گل حيات ۾ موجود سال 1988 ۾ ڇپيل ڪتاب ” پاڻ مراديون ڳالھڙيون “ جنهن جو ليکڪ نئين ٽھي جو صاحب طرز ۽ پسنديده شاعر مخدوم سعيدالزمان ” عاطف“ آھي.جيڪو ڪنهن بہ رواجي تعارف جو محتاج نہ آھي.سندس ڪلام ۾ نواڻ جون ڪافي جهلڪيون ۽ چمڪون ڏسڻ ۾ اينديون جنجو اثر ھر باذوق ۽ حساس دل محسوس ڪندي.پاڻ جڏھن شاعري شروع ڪيائون تہ کيس پنهنجي والد محترم ۽ سنڌ جي وڏي نالي طالب المولىا جن “ عاطف“ جو تخلص ڏنو.عاطف سائين جي شاعري واري ذوق شوق ھالا جي شاعري واري خاموش فضا ۾ چرپر پيدا ڪئي ۽ ورھين کان بند ٿيل شاعري کي آزادگي ملي ۽ انهن سرگرمين ھالا جي شاعرانہ بي حس ماحول ۾ بہ نئون روح پيدا ڪيو ۽ نوان نوان شاعر وجود ۾ اچڻ لڳا ۽ جھونا شاعر بہ نئين جوش سان ميدان ۾ آيا.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes