گل حيات ۾ موجود سليم ڀٽو لطيفي جو ڪتاب ” ڳالھ پريان جي ڳجھہ جي “ (2013) شاھ لطيف ڀٽائي پنهنجي فڪر جي وسيلي سنڌ ۽ سنڌ واسين کي امن،پيار،محبت ۽ ڀائيچاري سان زندگي گذارڻ جو اتھاس ڏنو آھي.لطيف سائين سڄي سنڌ ۽ ھند جو ڳچ حصو گھمي پاڻ کي جنهن طرح سنڌ جي شھر شھر ۽ واھڻ وستي سان سلھاڙي ڇڏيو ۽ سنڌ جي ھر ڪرت،واپار۽ ڌرتي جي چپي چپي جا حوالا پنهنجي شاعري ۾ ڏنا آھن.موجوده حالتن ۾ لطيف سائين جي شاعري جي فڪر کي تڏھوڪي سنڌ جي حالتن جي پسمنظر ۽ اڄوڪي سنڌ جي حالتن جي تناظر ۾ سمجھڻ جي سخت ضرورت آھي.لطيف سائين جي شاعري انسان لاءِ اتساھ جو وڏو ذريعو آھي جتي سندس شخصي ڪردار اتساھيندڙ ۽ مثالي آھي اتي سندن شاعري پڻ گھڻ رخي ۽ گھڻ رنگي ھئڻ سان گڏ زندگيءَ سان ڀرپور نہ آھي.سندس شاعرص مثالي ۽ اتساھيندڙ ڪردارن سان پڻ ڳتيل آھي.سسئي نہ ڊڄڻ،نہ ٿڪجڻ واري جبل جهاڳيندڙ ھڪ جائز مقصد ۽ پنهنجي حق لاءِ جاکوڙ ۾ آخري حد تائين ويندڙ آھي.سسئي جي صورت ۾ لطيف سائين اھو ٻڌايو آھي تہ حق جي راھ ۾ جيڪڏھن انسان اڪيلو بہ رھجي وڃي تہ بہ انکي جهنگ جهر،جبل ۽ ھر مشڪل کي پار ڪري پنهنجي منزل جي طرف وڌڻ گھرجي.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes