابل اعتراض ڳالهين کي (جتي مون کي هن رسالي ۾ ڪجهه لکڻون آهن) قوله جي لفظ سان شروع ڪندس ۽ سندين عبارت تي ليڪون ڏنل هونديون ۽ ان جي هيٺان پنهنجي راءِ عرض رکندس قوله حضرت رسول الله صلعم ارشاد فرمايو آهي ته الائمتہ من قريش يعني خليفو وقت جو قريش مان هجڻ گهرجي.

مولوي صاحب جن جيتري قدر هن حديث کي پنهنجو زبردست دليل سمجهڻو آهي اوتري قدر سخت غلطي ڪئي اٿن مون کي مولوي صاحب جن جي خدمت ۾ هن حديث جي متعلق هيٺيان عرض ڪرڻا آهن.

(1) ڪتابن ۾ ظاهر آهي ته خلافتہ جا ٻه قسم آهن هڪڙي راشده يا ڪامله هي انهي خلافته کي چون ٿا جنهن ۾ خليفا بادشاهي طريقون رکندا اهو بلڪه طريقو نبوي جي مطابق سادگي سان ديني امورن جي سرانجامي ڪندا هئا ۽ ٻي خلافت غيرڪامله هي انهي خلافتہ کي چون ٿا جيڪا بادشاهي سان گڏ هجي.

خلافتہ راشده لڳو لڳه حضور صلعم کانپوءِ رڳا ٽيهه ورهيه رهي پوءِ خلاف غير ڪاملا شروع ٿي. بهرحال خلافت هميشه کان هلي آئي آهي ۽ هميشه لاءِ  ان جو رهڻ تمام ضروري آهي ڇو ته مٿي لکيل حديث موجب امام وقت جي نه هجڻ جي صورت ۾ مسلمانن جو موت جاهليه (ڪفر) جي زماني جهڙو موت ٿيندو.

پر خلافت جي لاءِ قريشي هجڻ جو شرط هميشه جي لاءِ ضروري نه آهي ڇو ته حضور اقدس صلعم کي اها ڳالهه معلوم هئي ته جيتري قدر زياده زمانو گذرندو ويندو اوتريقدر ايماني جوش ۽ دينداري (جنهن جي ڀروسي ۽ يقين تي خلافتہ لاءِ قريشي جو هجڻ فرمايو هئائون) گهٽجي وڃڻ ممڪن آهي پوءِ اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن قريشي هجڻ جو شرط هميشه لاءِ رکن ها ته پوءِ جنهن حالت ۾ ڪو خلافتہ جي قابلن ۽ شرعي شرطن جي موافق قريشي خليفو نه ملي ها ته ضرور خلافتہ جي سخت ضرورت ۽ تاڪيد کي ڏسي ناقابل خليفو مقرر ڪرڻ ۾ اچي ها ۽ اهڙي حالت ۾ جن عرضن جي ڪري امامت ضروري ڪئي وئي آهي اها فائدا حاصل ڪين ٿين ها انهين دور انديشي جي ڪري هڪڙي ٻي حديث ۾ پاڻ ارشاد فرمايو اٿن ته

(خلافتہ قريش ۾ رهندي ۽ جيڪڏهن ڪو به ماڻهو انهن سان خلافتہ ۾ مخالفت ڪندو خدا ان کي اونڌي منهن ڪيرائيندو. پر خلاف تيسين انهن کي ملندي) جيستائين دين کي قائم ڪندا انهيءَ حديث مان معلوم ٿيو ته خلافتہ جو قريشن ۾ هجڻ هر حال ۾ ۽ هميشه جي لاءِ ضروري نه آهي.

۽ اهڙي ئي مضمون جي ٻي هڪڙي حديث حضرت ابو هريره رضه روايت ڪئي آهي ته

الملڪ في قريش والقضاء في الانصار والاذان في الحبشتہ والامانتہ في الازد.

(ترجمو: ملڪ (حڪومت) قريشن ۾ قضا (فيصلا ڪرڻ) انصارن ۾ ٻانگ ڏيڻ حبشين ۾ ۽ امانتہ اهل يمن ۾ انهن حديث ۾ الملڪ في قريش جو اهو ئي مطلب آهي جيڪو حديث الائمتہ من قريش جو. پوءِ جيڪڏهن مولوي صاحب جن امامت ۽ خلافتہ قريشن سان خاص ڪن ٿا ته هڪدم ٻيو رسالو ڪڍي انصارن کانسواءِ رکڻ کان منع ڪن.)

مان ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن ترڪن کان هڪڙو ڏوهه ٿيو آهي جو الملڪ في قريش جي برخلاف ڪم ڪيو اٿن ته مولوي صاحب ۽ سندن هم نوا وڏا ڏوهي آهن جو شرعي فيصلا ڪري ۽ ٻانگون ڏيئي ۽ امانتون رکي ٽن ڳالهين ۾ حديث شريف جي برخلاف ڪرڻ جا گنهگار ٿيا آهن ۽ جيڪڏهن مولوي صاحب جن فرمائيندا ته اهو مطلب نه آهي ته انصارن ۽ حبشين ۽ اهل يمن سان انهن ڳالهين جي خصوصيت آيه ته پوءِ ڪري ٻڌائين ته قريشين سان اها ڳالهه ڇو نه لاڳو ٿي سگهي ۽ ڇو نه اسين اها راءِ قائم ڪريون ته اهڙي کلي ڳالهه ڏسڻ ۽ سمجهڻ کانپوءِ به خلافت کي قريشين جي لاءِ هميشه خاص ڪرڻ اهو ڪم اوهان کي ڪنهن مجبوري ڪرايو آهي.

(2) هن حديث شريف جي لاءِ ته ”لا يزال هذا الامر في قريش مابقي منهم اثنان“.

(ترجمو) خلافتہ قريشن ۾ رهندي جيستائين هنن مان ٻه ڄڻان باقي رهن. علامه سيوطي لکيو آهي ته.

انه مقيد بقوله في الحديث الاني  ”مااقامو الدين“ ولم يخرج منهم الا وقد انتهکواحرماتہ

(ترجمو: هن حديث شريف ۾ اهو شرط آهي ته قريشي تڏهن خليفا ٿيندا جڏهن دين کي قام ڪندا (جيڪڏهن نه ته نه ٿي سگهندا) ۽ خلافتہ منجهائن تڏهن نڪتي آهي جڏهن هنن دين جي حرامن (جهلن) کي ٽوڙيو.

ان مان پڌرو آهي ته علامه سيوطي جي خيال جي مطابق هي حديث يا انهي حديث جهڙي مضمون جون ٻيون جيڪي به حديثون آهن (مثلن حديث الائمتہ من قريش) تن سڀني ۾ دين کي قائم ڪرڻ جو شرط آهي ۽ وڏي ڳالهه هي آهي ته جيڪڏهن علامه سيوطي جو اهو خيال واجي ۽ ضروري نه سمجهي ته نعوذ بالله حضوراقدس صلعم جو قول غلط ثابت ٿي پوي ٿو ڇو ته حديث جي لفظن مان پيشنگوئي ظاهر ٿئي ٿي ۽ خاندان عباسيه کانپوءِ قريشن مان خلافتہ نڪرڻ جي ڪري پيشينگوئي صحيح ثابت ٿيندي تنهنڪري دين کي قائم ڪرڻ جو شرط ضروري آهي.

(3) انهيءَ ساڳئي حديث شريف جو شرح ڪندي علامه قسطلاني رحه ارشاد الساري شرح صحيح بخاري ۾ فرمايو آهي ته:

وانهم اذا لم يقيمو الدين لم يسمع لهم. جڏهن قريشي دين کي قائم نه ڪندا تڏهن انهن جي اطاعت نه ڪئي ويندي. ٿورو اڳتي وري انهين ساڳئي ڳالهه جي تائيد فرمائي ٿو ته: استحاق قريش الخلافتہ لا يمنع وجودها في غيرهم يعني قريشن جي خلافتہ جي لاءِ حقدار هجڻ ٻين ۾ خلافتہ وڃڻ کي روڪي نه ٿو. وري ڪجهه اڳتي انهي ساڳئي حديث شريف جي هيٺان لکيو اٿس ته وهو مقيد باقامتہ الدين ومن ثم لما استخف الخلفاء بامرالدين ضعف امرهم و تلاشت احوالهم هتي لم يبق لهم من الخلافتہ سويٰ سها.

(ترجمو: هن حديث ۾ به دين کي قائم ڪرڻ جو شرط آهي ۽ جڏهن خليفن (قريشين) ديني  ڳالهين کي خفيف ڪري سمجهو تڏهن هنن جي حالت ضعيف ۽ احوال سقيم ٿئو تان جو هنن ۾ نالي کان سواءِ خلافتہ ڪا نه رهي انهي عبارت تان مولوي صاحب جن سمجهندا ته سندن خيال اهل شرع جي ڪيتري قدر برخلاف آهي ۽ اميد آهي ته اهي ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ اهو خيال خام دل مان ڪڍي ڇڏيندا ته خلافت قريش کانسواءِ ڪنهن کي ملي نه ٿي سگهي.

(4) جيڪڏهن خلافتہ قريشن کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي صحيح نه هجي ته پوءِ مولوي صاحب جن انهن ڪروڙها بزرگن جي لاءِ ڇا چوندا جن جي وفات خلافتہ عباسي ۽ شريف مڪه جي بغاوت جي وچ ۾ ٿي آهي ڇو ته معاذ الله حديث شريف جي ارشاد موجب هن جو موت زباني جاهليت (ڪفر) جو موت ٿيندو ۽ مهرباني ڪري ٿوري دير پنهنجي منهن ويهي سوچن ته بزرگن جا روح سندن لاءِ ڪهڙي راءِ رکندا هوندا.

(5) صحاح ستہ مان ابودائود ترمذي ۽ نسائي ٽنهين ڪتابن حضرت سفينه کان هڪڙي حديث روايت ڪئي آهي چنانچہ ابو دائود شريف جا هي لفظ آهن ته ”خلافته النبوتہ ثلثون ستہ ثم يوتي الله ملڪه من يشاء.“

(ترجمو: نبوت جي خلافتہ ٽيهه ورهيه رهندي پوءِ خداوند تعاليٰ جي مرضي جنهن کي پنهنجو ملڪ ڏئي.)

هن حديث مان بلڪل فيصلو ٿي ويو ته ملڪ ۽ حڪومت ۽ خلافت جي قريشين سان ڪا خصوصيت ڪانهي بلڪه خداوند ڪريم جي مرضي جنهن کي پنهنجو ملڪ عطا ڪري.

مولوي صاحب جن کي گهرجي ته رڳو هڪڙي حديث ياد ڪري شور نه مچائين ته بس قريشين کانسواءِ ٻيو ڪو خليفو نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته اهڙي طرح مسلمانن جي اعتقاد ۾ فساد ۽ خلل وجهڻ اهڙو گناهه عظيم آهي جنهن جي ذميواري سڀ ڪنهن مسلمانن کي سمجهڻ گهرجي ۽ مهرباني ڪري سوچين ته انهيءَ ڳالهه تي اڙي ويهي رهڻ ته هروڀرو الائمته من قريش جو اهو ئي مطلب آهي ته قريشين کانسواءِ ٻيو ڪو خليفو نه ٿو ٿي سگهي پاڻ کي اجايو چئن پڙهن ۾ ڏٺو ڪرڻو آهي.

.....................................................

قول: خلافتہ راشده جنهن جو مڃڻ هر مسلمان تي واجب آهي سا اها ٽيهن ورهين واري خلافتہ آهي.

انهن عبارت مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽيهن ورهين کانپوءِ خلافتہ جي مڃڻ جو مسلمانن کي ضرور ڪونهي. پر الائي ڪهڙي خوشي مولوي صاحب جن کان اها ڳالهه وسارائي ڇڏي آهي ته حضور جو ارشاد آهي ته جنهن شخص پنهنجي امام وقت کي نه سڃاتو تنهنجو موت زماني جاهليت جو موت ٿيندو ۽ انهي ڪري علماءِ امت انهي ڳالهه تي اجماع ۽ اتفاق ڪيو آهي ته مسلمانن جي لاءِ واجب آهي ته خلافتہ هميشه جي لاءِ قائم رکن جيئن تها مام نووي فرمائين ٿا. اجمعوا علي انه يحب علي المسلمين نصب خليفتہ انهي ڳالهه تي اجماع ڪيو اٿن ته مسلمانن تي خليفتہ جو قائم ڪرڻ واجب آهي. فتح الباري جي جيڪا عبارت اڳتي مولوي صاحب جن پنهنجي لاءِ غلطي سان زبردست دليل سمجهي آهي تنهن ۾ به صفا چيل آهي ته ”خلافتہ قيامت تائين برابر رهندي“ پوءِ جناب مولوي صاحب جن تڪليف وٺي سمجهائين ته ڇا اها خلافتہ مڃڻ جي لاءِ نه آهي بلڪه رڳو ايتري لاءِ آهي ته فتح الباري ۾ لکيل هجي ۽ جڏهن مولوي صاحب جن کي ضرورت پوي تڏهن مذهب ۽ شريعت جي آڙ ۾ ڪجهه فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي دليل ۾ پيش ڪن.

قول: نبي ڪريم صلعم انهن خليفن کي به اهڙو شريف ڏنو جيڪو هنن جي حڪمن جي پيروي به پاڻ سان گڏ امر فرمايائون جيئن ته حديث ۾ آهي ته عليڪم بسنتي وسنتہ الخلفاء الراشدين يعني فرض آهي اوهان تي منهنجي پيروي ڪرڻ ۽ پيروي خلفاء راشدين جي مولوي صاحب جن هن حديث مان شايد پنهنجي اڳين ڳالهه کي ٽيڪو ڏياريو آهي ته ٽيهن ورهين واري خلافت کانپوءِ خلافت کي مڃڻ جي ضرورت ڪانهي ۽ عام مسلمانن کي هن حديث جي وسيلي پنهنجي اڳين ڳالهه تي يقين ڏيارڻ لاءِ هڪڙو ڄار وڇايو اٿن ته حضور صلعم رڳو ٽيهن ورهين تائين خلفاء راشدين جي پيروي جو حڪم ڏنو آهي ۽ اڳتي جي لاءِ نه پر مان مولوي صاحب جن کي يقين ٿو ڏياريان ته ڪنهن به مسلمان مان ڌوڪو ڪو نه کاڌو آهي ۽ نه انشاءَ الله تعاليٰ کائي سگهي ٿو ڇو ته مسلمان سمجهن ٿا ته ضور جو انهي ارشاد مان اهو مطلب آهي ته اخلاق ۽ عادات ۾ منهنجي ۽ خلفاءِ راشدين جي پيروي ڪريو ڇو ته اهي اخلاق بالڪل نيڪ ۽ برگزيده آهن ۽ اهڙي طرح پاڻ کي سڌاريو ۽ انهي مان هرگز اها ڳالهه ثابت نه ٿي ٿئي ته اڳتي خليفن جا حڪم مڃڻ جي ضرورت ڪانهي. انهي حديث مان اهو مطلب مولوي صاحب جن جي دماع ڪڍيو آهي باقي مسلمانن جا دماغ خدا جي فضل سان انهي حد کي نه پهتا آهن. مولوي صاحب جن جي اڳتي هلي امام نووي رحه جي عبارت نقل ڪئي آهي جنهن ۾ امام موصوف فرمايو آهي ته اصحاب رسول الله صلعم ۽ انهن کانپوءِ امام نووي رحه جي زماني تائين  علماءَ اجماع آهي ته خلافت قريشين سان خصوصيت رکي ٿي. انهي ۾ شڪ ڪونهي ته امام نووي رحه جي وقت تائين علماء جو اهو خيال هوندو ته خليفو قريشي ٿئي ڇو ته انهي وقت تائين قريشين ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن.

حديث سان پڻ لاڳو ڪري ها. ويچار جهڙي ڳالهه آهي ته مولوي صاحب جن جي سمجهه ئي ۾ اها ڳالهه نه ٿي اچي ته هڪڙي ئي مضمون جون ته حديثون جن ٻنهي مان پيشينگوئي معلوم ٿئي ٿي ته ما جيڪڏهن هڪڙي ۾ ڪو خاص شرط حضور فرمايو آهي ته اهو ضرور علامه سيوطي ۽ علامه قسطلاني جي قول جي مطابق ٻنهي سان تعلق رکندو. ۽ خصوصن جيڪڏهن اهو شرط ٿو رکجي ته نعوذ بالله حضور جي پيشنگوئي ٿي غلط ٿئي ۽ تعجب آهي ته جناب مولوي صاحب جن پنهنجي اجائي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ حضور جي پيشنگوئي جي غلط ٿيڻ جو پرواهه به نه ٿا رکن.

قول: يزيد کانپوءِ مروان بن حڪم متغلب ۽ جابر حاڪم ٿيو غرض ته سلسلا خلافت راشده جو ته هڪ طرف پرامير معاويه رضي الله تعاليٰ عنہ تائين به سلسلو خلافت جو متضل نه آهي. ترڪن سڳورن تي ڪاوڙ سٽپندي مولانا صاحب جن خلافت راشده ۽ امير معاويه جي خلافت تي به هٿ صفا ڪيو آهي. خلافت راشده ته هڪ طرف انهن لفظن مان ته ظاهر ٿئي ٿو ته خلافت راشده تي به مولوي صاحب جن کي پڪ نه ٿي هجي ۽ مٿي هي لفظ به پنهنجي يقين ۽ اعتبار جي برخلاف ۽ مٿئين دل سان چيا اٿن ته خلاف راشده جنهن جو مڃڻ هر مسلمان تي واجب آهي. ۽ تمام علماءَ اهل السنته والجماعتہ جنهن ڳالهه کي اتفاق سان مڃن ٿا ته حضرت امام حسن رضي الله تعاليٰ عنه جي تقويض خلافت کانپوءِ امير معاويه رضه خليفه برلاف حق هو ان ۾ به مولوي صاحب جن کي تردد آهي.

قول: انهي کانپوءِ جڏهن بني اميه جي خلافت ختم ٿي تڏهن بني...... به زبردستي سان خلافت حاصل ڪئي.

زبردستي سان خلافت حاصل ڪرڻ ۾ مولوي صاحب جن ڏاڍو منجهي پيا آهن پر خلافت جا جيڪي شريعت وارن نمونا بيان ڪيا آهن سي جيڪا ياد هجن ها ته ايتري پريشاني ۽ مونجهارو نه ٿئي ها. ڪتاب الجنته باب البغاه ۾ لکيل آهي ته والامام يصير اماماً بامرين بالمياند مزالاشراف والاعيان وهان ينفذ حڪم في رعتيم فرفاً من قهره فبروتہ.

ترجمو: امام بن طرجن سان ٿي سگهي ٿو هڪ ته قوم مان اهل حلء ان جي بيعت ڪن ٻيو هن طرح نه ته هن جو حڪم سندس خوف کان رعيت ۾ هلندڙ هجي. ڪتاب دالمختار ۾ ٽي طريقا لکيا اٿس جيئن ته مٿين جو شرح ڪندي لکي ٿو ته:

قول: (يصيراماماً بالمبايتہ) و ڪذابا ستخلاف امام قبلہ ولذا بالتغلب والقهر.

(ترجمو:) امام بيعت ڪرڻ سان ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي طرح اڳوڻي امام جي مقرر ڪرڻ سان ۽ اهڙي طرح علم حاصل ڪرڻ سان انهيءَ عبارت کانپوءِ ٻي سٽ ۾ جن ترڪن سڳورن کي خليفتہ المسلمين چوڻ ڏانهن اسان جو مولوي صاحب جي دل نه ٿي وري انهن جي لاءِ لکيو اٿس ته. ويکُون بالتغلب مع المبايعہ وهُوالواقع في سلاطين الزمان نصرهُم الرحمٰن.

ترجمو: ۽ غلبه ۽ بيعت ڪرڻ ٻنهي سان گڏ به خليفو ٿي سگهي ٿو جهڙي طرح هن زماني جا بادشاهه هنن کي فتح و نصرت ڏئي انهي تقرير مان ثابت ٿي چڪو ۽ مولوي صاحب جن به مهرباني فرمائي غور سان سمجهي ڇڏن ته جيڪڏهن بني عباس زبردستي سان حڪومت حاصل ڪئي ته اهو به هڪڙو امام ٿيڻ جو طريقو آهي ۽ انهن جي خلافت ۾ منجهي پوڻ اصل نه گهرجي. باقي هن ڳالهه تي غور ڪرڻ ضروري آهي ته (زبردستي حڪومت حاصل ڪرڻ وارو) ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي ۽ خلافت جا اغراض ۽ فائدا ان مان حاصل ٿي سگهن يا نه ۽ ان ۾ خلافت جا شرائط موجود آهن يا نه. ڇو ته هڪڙو غلبو اهڙو هوندو جنهن سان شرط ڪيئن هوندا ۽ هڪڙو اهڙو آهي جنهن سان شرط ۽ خلافت جي لياقت هوندي. جيڪڏهن متغلب اهڙو ماڻهو آهي جنهن ۾ شرائط موجود ڪيئن آهن ته اهو باتفاق مسلمانان جائز طرح خليفو نه ٿيندو جهڙي طرح اڳئين زماني ۾ يزيد زبردستي خليفو ٿيو هو پر ان ۾ لياقت ڪا نه هئي تنهنڪري مسلمانن هن کي خليفو ڪري نه مڃيو ۽ هينئر وري شريف باغي ٿيو آهي ۽ ان کي چند دنيا پرست ۽ بندگان هوس خليفو چون ٿا پر مسلمان هن کي انهي سلوڪ جو مستحق سمجهن ٿا جنهن جو هو شريعت موجب لائق آهي پر جيڪڏهن متغلب ۾ لياقت ۽ ٻيا شروط آهن ته هو باتفاق مسلمانان خليفو آهي جهڙي طرح خليفاء بني عباس يا خلفاء ترڪ جائز ۽ تسليم ٿيل خليفا آهن.

قول: ٻي ڳالهه قابل غور هي آهي ته بني عباس جي ابتدا ۾ هڪ بني اميه جي شاخ اندلس اسپين ۾ حڪمران ٽي غظيم الشان سلطنت قائم ڪئي ۽ گهڻا خليفا ۽ امير المومنين انهي خاندان مان به پيدا ٿيا. يعني هڪڙي وقت ۾ ٻن بادشاهن خلافت جي دعويٰ ٿي رکي. مولوي صاحب جن يا اهڙي طرح ٻين تاريخ کان واقف ڪارن جي لاءِ ڪجهه به غور ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. ڇو ته علما تاريخ اها فيصلو ڪيو آهي ته شاهان اسپين ۾ ٻين خوبن سان گڏ اها گهٽتا هئي جو هڪڙي قائم شده ۽ مستحڪم خلافت جي هوندي جداگانه حڪومت قائم ڪري خلافت جي دعويٰ ڪيائين ۽ جيڪڏهن مولوي صاحب جن غور فرمائيندا ته معلوم ٿي ويندو ته انهي جي دعويٰ خلافت جي تصديق جي لاءِ به هيلوڪن وقت شناس ۽ ضمير فروش عالمن جو هٿ هو جيڪي هميشه رخ بدنما وانگيا هوا جي رخ تي هلندا آهن.

قول: ازان سواءِ امام ابو حنيفه جهڙي محتاطبزرگ به منصور عباسي خليفه جي مقابلي ۾ حضرت زيد شهيد ابن امام زين العابدين ابن حضرت امام حسين کي پاڻ به خليفو ڪري مڃيو ۽ ٻين کي به اهڙي هدايت ڪئي حالانڪه منصور عباسي ۽ بنا هاشم بلڪه عم رسول الله جو اولاد هو. مولوي صاحب جن الائي ڪهڙي خوشي ۾ اچي رسالي جي لکڻ ۾ ايتري قدر جلدي ڪئي آهي جو کانئن ڪيتريون افسوسناڪ غلطيون رهجي ويون آهن. خصوصن تاريخي واقعت جي بيان ڪرڻ ۾ ايتري سخت غلطي ڪئي اٿن جو ڪو به پڙهيو ماڻهو مٿن کلڻ کانسواءِ نه رهيو هوندو.

حضرت امام ابو حنيفه رحه جو هئي واقعو بيان ڪري پنهنجي سياهه اغتراض کي بااڪل بي نقاب ڪري ڇڏيو اٿن. اها خبر ئي ڪانهين ته حضرت زيد شهيد بن علي حسين عليه السلام امام صاحب کان ڪيترو اڳ ۾ نبي اميه جي خليفي هشام بن عبدالله جي زماني ۾ شهيد ٿي ويو. مولوي صاحب جن هئي خواب ڏاڍو مزي جهڙو لڌو ته امام ابو حنيفه رحه منصور عباسي جي مقابلي ۾ حضرت زيد شهيد جي (جو کانئن ۽ منصور کان ڪيترو وقت اڳي گذاري ويو) خلافت مڃي مولوي صاحب جن جي خيالات جي باند پروازي قابل تعريف آهي جو گهڙي ۾ زمين ۽ آسمان کي ملائي ڇڏن ٿا ۽ پوءِ اگرچه مولوي صاحب جن صفانه فرمايو آهي ته هن عبارت مان سندن ڇا مطلب آهي مگر معلوم ائين ٿو ٿئي ته پاڻ حضرت امام ابو حنيفه رحه جي بجائي ٿي حضرت زيد شهيد وانگر باغي ۽ دشمن اسلام شريف کي خليفو مڃي ماڻهن کي به مڃڻ لاءِ سفارش ڪن ٿا پر کين ياد رکڻ گهرجي ته هڪڙي ناخدا ترس ۽ فاسق هستي جي لاءِ هڪڙي اولو العزم امام وقت جي مقدس و مطهر وجود جو مثال آڻڻ خدا بزرگ وبرترکي جوش ۾ آڻيندو. اهڙو امام وقت اهڙن ئي مقتدين کي مبارڪ هجي جيڪي ان کي مڃين ٿا. باقي مسلمانن ۾ خدا جي فضل سان اڃا ناموس شريعت جي تحقير جي جرات ڪا نه پيدا ٿي آهي.

قول: ترڪي خلافته جا حمايتي هي دليل پيش ڪن ٿا ته آخري بادشآهه عباسي جو مصر ۾ 918ع هجري ۾ پناهه وٺندڙ هو تنهن سلطان سليم کي خلافتہ بخشي انهيءَ طرح خلافتہ ترڪن ۾ نسلن بعد نسل منتقل ٿي آئي. مگر سوال هي آهي ته انهن آخري خليفه عباسي وٽ باقي ڇا رهيو هو جو انهي بخشي ڏنو.

شريف ميان جي مدح و ثنا شايد مولوي صاحب جن کي فرصت نه ڏني آهي جو پاڻ معلوم ڪري سگهن ته ڇا باقي رهيو هو ۽ ڇا بخشيو ويو. ان جي هٿ ۾ اها شئي هئي جنهن جي اڳيان سڄي دنيا اسلام جا گردن جوش عقيدت کان جهڪن ٿا. اهو تبرڪ هو جنهن سان مسلمانن جي خون جو هڪ هڪ قطرو وابسته آهي ۽ رهندو. اهو مقدس نشان هو جنهن جي هڪڙي جهلڪ سان جوش جان فدائي ۽ سودائي سرفروشي کان مسلمان مدهوش ٿين ٿا. ۽ مان اوهان کي کولي ٿو ٻڌايان ته مسلمانن جي عزت و ناموس جي ڪنجي يعني علم مقدس هو جنهن جي هيٺان خدا جي بزگزيده پيغمبر صلعم جي سرپرستي ۾ فدايان توحيد خدا واحد جي روبرو پنهنجي جسم جان جي قرباني ڪئي هئي ته خدا جو ڪلمون دنيا ۾ بلند ٿئي.

مولوي صاحب ۽ سندن هم خيال ۽ مسٽر شريف صاحب رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم جي انهي مقدس يادگار کي غير ضروري سمجهن ٿا ته ڀلي سمجهن پر مسلمانن کي چڱي طرح معلوم آهي هي اها عزت آهي جنهن سان مسلمانن جي موت ۽ زندگي جو تعلق آهي.

مولوي صاحب جن ته شايد مشڪل سان سمجهن پر منهنجو ٻڌائڻ فرض آهي ته انهي بخشش ته سلطان سليم مرحُم کي خلافت جي لاءِ هر طرح مستحق ڪري ڇڏيو ڇو ته مان مٿي شريعت مطهره جي معتبر ڪتابن مان نقل ڪري آيو آهيان ته خلافت ٽن طرحن سان ٿي سگهي ٿي هڪڙي اشراف ۽ معتبران قوم جي بيعت ڪرڻ سان ۽ ٻيو اڳوڻي خليفي جي مقرر ڪرڻ سان ۽ ٽيون هن طرح ته هن جي غلبي کان خوف کائي ماڻهو سندن حڪم مڃن.

هاڻي سلطان سليم کي آخري خليفه عباسي مرحوم مقرر ڪيو ۽ هزارها اهل حل و عقد سنديس بيعت به ڪئي ۽ مرحوم جو غلبو ته شهره آفاق آهي اهڙي طرح ٽنهين طريقن سان کيس خلافت حاصل ٿي.

قول: ڊاڪٽر انصاري ۽ مولانا عبدالباري صاحبان خلافتہ واسطي اهو شرط ضروري ٿا ٺهرائين ته خليفو ڪنهن جومحتاج نه هجي ۽ دشمن جو مقابلو بلا همراهي جي ڪري سگهي سو جنهن شخص کي خلافت بخشيندڙ خيال ٿا ڪن اهو پاڻ مصر جي بادشاهن جو پنشن خوار مولوي يا شيخ طريقت هو. جنهن صورت ۾ مولوي صاحب جن کي خلافت راشده ۾ به تردوڌ آهي. ان حالت ۾ ان کانپوءِ واري خلافت جي لاءِ عزت نه هجي ته ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. پر مولوي صاحب جن هن ۾ الائي ڪهڙي اعتراض جوڳي ڳالهه ڏٺي آهي. سلطان سليم مرحوم کي خلافت ڏيندڙ مسلم طرح خليفو هو. پر جڏهن ان ڏٺو ته سنديس ڪمزوري انهي حد کي پهتي آهي جو ان خلافت جا اغتراض پورا نه ٿو ڪري سگهي تڏهن خود خلافت اهڙي زبردست مسلمان بادشاهه کي سونپي ڏنائين جو هر طرح ان ڳالهه جو اهل هو. جيڪڏهن هو ڪمزور نه هجي ها ۽ قوت رکي ها ته خلافت سونپڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي.

قول: تڏهن شريف مڪي جو آزاد آهي ۽ وڏي ملڪ جو حڪمران آهي ۽ موجوده سلطان ترڪي سان جنگ آزمائي به ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن جو پنشن خوار به نه آهي سو زمين شريفين جو خادم ۽ منتظم ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن شريف مڪه جو آزاد آهي ته پوءِ پابندي دنيا ۾ ڪا به شئي ڪانهي. باقي وڏي ملڪ تي حڪمران ٿيڻ جو معيار به رڳو مولوي صاحب جن جي همت آهي. ڇو ته ڪو به جغرافيه ڄاڻڻ وارو ريگستان جهاز کي وڏو ملڪ ڪو نه چوندو.

مولوي صاحب جن کي شايد خبر نه آهي ته ان کي ايتري حيثيت ڪا به نه ڏني وئي آهيجو رڳو مقامات مقدسه ان جي هٿ ۾ ڏنا ويا هجن. اسان جو گذريل قبلو معراج شڙيف جي يادگار مسجد اقصيٰ يعني بيت المقدس، نجف اشرف، ڪربلائي معلي، بغداد شريف انهن پاڪن جاين ڏي (جتي مسلمانن جي تقدس جو وڏو ذخيرو مدفون آهي) ويچاري شريف ميان کي نظر ڪرڻ لاءِ قيامت تائين به جرئت نه ٿيندي.

باقي رهي هي ڳالهه ته مولوي صاهب جنهن جو خليفو بهادر حضرت خليفتہ المسلمين سان جنگ ڪري سگهي ٿو اها ته اهڙي ڳالهه آهي جو ڪو ماڻهو چوي ته ڪئو شينهن سان وڙهي سگهي ٿو پر تڏهن جڏهن شينهن چوکنڀو سڪ ٻڌل هجي. جنهن صورت ۾ حضرت خليفتہ المسلمين کي طرف رڌل ڏسي شريف نمڪ حرامي ڪري جنهن ملڪ تي ان کي عهده دار مقرر ڪيو ويو هو ان بي پرائي کي نٽي جي زور تي قبضو ڪيو اٿس تنهن صورت ۾ هن کي صاحب بهادر ۽ جنگ آزما چوڻ مولوي صاحب جن جي عقل ۽ انصاف جو عجيب مثال آهي.

شريف جي آزادي جو اهو حال آهي جو هن جو وجود اسان جي رحمدل ۽ مهربان گورنمينٽ برطانيا جي رحم ۽ مدد تي آهي. جيڪڏهن اڄ خدانخواسته دوستي ۽ صلح جا تعلقات قطع ٿي وڃن (پوءِ کڻي ان ۾ شڙيف جي ئي بدبختي آميز شرارت هجي) ته هوند يورپ جون حڪومتون جي مسلمانن جي ملڪن کي هميشه پيار ۽ محبت جي نظر سان ڏسنديون آهن سي شريف ۽ ان جي خاندان کي مولوي صاحب جي بخشيل خلافته سميت برباد ڪري ڇڏن ۽ اسان جي مولوي صاحب کي شايد انا لله وانا اليہ راجعون چوڻ جي فرصت به ڪا نه ملي. مولوي صاحب جن شايد پنهنجي مقدس ملڪ جي جغرافيائي حالت کان بي خبر هوندا پر اسان کي چڱي طرح علم آهي ته حجاز جو ملڪ جنهن ۾ هنيئر مولوي صاحب جي خليفي (شريف) جي حڪومت آهي ۽ جنهن کي مولوي صاحب جن وات ڀري وڏو بلڪه چون ٿا تنهنجا محاصل ۽ آمدني ڪڏهن به ايتري نه ٿي آهي ۽ نه ٿي سگهي ٿي. جا حرمين شريفين جي خدمات ۽ مصارف ۽ حڪومت حجاز جي انتظامي خرچن شريف جي شاهانه دربارداري ۽ اميرانه شان و شوڪت جي لاءِ پورا سگهن ۽ ڄاڻڻ واري کي چڱي طرح معلوم آهي ته جانشينان خلافته هميشه ملڪ جي ٻين ڀاڱن جي آمدني مان حجاز جي خرچن جي بقايا پوري ڪندا ايندا آهن.

مولوي صاحب جن حجره جي ڪنڊ ۾ ويهي خلافتہ جي کچڻي ترڪن جي دسترخوان تان کڻي شريف جي آڏو رکي سمجهن ٿا ته هي ترانو شريف کي ڳڙڪائي وڃڻ سولو ٿيندو پر اهو رڳو مسجد جي چارديواري جو عقل آهي. شريف ڏاڍي ڏاهپ ڪئي جو اسان جي سرڪار نامدار جي پناري پيو ۽ باوجود مکيه عيسائي حڪومت آهي تڏهن به هڪڙي مسلمان حاڪم جي لاءِ رحمت ثابت ٿي جو پنهنجي ملڪ جي مسلمان رعيت کي نه رڳو حج تي وڃڻ جي اجازت ڏنائين پر پنهنجي مهرباني ڪري جهازن ۽ روانگي جو بندوبست خاص طرح ڪيائين جنهن مان شايد شريف جو ڪجهه وقت جي لاءِ پيٽ ڀرجي پوي نه ته مولوي صاحب جن پنهنجي خليفي بهادر جو هيلهه تي ڏيوالو ڏسن.

قول: هن وقت جيڪي ماڻهو خلافته ترڪي تي زور ڏين ٿا اهي وڏي خطرناڪ غلطي ۾ مسلمانن کي ڦاسائڻ ٿا گهرجن. ڇاڪاڻ ته انهي جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو ته هندستان ۾ ٻه جماعتون ٿينديون. هڪڙي طرفدار ترڪن جي ۽ ٻي طرفدار عربن جي ۽ ٻنهي جماعتن ۾ سخت اختلاف ۽ اجايو جهڳڙو قائم ٿيندو.

اسان جي ناصخ مولوي صاحب کي دلجاءِ رکڻ گهرجي ته هندستان جي مسلمانن کي خوب معلوم آهي ته سندن لاءِ ڪهڙو رستو وٺڻ ضروري ۽ فائدي وارو آهي. عربن جي جائز حمايت جي لاءِ ته هميشه کان ۽ هميشه جي واسطي تمام مسلمان تيار آهن باقي شريف جي باغيانه جرم جي تائيد ۽ حمايت جو فخر حاصل ڪرڻ وارو ڪيترا آهن ۽ انهن جو طرف ۽ ضمير ڪيترو آهي انهي ڳالهه جي مسلمانن کي چڱي طرح خبر آهي ۽ خوب سمجهن ٿا ته حمايته الحرب جي صدائي بي هنگام هڪڙو گنبذ جو آواز آهي ڇو ته توهين پاڻ دانا آهيو سمجهي سگهو ٿا ته برساتي ڏيڏرن جي شورو غوغا کان انديشو ٿي نه سگهي ۽ هندوستان جا مسلمان مذهب کي رڳي مسخري ڪين ٿا سمجهن مولوي صاحب جن پنهنجو ۽ پنهنجي خليفي بهادر جو فڪر ڪن مسلمانن جي اختلاف جو الڪو اجايو آهي.

مولوي صاحب جن خليفي جي لاءِ ٻه فرض سمجهن ٿا جيئن ته فرمايو اٿن ته:

قول: پهريون ته حرمين شريفين ۾ اهڙو امن قائم ڪري جو حجاج بيت الله کي بي خوف و خطرحج نصيب ٿئي ٻيو ته دين اسلام جي ترقي لاءِ ڪوشش وٺي. اڳتي انهي مضمون کي هنن لفظن تي پورو ڪيو اٿن ته ”سلطان ترڪي ڪنهن به قسم جا حاجين لاءِ سهوليت نه ڪئي آهي ۽ ويچارن حاجين کي جيڪا مصيبت جان و مال جي ڏسڻي ٿي پوي سا قابل رحم آهي.“

مولوي صاحب جن کي سنڌ جي وڏيرن جي پنهنجي راڄن تي حڪومت ڪرڻ جو تجربو ٿيل آهي تنهنڪري شايد حضرت خليفتہ المسلمين جي طاقت ۽ جبروت کي به انهي تي قياس ڪن ٿا.

فڪر هرکس بقد همت اوست.

مولوي صاحب جن جي تاريخي واقفيت رڳو چند گڏ ڪئلن اخبارن تي موقف آهي مان کين ڇا ڇا سمجهايان ته کين خلافته کي هڪ صدي جي اندر هي ڇويهين جنگ ڪرڻي پئي آهي. ان حالت هوندي به جو هنن کي جنگ جي باهه ڪڏهن به آرام سان ويهڻ نه ڏنو آهي هن تازي چار سالا جنگ ۾ (جيتوڻيڪ آخري نتيجو اهو ئي ٿيو جو خدا جي مرضي ۾ هو ته) به برابر پڇاڙي تائين وڙهي پنهنجي بي انتها قوت ۽ وسائل جو ثبوت ڏنو آهي. اهڙي پر جلال قوت جي اڳيان حجازي شوره پشتن ۽ فسادين جي جماعت (جنهن جي هٿان حاجين کي تڪليفون پهچنديون آهن)  ڪهڙي طاقت ۽ هستي رکي سگهي ٿي پر ترڪن جي شرافت ۽ ادب عربن کي ڪڏهن به سزا ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ جنهن ظلم ۽ مصيبت جو مولوي صاحب اڳتي ذڪر ڪيو آهي تنهن جو سچ يا ڪوڙ اتاهون ئي پڌرو ٿي سگهي ٿو هنن ويچارن هميشه اهو خيال ڪيو ته سا ڪنان بيت الله ۽ ديا رسول الله صلي الله عليہ وسلم کي پاڻهين ننگ پوندو ۽ سندن ادب۽ لحاظ جي ڪري ڪڏهن به معمولي تنبيهه کانسواءِ عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو خيال نه ڪيائين پر اها خبر ڪا نه هين ته هندوستان ۾ اهڙي قدردان دل و دماغ جا ماڻهو آهن جي هن شعر جا مصداق ٿيندا ته:

چشم بدانديش ڪه برکنده باد

عيب نما يد هنرش ور نظر

۽ افسوس آهي جو شرافت جي هن عجيب جو هر شناسي جو هنن ڪو به خيال ڪو نه آيو. ان کانسواءِ حجاز جو اندروني انتظامن هميشه شريف ۽ ان جي بزرگن جي هٿ ۾ هليو آيو آهي ۽ انهي بي انتظامي جا ذميوار شريف آهن نه حڪومت.

جيڪڏهن شريف ايمانداري سان پنهنجي خدمت انجام ڏئي ها ته حاڪم وقت جي ڪوشش جي اڳينا بدون جي ٿورڙي جماعت هميشه لاءِ نابود يا تائب ٿي وڃي ها پر هر شخص سمجهي سگهي ٿو ته اختيار واري حاڪم جي حڪومت ۾ اهڙيون خرابيون تيستائين ڪڏهن به نه ٿي سگهنديون جيستائين خود حاڪم جي ايمانداري ۾ خلل نه آهي. جيڪڏهن مولوي صاحب جن کي اهڙيون شاهديون نه ملي سگهن جن مان معلوم ٿئي ته شريف وٽ بي انتها مال دولت گڏ ٿيڻ جو سبب ڪهڙو هوندو هو ته خدارا پنهنجي عقل مان ڪم وٺي فيصلو ڪن ته شريف جي زير انتظام ڦرلٽ ڇو نه بند ٿي ويئي؟ باقي رهي اسلام جي ترقي لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ واعظ مقرر ڪري ڌارين ملڪن ڏي موڪلڻ تنهن جي لاءِ وري به مون کي مولوي صاحب جن جي تاريخي ناواقفيت جو افسوس ڪرڻو پوي ٿو مولوي صاحب کي اها خبر ئي ڪانهي ته ڪفرستان يورپ جي اڪثر حصن ۾ الله اڪبر جو آواز ترڪن جي جانبازي جو نتيجو آهي ۽ ڪيترائي ملڪ ترڪي بادشاهن جي خون فشاني ۽ محنتن کان صدائي توحيد جا آشنا ٿيا پر پوءِ جڏهن دشمنان اسلام جي لڳو لڳ چالبازن ۽ جهڳڙن کان ترڪي سلطنت ۾ هيڻائي آئي تڏهن قدرتن ترقي جي ڪوشش کي ڇڏي پنهنجي قوت کي محفوظ ۽ درست رکڻ ڏي وڌيڪ توجهه ڪيائون.

قول: هن وقت دنيا ۾ آزادي ۽ حريت جو گهر گهر ۾ ڇو آهي سو جيڪڏهن عرب جي تيرنهن سئو سالن کان آزادي جو سبق دنيا کي پڙهائيندا آيا آهن پاڻ ترڪن کان آزاد ٿيا ته ڪهڙو تجب آهي.

شايد آزادي جي معنيٰ مولوي صاحب جن اها سمجهي آهي ته نعوذ بالله مذهب ۽ شريعت جي پابندين کان آزاد ٿجي. تيرنهن سئو سالن کان عرب ڪو نئون سبق نه پڙهائي رهيا آهن ۽ نه ڪا انهن کي ڪا خاص تعليم ڏني ويئي آهي. اهو هڪڙو ئي سبق ۽ تعليم آهي جا سردار دو جهان صلعم عرب ۽ عم سڀني کي بڪسان ڏني هئي. انهي مقدس تعليم ۾ ته اسان کي سڏڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي ته آزادي جو اهڙو جنون سوار ٿئي جو خدا ۽ خدا جي حبيب پاڪ صلعم جي قائم ڪيل حدن جو به پرواهه نه رکجي. مولوي صاحب جن اهڙي آزادي کي مبارڪ سمجهندا هوندا پر مسلمان انهي آزادي کي جهنم جو طوق سمجهن ٿا جنهنڪري خليفه وقت سان مخالفت ڪري ان جي وقت کي ڪمزور رڪجي ۽ اهڙي طرح اتحاد ۽ اخوت اسلامي کي تباهه ڪري خدا ۽ ان جي ملائڪه مقربين جي لعنت حاصل ڪجي مولوي صاحب جن کي خبر نه آهي ته اهڙي آزادي جي حق حاصل ڪرڻ لاءِ شريعت اسلامي ۽ پاڪ قانون جو ڪهڙو حڪم آهي. ڪتاب رد الحتار ۾ لکيل آهي ته:

و في الاختيار اهل البغي ڪل فئتہ لهم منعتہ يتغلبون و يجتمغون و يقلتون اهل العدل بتاويل يقولون الحق معنا و يدعون الولايتہ.

اختيار ۾ لکيو اٿس ته باغي آهن جن کي طاقت هجي ۽ غلبو ڪري گڏ ٿي عدلونکي انهي تاويل سان قتل ڪن ته حق اسان جو آهي ۽ حڪومت جي ..... ڪن.

ان عبارت موجب شريف ۽ ان جا مددگار سڀ خليفه وقت کان باغي ٿيا ڇو ته آزادي ۽ حڪومت کي پنهنجو حق سمجهي سلطان سان جنگ ڪيائين ۽ هر شخص سمجهي سگهي ٿو ته باغي ڪهڙي سزا جو لائق آهي. جن ماڻهن مسلمانن جي ننڍڙن حڪومتن کي آزاد ٿيندو ڏنو آهي ۽ پوء هنن جون دليون انهي آزادي جا افسوسناڪ نتائج ڏسي خون ٿيون آهن. سي عربن جي آزادي جي حقيقت ۽ ان جي قدرت و قيمت کي خوب سمجهن ٿا.

هينئر آزادي جي شراب جو ذرانئون نشو آهي اهو وقت اچڻ ڏيو جڏهن نشو لهي سرگراني ٿيندي ته پوءِ پاڻهين شريف بهادر چوندو ته:

قرض ڪي پيتي تهي مي اور يون سمجهتي تهي ڪه هان.

رنگ لائيگي هماري فاقه مستي ايڪ دن.

پر آه جو انهي وقت جو پڇتائڻ ڪجهه به ڪم نه ايندو.

قول: سبحان الله تعجب جي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر انصاري ۽ سندس رفيق هندوستان وسطي خود حڪومت چاهين ٿا پر عربن کي ترڪن جو پابند ۽ هميشه لاءِ غلام رکڻ گهرون ٿا.

تعجب اهو آهي جو هاڻي مولوي صاحب جن کي به تعجب ٿيڻ لڳو ڊاڪٽر انصاري صاحب ۽ سندس رفيق هندوستان جي لاءِ جيڪا آزادي گهرن ٿا ان جو شايد مولوي صاحب جن اهو مطلب سمجهيو آهي ته (خدانخواسته) گورنمينٽ سان بغاوت ڪري پنهنجي حڪومت ٺاهجي. مشڪل هي آهي ته مولوي صاحب جن ملا ماڻهو ٿي پاليٽ ڪيس جي متعلق ڳالهائين ٿا حالانڪه اهي ڳالهيون انهن خالص شرعي ڳالهين کان وڌيڪ مشڪل آهن جن ۾ مولوي صاحب جن تباهه ڪن غلطي کائي مسلمانن ۾ هيتري قدر جوش ۽ ناراضپو پيدا ڪيو آهي عربن کي حڪومت ترڪن ۾ جيڪا آزادي ۽ خوش حالي حاصل هئي سا اسان هندوستانين جي خواب ۾ نه هوندي. هن گورنمينٽ کان گهرون ٿا ته برٽش گورنمينٽ ۽ پنهنجي شهنشاهه معظم جي سايه ڪرم هيٺ حڪومت هلائڻ ۾ اسان کي وڌيڪ دخل ملي پر اسان جي انهي خواهش کان گهڻو وڌيڪ حجاز جي عربن کي ترڪي حڪومت ۾ آزادي ۽ حقوق مليل هئا ڇو ته سڄو حجاز شريف جي هٿ ۾ رهندو هو رڳو نالي جي ڪاڻ ترڪي گورنر فوجي نظم و نسق جي لاءِ رهندو هو. پوءِ الائي مولوي صاحب جن عربن جي ڪهڙي غلامي ڏٺي جنهن لاءِ اهي لفظ چيا اٿن ته ”عربن کي هميشه لاءِ غلام رکڻ گهرون ٿا.“

ڪبرت ڪلماء تخرج من افواههم ان يقولون الاڪذبا

سندن وات مان هڪڙي وڏي (هتان جهڙي) ڳالهه نڪري ۽ ( في الحقيقت) رڳو ڪوڙ ٿا ڳالهائين.

قول: جيڪي ماڻهو عرب جي متعلق بيجا خوف و خطرا ظاهر ڪن ٿا ته آئينده عرب ڪنهن بي طاقت جو ماتحت ٿي رهندو انهن کي اهڙي بد زباني کان توبہ ڪرڻ لازم آهي.

خبر نه آهي ته مولوي صاحب جن عرب ڇا کي ٿا چون ۽ حجاز جي محدود ۽ ٿورڙي آبادي کانسواءِ ٻيو ڪهڙو حصو آزاد مسلمانن جي حڪومت ۾ ڏٺو اٿن.

جيڪڏهن عرب مان رڳو اهو ٽڪرو مراد آهي جنهن ۾ رڳا رتي جا ڍير ۽ پهاڙ آهن ته انهي ۾ شڪ ڪونهي ته اها هڪڙي اهڙي مسلمان رياست ٿي ويئي آهي جنهن جي قوت کي دنيا جي آزاد حڪومتن مان ڪنهن به ننڍڙي کان ننڍڙي جو هم رتبہ نه ٿو چئي سگهجي. مان مٿي چئي چڪو آهيان ته هن جي هستي يورپ جي مختلف طاقتن جي رحم کانسواءِ ان ڳالهه تي موقف آهي ته هو هڪڙي غير آباد ملڪ ۾ اجايو پنهنجو خرچ ڪرڻ ۽ ناحق مسلمانن جي وسيع قوم کي ناراض ڪري اجايو جهڳڙو پيدا ڪرڻ بيڪار ٿا سمجهن پر جيڪڏهن سڀاڻي فرانس ۽ اٽلي يا آمريڪا يا جرمني يا ڪنهن ٻي حڪومت کي شوق ٿئي ته خدانخواسته مسلمانن کي پوري طرح دنيا ۾ ذليل ۽ محڪوم ڪرڻ لاءِ هيڪر حرمين تي مقدس صليب جي جهنڊي جي بهار ڏسجي ته پوءِ مولوي صاحب جن مسلمانن کي ٻڌائين ته شريف ۽ سندس مولوي صاحب پاران مقتدي ڪهڙي ڪنڊ ۾ ويهي تماشو ڏسندا ۽ ڇا انهي مهل شريف کي آزاد چوڻ وارن مسلمانن کي شرم نه ٿيندو جو گورنمينٽ برطانيا جي خزاني ۾ افواج قاهره تي حرمين شريفين جي بچاءُ لاءِ بار وجهن.

غور ڪندڙن لاءِ اهو وڏو دليل آهي ته سلطان محمد خامس (مرحوم) ڪنهن به طرح خليفو بااختيار نه هو بلڪه بيجا جوشيلي جماعت جي تابع هو.

سچائي جو معجزو آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن زبان تي اچي ويندي آهي. مولوي صاحب جن حضرت سلطان محمد خامس مرحوم کي خليفو ته چون ٿا پر رڳو انهي ڳالهه ۾ منجهي بيٺا آهن ته بااختيار نه هو.

مشڪل هي آهي ته مولوي صاحب جن فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام جنهن ڳالهه کي چڱو چوي ان کي پاڻ ضرور خراب سمجهندا خليفي يا امير جي اسلام ۾ ئي اها خصوصيت آهي ته هو بااختيار ۽ مطلق العنان نه ٿو ٿي سگهي بلڪه هن جو سڀ ڪم ڪم باهمي مشوره ۽ صلاح سان ٿئي ٿو ۽ اها ڳالهه جنهن لاءِ اسلام کي فخر آهي ته سموري دنيا کي نظام هڪومت جمهوري سيکاريائين تنهن کي مولوي صاحب جن حقارت جي نظر سان ڏسن ٿا.

باقي رهي هي ڳالهه به بيجا جوشيلي جماعت جي تابع هو اهو به حضرت مولانا جي قدرداني جو عجيب مثال آهي. دنيا اسلام ترڪن جي نوجوان جماعت کي عزت و ناموس اسلامي جي محافظ ۽ اسلامي غيرت کان ..... چئي ٿي ۽ انهن جي ئي حسن تدبير ۽ تلوار طرابلس ۽ بلقان جي ۾ توحيد پرستن جي لڄ رکي دنيا تي ثابت ڪري ڏيکاريو ته مسلمانن جو قومي جوش ۽ مذهبي حرارت باقي آهي تنهن کي بيجا جوشيلي جماعت جو خطاب ڏيڻ مجاهدين في سبيل الله ۽ غازيان دين جي عزت افزائي آهي.

قول: قيصر جرمن جو زور ترڪي ۾ اهڙو بيحد هو جوڳو يا ترڪي هڪڙي غير مذهب حڪومت کان دشمن جي برخلاف مدد ۾ مشورو وٺڻ ۽ ان سان عهد نامون قائم ڪرڻ ۽ تعلق پيدا ڪرڻ ڪو گناهه ڪونهي بلڪ جائز آهي ڇو ته حضور آقائي نامدار صلعم ڪفار مڪه جي برخلاف قبيله نبي خزاعتہ سان عهد نامہ ۽ صلح قائم ڪيو هو. علاوه برين جيڪڏهن ترڪي حڪومت سان حڪومت جرمن جو اهڙو تعلق هجي ها جنهن کي مولوي صاحب ڏاڍي رنگ آميزي سان بيان ڪيو آهي. پوءِ بلقان جي لڙائي ۾ پوءِ جرمني ڌار ويهي تماشو ڏسي ها ۽ جيئن هينئر پنهنجي ناجائز حرص پوري ڪرڻ لاءِ جنگ ڪايائين تيئن ڇو نه آهي وقت به جنگ ۾ گهڙي پوي ها ۽ مولوي صاحب جن کي خيال فرمائڻ گهرجي ته غير شرعي شاهدن جي خبرن تي خيال ڪري امام ۽ خليفه وقت کان بدظن ٿيڻ بلڪه ان جي شان اقدس ۾ ائين چوڻ ته ”بلڪه جرمني جو هڪڙو صوبو هو“ اهي سڀ اهڙا زبردست گناهه آهن جو دنيا ۽ آخرت جي سزائن جا مستحق ٿي سگهن ٿا.

قول: مولوي عبدالباري صاحب جا تحرير فرمائي آهي ته عيسائيت ۽ جهنڊو مقامات مقدسہ تي اڏامڻ لڳو آهي سا بالڪل ڪوڙي آهي. ائين نه ٿيو آهي ۽ نه ٿيڻو آهي. اسان سڀني کي چڱي طرح معلوم آهي ته سرڪار باوجود عيسائي يڪه عيسائي مذهب رکي ٿي تڏهن به هندوستان ۾ ڪنهن به مسجد سان اهڙي بي حرمتي ڪا نه ڪئي آهي. هڪڙي فدائي اسلام ۽ مقدس عالم و بزرگ کي ڪوڙو چوڻ ڪيتري قدر بي ادبي آهي. انهي ڳالهه کان درگذر ڪرڻ کانپوءِ مولوي صاحب جن جي معلومات ۽ واقفيت تي تعجب ٿئي ٿو. مقامات مقدسه ۾ جيڪڏهن بيت المقدس وغيره مفتوح مقامات به مولوي صاحب جن داخل سمجهن ٿا ته پوءِ مجبورن رسالي جا مطالعا ڪندڙ جناب مولوي عبدالباري صاحب ڏسي منسوب ڪيل لفظ ڏانهن منسوب ڪندا ۽ جيڪڏهن مولوي صاحب جن جي اعتقاد ۾ انهن کي ڪو تقدس ڪونهي ته پوءِ مسلمانن کي به مولوي صاحب جي طرفان ڪا شڪايت ڪانهي. اڳتي انهن لفظن مان ته ڪنهن به مسجد سان اهڙي بي حرمتي ڪا نه ٿي آهي، معلوم ٿو ٿئي ته مولوي صاحب مقامات مقدسه رڳو مسجدن جي حدود ۽ چار ديواري کي سمجهيو آهي ۽ اها ڳالهه وسري ويئي اٿن ته جزيره العرب جو هڪڙو هڪڙو انجو اهو تقدس ۽ فضيلت رکي ٿو جيڪو سندن خيال موجب مسجدن کي حاصل آهي.

هن کانپوءِ مولوي صاحب جن تسليم و رضا جي عجيب منزل طئي ڪئي آهي ۽ ابره يمن جي عيسائي حاڪم جي بيت الله شريف تي ڪاهه ڪرڻ ۽ پوءِ آخر ڪنهن جي سامهون ٿيڻ کانسواءِ خدا جي طرفان ان جي لشڪر جي ناس ٿي وڃڻ جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ فرمائين ٿا ته هاڻي به اهو ساڳيو خدا تعاليٰ جي و قيوم قادر مطعلق آهي ۽ ڪعبي شريف جو مالڪ و محافظ آهي شور مچائڻ جي ڪا ضرورت ڪانهين.

افسوس انسان ڪهڙو خود غرض آهي جو خدا واحد سان به خود غرض ڪرڻ کانسواءِ نه ٿو رهي.

ڪنهن ڊگهي تقرير ڪرڻ کانسواءِ مولوي صاحب جن جي خدمت ۾ رڳو ايترو غرض آهي ته قرآن شريف ۾ ڪعبي جي حفاظت کان وڌيڪ انسان خود غرض ۽ ظالم انسان جي رزق و معاش جي لاءِ صفا و عدو آيل آهي پوءِ براءِ خدا مولوي صاحب جن فرمايائين ته پاڻ جو چئن پئسن جي روٽي جي لاءِ خدا قادر جي وعدي تي ڀروسو نه ٿا رکي سگهن ۽ دربدري ۽ جائز و ناجائزحيلا حوالا ڪن ٿا سو سندن ضمير ۽ دل ايڏي وڏي ڪم جي لاءِ رڳو خدا تي رکي ويهڻ رهڻ ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوشش نه ڪرڻ ۽ هٿن پيرن نه هلائڻ جي ترغيب ڪيئن ڏئي ٿي.

قرآن شريف جي حفاظت لاءِ خدا تبارڪ و تعاليٰ وعدو فرمايو آهي:

انا نحن نزلنا الذڪر و انالہ لحافظون

ترجمو: اسان قرآن کي نازڪ ڪيو آهي ۽ اسين هن جي حفاظت ڪرڻ وارا آهيون.

پوءِ ڇا هاڻي مولوي صاحب جن جي اعنقاد موجب مسلمانن کي گهرجي  ته قرآن شريف جي حفاظت کان بي پرواهه ٿي ويهي رهن!

ان کانسواءِ جيڪڏهن ابره ڪاهه ڪئي ۽ ان جو مقابلو نه ٿي سگهيو ته انهي مهل مقابلي ۽ حفاظت ڪرڻ وارا ئي ڪير هئا. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته محافظان ڪعبه جي ايتري جماعت ڪڏهن به نه هئي جو اهڙي طاقتور بادشاهه جي سامهون ٿي سگهي تنهنڪري ويچارا خاموش رهيا ۽ اهڙي طرح قدرت کي براه راست ظاهر ٿيڻ ضرور ٿئو پر اڄ جڏهن خدا جي زمين تي چاليهه ڪروڙ حلقه بگو شان توحيد موجود آهن تڏهن انهي مقام مقدس جي حفاظت جي لاءِ (جنهن ڏينهن رات سندن گردن جهڪن ٿا) هنن کي ضرور انهي ذميواري ڪري بي چين ٿيڻ گهرجي جيڪا خدا جي طرفان هنن تي مقرر ٿيل آهي. علاوه براين اسين مڃون ٿا ته خداوند ڪريم پاڻ ڪعبي جي حفاظت ڪرڻ وارو آهي پر آخر اسان جو انهي ڳالهه جا مدعي آهيون ته اسين خدا جي مخصوص نعمتن جا اڪيلا ٺيڪيدار آهيون انهن تي به ڪجهه فرض آهن. (مولوي صاحب پاران) ماڻهن جو خيال آهي.

احسب الناس ان يترڪو ان يقولو اٰمنا و هم لا يفتنون.

ترجمو: رڳو انهن جي انهي دعويٰ کي ڏسي ته اسان ايمان وارا آهيون آزمائشن کانسواءِ.

هنن کي ڇڏي ڏيو (ته وڃي بهشت جون لذتون وٺڻ پر ائين هرگز نه ٿيندو.)

قول: شروعات کان وٺي وقت بوقت جيڪي عربي ۽ ترڪي بادشاهن ۽ ملڪن ۾ تبديليون ٿينديون آيون آهن تن ۾ نه ترڪن هندن جي مسلمانن جي رائي ورتي آهي ۽ نه هند جي مسلمانن جي رائي تي هليا آهن.

مولوي صاحب جن هي اهڙي ڳالهه ڪئي ڄڻ ڪي رشتيدار پاڻ ۾ پائپي جي ڳالهه تان رٺا آهن ۽ هڪٻئي کي ڏوراپا ڏين ٿا ته فلان ڳالهه ۾ اسان ڀائرن کان ڪين پڇيو.

مولوي صاحب جي نظر ۾ شايد خلافته اسلامي جو نظام هڪڙي قسم جو ڀائي بندي جو سلسلو آهي ۽ گويا ترڪن ۾ شادي ٿيڻي آهي. هاڻي اسان سان ڳنڍ سنڍنه رکيو اٿن تنهنڪري اسين به هنن جا ڀت ڀائي نه ٿيون.

مان مولوي صاحب کي درخواست ٿو ڪريان ته منهنجو گذريل مضمون غور سان پڙهن جنهن ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته شريعت جي فيصلي موجب خليفي ٿيڻ جي هڪڙي اها صورت بيان ڪئي ويئي اهي ته قوم مان اهل حل وقد هن جي بيعت ڪن ۽ حضرت خليفته المسلمين جي بعيت قوم مان هزارها اشراف و معتبر ڪن ٿا پوءِ ساندن جي ڳوٺ جي هڪڙي گوشه گمنامي جو رهندڙ پاڻ کان رائي ۽ اجازت حاصل ڪرڻ جي ڇو خواهش رکي ٿو ۽ ان جي ڪهڙي ضرورت آهي.

قول: ۽ نڪي انگريزن جي برخلاف جنگ ڪرڻ کان باز رهڻ لاءِ مسلمانن جي صلاح ٻڌايائون. هي ڳالهه پڌري پئي آهي ته اسان کي هنن جي اندروني حالتن ۽ ملڪي ضرورتن جي ڪا به خبر ڪانهي اهڙي صورت ۾ اول ته اسان جي صلاح ڏيڻ ئي هڪڙي ناموزون ڳالهه هئي پر تنهن کانسواءِ هو پنهنجو ضرورتون ۽ ملڪي اغراض ۽ فائدا اسان کان بهتر سمجهن ٿا ۽ اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ترڪن اسان مان ڪن چوندڙن جي ڳالهه تي ڪن نه ڏنو ته هو اختيار وارا هئا ۽ قابل الزام نه ٿا ٿي سگهن بلڪه اهو انهن ماڻهن جو قصور ۽ زبردستي هئي جن هنن کي اهڙي ڳالهه کان جهليو ٿي جنهن کين دخل ڏيڻ جو ذرو به حق ڪو نه هو ۽ ڪو به عقلمند انسان هنن کي انهي ڪري قصوردار ڪو نه چوندو.

قول: ترڪي تي صلح جا شرط ڪهڙا پوندا تنهن ۾ هند جي مسلمانن کي دخل ڏيڻ جو ڪو سبب ڪونهين.

بيشڪ جيڪي ماڻهو نظام خلافته جهڙي مقدس اسلامي اصول کي مسخري ڪري سمجهن ٿا تن جي لاءِ ته اها ڳالهه بالڪل مناسب ۽ جائز آهي ته ويهي مزي سان تماشو ڏسن پر هندوستان جا مسلمان جنهن صورت ۾ اهو نور ايمان پنهنجي دل ۾ رکن ٿا جو حضرت رسالت ماب صلعم کان کين ورثي ۾ مليو آهي تنهن صورت ۾ کين سندن مذهب ۽ ايمان مجبور ڪيو آهي ته انهي مسئلي ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺن جنهن جي سڃاڻڻ تي سندن خاتمه بالخيرموقف آهي ۽ مسلمان پنهنجو فرض ٿا سمجهن ته جيڪي مسخرا خليفته المسلمين جي مقدس لقب کي بازاري خطاب ڪري سمجهن ٿا تن کي ٻڌائين ته خلافته جو فيصلو اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ نه آهي جيڪي اسلامي تعليم کان نا آشنا يا چند روزه ۽ پائيدار دنيا جي مقابلي ۾ پنهنجي مذهب ۽ پنهنجي متاع کي هيچ سمجهن ٿا بلڪه انهن سچن مسلمانن جي مرضي ۽ اتفاق موقف آهي جن جون دليون نور ايمان کان منور آهن هندستان جي مسلمانن سان گورنمينٽ برطانيا نهايت لطف و سان (۽ پنهنجي انهن ممتاز اصول جي مد نظر تي هو سڀ قوم جي مذهبي ڳالهين جو احترام ڪري ٿي) وعدو ڪيو ته سندن مقامات مقدسه ۽ خلافته تي جنگ جو ڪو به اثر نه پنودو انهن انهي وعدي تي ڀروسو رکي ۽ دلجاءِ ڪري پنهنجي تن مال سان سرڪار جي مدد ڪئي آهي سي هنيئر ڏسن ٿا يورپ جي ڪن نا عاقبت انديش اخبارن ۾ اهڙيون ڳالهيون هلي رهيون آهن جن مان انديشو پيدا ٿيو آهي ته خلافته ۽ مقامات مقدسه ۾ دخل ٿيڻ جي لاءِ جيڪو اعلان وقت بوقت وزيرن ارڪان دولت کان ٿيندو رهيو آهي ان جي برخلاف ڪجهه چئو پچئو هلي رهي آهي ۽ ان ڪري هنن کي اهو خطرو ٿيو آهي ته اسان جي هڪڙي وڏي مذهبي اصول کي صدمو پهچڻ جو امڪان آهي بس اهو ئي سبب آهي جنهنڪري اسين پنهنجي زندگي جو اهو ضرور مقصد سمجهون ٿا ته هر طرح پنهنجي گورنمينٽ کي آماده ڪريون ته انهي شاهانه ۽ صيريح وعدي جي برخلاف هلت ڪري پنهنجي ستن ڪروڙن رعايا کي هميشه جي لاء پاڻ کان مايوس نه ڪري.

قول: ترڪن جي خلافت به نسبت فيصلو خاص ڪتاب شرح عقاب علامه تفتاززاني ۾ ٿيل آهي ۽ پوءِ ان ڪتاب جي هي عبارت نقل ڪئي اٿن ته ”فان قيل فليڪتف بذي شوڪتہ لہ الريا ستہ العامتہ اماما ڪان او غير امام فان انتظام الامر يحصل بذالک کما في عهد الانزاڪ قلنا يحصل اننظام في امر الدنيا لکن يختل امر الدين و هو الامر المقصود.“ يعني جيڪڏهن سوال ڪجي ته قريشي هجڻ خليفي...... ضروري نه آهي بلڪه جو شخص رياست ۽ شوڪت وارو هجي ان کي خليفو ڪري مڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو به انتظام ڪري سگهي ٿو جيئن ترڪن جي زماني ۾ آهي ته جواب هن طرح آهي ته انهي ۾ ڪجهه انتقام دينوي حاصل ٿيندو پر ديني انتظام هرگز حاصل نه ٿيندو ۽ وڏو غرض دين جي انتظام جو آهي.“

تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب شرح عقائد (جنهن مان مولوي صاحب جن هي عبارت نقل ڪئي آهي) تنهنجي مصنف (يعني ٺاهڻ واري مورخه 2 ماهه محرم 792 هجري ۾ وفات ڪئي آهي ۽ انهي عالم سڳوري جي زماني ۾ هندوستان ۾ امير تيمور مرحوم ۽ ترڪن مان سلطان با يزيد يلدر مرحوم هئا ۽ تاريخي وارن امير تيمور جي مذهبي نقطه نظر سان تعريف ڪا نه ڪئي آهي انهي ئي ڪري علامه تفازاني ۽ مير شريف جرحاني انهي کي خليفو ڪري نه مڃئو. ۽ انهي زماني جي ترڪي بدشاهن جي نظريه ملڪي ترقي تي زياده هئي ۽ اڃا تائين خلافته به ترڪن ۾ ڪا نه آئي هئي انهي ڪري علامه تفتازاني جو اهو چوڻ ته ”ديني انتظام حاصل نه ٿيندو“ انهيءَ وقت جي مناسب حال هوندو پر خلافته (جهڙي طرح مولوي صاحب جن خود پنهنجي رسالي ۾ لکيو آهي) علامه تفازاني کان هڪ سئو چوويهه ورهيه پوءِ سلطان سليم مرحوم کي ملي. ان مان معلوم ٿيو ته علامه تفتازاني دين يج انتظام نه ٿي سگهڻ جو عذر ترڪن کي خلافته ملڻ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ويهه ورهيه اڳ ۾ ڪيو آهي ۽ انهي وچ ۾ ترڪن جي مذهبي حالت ۾ اسلامي اعتقاد جي مضبوط ٿيڻ سان ڪيتري قدر نه وڏو تغير ٿي ويو هوندو جنهن جي ڪري انهن کي خلافته ڏيڻ جي لاءِ خليفي به منتخب ڪيو ۽ به انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ۽ علامه تفتازاني جو اهو چوڻ هرگز انهي ترڪن سڳورن سان تعلق نه ٿو رکي سگهي جن کي خلافته سونپي ويئي ڇو ته هي هڪ سئو ڇوويهه ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي.

جيڪڏهن هي ڳالهه مولوي صاحب جن تاريخ کان نا واقفيت جي ڪري ڪئي آهي ته کين غور ڪرڻ گهرجي ته ڪيڏي نه سخت خطا ڪئي اٿن جو خلافته جهڙي نازڪ ۽ ضروري مسئلي ۾ ناواقفيت جي ڪري انهي منصب جو لائق نه ٿي قلم کنيو اٿن ۽ جيڪڏهن ڄاڻي واڻي ائين ڪيو اٿن ته مان مسلمانن کي درخواست ٿو ڪريان ته انهي رسالي جي شايع ڪرڻ جي اصلي غرضن تي غور ڪن جنهن ۾ کلي طرح ڌوڪو ڏنو ويو آهي هاڻي مولوي صاحب جن جي دلائل جو گولا بارود ختم ٿي ويو آهي باقي سندن ميگزين ۾ هي آخري ڪارتوس رهيل آهي ته:

هي ڳالهه تمام ضروري غور ڪرڻ جهڙي آهي ته خلافته جو مسئلو جو ڪتب عقائد ۾ مذڪور آهي سو انهي خليفي جي متعلق آهي جو ڪنهن ملڪ ۾ پنهنجي حدود جي اندر حاڪم هجي ۽ انهي ملڪ ۾ حدود الله جاري رکي غير ملڪ سان ته ڪنهن به طرح هن جو لاڳاپو نه آهي. سلطان ترڪي نه اڳي ڪڏهن هندستان ۾ حاڪم ٿيو آهي ته هاڻي آهي پوءِ انهن مضمون کي هن جملي تي پورو ڪيو اٿن ته ملڪ مان ٻاهر ڪنهن بادشاهه کي مڃڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو ڇو ته سندس فرمان پنهنجي ملڪ کانسواءِ ٻئي ملڪ ۾ جاري نه ٿو ٿي سگهي. مولوي صاحب جن کي هن ڳالهه تي ويچار ڪرڻ گهرجي ته اسلام جيتوڻيڪ هڪڙي اهڙي هدايت آهي جا سموري دنيا جي لاءِ هڪڙي ئي طرح مفيد ۽ ڪارآمد ٿي سگهي ٿي پر اها ڳالهه بظاهر ناممڪن آهي سڄي دنيا ۽ ڪل انسان ٻين مذهبن کي ڇڏي اسلام جا حلقا لڳوش ٿين ۽ اها ڳالهه نه ڪڏهن ٿي آهي ۽ نه آئينده ٿيڻي آهي ۽ انهي ڪري سڄي دنيا تي حڪومت ڪرڻ محال آهي پر سڀڪنهن مذهب جي لاءِ اها ڳالهه ضروري هجڻ گهرجي ته جتي هو پيدا ٿيو ۽ نشو نما پاتا ۽ جتي هن ترقي ڪئي آهي جايون ضرور هن جي مذهبي حڪومت جي زير اثر هجڻ گهرجن. غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام تي هڪڙو اهڙو مذهب آهي جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هن جا مرڪزي شهر ۽ جتي هن جو سنگ بنياد رکيو ويو سي هن جي حڪومت هيبت آهن ۽ انشاءَ الله تعاليٰ جيستائين خدا جو لطف و ڪرم شامل حال آهي ۽ مسلمانن جي خون مان غيرت و حميت جي حرارت سرد نه ٿي وئي آهي تيستائين ارض مقدس اسلام جي زير اثر رهندي ۽ انهي طرح چئي سگهجي ٿو ته اسلام جو بنياد بفضله تعاليٰ هميشه کان مضبوط آهي ۽ رهندو ۽ اسلام جي سچائي جو اهو کليل دليل آهي.

پر انهي کلي حقيقت سان گڏ اها ڳالهه به پڌري پئي آهي ته اسلام هڪڙو عالمگير قانون آهي ۽ اڳين زماني جي مذهبن وانگر ان جا اصول ۽ هدايتون ڪنهن خاص ملڪ يا قوم يا فرقي سان مخصوص نه آهي. انهي ڪري دنيا جي مختلف حصن ۾ ان جا اصول ۽ متارائج ٿيا ۽ گهڻن ماڻهن کي توفيق ٿي ته الاهي هدايت حاصل ڪن. پر جتي جتي هي هدايت پهتي ۽ جيڪي ماڻهو ان جي اثر جي هيٺ آيا تن جي لاءِ ضروري نه آهي ته هو پوري طرح اسلامي حڪومت جي زور اثر هجن. ڇو ته مان مٿي چئي چڪو آهيان ته دينوي اثر ۽ تعلق ۾ تمام دنيا جو اسلام جو تابعدارٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي پر انهن جي لاءِ اها ڳالهه بالڪل ضروري اهي ته اسلامي برادري ۽ مذهبي اخوت جي انهي مرڪز سان هنن جو تعلق قائم رهي جنهن کي خداوند ڪريم پهرين ڏينهن کان اسلام جو مخصوص مقام ڪري ڇڏيو.

ڇو ته اها اسلامي اخوت ۽ اتحاد جي مسلمانن لاءِ يقينن فرض کان به وڌيڪ ضروري آهي ۽ جنهن کان افسوس آهي ته مولوي صاحب جن جي پرواهه آهن تيستائين ٿي نه ٿي سگهي جيستائين ان جو رشتو مضبوط نه رکيو وڃي.

جيڪي ماڻهو اخوت جهڙي اسلام جي بنيادي اصول کي مسخراپن سمجهن ٿا تن کي مان ٻي طرح سمجهايان ٿو ته انسان ۾ جسم ۽ روح ٻه شئي آهن ۽ جهڙي طرح ٻئي جدا جدا حقيقتون رکن ٿيون. اهڙي طرح هنن جا تعلقات به هڪ ٻئي کان ممتاز رهن ٿا ۽ دنياوي پابندن جو رڳو جسم تي ٿي سگهي ٿو پر روح ڪڏهن به ڪنهن دنياوي طاقت جو محڪوم ۽ فرمانبردار نه ٿو ٿي سگهي. انهي ڪري اسلام ٻنهي جي لاءِ قانون مقرر ڪيا آهن ۽ ٻنهي ڌار ڌار فرائض آهن. مذهب جا جيڪي اصول خاص طرح روح سان تعلق رکن ٿا انهن جو جسم سان ڪو تعلق ڪونهي ۽ اهڙي جسم مخصوص احڪام روح کان الڳ آهن.

خليفته المسلمين جي هٿ ۾ دنياوي ۽ روحاني ٻئي رشتا ڏنا ويا آهن ۽ جتي ۽ جيتري قدر ان جي دنياوي بادشاهت آهي اتي ۽ اوتري قدر هو بادشاهي فرائض انجام ڏئي سگهي ٿو ۽ ان کي ڏيڻ ضروري آهي پر هن جي روحاني حڪومت تمام حلقه بگوشان اسلام تي هڪ جهڙي ۽ هر وقت هر حالت ۾ آهي پوءِ اهي سنديس دنياوي بادشاهت جي اندر هجن يا ٻاهر.

ان ۾ نه ٿو چئي سگهان ته منهن جو چوڻ انهن ماڻهن سمجهي ويا نه جن جون نظرون منهنجي پير جي پٺي تي به نه ٿيون پون ۽ روح ۽ جسم جا تعلقات ته هنن جي سمجهه کان گهڻو پري آهن. ڇو ته عرفي مرحوم چئي ويو آهي ته:

مدار صحبت مابر حديث زير لبيٰ ست

ڪه اهل شوق عام اندر گفتگو عربي است.

انهن ماڻهن کي جيڪي اهو طفلانه اعتقاد رکن ٿا ته حضرت خليفته المسلمين جي دنياوي بادشاهي کان ٻاهر مسلمانن کي ان جي مڃڻ جي ضرورت ڪانهي تن کي عيسائي دنيا کان سبق آموز عبرت وٺڻ گهرجي ته هو دينوي حڪومت سان گڏ پنهنجن مذهبي تعلقات جي لاءِ روحاني بادشاهت کي ڪيترو ضروري خيال ٿا ڪن ۽ اڄ به (باوجود يڪ دنيا هنن کي مذهبي پابندين کان آزاد چئي رهي آهي.) پوپ جي روحاني اثر کي حد کان وڌيڪ مڃيندا ٿا اچن ۽ جيڪڏهن هاڻي هنن جي انهي مڃتا ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿيندي وڃي ٿي ته اها هنن جي ماده پرستي جو نتيجو آهي ۽ پوءِ اسان جا مذهبي پيشوا هجڻ جا مدعي شرم ڪن ته هنن جي اها مڃتا اهڙي حالت ۾ آهي جو هنن وٽ امام ۽ خليفي جي مقرر ڪرڻ جا اهڙا تاڪيدي اصول ڪين آهن جهڙا سان وٽ.

مان مولوي صاحب جن جي عجيب و غريب عقل کان سوال ٿو ڪريان ته توهان جو چوڻ آهي ته ترڪي حڪومت کان ٻاهر آهيون انهي ڪري انهن جي حڪمن مڃڻ جي ضرورت ڪانهي ۽ ڪو فائدو نه ٿيندو ۽ انهي مان دليل ٿا انهي ڳالهه جو وٺو ته ترڪ جي خلافت صحيح نه آهي هاڻي مهرباني ڪري ٻڌايو ته جيڪي مسلمان خلفاء راشدين رضه جي زماني ۾ اسلام جي دينوي حڪومت کان ٻاهر رهندا اهو ڇا اهي به نعوذ بالله خلافت کي راند ڪري سمجهندا هئا ۽ ڇا انهن جو به اهو خيال هوندو هو ته خلافت کي مڃڻ جي ضرورت ڪانهي؟ ۽ ڇا توهين به ائين سمجهو ٿا ته جنهن صورت ۾ هنن تي پرائي برادشاهي ۾ هجڻ جي ڪري جيڪو حڪم ڪو نه هلندو هوتنهن صورت ۾ خلفاء راشدين خلافت صحيح نه هجڻ گهرجي.

۽ جيڪڏهن ائين نه آهي ته مهرباني ڪري توهين هاڻي سمجهي ڇڏيو ته جهڙي طرح هو پروان ملڪن ۾ رهي روحاني (حڪام ۾ حضرات خلفاء راشدين رضه کي پنهنجو امام ۽ خليفو ڪري مڃيندا هئا ۽ هنن جي خلافت صحيح سمجهندا هئا بلڪه انهي طرح اسان به حضرت امير المومنين خليفته المسلمين حضرت سلطان وحيد الدين (اللهُمَ والمن والاه و عاد من عاداه)کي جنهن جي خلافت مڃڻ اسان تي واجب آهي) پنهنجو جائز ۽ صحيح خليفو ڪري مڃيون ٿا.

مان گهڻي ڪوشش ٿو ڪريان ته جناب مولوي صاحب جن جو پرده فاش نه ٿئي ۽ ماڻهو سمجهن ته رڳو تحقيقات جي غلطي ڪري شريف ميان باغي کي مولوي صاحب جن خليفو چيو آهي ۽ ڪنهن خاص غرض جي ڪري ڄاڻي واڻي مسلمانن ۾ فساد جا ڳائڻ جي ڪوشش نه ڪئي اٿن پر افسوس آهي جو مولوي صاحب جن مضمون خود ڀانڊو ڦوڙيو ٿو وجهي.

حضرت جن فرمائين ٿا ته ”ترڪن جي هندستان ۾ بادشاهي ڪانهي ۽ اسان سان ڪو تعلق ڪونهين ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪنهن بادشاهه کي مڃڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو ڇو ته سندس فرمان پنهنجي ملڪ کانسواءِ ٻئي ملڪ ۾ جاري نه ٿو ٿي سگهي ۽ انهي ڪري انهن جي خلافت مڃڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو ڇو ته سندس فرمان پنهنجي ملڪ کانسواءِ ٻئي ملڪ ۾ جاري نه ٿو ٿي سگهي ۽ انهي ڪري انهن جي خلافت قابل تسليم نه آهي.“ پر ساڳئي وقت مسٽر شريف جي لاءِ جو هڪڙو باغي آهي ۽ جنهن جي طاقت حضرت سلطان العظم جي پتي جيتري به نه آهي ۽ اسان مان هن جو ڪو به تعلق ڪونهي ۽ هندوستان ۾ هن جي اهڙي طرح حڪومت ڪانهي جهڙي ترڪن جي نه آهي ته به مولوي صاحب جن بي چين آهن ۽ مسلمانن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته شريف کي خليفته المسلمين ڪري مڃڻ.

منکرئي لودن وهم رنگ مستان زيستن

قرآن پاڪ ۾ ارشآد الاهي آهي ته:

لا يُڪَلفُ اللهُ نَفسًا اِلاَ وُسعَهَا.

ڪنهن به ماڻهو کي خداوند ڪريم هن جي طاقت ۽ امڪان کان وڌيڪ تڪليف نه ٿو ڏئي.

۽ سڀ ديني پابنديون انهي حالت ۾ اسان تي ضروري ٿي سگهن ٿيون جنهن حالت ۾ اسان ۾ انهن جي بجاءِ آڻڻ جي طاقت هجي. ۽ جيڪڏهن ويچارو انسان ڪنهن وقت مجبور ٿي پيو ته ۽ شريعت جا حڪم پورو نه ٿي سگهن ته هو بارگاهه صمدي ۾ قابل معافي سمجهي وڃي ٿو. ڇو ته سڀ ڪجهه ڄاڻڻ واري کي خبر آهي ته ان جا ٻانها مجبوري کان سندس حڪم بجاءِ نه ٿا آڻي سگهن. جيڪڏهن مولوي صاحب جن انهي ڳالهه تي ٿورو گهڻو ويچار ڪن ها ته هي لفظ ڪڏهن به نه لکن ها ته:

قول: تواريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته خلافت ۾ وقت بوقت تبديليون ٿينديون آيون آهن. يزيد پليد با نفاق مسلمان خليفو نه هو تنهنڪري قبول ڪرڻو پوندو ته انهي زماني خليفو حذوم هو ۽ جيڪڏهن انهي کي منجمه خلفاء جو شمار ڪيو وڃي ته موٽي اهو مشڪل لازم ايندو ته حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت قائم نه ٿي رهي سگهي. حالانڪه سڀ مسلمان امام حسين رضه کي شهيد قبول ڪن ٿا. ڇو ته يزيد پليد جي جبر ۽ علم کان سڀ مسلمان خاموش رهيا ۽ مروان بن حڪم جي زباني به اهڙو ئي ظلم هو جنهن مسلمانن کي جائز ۽ صحيح خليفي مقرر ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو. اهڙي صورت ۾ جيئن مان مٿي چئي چڪو آهيان برابر مجبوري کان هڪڙي واجب ۽ ضروري فرض ادا ڪرڻ کان قاصر رهيا. ۽ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي ته مولوي صاحب هي اجائي ڳالهه لکي ڇو رسالي جا ڪاغذ ڪارا ڪيا.

قول: سلسله خلافت جو ٻيو انقطاع خاندان بني اميه جي پڇاڙي ۾ واقع ٿيو جڏهن ابو العباس السفاج عباسي بني اميه کي تباهه ڪري بني عباس جي خلافت جو پايو وڌو.

مان مٿي شرعي دليلن سان ثابت ڪري آيو آهيان ته عباسن جو خلافت حاصل ڪرڻ بالڪل صحيح هو ۽ مولوي صاحب جن يقين رکن ته مسلمان اهڙين انڌين محبتن جي ڪري پنهنجي اسلامي اصول کي چرچو يا کيل نه ڪري سمجهندا.

قول: بني عباس جي زماني ۾ هڪ رقيب سلطنت بني اميه جي اندلس ۾ موجود هئي اهي به خلافت جا مدعي هئا وري بني عباس جي آخري زماني ۾ مصر ۾ بني عبيد جي خلافتت قريبن ٽي سئو ورهيه نهايت اقتدار ۽ زور شور سان رهي انهي مان به گهڻائي مدعي خلافت جا بڻيا.

مولوي صاحب جن کي مان وري انهي ڳالهه ڏي توجهه ٿو ڏياريان ته اسلام جا اصول ه طلب مولوين جي هٿ وس نه آهن جو جنهن مهل ضرورت سمجهن پنهنجي سياهه اغراض جي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪ کان جهلي هيڏي هوڏي ڦيرائين. ۽ جيڪڏهن ڪي اهڙا مولوي اڳئين زماني جا هوندا ته به اسلام انهن جي ايتري  ئي حقيقت سمجهي ٿو جيتري هن زماني جي دنيا پرست مولون جي.

مان وري به کلي طرح اوهان کي ٻڌايان ٿو ته هڪڙي جائز ۽ مسلم خلافت جي هوندي اهي به خلافت جا اهڙي طرح غير مستحق ۽ غلط مدعي هئا جهڙو هينئر اوهان وارو خليفو شريف بهادر خلافت جو لائق نه آهي.

قول: وري به دوباره چئجي ٿو هندوستان جي مسلمانن کي ڪنهن به وقت تبديل خلافت جي متعلق دخل ڏيڻ جو موقعو ڪو نه مليو آهي.

مان مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته قانون شريعت جي مطابق اها حل و عقد ۽ قوم جي معتبر ماڻهن جي نيت سان صحيح طرح خليفو ٿي سگهي ٿو ۽ هميشه ائين ٿيندو آيو آهي ته جڏهن جڏهن ڪو خليفو مجبوري جي ڪري معزول ڪرڻ ۾ ايندو آهي تڏهن مسلمانن مان هزارين اهل حل و عقد ۽ اشراف قوم ٻئي خليفي جي بيعت ڪندا آهن ۽ اهڙي طرح ان جي خلافت مڪمل ۽ صحيح ٿي ويندي آهي.

باقي رهي هي ڳالهه ته هندستان جي ماڻهن ۽ خصوصن اسان جي حضرت مولانا مولوي صاحب جن کان (جن جي شخصيت تحقيق الخلافتہ لکڻ کانپوءِ شايد اهم ٿي پئي آهي). ڇو نه صلاح ورتاءُ تنهن لاءِ عرض آهي ته ارض مقدس ۽ اسلامي حڪومت جي لکين علماء ۽ اشراف قوم جي هوندي هنن کي هتان مشورو وٺڻ جي ضرورت ڪا نه هئي پر تنهن کانسواءِ وڏي ڳالهه هي آهي ته مشورو انهي ماڻهو کان وٺبو آهي جيڪو پوري طرح واقفيت رکڻ ڪري صلاح ڏيڻ جي لائق هوندو آهي اسين سندن بادشاهي کان ٻاهر آهيون ۽ تمام پري رهون ٿا تنهنڪري اتاهون جي اندروني حالتن ۽ ضرورتن جي اسان کي خبر ڪانهي انهي ڪري اسان بلڪل نه چئي سگهنداسين ته ڪهڙو ماڻهو خليفي چونڊڻ جي لائق آهي ۽ ڪهڙو نه آهي. انهي ڪري سڀ ڪو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو اسان کان صلاح وٺڻ فضول ۽ اسان جو مشورو ڏيڻ نا موزون هو.

۽ مولوي صاحب جن غور فرمائين ته اسان جي حالت بالڪل اهڙي آهي جهڙي انه مسلمانن جي هئي جيڪي خلافت راشده جي زماني ۾ اسلامي حڪومت کان ٻاهر رهندا هئا ڇا پوءِ نعوذ بالله اهي به انهي ڪري خلافت تي يقين نه رکندا هئا ته خليفي مقرر ڪرڻ وقت اسان کان صلاح نه پڇي وئي آهي.

الله اڪبر! مون کي عجب ٿو ٿئي مولوي صاحب جن جي ضمير ڪيئن اجازت ڏني آهي ته اهڙين صفا ڳالهين جي برخلاف چئي آفتاب ني خاڪ وجهو.

يُرِيدُونَ اِنَ يطفئو نور الله بِاَ افواهِم و الله متم نوره وَلو ڪره الڪَافِرون.

خدا جي( سچائي ۽ صداقت) جي نور کي پنهنجن ...... سان زائل ڪرڻ گهرون ٿا پر جيتوڻيڪ ڪافرن کي برو ٿو لڳي تڏهن به خدا پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي.

قول: حالانڪه ڪيترا سلطان ترڪي معزول ۽ مقتول ٿيا جو شريعت ۾ نهايت ناجائزامر آهي.

جيڪڏهن چالاڪي رڳو مولوي صاحب جن جي حصي ۾ آئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ چالاڪي جا سمجهڻ وارا دنيا ۾ گهڻا ٿيندا.

مولوي صاحب جن معزول ۽ مقتول ٻنهي لفظن کي انهي لاءِ گڏيو آهي ته عام ماڻهن کي خليفي کي خلافت ۽ بادشاهي کان برطرف ڪرڻ ۽ ان کي مقتول ڪرڻ ٻئي هڪ جهڙيون ڳالهيون ڏسڻ ۾ اچن ۽ مسلمانن جي نظر ۾ مقتول سان گڏجي معزول به هڪڙي وڏي خراب ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي ۽ پورو وري پنهنجي مطلب کي پورو ڪرڻ لاءِ معزول ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ ٻنهي کي گڏي ناجائز ٻڌائين ٿا پر ائين نه آهي قتل ڪرڻ برابر شريعت ۾ ناجائز امر آهي ۽ انهي ڪري جڏهن ڪنهن ناخدا ترس قاتل خليفي کي شهيد ڪيو آهي ته ان جي پوري طرح تفتيش ڪري سزا ڏني ويئي آهي. باقي معزول ڪرڻ جي لاءِ مان اڳتي ٻڌائيندس ته جائز آهي ۽ مولوي صاحب جن بالڪل غلط چيو آهي ته ناجائز آهي.

قول: ڪتب عقائد ۾ صاف تشريح موجود آهي ته خليفو ملڪ جو سواءِ ڪافر ٿيڻ جي معزول نه ٿو ڏئي سگهي.

افسوس آهي جو عوام الناس کي وڏو فريب ڏنو ويو آهي ۽ مون کي مجبورن ائين چوڻو پوي ٿو ته هي ڳالهه بالڪل غلط ۽ صريحًا ناواقفيت تي مبني آهي.

امام ۽ خليفو معزول ٿي سگهي ٿو اها اهڙي کلي ڳالهه آهي جو ڪنهن شهادت پيش ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانهي پر انهي لاءِ مولوي صاحب جن غور ڪن سندين  خدمت ۾ عرض ڪيان ٿو شرح مقاصد ۾ لکيل آهي ته:

ينحل عقد الامامتہ بما يزول به مقصود الامامتہ.

امامت قائم ڪرڻ جو غرض جن ڳالهين سان ٽٽي پوي ٿو انهن ڳالهين پيدا ڪري امامت به زائل ٿي ويندي.

۽ ڪتاب شرح مواقف ۾ چيل آهي ته:

..........................................................

جيڪڏهن ڪو سبب پيدا ٿي پوي ته پوءِ امت کي امام جي معزول ڪرڻ جو اختيار آهي. مثلن هن کان ڪا اهڙي ڳالهه ظاهر ٿئي جنهن مان مسلمانن جي حالتن جي خرابي ۽ ديني امور جي گهٽتائي پيدا ٿئي ۽ موقف ڪرڻ به مسلمانن جي اهڙوئي وس آهي جهڙو انتظام ۽ ديني امور جي واڌاري لاءِ ان کي قائم ڪرڻ ۽ جيڪڏهن ان جي معزول ڪرڻ مان ڪو فتنو جاڳي ته ٻنهي مان هلڪي خرابي اختيار ڪرڻ گهرجي.

بعض ڪتابن جيڪڏهن امام ۽ خليفي کي معزول ڪرڻ کان جهليو آهي به رڳو ايتري لاءِ ته متان ان کي معزول ڪرڻ ڪري ان جا طرفدار مخالفت ڪن ۽ پوءِ مسلمانن جي پاڻ ۾ خونريزي ٿئي انهي شر کي ٽارڻ لاءِ منع ڪئي اٿن. پر جيڪڏهن اهڙي فساد پيدا ٿيڻ جو امڪان نه هجي ته پوءِ قانون اسلامي چوي ٿو خليفو معزول ڪرڻ لائق آهي ۽ ٿي سگهي ٿو.

سلطان عبدالحميد خان مرحوم کي جڏهن معزول ڪيو ويو هو تڏهن دنيا کي خبر آهي ته فتنو و فساد جو انديشو ڪو نه هو ۽ بفضله تعاليٰ ٿيو تنهنڪري قوم مان اهل حل و عقد جيڪڏهن ان جي مقدس عهدي کان جدا ڪيو ته شريعت اسلامي بلڪل جائز چوي ٿي.

مسلمانن کي گهرجي ته اهڙين ڳالهين تي غور ڪرن ۽ فريب نه کائين پنهنجي ايمان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ڇو ته اسان مسلمانن کي خدا جي طرفان هڪڙو آزمائش جو زمانو آيل ٿو ڏسجي جيڪو خود جا جيڪي مولوي (جن جو ڪم مسلمانن کي هدايت ڪرڻ هجڻ گهرجي) سي گمراهه ڪرڻ ۽ سڌي رستي کان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

چو ڪفراز ڪعبه برخيزد ڪي ماند مسلماني.

جب مسيحا دشمن جان هو تو هو ڪيونڪر شفا

ڪون رهبر هو بهلا جب خضر بهڪاني لگي.

قول: هي چوڻ ۾ ٿو اچي ته جيستائين سلطان ترڪي وٽ تبرڪات رسول الله صلي الله عليہ وسلم جا موجود آهن تيستائين ٻيو ڪو خليفونه ٿو ٿي سگهي. سو سڀ کان وڏا ۽ عمده تبرڪات رسول الله صلعم جا حرمين شريفين آهن ۽ جيڪو انهن جو خادم آهي ان کي ٻين سڀني خلافت جي مدعين کان زياده حق آهي.

هنن لفظن ڏسڻ کانپوءِ ته صفا معلوم ٿو ٿئي ته هن رسالي جو مضمون مولوي صاحب جن جي قلم و زبان مان نڪتل نه آهي بلڪه پوري خول مان ڪو ٻيو آواز ڪڍي رهيو آهي.

از پس آئينه طوطي صفتم و اشته اند

انچه استاد ازل گفت همان مي گويم.

مان ڪيئن مڃان ته هن رسالي جي ورقن تي هڪڙي اهڙي دل جي جذبات جو نقشو آهي جنهن جي زبان مان سچائي سان لا الِٰہ الا الله محمد رسول الله صلعم نڪري ٿو اعتبار ڪرڻ جهڙي ڳالهه ئي ڪونهي ته رسالا تحقيق الخلافتہ مولوي صاحب جن پنهنجي اعتقاد ۽ ضمير جي مطابق لکيو آهي ڇو ته بقول غالب مرحوم.

چرخ ڪو ڪب يه سليقه هين ستم گاري من

ڪوئي معشوق هين اس پرده زنگاري مين.

۽ اها افسوسناڪ ڳالهه آهي ته حبيب پاڪ روحي فدا صلعم جي ضرورت جو اندازو مولوي صاحب جن کان نه ٿي سگهيو آهي ۽ هو نائب رسول صلعم وٽ حضور جا نشان ۽ تبرڪات غير ضروري سمجهن ٿا.

مولوي صاحب جن کي اها خبر هوندي ته هميشه کان اهو خدائي قانون هليو آيو آهي ته پيغمبرن جا تبرڪات سندن جانشنين جي سچائي جو ثبوت ليکڻ ۾ ايندو آهي.

خداوند جل و جلاله نبي اسرائيل جو هڪڙو پراڻو واقعو بيان ڪري بالڪل صفائي سان انهي جهڳڙي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ارشاد الاهي هن ريت آهي ته:

اذ قال لهم نبيهم ان الله قد بعث لکم طالوت ملڪًا قالوا انيٰ يڪون لہ الملڪ علينا و نحن احق بالملڪ منہ قال انه الله اصطفٰہ عليکم و زاده بسطتہ في العلم والجسم والله يوتي ملڪہ من يشاء والله واسع عليم وقال لهم نبيهم ان اٰيتہ ملڪہ ان ياتيڪم التابوت فيہ سڪينتہ من ربکم و بقيتہ مما ترڪ اٰل موسيٰ وال هٰرون تحملہ الملٰڪتہ ان في ذٰلک لايتہ ان کنتم مومنين.

جڏهن سندن (بني اسرائيل جي) نبي کين چيو ته خدا تعاليٰ اطالون کي توهان جو بادشاهه مقرر ڪيو ته چيائون ته وري انهي کي اسان تي بادشاهي ڪيئن ملندي ۽ ان کان ته اسين وڌيڪ حقدارآهيون. چيائين ته خدا ڪريم هن کي توهان تي حڪومت ڪرڻ جي لاءِ پسند ڪيو آهي ۽ هن کي علم ۽ جسم (طاقت) ۾ ڪشادو ڪيو اٿس. ۽ خدا جي مرضي جنهن کي پنهنجو ملڪ ڏئي (۽ خدا جا سڀ ڪم چڱا آهن ڇو ته) ڏاڍو گنجائش وارو ۽ داناءُ آهي ۽ نبي عليہ السلام ائين به چيو ته ان جي بادشاهه ٿيڻ جي نشاني هي آهي ته جنهن صندوق ۾ توهان جي خدا جي تسلي (مقدس تورات) ۽ حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون جي اولاد جا باقي ڇڏيل تبرڪات موجود آهن توهان وٽ ايندي ۽ فرشتا ان کي کڻندا ۽ جيڪڏهن توهان ۾ ايمان آهي ته توهان جي لاءِ هي هڪڙي نشاني ئي بس آهي.

هاڻي قرآن مجيد جي هڪڙي هڪڙي لفظ تي غور ڪيو. معلوم ٿيندو ته جنهن تي مولوي صاحب جن ۾ مونجهاري کان چڙهي نه ٿا سگهن تنهن جو تمام کليل لفظن ۾ خدا تبارڪ و تعاليٰ فيصلو ڪيو آهي. هن مختصر رسالي ۾ ايتري گنجائش نه آهي نه ته مان اوهان کي ٻڌايان ته قرآن شريف جي هڪ هڪ لفظ مان مولوي صاحب جن جي سڄي رسالي جو رد آهي پر جيڪا ڳالهه مان هينئر اوهان کي ٻڌائڻ گهران ٿو سا بالڪل صفا پئي آهي. جڏهن ماڻهن طالوت جي بادشاهي قبول نه ٿي ڪئي تڏهن پيغمبر وقت کي ضرورت ٿي ته ماڻهن کي دليل سان هن جي بادشاهي مًڃارائي. هڪڙو زبردست دليل خدا جي طرفان اهو بيان ڪيو ويو ته اوهان کي گذريلن پيغمبرن جا تبرڪات آڻي ڏيکاريندو جنهن مان معلوم ٿيو ته پيغمبر جا تبرڪات موجود هجن ان جي جانشيني جو وڏو دليل آهي.

مولوي صاحب جن جي هنن لفظن مان ته ”هي جو چوڻ ۾ ٿو اچي معلوم ٿو ٿئي ته پاڻ سمجهو اٿن ته تبرڪات کي خلافت جو دليل ماڻهن کي ٺهرايو آهي پر اها مها غلطي آهي مان کين ٻڌايان ٿو ته هي حضرت رب العزتہ جو دليل بيان ڪيو آهي ۽ اهو اعتراض اسان تي نه ٿو ٿئي پر خود خدا ئي قهار تي ٿئي ٿو ۽ پوءِ بهرحال انهي جا جيڪو خدا جي فيصلن تي اعتراض ڪري قرآن پاڪ جي لفظن مان معلوم ٿئي ٿو ته خداوند ڪريم انهي دليلن کي هڪڙو زبردست دليل ٺهرايو آهي جنهن ڪري انهي نشاني ۽ دليل کي ايمان جي ڪسوٽي ۽ پرک فرمايو اٿس ڇو ته چوي ٿو ته جيڪڏهن اوهان کي ايمان آهي نه اهو ئي دليل گنج اٿو.“

هاڻي مولوي صاحب جن غور ڪن ته جيڪڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام جا تبرڪات حڪومت جو اهڙو زبردست دليل ٿي سگهن ٿا ته ڇو حضور آقائن نامدار سردار انس و جان صلعم جا تبرڪات دليل خلافت نٿا ٿي سگهن؟

پر تبرڪات کان اڳ ۾ قرآن شريف انهن تمام ضروري ڳالهين ڏي اشارو فرمايو آهي جيڪي خلافت ۽ بادشاهي ۽ پيغمبر جي جان نشينن جي لاءِ لازمي طرح هجڻ گهرجي. چنانچه ارشاد الاهي آهي ته طالوت کي جو خدا بادشاهي جي لاءِ منتخب فرمايو آهي ته ان کي علم و دانش طاقت و قوت ۾ به اهڙوئي ڪو اٿس جنهن ڪري بادشاهي جي لائق ٿي سگهي ۽ اها ئي ڳالهه آهي جنهن لاءِ علماء خلف و خلق جو اتفاق آهي ته خليفته المسلمين ضرور قوي زبردست ۽ طاقت وارو هجڻ گهرجي پوءِ مولوي صاحب جن کي خيال فرمائڻ گهرجي ته معدود چند عربن جي جماعت ۽ هڪڙي پرائي هٿ وس نواب کي ڪيئن اهڙي ذميواري سونپڻ جي ذليل ڪوششن ڪن ٿا جنهن لاءِ خداوند ڪريم جي صريح ارشاد جي برخلاف ٿئي ٿي. آخر ۾ مولوي صاحب جن مسلمانن کي وعظ فرمايو آهي ته بادشاهه وقت جي اطاعت ضروري آهي. بيشڪ هي اهڙي ڳالهه چئي اٿن جنهن جي ضرورت کي عام مسلمان مولوي صاحب جن کان وڌيڪ محسوس ڪن ٿا پر حاڪم جي اطاعت سان گڏ اسان تي ۽ مولوي صاحب تي انهي زبردست حاڪم جا حقوق ۽ فرائض آهن جن کان رڳو خوشامد پرستي جي ڪري بي پرواهه ٿيڻ نهايت ايمان سوزي ۽ اسلام فروشي آهي ۽ حڪومت چڱي طرح سمجهي ٿي ته جو شخص پنهنجي خدا ۽ پنهنجي رسول ۽ مقدس ايمان ۽ مذهبي تعليم جي برخلاف ڪرڻ يا چوڻ ۾ بي پاڪ آهي تنهن ۾ انساني شرافت جي انهي پاڪ جو هر يعني وفاداري ۽ اطاعت مان ڪو به بهرو ڪو نه هوندو ۽ پوءِ جيڪڏهن هو اطاعت يا وفداري جي دعويٰ ڪري ته يقينن ان ۾ سچائي ڪا نه هوندي. بس شورشر نه ٿا ڪيون سو به انهي پروردگار جي ارشاد جي ڪري جنهن ديني ڳالهين جي پابندي ۽ احترام اسان تي سڀ کان وڌيڪ ضروري ڪيو آهي.

۽ انهي ڪري اسان پاڻ گورنمينٽ جي سامهون نهايت ادب سان عرض ڪيون ٿا ته خلافت ۽ مقامات مقدسه جي فيصلي ۾ مسلمانن جي خالص مذهبي جذبات ۽ احساسات جو خيال رکي مسلمانن کي انهي نيڪ ڪوشش ۾ مدد ڏئي جا هو پنهنجي وفداري کي داغدار نه ڪرڻ جي لاءِ ڪري رهيا آهن.

۽ جيڪي تنگ نظر ماڻهو خوشامدڙين جي ضمير فروشي کان جلد خوش ٿي پائجامه مان نڪري وڃن ٿا تن کي گهرجي ته جيڪڏهن تحقيق الخلافت جي ڏسڻ سان کين ڪنهن گهڻي خوشي ورتو هجي ته مهرباني ڪري ان کي گهٽ ڪن ڇو ته انهن رسالي ۾ مسلمانن جي صحيح مذهب ۽ خيالات جي ذرو به ترجماني ڪا نه ڪئي وئي آهي.

پڇاڙي ۾ خدا کان دعا آهي ته پنهنجي دين کي ماراسنين کان هميشه محفوظ رکي آمين.

رَبَّنَا تَقَبَّلْ مِنَّا إِنَّكَ أَنْتَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ وَتُبْ عَلَيْنَا إِنَّكَ أَنْتَ التَّوَّابُ الرَّحِيمُ .

.............................................

حڪيم شمس الدين احمد- ڪراچي

متوطن نوشهره فيروز حال وارد-ايضًا

Good Wishes