گل حيات اداري ۾ موجود علي گل سانگيءَ جي شاعري ءَ جو ڪتاب ”  پپر ۾ پينگھہ “ (1992) علي گل سانگي جو پھريون شعري مجموعو آھي جنهن ۾ حمد،نعت،بيت،گيت،غزل،ڪافيون،وطن جا گيت،سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام شامل آھن.سندس شاعري جا اُڌما ۽ احساس سادا آھن پر اُھي ماڻھن جا آھن ۽ ماڻھون انهن کي ڪن ڏئي ٻڌن ۽ جھونگارين ٿا.علي گل سانگي ڪيسٽ جي دنيا مان پھريون ڀيرو پير ٻاھر ڌري ڪتاب جي ڪائنات ڏي وک کنئي آھي.سنڌ جي ھن شاعر پنهنجي عوامي شاعري رستي عوام جو آواز بڻجي ڌارين کي ڌڪيو .علي گل سانگي جي شاعري ائين کڻي چئجي تہ موروثي ورثو رھيو آھي اسان کيس پھرن جا پھر شاعري ڪندي ۽ شاعريءَ ۾ گم ٿيندي ڏٺو آھي.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

Good Wishes