گل حيات ۾ موجود طارق عالم ابڙو جو لکيل ناول ” رھجي ويل منظر “ (1985 ) ماڻھونءَ جي حياتي رنگن جي ھجومن منجھ گذري ٿي ۽ انهن رنگن ۾ زماني جو رنگ ھجي ٿو اُتي گلن ۽ پوپٽن جو بہ جن سان حياتي ڏکن سکن ۽ خوشين غمن جا رنگ اوڍيندي رھي ٿي.طارق عالم سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ليکڪ آھي ھن جون لکيل ڪھاڻيون ھجن يا ڊراما اھي اسان کي پنهنجي چوڌاري گھمندڙ ڪردار نظر ايندا.سندس ھي ناول توھان کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيندو.ھي ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آھستي آھستي دکي ٿو.ناول جي صنف جتي وڌ ۾ وڌ آرٽ جي گھوري آھي اُتي ان کي لکڻ لاءِ اوتري ئي ھنرمندي ٿي کڀي ۽ طارق پنهنجي قلم سان خوب ھنر ڏيکاريو آھي.

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes