گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” تاريخ حضرت سنڌ “ سنڌ حضرت آدم جو آستانو.ھن ڪتاب جو مصنف ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ سنڌي آھي ۽ھي ڪتاب سال 2014 ۾ ڇپيو.ھي ڪتاب اڻ کٽ سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي ھونئن بہ تاريخ لاءِ چيو ويو آھي تہ تاريخ ڪڏھن بہ مڪمل نہ سڏبي آھي ڪن لکندڙن جو رايو آھي تہ سنڌ ۽ سندس تاريخ کي سنڌين پاڻ برباد ڪيو آھي پر ان چوڻ ۾ بہ ڪو سئو فيصد صداقت نہ آھي جيتوڻيڪ پنهنجن جي  لاپرواھي ۽ ڪمزوري پنهنجي جاءِ تي آھي مگر ان پٺيان بہ ڪي سامراجي ھٿ ضرور آھن جن کي نظرانداز ڪرڻ تاريخ سان صحيح انصاف ڪونهي .تاريخ ۽ تفسير کي گھرائي سان پڙھڻ ۽ قرآن شريف کي معنىا سان پڙھڻ کانپوءِ چڱي طرح معلوم ٿيندو تہ اللہ تعالىا دين پوري دنيا ۾ ھڪ ڏنو جنهن ۾ پنهنجي وحدانيت جي واکاڻ ۽ انسانيت جي اصلاح لاءِ ھڪ ضابطہ حيات رکيو آھي.لفظ آدم ٻن قولن تي پھريون ھي تہ اھو سنڌي (سرياني) ٻوليءَ جو لفظ آھي ٻيو قول ھي آھي تہ اھو عربي آھي حضرت ابراھيم جي بہ پھريون سنڌي سرياني ٻولي ھئي پوءِ ان وقت کان عبراني ٻولي ڳالھائڻ شروع ڪئي جڏھن نمرود کان ڀڄندي نھر ٽپيو ھو،نمرود جيڪي ماڻھون ان جي پويان موڪليا ھئا تن کي چيو ھئائين جڏھن اوھان سرياني عرف عام سنڌي ڳالھائيندڙ جوان کي لھو تہ ان کي موٽائي مون وٽ وٺي اچو.جڏھن اھي ماڻھون حضرت ابراھيم وٽ پھتا تہ اللہ تعالىا ان جي ٻولي سنڌي (سرياني) مان عبراني ۾ ڦيرائي ڇڏي درياھ يا نھر کي عبور ڪرڻ ڪري کيس عبراني چيو ويو.

( ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes