گل حيات ۾ موجود سال 1994 ۾ ڇپيل عبدالجبار جوڻيجو جو ڪتاب ” سنڌي ادب جي مختصر تاريخ “ ھن ڪتاب ۾ سنڌي ادب جي تاريخ  نئين طرز سان لکي وئي آھي.جنهن ۾ نئون مواد شامل ڪيو ويو آھي.دنيا جي ادبيات تي نظر وجھڻ سان خبر پوي ٿي تہ مختلف ادبي شاھڪار جنهن صورت ۾ محفوظ رھيا آھن تنهن ۾ ڪيترن دلچسپي رکندڙن جي جاکوڙ شامل رھي آھي.ڪنهن بہ ٻولي جي قديم ادبي تذڪرن کي ڏسبو تہ ان ۾ شاعرن جي مختصر سوانح ۽ شاعر بابت ذاتي راءِ کي وزن ڏنل آھي.ڪن ھم خيال ۽ واقفيت وارن شاعرن کي قدري وڌيڪ اھميت ڏنل آھي.سنڌ ۾ جيڪي ابتدائي تذڪرا آھن سي سڀ سنڌ جي فارسي شاعريءَ بابت آھن.سائين عبدالجبار جوڻيجو سنڌ ادب جو وڏو نالو آھي ھو زبان جي بدران قلم کان گھڻو ڪم وٺندڙ انسان ھيو.تحقيق ۽ کوجنا جي لحاظ کان ھي ڪتاب جوڻيجي صاحب جي بھترين ڪوشش آھي.سنڌي ادب جي تاريخ تي سنڌي زبان ۾ جيڪي بہ ڪتاب لکيا ويا آھن تن ۾ ھي ڪتاب چڱو مقام رکي ٿو.ھن ڪتاب ۾ ڌار ڌار حوالن سان سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ ان جي بڻ بنياد جي باري ۾ بحث ڪيو ويو آھي.جوڻيجي صاحب سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد جي باري ۾ انهن نظرين جا حوالہ ڏنا آھن جيڪي ڌار ڌار ماھرن ۽ لسانيات جي شاگردن طرفان پيش ڪيا ويا آھن.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes