گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” شھيد راڻي بينظير ڀٽو “ ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ ذوالفقار ھاليپوٽو آھي.(2008). محترمہ بينظير ڀٽو دنيا جي مقبول ترين جمهوريت پسند اڳواڻ ھئي ھوءَ غريب عوام سان محبت ڪندڙ ليڊر ھئي.محترمہ جي شھادت نہ رڳو پاڪستان،عوام ۽ جمهوريت پسند قوتن کي زبردست نقصان پھچايو آھي پر ان شھادت سان اھو پورو مانڊاڻ ڊھي پيو آھي.سندس شھادت سان ھر ھنڌ وڏو خال پيدا ٿيو آھي.ھن ڪتاب ۾ مختلف ڏاھن، سياسي اڳواڻن ۽ ڪالم نويسن جا مضمون،ڪالم ۽ خاڪا شامل ڪيا ويا آھن.تاريخ گواھ آھي تہ انسانيت ۽ آدرش سان پيار ڪرڻ وارا ڪنڊن تي ھلڻ کي اعزاز سمجهندا آھن.چي گويرا کي ٻيھر ڪيوبا ۾ دفنائڻ واري موقعي تي فيڊل ڪاسترو چيو ھو تہ ھو ڇو ٿا سمجهن تہ کيس ماري ڇڏڻ سان ھو ھڪ ويڙھاڪ جي وجود کي ختم ڪري ڇڏيندا.اھا حقيقت آھي تہ اھڙا موت انسانن کي امر بڻائي ڇڏيندا آھن.محترمہ جي شھادت حقيقت ۾ ھن جي روحاني طور تي ھڪ نئين زندگي جي سفر جي علامت بڻجي وئي آھي.خوبصورت چھري،سوچ ۽ لھجي واري بينظير بگھڙن جي ديس ۾ حوصلي،ھمٿ۽ بھادري جو مثال قائم ڪري وئي آھي.ھوءَ ھڪ مثبت انداز فڪر رکندڙ ليڊر ھئي.بينظير ڀٽو جمھوريت،عوام ۽ ملڪ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي تمام وڏو مثال قائم ڪيو آھي.گلاب جي گل کي پسند ڪندڙ بينظير خود بہ گل وانگر مھڪندڙ ۽ خوشبو ڏيندڙ ھئي.ھوءَ دنيا جي تاريخ جي ڄاڻ رکڻ سان گڏوگڏ ملڪي تاريخ کان بہ مڪمل واقف ھئي.ھوءَ ڪيڏي نہ بھادر ھئي جو پيءُ ۽ ڀائرن جا لاش ھٿن سان دفنايا ھوءَ ملير جي مارئي ۽ ڀٽي جي پنڪي ھڪ عظيم ليڊر، فرمانبردار ڌيءُ،ڀيڻ ۽ عظيم ماءُ بہ ھئي.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes