گل حيات ۾ موجود محمد ذاڪر علي خان جو لکيل ڪتاب ” رِوايات عليڳڙھ“ علي ڳڙھ کي سمجھڻ لاءِ اھو تمام ضروري آھي تہ ان جي اسپرٽ کي چڱي طرح جانچجي تہ جيئن ھن سان پنهنجائپ ڪري سگھجي.علي ڳڙھ جي ڪري ئي علي ڳڙھ اسپرٽ جنم ورتو ھيو.علي ڳڙھ جي حوالي سان اڪثر ڪجھ لفظ مختصر بيان ڪيا وڃن ٿا جيئن“ اينگلو انڊين “ يا اينگلو پاڪستان“ پر حقيقت ۾ ڏسجي تہ ھن جملي جي وسيع تر معنىا آھي.۽ جيڪڏھن تنقيدي جائزو ورتو وڃي تہ علي ڳڙھ اسپرٽ انسان ذات جي بيحد خدمت ۽ مدد ڪئي آھي ۽ اسلامي ڀائيچاري جو ھڪ اھم مثال آھي ۽ باز اوقات ھي ھڪ رانديگر جي جذبي وانگر بہ ڪم ڪري پئي جيڪڏھن راند جو ميدان ھجي يا چونڊون جيت ھجي ھار ھر موقعي تي خوشي ۽ گرم جوشي اظھار ڪري ٿو.علي ڳڙھ اسپرٽ جي صحيح معنىا،واقفيت ۽ ان جي مڪمل معلومات جي لاءِ علي ڳڙھ جي باني سر سيد جي زندگيءَ جي باري ۾ ڄاڻڻ تمام ضروري آھي ھونءَ تہ کيس رھبر ملت چيو وڃي ٿو.ھن معاشري جي برائين کي ختم ڪرڻ، حقوق اللہ ۽ حقوق العباد لاءِ ڪم ڪيو.سرسيد بہ خوبي پنهنجي قوم جو بار اڪيلي سر کنيو ۽ قدم قدم تي مشڪلات کي منهن ڏنو ايتري قدر جو ھن کي برو ڀلو بہ چيو ويو پر ھن ڪڏھن بہ دشمن کي جواب نہ ڏنو ايتري قدر جو دشمن کي شڪست ملي وئي ۽ ھن جي ڪاميابي جو سبب سندس صبر ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ ھو.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

 

Good Wishes