گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” بند اکين ۾ ڪجھ يادون ڪجھ سپنا“ ھي ڪتاب طارق اشرف جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي.(1992ٖ 1999) باريڪ بيني سان لکيل افسانا ھجن يا تيز تکا سياسي ۽ادبي مضمون،انٽرويو ۽ اڌ ملاقاتون ھجن يا جيل جا مشاھدا ھر تحرير جو جدا،نرالو ۽ وڻندڙ رنگ طارق جي قلم ۽شخصيت جي انفراديت جو مظھر آھي.طارق واحد اديب ۽ صحافي آھي جنهن سنڌي ادب ۾ جيئري شخصيتن تي نمبر ڪڍي ڄڻ سنڌي ادب کي ورسايو آھي.طارق کي ادب ۾ جتي عزت ۽ مڃتا ملي آھي اُتي ڪيترائي ڏک ۽ ناانصافيون بہ سندس پلئہ پيا آھن.پر ٻاھران ڪنهن کي اھڙي لکا ئي نہ پوڻ ڏيندو.ڪو بہ فن چاھي ادب ھجي يا آرٽ ساز ھجي يا سُرُ اھو منجمد ٿي رھڻ بدران سدائين وڌندو رھي ٿو.طارق ھڪ اديب آھي وقت سان گڏ سندس ادبي پورھيو بہ نکرندو رھيو آھي.چوندا آھن تہ ڪھاڻيون ڪردارن ۽ معاشري مان جنم وٺن ٿيون طارق اھي  ڪردار پاڻ مان کڻندو آھي.ڇو جو ھن پاڻ بہ ڏکن،ناڪامين،اڪيلائپ ۽ ڏکن سان منهن ڏنو آھي.طارق جون ڪھاڻيون زندگيءَ جون ڪھاڻيون آھن.زندگي جي ڏکن ۽ دردن کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ واريون ڪھاڻيون آھن.پوءِ اھا تحرير احساسن جي شدت مان لکيل ھجي يا طنزيہ انداز ۾ کيس ان لکڻي جي سونهن برقرار جو ڏانءُ آھي.ھونءَ تہ طارق اشرف ايڊيٽوريل ذريعي پنهنجا قومي فرض پورا ٿو ڪري.پر پر روپ ٻھروپ، منهم ڪارو ، غنڊا ۽ ڦرلٽ جھڙين ڪھاڻين ۾ بہ اھو فرض سٺي نموني نڀايو آھي.قومي حقن لاءِ نوجوانن جي جدوجهد جي پس منظر ۾ لکيل ڪھاڻي منهن ڪارو ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي.سندس خوبصورت ٻولي ۾ لکيل ڪيترين ئي ڪھاڻين ۾ مرڪزي خيال جي رپيٽيشن جي باوجود بہ پڙھندڙن جي دلچسپي قائم رھي ٿي.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

Good Wishes