گل حيات ۾ موجود 1994 ۾ ڇپيل ڪتاب ” سنڌو لکت ۽ ٻولي “ ايس-آر -راءُ. جنهن کي عطا محمد ڀنڀري ترجمو ڪيو.قديم دور ۾ سنڌي لکت لفظن ۽ پدن واري ھئي جنهن ۾ تصويري علامتي نشانيون،نيم تصويري علامتي نشانيون،گڏيل ياروان نشانيون ۽ اڀين ليڪن جھڙيون نشانيون موجود ھيون.راءُ جي مطابق سنڌو لکت برھمي ۽ سامي لکت کان گھڻي پراڻي آھي تنهن ڪري اھو چوڻ صحيح ٿيندو تہ برھمي ۽ سامي لکت پنهنجون علامتي نشانيون سنڌو لکت تان ورتيون آھن.ھن کوجنا ڪري ٻڌايو آھي تہ سترھن نشانيون اھڙيون آھن جيڪي سامي ۽ سنڌو لکت ۾ ھڪ جھڙيون آھن ۽ سورھن نشانيون وري اھڙيون آھن جيڪي سنڌو ۽ برھمي لکت سان ھڪ جھڙائي رکن ٿيون.سنڌي ۽ قديم ايراني ٻولي واري باب ۾ بحث ڪندي ھو ٻڌائي ٿو تہ سنڌي ٻوليءَ جو قديم ايرانيءَ سان پڻ لاڳاپو ھو پر لغوي ۽ معنوي لحاظ سان سنڌي ٻوليءَ جو وڌيڪ لاڳاپو ھند آريائي ٻوليءَ سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes