گل حيات ۾ موجود مسز شمس عباسي جو ڪتاب “  مولانا حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جي شخصيت “ (1988) آپا شمس عباسي انھن چند قومي درد رکندڙ سنڌي عورتن مان آھي جن پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ ۾ زناني تعليم ۽ سماجي سجاڳيءَ جي ميدان ۾ مثالي خدمتون انجام ڏنيون آھن.سندس تعلق سيوھڻ جي مشھور عباسي قاضي خاندان سان آھي ۽ پنهنجي نيڪ نام چاچي ۽ سنڌ جي مشھور اديب ۽ صحافي حڪيم فتح محمد سيوھاڻي جي شخصيت ۽ سندس ڪارنامن تي ھي ٿيسز لکي آھي.پڙھندڙن کي ھن موضوع جي مطالعي مان خبر پوندي تہ حڪيم صاحب ٻين عالمن ۽ اديبن وانگر وڏيون علمي،ادبي ۽ سياسي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن ۽ ھو ادبي ميدان ۾ عظيم انسان ھو.ھن ڪتاب ۾ سندس سوانح حيات،سندس دور جي علمي ۽ ادبي حيثيت،سندس سنڌي علم و ادب ۾ ڪيل اھم خدمتن ۽ سندس سياسي زندگي جو آغاز ۽ سياسي تحريڪن ۾ ڪيل خدمتن جو ذڪر ڪيل آھي.ھن ٿيسز لکڻ وقت آپا شمس عباسي جن شخصيتن جو شڪريو ادا ڪيو آھي انهن ۾ غلام علي الانا.عبدالجبار مغل،گل حيات جو باني ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ،علامہ غلام مصطفىا شامل آھن.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes