گل حيات ۾ موجود شيخ جلال الدين رومي جو ڪتاب ” مثنوي رومي مڪمل ڇھ ئي دفتر“ جنهن جو سنڌيڪار مولانامحمد رمضان مھيري آھي.(2010) مثنوي رومي کان سموري دنيا بخوبي واقف آھي اسان جي لاءِ مثنوي جي اھميت ان حوالي سان بہ آھي تہ شاھ عبداللطيف ڀٽائي  ھميشہ پاڻ سان قرآن مجيد ۽ مثنوي رومي رکندو ھيو.انساني نفس جي اصلاح ۽ اخلاقن جي سڌاري جي باري ۾ قومن جي حوالي سان جيڪو طريقو قرآن شريف اختيار ڪيو ۽ فردن جي حوالي سان جيڪو ڪھاڻين جو طريقو مثنوي اختيار ڪيو ڀٽائي صاحب انهن ٻنهي طريقن جي سنگم سان سنڌي سماج ۾ قومي ۽ اخلاقي سڌاري جي واٽ اختيار ڪئي.مولانا رومي جنهن جو اصل نالو محمد ھو. جيئن تہ ھو روم ملڪ جو تنهن ڪري ھو رومي سڏجڻ لڳو سندس والد شيخ بھاالدين صوفي بہ وقت جو ڪامل صوفي درويش ھو.رومي کي شروعاتي تعليم سندس والد ڏني والد جي وفات کان پوءِ رومي حلب شھر جي جلاديہ مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي.جڏھن مولانا شمس تبريزي ھڪ ڏينهن قونيہ شھر جي مسافر خاني ۾ اچي لٿو تہ شھر ۾ سندس اچڻ جا ھل پئجي ويا.ان وقت رومي بہ وڏو عالم ھيو جڏھن ھن کي شمس تبريز جي اچڻ جي خبر پئي تہ ھو ان سان ملڻ ويو تہ  سندس غير شرعي ڪم ختم ڪجن سندس ملاقات شريعت ۽ طريقت تي گفتگو سان شروع ٿي ڪنهن پل شمس تبريزي اھڙي ڪا روحاني نظر ڪئي جو رومي عالمانہ لباس لاھي شمس تبريز سان گڏ بيهي سماع ڪرڻ لڳو.پوءِ تہ ھر طرف ٿرٿلو مچي ويو ۽ شمس تبريز کي قتل ڪرڻ جا حڪم جاري ٿي ويا.۽ جڏھن شمس تبريز شھيد ٿي ويو تہ رومي صاحب درد ۽ فراق ۾ زندگي گذارڻ لڳو.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

Good Wishes