گل حيات ۾ موجود آزاد قاضي جو مرتب ڪيل ڪتاب” لامون تنھن وڻ سنديون “ (جي ايم سيد سنڌي جهان کي ڳولي لھندڙ ديدور رھنما)  ( 1978 ٖ 1988 ٖ 2003) سائين جي ايم سيد جا شعور واري عمر کان وٺي سنڌ ۽ ھند جي مختلف عالمن،اديبن،سماجي ورڪرن ۽ سياستدانن سان گھرا تعلقات پئي رھيا آھن.سنڌ جي مختلف ادارن کي مضبوط ڪرڻ واري عمل کي سائينءَ سان گڏ ڪم ڪندڙ مختلف ماڻھن ڪيئن سمجهيو ۽ پنهنجي قلم ذريعي ان جو ڪيئن اظھار ڪيو ھن ڪتاب ۾ سيد جي ھمعصرن عالمن جي قلمي ڪاوش منجهان ان ڳالھ جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو.سائين جي ايم سيد سنڌ جي روشن مستقبل واري حوالي سان جا گھڻن پاسائين جدوجهد ڪئي ۽ ان ڪيل جدوجهد جي پاداش ۾ گھڻو ڪجھ پڻ سٺو.سيد جي سياسي بصيرت تي جيڪڏھن نظر وجهبي تہ پاڻ ھر دور ۾ ڪوه نور ھيري مثل نظر ايندو سنڌو امڙ جي وجود جي ويرين اڳيان پاڻ سدائين زھريلو ھٿيار ثابت ٿيو.ھن وقت ھر ترقي پسند ڪارڪن ھن ڳالھ سان متفق آھي تہ پاڪستان ۾ موجوده دور ۾ سڀ کان وڌيڪ اڀريل ۽ اھميت وارو مسئلو قومي خودمختياريءَ جو مسئلو آھي.حقيقت ۾ قومي خودمختياري جي مسئلي کي دٻائڻ ۽ ان کان ڪن لاٽار ڪرڻ جي ئي ڪري ھن ملڪ ۾ تباھي آئي آھي.لينن چيو تہ “ جنهن قومي خودمختياري ۾ آزادي جو حق استعمال ڪرڻ جو اختيار شامل ناھي سا سراسر فريب ۽ ڌوڪو آھي“

ممتاز پٺاڻ

Good Wishes