گل حيات ۾ موجود مولانا محمد قاسم سومري جو ڪتاب ” 50 قرآني قصا“ (2000ٖ 2002 ٖ2005ٖ 2009) قصا ڪھاڻيون پڙھڻ ۽ ٻڌڻ سڀني جي فطرت ۾ سمايل آھي.ڪنهن کي جنن پرين تہ ڪنهن کي بادشاھن تہ ڪن کي جنگين ۽ پکين ۽ جانورن جون ڪھاڻيون وڻنديون آھن.ھڪڙا معجزن،ڪرامتن ۽ دنيا جي عجائبات جا احوال پسند ڪن ٿا.مطلب تہ ھر انسان جي پسند پنهنجي پنهنجي ھوندي آھي.ائين ھن ڪري ٿيو آھي جو اسان انسانن جو ابو حضرت آدام جنهن مٽي مان جڙيو آھي اھا مٽي مختلف رنگن واري ھئي.تڏھن اسان جون طبيعتون بہ مختلف ٿيون آھن.قرآن پاڪ ۾ بيان ٿيل قصن ۾ اسان انسانن جي ھر قسم جي طبيعت لاءِ مواد موجود آھي.قرآن پاڪ ۾ 50 قصا بيان ٿيل آھن جن جي پڙھڻ سان قصن،ڪھاڻين،آکاڻين پڙھڻ وارو لطف بہ ايندو تہ ڪيترا نصيحت جا نڪتا ۽ عجيب اصول بہ سکي سگھبا نہ رڳو ايترو پر ھنن قصن پڙھڻ سان اخلاق بہ سڌرندا ۽ انسانيت ملي پوندي.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

Good Wishes