گل حيات ۾ موجود ” راضي فقير جو رسالو“ جنهن کي غلام رسول قاضي ترتيب ڏنو ۽ سال 2011 ۾ ڇپيو.راضي فقير ھڪ درويش انسان ڳوٺ جمال حاجاڻو ضلعي حيدر آباد ۾ پيدا ٿيو.پاڻ چوڏھن سالن جي عمر ۾ گھر کي ڇڏي اچي ڀٽ شاھ کي آباد ڪيائين .ھن درويش پنهنجي زندگيءَ جو گھڻو حصو سيروسفر ۾ گذاريو.سفر دوران حاجي احمد علي ڪلھوڙي وٽ اڪثر ايندو ھو جتي ھو ابيات چوڻ کان علاوه نثر ۾ ظريفانہ عاقلانہ ۽ ناصحانہ ٻول چوندو ھو جنهن کي راضيءَ جون رمزون چيو ويندو ھو.راضي فقير کليل دل ۽ دماغ جو انسان ھيو نھايت کرو ۽ سچو فقير ھيو.سندس مجلس ۽ محفل ھميشہ آباد رھندي ھئي.ھن بزرگ جي انمول، سچن ۽ کرن ٻولن جي مٺاس جي ڪري ھي بزرگ مشھور ھيو.ھن درويش سان جيڪو بہ ھڪ دفعو مليو تہ ھو ھن جو ديوانو ٿي ويو.ھي فقير ڪنهن بہ مذھب جي قيد ۾ نہ رھيو ۽ ڪنهن بہ انسان سان نفرت نہ ڪيائين ھميشہ محبت جا گل پوکيندو رھيو.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes