گل حيات ۾ موجود ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو جو سال 1998 ۾ ڇپيل ڪتاب ” سنڌي ٻولي لسانيات کان سماجي لسانيات تائين “ انساني زندگي ۽ ان جي ڪارج بابت سوچ ويچار انسان جي طبعي خصلت رھي آھي ۽ منڍ کان وٺي انسان ان بابت سوچيندو آيو آھي.اھو ئي سبب آھي جو انسان اوائلي دور کان وٺي پاڻ کي الاھياتي ۽ فلسفياڻي غور ۽ فڪر ۾ رڌل رکيو.انسان کي فطرت ۽ زندگيءَ کي ڄاڻڻ لاءِ دنيا جو مشاھدو ڪرڻو پيو.يورپ جي ڏاھپ حقيقت ۽ شين جي انهيءَ معنوي تبديلي تي ڪنهن حد تائين پنهنجي بي چيني ڏيکاري.ان جي برعڪس ھتي اسان وٽ سماجي ۽ فني علمن کي سائنس ڪري پڙھڻ جو ھن مھل تائين بہ ڪو ھوش ۽ خيال ئي ڪونھي.لسانيات يعني ٻولين جي سائنس اسان وٽ ڪڏھن شجر ممنوع قرار ڏنل ھو سو ھاڻ نهايت دلچسپ ۽ اھم موضوع بڻجي پيو آھي.ٻولين تي سائنسي انداز سان سوچ ويچار ڪري ٻولين جي مختلف خوبين ۽ خصوصيتن تي روشني وجھڻ وارو علم اڄ نھايت اھم ڪردار ادا ڪري ٿو.ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي بہ ھن ڪتاب ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آھي.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes