گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” سوشلزم ماضي حال مستقبل“ موم جان .( امداد چانڊيو) 1986. ھي ڪتاب انگريزي ۾ اڄ کان گھڻو اڳ لکيو ويو ھو.پر ان جي باوجود جيڪي بنيادي ڳالھيون ھن ڪتاب ۾ بيان ڪيون ويون آھن تن ۾ ڪا اھڙي قسم جي يا ان جي ابتڙ تبديلي نہ آئي آھي.مصيبتن جو ماريل،ڏکن جو ڏريل،پنهنجن ۽ پراون ھٿان پيڙيل پورھيت عوام ھر دور ۾ ھڪ اھڙي سماج جي آس رکندو پيو اچي جتي امن،آزادي ۽ برابري ھجي جتي ڏاڍ ڏمر ۽ ڏھڪاءَ جو ڪوبہ وجود نہ ھجي.ھن ڌرتي جي پورھيتن جو اھو خواب نھايت پراڻو آھي قديم ڪھاڻين،لوڪ گيتن ۽ ڏند ڪٿائن سان انهن جي اھڙين آرزوئن جو اظھار ٿيندو پئي رھيو آھي.ھن آدرش جي تڪميل لاءِ ھر دور ۾ جياپي جي جنگ جاري رھندي آئي آھي پراڻي دور ۾ غلامن جي پنهنجي مالڪن خلاف بغاوت وچولي دور ۾ ھارين جي وڏيرن ۽ جاگيردارن خلاف جنگ دراصل طبقاتي نظام خلاف جهيڙو ھو.

ممتاز پٺاڻ

 

 

Good Wishes