گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” بيدل 10“ فقير قادر بخش بيدل جي 141 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي پڙھيل مقالا ۽شاعري .جنهن کي اختر درگاھي مرتب ڪيو.(2010).قادر بخش بيدل سنڌ جو باڪمال صوفي شاعر ۽ وحدت الوجودي فڪر جو علمدار ھو.سنڌ جو تصوف جنهن ۾ ڀائپي ۽ برابري اتحاد ۽ انسان دوستي وارو فڪر نمايان آھن ۽ انهن ۾ ڪنهن بہ قسم جي متڀيد ۽ فرقي پرستي وارا رجحان نہ ھئڻ برابر آھن.بيدل سائين بہ ان سلسلي جي ھڪ اھم ڪڙي آھي.جنهن پنهنجي دور ۾ مروج ماحول کان منهن موڙيو ۽ پاڻ وحدت الوجود واري فلسفي جو وڏو مبلغ ۽ شارح ھو.وحدت الوجود وارو تصور سنڌي ماڻھن جي رت ست ۾ سمايل محسوس ٿئي ٿو ان جو بنيادي سبب تہ صدين کان نسل درنسل صوفي شاعرن جي شاعرانہ آميز آھي .بيدل سائين جي اردو ديوان جي مرتب نوجوان محقق اختر درگاھي بيدل سائين جي اردو شاعري کي مرتب ڪرڻ دوران سندس اردو تصانيف جي ڄاڻ متعلق گدومل ھرجاڻي جي لکيل ڪتاب وحدت نامہ جو حوالو ڏنو آھي.سنڌي ،اردو،فارسي،سرائڪي ۽ عربي ٻولي جي قادر الڪلام شاعر فقير قادر بخش بيدل جي زندگي جا سمورا رنگ انڊلٺ جيان خوبصورت آھن جنهن جو ڦھلاءُ محبت کان ويندي عشق الاھي تائين پھچي ٿو.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

Good Wishes