ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ


هي سياسي وايو منڊل، پر ناهي تو لاءِ دنگل
ڏٺو وائٺو ملڪ 2018ع وارين چونڊن طرف پيو وڃي، ملڪي ۽ بين الاقوامي مفاداتي سياست جي تناظر ۾ چونڊن کان اڳ ٻي ڪا صورتحال به جُڙي سگهي ٿي، في الحال صورتحال سسياسي دنگل جو ڏيک ٿي ڏئي، پر اهو دنگل نه عوام لاءِ آهي ۽ نه وري عوام جو آهي. طويل عرصي کان اقتدار جا گهنگهرو پائي پاڻ نچڻ به ان عوام کي نچائيندڙ ۽ سياست کي بزنس طور ڪم آڻيندڙ ماڻهن جو ئي ملاکڙو آهي.

هن وقت پوئلڳن جو وڏو انگ پاڻ سان رکندڙ ٽي پارٽيون سياسي ميدان ۾ جهڙوڪ هارپو ڪن ٿيون ۽ پوکي راهي ڪن ٿيون، پنهنجي پوک کي ڀاڻ ۽ پاڻي ڏين ٿيون ته جيئن فصل سٺو ٿئي ۽ اهو هو اليڪشن ۾ کڻي، ڪاسي مان خرار ڪري اقتدار جي ڪرسي وٺي يا خريد ڪري سگهن. ظاهري طور هر ڪو پنهنجي لاءِ مستقبل ظاهري سياسي رستو هموار ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. پر باطني طور اڃا ٻيو ڪجهه پيو ٿئي، جنهن جو مستقبل جي سياست تي گهرو اثر پوندو پر ان جا ملڪي جاگرافي ۽ ٻين شعبن تي به ڇنڊا پوڻ جو خدشو محسوس ڪري سگهجي ٿو.

سياست جي ٽه مورتي: پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن)۽ پاڪستان تحريڪ، انصاف جيڪي سياسي پيچ ۽ داءَ هلائي رهي آهي. اهي ملڪي سياسي تاريخ ۾ انوکا به آهن ۽ انهن لاءِ سياسي ماحول به مختلف آهن، اهي ٽئي پارٽيون هڪ ٻئي کي اهڙي نموني سان ڪاٽا ڪرڻ ۾ مگهن ٿي ويون آهن، جن مان عام ماڻهوءَ ۽ اقتدار جي اڻ ڄاتل شوقينن کي اهو تاثر ملي ٿو ته کوڙي کي ئي گهمرو آهي. جت پنهون جا ڀائر آهن، هر ڪنهن پارٽيءَ جهڙوڪ عوام سان ويساهه گهاتي ڪري پنهنجا ڀريا مٽ ڀرڻ جو نه ٽٽڻ وارو رڪارڊ قائم ڪري رکيو آهي. پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) لاءِ اهو تاثر ڏنو ٿو وڃي ۽ تحريڪ انصاف کي ڪنهن اڻ ڏٺي طاقت جي اشارن تي نچڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. جيئن جيئن ۽ جيترو اهو لُڙ وڌندو،ڪانون کي ان ۾ ئي مزو ايندو، حالانڪ اهي ٽئي پارٽيون انهيءَ خدشي کي محسوس به ڪن ٿيون ” پر اڻندو اها، جيڪا ڪوريءَ جي من ۾“ حسرتون، خواهشون ۽ ضرورتون ته هر ڪنهن پارٽي جون آهن، ليڪن سانڊي جيان رنگ بدلائيندڙ سياست جو ڪهڙو رنگ دائمي بڻجي ٿو؟ اهو ڪنهن به پارٽيءَ يا ان جي قيامت جي هٿ وس ڪونهي، ايتري قدر جو چونڊن جي شفافيت ۽ مستند هجڻ به هنن جي اختيار کان ٻاهر هوندو.

شهيد راڻي بينظير ڀٽو جڏهن پنهنجي ڀاءُ جي شهادت کانپوءِ، بلڪه جڏهن سندس شهيد ڀاءُ جو خون به ڪو نه سڪو هو ۽ هن کي اقتدار تان هٽايو ويو هئو ته سندس خواهش تي منهنجي ساڻس ملاقات ٿي، انهي ملاقات بابت اخبارن ۾ ۽ پنهنجي لکڻين ذريعي ان جا تفصيل رڪارڊ تي آڻي چڪو آهيان، شهيد راڻي جي خواهش هئي ته مان ساڻس کلي طرح ۽ ڪنهن رک رکاءُ کان سواءِ ڳالهايان، ان ڪري هن ڪيترا سوال ڪيا، پر هڪ سوال جي جواب جيءَ جهنجهوڙي وڌو، پڇيائن ته” اسان عوام جي خمدت ڪئي، ، ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو، پر ماڻهو ايترا بي حس ڇو آهن، جو منهنجو بابو شهيد ڪيو ويو ته دلين جون ڌرتيون ڪو نه ڌڏيون، منهنجا ٻه ڳڀرو ڀاءُ شهيد ڪيا ويا ته عوام جي اکين جا آسمان ڪو نه رنا، مون کي اقتدار تان هٽايو ويو ته به سانت ۽ چپ چپات!ايئن ڇو آهي؟ ايتري بي حسي ۽ خاموشي ڇو آهي؟

مون کيس چيو ته ” جان ۽ عزت جي پناهه ملي ته جواب ڏيان“ چيائين” جيڪو چوڻو اٿئي، وات ڦاڙي چئي ڏئي، مون کي ٻڌڻ وارا ڪن ۽ سمجهڻ وارو دماغ آهي“ مون چيو ته ” مادام !اسان جي معاشري ۾ ڪنهن مائي جو مڙس مري ويندو آهي، يا عورت کي طلاق ڏيندو آهي ته مائٽ سندس ٻئي هنڌ شادي ڪرائيندا آهن ۽ عورت خاموشيءَ سان ان کي قبول ڪندي آهي“ شهيد راڻيءَ چيو ته ” ٻڌان پئي ڳالهاءِ“ مون ڳلهائڻ شروع ڪيو” اسان جي معاشري ۾ عورت کي گهر ۽ ور چونڊڻ جو اختيار ڪونهي ۽ عوام کي پنهنجيءَ مرضي خوشيءَ سان ڪنهنکي اقتدار ۾ آڻڻ جو حق ڪونهي” مون محسوس ڪيو ته شهيد راڻي ڪنهن وڏي سچ يا احمقاڻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ سنجيده ٿي وئي ۽ مون ڳالهائڻ شروع ڪيو“.

اسان وٽ اقتدار جي ڪرسي ٺيڪي تي ملندي آهي، چونڊن جو نالو هوندو آهي،ليڪن مامرو اقتدار ٺيڪي تي ڏيندڙن ۽ وٺڻ وارن جي وچ جو هوندو آهي“ شهيد راڻيءَ معنيٰ خيز انداز سان مون ڏي ڏٺو ۽ مون موقعي جو فائدو وٺندي چيو” ميڊم منهنجي نظر ۾ سچ اهو آهي ۽ ايئن ٿيندو آهي، ان ڪري ته تو جيڪا اليڪشن هارائي ۽ نوازشريف جو بيان رڪارڊ تي آهي ته اسان کي ايتري توقع ڪا نه هئي، جهڙوڪ فرشتن اسان کي اچي ووٽ ڏنا آهن“ مون چيو: ” ميڊم ! چونڊون برابر ٿينديون آهن، پر انهن جي نتيجن جي چوري هن ئي ملڪ ۾ ٿيڻ ممڪن هوندي آهي، ميڊم! اوهان ئي ٻڌايو ته هڪ هڪ اڌ چونڊن کان سواءِ باقي چونڊن ۾ ڌانڌلين ٿيڻ جون ڳالهيون ٿيون“ شهيد راڻي مون کي غور سان ڏسندي رهي ۽ مون ڳالهائڻ بند نه ڪيو، ليڪن جاري رکيو:

ميڊم !ٺيڪيداري نظام ۾ ڪيترين چونڊن ۾ اسان تي حڪمران ٿاڦيا ويا، اسان کي اهي ماڻهو نه ڏنا ويا جن کي اسان چونڊيو هئو، پوءِ منهنجي دل جڏهن نه ٿي مڃي ته حڪمران اسان جا چونڊيل ۽ اسان مان آهن ته انهن مان ڪو آيو يا ويو ته ان سان اسان جو ڇا؟ مائي جو مڙس مري ويندو ته دل سان يا زماني طور ڪجهه ڏينهن روئي چپ ٿي ويندي، ڇو ته کيس خبر آهي ته هن کي وري ڪو نه ڪو ٻيو مڙس ڏنو ويندو. تنهن ڪري ماڻهو ڪنهن اڳواڻ کي اقتدار مان هٽائڻ تي رڻ ڇو ٻارن؟ باقي اوهان جي خاندان جي شهيدن تي ماڻهن پاڻ به ساڙيو ۽ رت به رنو

آئون اڄ به پنهنجي انهيءَ احمقاڻي راءِ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ڪونهان، ان ڪري هن چوڻ ۾ ڪو به ڊپ يا شڪ ڪو نه ٿو ڪريان، ڀلي اقتدار جي جنگ وڙهندڙ ٽن پارٽين جي اها ٽه مورتي چونڊن لاءِ پوک پوکي، ڀاڻ ۽ پاڻي ڏئي، پر ٻج هنن جو پوکيل نه هوندو، فصل اهو ئي ٿيندو جيڪو ٻج ڇٽيو ويندو ۽ فصل اهو لڻندو ۽ اوترو ئي لڻندو، جيڪي ملڪي ۽ بين الاقوامي حالتن جو وڏيرو چاهيندو، ٽه مورتيءَ جي ڪوشش ملڪي ۽ بين الاقوامي مفادن جي مارڪيٽ ۾ بارگيننگ وارو مرحلو آهي، جيڪو جيترو واڪ ڏيندو ۽ ٽينڊر ۾ وڌيڪ رعايتون آڇيندو، ڪرسيءَ جو فيصلو ان مطابق ٿيندو، هونئن نه ته انهن مان هر ڪو ڄاڻي ٿو ته مينڊيٽ چوري به ٿي سگهي ٿو يا ان تي ڌاڙو به لڳي سگهي ٿو.

حالتون هن وقت ٽه واٽي تي بيٺيون آهن، راهداري ۽ ايپڪ تي زور ڏيڻ ڪري لڳي ٿو ته مسلم ليگ (ن) مان نوازشريف جو خاندان ٻاهر ٿي وڃي، جيڪڏهن تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي هڪ ٻئي جي ڳچي پڪڙن ٿيون ته ان کي جواز بنائي ڪو ٻيو ڪرسيءَ تي ويهي، هنن کي اقتدار جي حصول واري جنگبندي ڪرائي سگهي ٿو، ٽيون رستو اهو آهي ته چونڊن ذريعي مطلق اڪثريت بدران هر ڪا پارٽي واضح طور تي حڪومت نه ٺاهڻ جيتريون سيٽون کڻي ايوانن ۾ اچي.

هن وقت اقتداري پارٽيءَ جو مفاد ۽ ضد ان ۾ آهي ته فاٽا کي به ملڪ سان ملائي راهداريءَ کي باقي خطرن کان بچائي سگهجي. دنيا جي وڏي طاقت راهداري تي اجاراداري ٽوڙڻ لاءِ کليءَ طرح ميدان ۾ اقتدار ۾ ويٺل پارٽيءَ تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته وقتي حڪومت ۽ وڏي طاقت وارو مامرو ملڪ تي ڪي ڏکيا ڏينهن به آڻي سگهي ٿو، صورتحال گلن جي سيج وارو ڏيک نه ٿي ڏئي، داخلي طور تي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ خاندانن جي وچ ۾ ويڙهاند آهي ۽ خارجي طور تي راهداري ۽ اقتصادي مفادن جي موضوع تي جهيڙو آهي، پر ان کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه هيءَ ۽ آهي ته عوام جي اڪثريت سياست کان غير جانبدار ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته سڀاڻي جيڪو ڪجهه ٿيندو، ان لاءِ ڀوڳڻو عوام کي ئي پوندو، ان ڪري حالتن ۽ عوام جي بي رخيءَ کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هي سياسي وايو منڊل ڪڏهن به ڪنهن به صورت ۾ عوام جو دنگل ۽ عوام لاءِ دنگل ڪو نهي، باهه ٻري ٿي ۽ ان ۾ عوام ئي ڪاٺين وانگر ٻاريو ويندو، ڪاش! عوام سبز باغن جي شوق ۽ فريب ۾ تقسيم نه ٿئي ۽ پنهنجي راءِ پنهنجي مفادن جي روشنيءَ ۾ جوڙِي وٺي.

AWAMI AWAZ, 17th October,2017

 

 

Good Wishes