محمد عثمان ڏيپلائي جو لکيل ناول ” آفريقا جي شھزادي “ (1941 ٖ 1945 ٖ1948 ٖ2008)  ڏيپلائي صاحب ادب جو ھڪ وڏو نالو آھي جڏھن مسلمان اديب ستل ھئا تڏھن اھو ڏيپلائي صاحب ھيو جنهن پنهنجي لکڻين وسيلي مسلمانن کي اونداھيءَ مان ڪڍيو.سن 1843 ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ ان کي ممبئي پريزيڊنسي سان واڳيو.اھڙي حالت ۾ مسلمانن پوئتي رھجي ويا.علمي ميدان ۾ بہ ھو پوئتي رھجي ويا سندن تعليم صرف چار سيڪڙو ھئي.ان دور ۾ مسلمان اديبن ۽ سندن لکڻين جو تعداد بہ افسوس ناڪ حد تائين گھٽ ھو.ڊاڪٽر اللہ رکيو ٻٽ جي ترتيب ڏنل ھڪ ببليو گرافيءَ مطابق سن 1901 کان سن 1929 دوران ڇپيل اٽڪل 633 مختلف موضوعن تي ننڍن وڏن ڪتابن مان مسلمان اديبن جا فقط سو کن ڪتاب ھئا.جن مان ڪو ڪو مسلمانن جي تاريخ ۽ اخلاقيات بابت ھو.گھڻا ڪتاب انگريز سرڪار جي خوشنوديءَ خاطر ڪلاسيڪل انگريزي ادب جي ترجمي ۽ ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل آکاڻين تي مشتمل ھئا.ڏيپلائي صاحب جي اسلامي تاريخي ناولن جو دور ڏھاڪو سال ھليو جنهن ڪيترائي ناول،ڊراما ۽ افسانا لکيا.مجموعي طور تي ڏيپلائي صاحب جي لکڻين سنڌي مسلمانن جي ذھن تي بي انتھا اثر وڌو ۽ سندس تحريرن جو منطقي نتيجو پاڪستان تحريڪ جي حمايت ۾ ظاھر ٿيو.ھن  ناول آفريقا جي شھزادي ۾ ٽئين خليفي حضرت عثمان جي دئور ۾ مصر کان الھندي طرف ريگستان واري ٽڪر کي فتح ڪرڻ جو احوال آھي.جنهن کي ان زماني ۾ آفريقا سڏيو ويندو ھو ۽ انهي ۾ اھم قلعن زويلہ ، طرابلس ۽ سبيطہ شامل آھن.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

Good Wishes