گل حيات ۾ موجود سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ” پاڪستان جي ماضي حال مستقبل تي طائرانہ نظر “ محترم سائين جي ايم سيد ھڪ اعلىا سياسي مدبر ھيو.جنهن جا ايشيا کنڊ تي وڏا سياسي اثر آھن.ھن ڪتاب ۾ پاڻ نھايت باريڪبيني سان ھندستان جي جي گذريل اڌ صدي جي سياسي پس منظر ۾ پنهنجا آزمودا تاثرات ڏنا آھن.پاڪستان جي قيام بعد سنڌ جي رھاڪن پنهنجي وطن اندر جيڪي عقوبتون سٺيون آھن ۽ پنهنجو سڀ ڪجھ وڃايو آھي سو ھڪ وڏو داستان آھي ۽ ھن ڪتاب ۾ ان جو وچوروار احوال آھي.اڄ سنڌ ۾ جيئي سنڌ جي ھلچل پاڪستان جي قومن جي آزادي جي ھلچل جو ھڪ حصو آھي.جنهن ۾ ننڍيون ٻوليوار قومون پنجابي اڪثريت جي ظلم کان نجات حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجن واجبي حقن کي بچائڻ لاءِ لڙي رھيون آھن سائين جي ايم سيد انهيءَ ھلچل ۾ اڳرو رھيو آھي.سائين جي ايم جو نظريو اھو ھو تہ پاڪستان جا مطلبي اڳواڻ پنهنجي مفادن لاءِ پاڪستان جي عوام کي بي وقوف بڻائيندا رھيا آھن.۽ ھي ڳالھہ خاص طرح ياد رکڻ جهڙي آھي تہ سنڌين ۾ خاص ڪري پوئلڳي ۽شھرت انهن سياستدانن کي ملندي آھي جن وٽ وڏي ملڪيت يا زمينداري،بنگلہ،گاڏيون۽ وڏي دولت موجود ھوندو آھي ۽ اٻوجھ سنڌين سندن اخلاق،اصول ۽ ڪردار تي توجھ گھٽ ڏني آھي.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes