گل حيات ۾ موجود ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ڪتاب ” سومرن جو دئور “ دودو چنيسر جي ڳالھ ۽ ٻئي روايتي ذخيري جي روشني ۾.سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 1980 ۾ ڇپيو.ڪنهن بہ آڳاٽي لکت يا زباني روايت جي پوري اھميت تڏھن واضح ٿئي ٿي جڏھن ان جو تحقيقي مطالعو ڪيو وڃي ٿو.سومرن جي دئور بابت اڳين تاريخن ۽ تحريرن ۾ فقط ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اشارا موجود آھن.البتہ سنڌ ۾ سڄاڻ ۽ سگھڙ روايتن جو سلسلو آڳاٽي دور کان وٺي ھلندو آيو آھي.ھي ڪتاب گھڻي ڀاڱي تائين دودي چنيسر جي ڳالھ سومرن جي دور بابت معلومات لاءِ ھڪ مکيہ ماخذ آھي.مگر انھي نقطہ نگاه کان ھن وقت تائين ان جو مطالعو نہ ڪيو ويو آھي.انهي جو وڏو سبب اھو آھي تہ سنڌ جي ٻين تاريخي دورن وانگر سومرن جي دئور تي ڪا بہ خاطرخواھ تحقيق ڪا نہ ڪئي وئي آھي.جنهن ڪري دودي چنيسر جي ڳالھ جي تاريخي پس منظر جي اھميت محسوس نہ ڪئي وئي بلڪ ان کي ھڪ خيالي قصو ۽ خالي ڪھاڻي سمجهي ڇڏي ڏنو ويو.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

Good Wishes